ڪھاڻيون

بدلي جيِ باهه

هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
Title Cover of book بدلي جيِ باهه

هڪ سوال

” رام نام ست هئه، ست بولو گت هئه.“
”نيتاجي زنده آباد، نيتاجي زنده آباد.“

رستي جي هڪ طرف کان هڪ ارٿي اَچي رهي هئي ۽ ٻئي طرف کان چونڊن ۾ سوڀاري ٿيڻ تي هڪ نيتاجيءَ جو جلوس. ارٿيءَ سان گڏ هئا سرڳواسيءَ جا پندرهن ويهه مٽ مائٽ، دوست ۽ سڄڻ ۽ جلوس ۾ هئا نيتاجيءَ جا پنج ڇهه سؤ چمچا ۽ خوش آمدي.
ارٿيءَ کي گلن جي ٻن چئن مالائن سينگاريو ويو هو ته نيتاجيءَ جو سڄو منهن ۽ اڇو مٿو قسمين- قسمين جي گلالن سان رڱيل هو. ارٿيءَ سان هئي مؤت جي شانتي؛ ۽ جلوس سان هو جيون جو هنگامو. جلوس جي اڳيان بئنڊ فلمي ڌُنون وڄائيندي هلي رهي هئي ۽ انجي پٺيان لائوڊ اسپيڪر تي ڪوئي گلو ڦاڙي چئي رهيو هو، ”ڀائرو ۽ ڀينرو، دوستو ۽ سڄڻو، تيار ٿي وڃو پنهنجي نيتاجيءَ جي آجيان ڪرڻ لاءِ. چوُنڊن ۾ سوڀارو ڪرڻ لاءِ توهان جا شڪرانه مڃڻ خاطر نيتاجي پاڻ توهان وٽ اَچي رهيو آهي. دل کولي سندس آجيان ڪريو. توهان ووٽ ڏيئي هنکي پارليامينٽ موڪليو آهي. هو اَسانجو رهنُما آهي، اَسانجو رهبر آهي، اڳوان آهي، نيتاجي اسانجي ايراضيءَ جا مسئلا پارليامينٽ ۾ رکندو. هوُ توهانجو شيوڪ آهي. هو پارليامينٽ ۾ رهي اَسانجي سيوا ڪندو انڪري هنجو سواگت ڪرڻ اسانجو فرض آهي.“
جلوس جي اڳيان هلندڙ نيتاجيءَ جي هڪ خوش آمدڙي اَرٿيءَ کي سامهوُن ايندو ڏِسي اَرٿيءَ سان گڏ هلندڙ ماڻهن کي غصي ۾ چيو، ”ڏسو نٿا، نيتاجيءَ جو جلوس اَچي رهيو آهي؟ اهڙي خوشيءَ جي موقعي تي منحوس اَرٿي کڻي سامهوُن اَچڻ جي توهان کي همٿ ڪيئن ٿي؟ ڇا شمشان گھاٽ وڃڻ لاءِ ٻيا رستا کُـٽا آهِن ؟ ... هٽو، هڪ طرف ٿي بيهو. پهرين نيتاجيءَ جو جلوس نڪرڻ ڏيو. ارٿيءَ کي باهه ڏيڻ جي تڪڙ ڇو ٿا ڪريو. ڪلاڪ اڌ دير ٿي ته ڪو غَضب ته ڪونه ٿي ويندو!“
نيتاجيءَ جي ٻئي چمچي چيو، “ اَڙي ڀائي، رهڻ ڏي. چوندا آهن ته جيڪڏهن اَرٿي سامهون اَچي ته سُٺو سڳڻ ٿيندو آهي. سو هينئر اَسانجو نيتاجي ضرور ديش جو وزير بڻجندو.”
اِهو ٻُڌي ٽيون به ڪٿي چپ رهڻ وارو هو، هن مزاحيه نوع ۾ کلندي چيو، ”ڏِسو، نيتاجيءَ جو هي ووٽر ڪيترو نه ايماندار آهي. نيتاجيءَ کي سوڀارو ڪري ئي هن سرڳ جي ٽڪيٽ ورتي. جي چونڊن کان اڳ ئي الله واهي ٿئي ها ته نيتاجيءَ جو هڪ ووٽ گھٽجي وڃي ها.“
ها، نيتاجيءَ لاءِ ته هو رُڳو هڪ ووٽر هو. زندگيءَ ۾ چاهي هنجي هستي شيوڪرام جي نالي سان مشهور هئي، پر نيتاجيءَ کي ان ڄاڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سندس مطلب ته رڳو هن جي ووٽ سان هو، سندس نالي سان نه. ۽، اهو ووٽ رڳو ووٽ ٿيندو آهي ان جو نه ڪو ڌرم آهي، نه ڪو مذهب، انجي نه آهي ڪا عمر، نه جنس ۽ نه رنگ. ان ووٽ تي جيڪڏهن نيتاجيءَ جي نالي تي نشان آهي ته هو پنهنجي ڌر جو آهي، نه ته خلاف ڌر جو. نيتاجيءَ کي رڳو پنهنجي چنتا آهي، ووٽر جي نه.
شيوڪرام پئنچائت کاتي ۾ اَسسٽنٽ جي عهدي تي هو. کيس ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ هو. ڌيئرن جي شادي هن چار پنج سال اڳ ڪري ڇڏي هئي ۽ پٽ جي شادي پڻ ڏيڍ سال اڳ وڏي ڌام ڌوم سان ڪئي هئي. ٻارن جو بار لاهي هن سوچيو هو ته سندس جيون سارٿڪ ٿيو هو. شيوڪرام پنهنجي زال شانتيءَ کي چيو هو ته هوُ پوٽي جو منهن ڏسڻ کان پوءِ نوڪريءَ کان رٽائر ڪندو ۽ باقي ڏينهن سماج سيوا ۽ ڀڳوان ڀڄن ڪرڻ ۾ گذاريندو. پر شايد ايشور کي اهو منظور نه هو. ڇهه مهنا اڳ سندس انجينئر پُٽ اسڪوٽر جي ائڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو هو. ان وقت سندس نُنهن کي اٺون مهينو هو. جوان جمال ۽ هوڻهار پٽ جي اوچتي مرڻ جو صدمو شيوڪرام برداشت نه ڪري سگھيو. هنجو بلڊ پريشر وڌي ويو ۽ هو بستري داخل ٿيو. ائين ته شيوڪرام کي اڳ ۾ ئي پيٽ ۾ گئس جي تڪليف رهندي هئي پر بلڊ پريشر وڌڻ جي ڪري ڊاڪٽر کيس سخت پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڏني ڇاڪاڻ ته گئس وڌڻ ڪري بلڊ پريشر به وڌڻ جو امڪان هو جنهن ڪري دل بيهڻ جو هميشهه خطرو ٿي ٿي سگھيو. چار مهينا بستري تي رهڻ کان پوءِ بچيل موڪل ختم ٿيڻ تي شيوڪرام اچي نوڪريءَ تي چڙهيو هو. ان وچ ۾ سندس نُنهن هڪ پُٽ کي جنم پڻ ڏنو هو جنهن ۾ شيوڪرام کي پنهنجي پٽ جو عڪس ڏسڻ ۾ ايندو هو. شيوڪرام لاءِ هينئر رٽائر ڪرڻ جو سوال ئي نه هو ڇاڪاڻ ته هاڻي هُن تي جوان نُنهن ۽ پوٽي جو بارُ پڻ اَچي پيو هو.
ڏهه ڏينهن اڳ ووٽن ڳڻڻ لاءِ سندس ڊيوٽي لڳي هئي. جيئن ته هنجي طبيعت اڃان پوُري ٺيڪ نه هئي ۽ ووٽن ڳڻڻ جي ڊيوٽي سخت هئي، انڪري هن پنهنجي آفيسر کي ان ڊيوٽيءَ کان آجو ڪرڻ لاءِ نيزاري ڪئي. سندس آفيسر کي شيوڪرام سان همدردي هُئي پر هوُ شيوڪرام جي ڪا مدد نٿي ڪري سگھيو ڇاڪاڻ ته اها ڊيوٽي ضلعي جو ڪليڪٽر ئي لڳائيندو هو. آفيسر شيوڪرام جي درخواست ڪليڪٽر ڏانهن پنهنجي سفارش سان موڪلي ۽ شيوڪرام کي ڪليڪٽر سان روُبرو ملي پنهنجي پريشاني ان اڳيان رکڻ جي صلاح ڏني. شيوڪرام ڪليڪٽر سان پڻ مليو پر هن شيوڪرام جي تڪليف ٻُڌڻ بنا کيس دڙڪا ڏيئي آفيس مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو. ڪليڪٽر کيس چيو ته جيڪڏهن هوُ پنهنجي ڊيوٽي ڪري سگھي ٿو ته پوءِ چوُنڊن جي اِها ضروري ڊيوٽي کيس ڪرڻي ئي پوندي، نه ته سندس خلاف سخت قدم کنيو ويندو. مجبور ٿي ووٽن ڳڻڻ واري ڏينهن يعنيٰ ڪالهه، هوُ صبوح جو حُڪم مطابق ٽائوُن هال ۾ پهتو هو.
صبوح جو اٺين بجي سڀني ڪم ڪندڙن کي چانهه بسڪيٽ ڏنو ويو. جيئن ته چانهه سان شيوڪرام جو بلڊ پريشر وڌندو هو انڪري هن چانهه پيئڻ بند ڪري ڇڏي هئي. شيوڪرام رُڳو ٻه بسڪيٽ کائي پاڻي پي پنهنجو ڪم چالو رکيو هو. منجھند جو ٻي بجي سڀني کي کاڌي جا پئڪيٽ ڏنا ويا جنهن ۾ ٿڌيون پوُريون ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي هئي. پوُريون پيٽ ۾ گئس پئدا ڪنديون، اِهو سوچي شيوڪرام اهو کاڌي جو پئڪيٽ نه ورتو. شام جو به ٻن- ٻن ڪچورين سان گڏ چانهه جو ڪوپ سڀني کي مليو. هن تيل جون ڪچوريون کائڻ واجب نه سمجھيو. پر سڄي ڏينهن جي بُک کان بيحال ٿي هن چانهه جو هڪ ڪوپ وٺي پيتو. شيوڪرام جي ميز تي ووٽن ڳڻڻ جو ڪم شام جو اٺين بجي پورو ٿيو هو، پر ٻين تڪن جو ڪم اڃان چالو هو انڪري ڪنهن کي به واپس گھر وڃڻ جي موڪل نه پي ڏني ويئي. جن جو ڪم پورو ٿيو هو انهن کي رڳو ٻاهر ڪئنٽين تائين وڃڻ جي موڪل هئي. شيوڪرام ساندهه ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ڪري ۽ بک کان بيحال هو انڪري هن ڪئنٽين ۾ وڃي ڪجھه کائي اچڻ جو سوچيو. پر اُتي به ته رڳو تريل شيون ۽ چانهه هئي. هاڻي هن لاءِ وڌيڪ بکيو رهڻ مشڪل هو انڪري هن هڪ دوسو وٺي کاڌو ۽ پاڻي پي واپس آيو. ووٽن جي ڳڻپ جي ڪم ته اٽڪل ساڍي ڏهين بجي ختم ٿي، پر ٻنهي اميدوارن جي وچ ۾ ووٽن جو ايترو ته گھٽ تفاوت هو جو هارائيندڙ اميدوار ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ لاءِ ضد ڪري رهيو هو. ڪليڪٽر ان لاءِ تيار نٿي ٿيو جنهن ڪري ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. ٻنهي اميدوارن جي سرپرستن کي ٻاهر جڏهن ان ڳالهه جي خبر پيئي ته ڏسندي- ڏسندي انهن ۾ جھڳڙو شروع ٿي ويو. ڪليڪٽر لاءِ هاڻي اَندر ۽ ٻاهر قانوني انتظام ڪرڻ ضروري ٿي پيو. هن پوليس گھُرائي انکي حالتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو. تنهن تي ڪن آزمودگارن ڪليڪٽر کي صلاح ڏني ته چونڊن جو نتيجو جيڪڏهن دير رات سان ظاهر ٿيندو ته ٻنهي ڌرين جا ڪافي ماڻهو ٿڪجي گھر هليا ويندا. اها صلاح مڃي ڪليڪٽر ڪن تڪن ۾ ووٽن جي وري ڳڻپ جو ڪم چالو ڪرايو. جيستائين چونڊن جو نتيجو ظاهر نه ٿئي تيسيتائين ڪنهن کي گھر وڃڻ جي موڪل نه هئي. هڪ طرف بُک ۽ ٻئي طرف ساندهه ڪم ڪرڻ ۽ آرام نه ملڻ ڪري شيوڪرام جي ڇاتيءَ ۾ هلڪو سوُر اُڀري رهيو هو پر هن ان کي گئس ٿيڻ سمجھي ڪو خاص ڌيان نه ڏنائين، رڳو کيسي مان گئس جي هڪ گوري ڪڍي چوسي ڇڏي. آرام جي خيال کان هن ووٽن ڳڻڻ واري ميز تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. سندس ساٿين به هنکي آرام ڪندو ڏسي ڪجھه نه چيو.
ڪجھه وقت ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ کان پوءِ هارائيندڙ اميدوار جا ووٽ گھٽجندا ويا. اهڙي حالت ڏسي هن وڌيڪ ٻيهر ڳڻپ بند ڪرائي ڇڏي. ان وقت رات جا اٽڪل ٻه لڳي چڪا هئا. ڪليڪٽر به موقعو ڏسي چونڊن جو نتيجو ظاهر ڪندي نيتاجيءَ کي سوڀاري ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سڀني ڪم ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي کين گھر وڃڻ جي اجازت ڏني.
نيتاجيءَ جي سوڀاري ٿيڻ تي سڄو هال ”نيتاجي زنده آباد“ جي نعرن سان گونججي اُٿيو. هن جا هال کان ٻاهر بيٺل سمرٿڪ پڻ هال ۾ اچي ويا ۽ کيس هارن سان سَٿي کڻي ڪُلهي تي کنين. شيوڪرام جي دوستن جڏهن هن کي گھر وڃڻ لاءِ اُٿارڻ چاهيو ته هن جو بيجان شرير هڪ طرف ڍِرڪي ويو. سڀني ڏٺو ته هنجو پران پکيئڙو ته ڪڏهوڪو پرواز ڪري چڪو هو. هال جي هڪ در کان نيتاجيءَ کي ماڻهو ڪلهي تي چاڙهي سندس جئه- جئه ڪار ڪري ٻاهر وڃي رهيا هئا ۽ ٻئي در کان شيوڪرام جا ڪي ساٿي سندس مرده شرير کي سنڀالي ٻاهر کڻي وڃي رهيا هئا.
ان شيوڪرام جي ارٿي ئي اڄ نيتاجيءَ جي جلوس جي سامهون آئي هئي. لائوڊ اسپيڪر تي نيتاجيءَ جو هڪ چاپلوس چئي رهيو هو، ”ووٽر ڀائرو، نيتاجي توهانجو عيوضي ٿي پارليامينٽ ۾ توهان جو آواز اٿاريندو. توهان سان ٿيندڙ هر ظلم کي هوُ ختم ڪرائيندو ۽ توهان جا سڀ دک درد دوُر ڪرڻ لاءِ جي جان جي ڪوشش ڪندو، انڪري ووٽر ڀائرو پنهنجي هن هردل عزيز نيتاجيءَ جو سواگت ڪريو.“
پر نيتاجيءَ جو هيءُ ووٽر اها ڳالهه ٻُڌڻ جي حالت ۾ ڪونه هو. هن کي ته اها به خبر ڪانه هُئي ته نيتاجي سوڀارو ٿيو آهي. لائوڊ اسپيڪر تي اهو اعلان ٻڌي ارٿيءَ سان گڏ هلندڙ شيوڪرام جي هڪ دوست جي من ۾ اهو سوال اُٿيو ته ڇا نيتاجي شيوڪرام سان ٿيل بي انصافيءَ کي پڻ پارليامينٽ ۾ اُٿاريندو ؟ ڇا هو شيوڪرام کي جيئرو ڪرائي سگھندو ۽ هن جي زال، نُنهن ۽ پوٽي جا دک درد دوُر ڪرائي سگھندو.؟ *