ڪھاڻيون

بدلي جيِ باهه

هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
Title Cover of book بدلي جيِ باهه

مڪڙيءَ جو ڄار

” ٺاڪرَ، اڄ جي اخبار پڙهي اٿئي!“ ديال پنهنجي جڳهه تان ئي رڙ ڪري چيو.
”ڪا خاص خبر آهي ڇا؟” ٺاڪر اُتان ئي پُڇيو.
”خاص ڇا، هڪ عجيب خبر آهي. بهار ۾ ڪنوارن ڇوڪرن کي ڀڄائي انهن جي زبردستي شادي ٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن هو شادي ڪرڻ کان اِنڪار ٿا ڪن ته سخت عذاب ڏيئي کين اپنگ ٿو بڻايو وڃي.” ديال جواب ڏنو.
” ته ان ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ڪهڙي خاص ڳالهه آهي ان خبر ۾ جنهن جي ڪري تون ايترو پريشان ٿو ٿين. بهار ته هتان کان هزار ميل پري آهي. تنهنکان سواءِ توکي ڪهڙو ڊپ تون ته شادي ڪيل آهين؟” وشنوءَ وچ ۾ وراڻيو.
” نه مونکي پنهنجو ڊپ ڪونهي، پر مان چاهيان ٿو ته اسانجي شهر ۾ به ائين ٿيڻ کپي.“ ديال جواب ڏنو.
”پر ان مان توکي ڪهڙو فائدو رَسندو؟ توکي نه آهي ڪا ڪنواري ڀيڻ ۽ نه ڪا سالي جنهن جي چنتا توکي هُجي.” پهلاج چيس.
”مونکي پنهنجي فائدي نقصان جي ڪا چنتا ناهي. منهنجي ته اِڇا آهي ته شل ان نموني اسانجو ‘بابيِ’ پڻ ڪنهن مَڪڙيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي ته سُٺو.” ديال جي ان جواب تي ٺاروءَ ۽ آفيس جي ٻين ماڻهن زور سان ٽهڪ ڏنو.
ان کان اڳ توهان ڪجھه سمجھڻ لاءِ پنهنجي دماغ تي زور لڳايو مان توهانجي لاءِ سڄي ڳالهه صاف ڪري ڇڏيان ‘بابيِ’ جو مطلب آهي بال برهمچاري يعنيٰ مان. مان يعنيٰ هيمن، اٺاويهن سالن جو ٿي وڃڻ کانپوءِ به جيئن ته مان اڃان ڪنوارو آهيان انڪري منهنجن دوستن مونکي نالو ڏنو آهي ‘بال برهمچاري’ بال جو ‘با’ ۽ برهمچاريءَ جو‘بي’. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجي شادي اڃان نه ٿي آهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ مون ته شادي ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو آهي. پر ان جو مطلب اهو به ته ته آهي ته مان ڪنهن به ڪاڻيءَ ڪوجھيءَ سان شادي ڪريان. اَڄ جي زماني ۾ گھٽ ۾ گھٽ منهنجو ايترو ته حق آهي ئي ته مان پنهنجي پسند سان شادي ڪري سگھان. مون ڪڏهن به اهو ته چاهيو آهي ته شاديءَ کان اڳ پيار ڪرڻ يا هئڻ لازمي آهي. پر ان جو اهو مطلب به ته ڪانهي ته ڇوڪريءَ کي پسند ڪرڻ جو حق به مونکي نه ملڻ کپي. اهو سچ آهي ته مونکي ڪجھه ڇوڪريون ڏسڻ جو موقعو مليو، پر جي انهن مان مونکي اڃان ڪا پسند نه آئي آهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهُه ! مونکي اهڙيون ڇوڪريون ڇو ٿيون ڏيکاريون وڃن جن مان مونکي هڪ به پسند نٿي اَچي. مان پنهنجي طرفان ايترو صاف ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته مونکي شادي ڪرڻ کان ڪو انڪار نه آهي پر زور زبردستيءَ جي شادي مان هرگز، هرگز نه ڪندس، پوءِ چاهي مونکي ڪيترا به عذاب ڇو نه ڏنا وڃن يا ڀل اپنگ ئي بڻايو وڃي.
ته، ته عذاب ته مان سهي ويندس پر اپنگ بڻجڻ مونکي منظور نه آهي. پوءِ ڪيرَ مون اپنگ سان شادي ڪرڻ چاهيندي! ان کان ته اِهوئي سُٺو آهي ته مان ڪنهن ڪاريءَ ڪوجھيءَ سان ئي شادي ڪريان.
منهنجو نالو هيمن آهي، اهو ته توهان کي ٻڌائي چُڪو آهيان. مان ماءُ پيءُ جو اڪيلو اؤلاد آهيان. مان اڃان اٺن سالن جو هوس ته پوج ماتا صاحب ڀڳوان کي پياري ٿي ويئي. پوج پتا جن کي انجو ايترو ته صدمو رسيو جو هڪ ڏينهن مونکي منهنجي مامي ماميءَ کي سُپرد ڪري، پاڻ ويراڳ وٺي جھنگ منهن ڪري هليا ويا. اَڄ تائين سندن ڪو پتو نه پيو آهي. منهنجي مامي کي پنهنجو ڪو ٻار نه هو؛ انڪري مامي ماميءَ مونکي سڳي ٻار کان به وڌيڪ پيار سان پاليو. مون به کين ئي پنهنجو ماءُ پيءُ مڃيو آهي ۽ سندن هر ڳالهه هيل تائين مڃيندو آيو آهيان. پر هر ڳالهه جي هڪ حد ٿيندي آهي. سندن ڳالهه مڃڻ جي حد تڏهن ٿي جڏهن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ منهنجي مامِي اچي پوئتان پئي ته مان شادي ڪريان. هر دفعي هوءَ پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن مائٽياڻيءَ جي ڳالهه چوريندي هئي. پر مان هر دفعي کيس اهوئي سمجھائيندو هوس ته پهرين مونکي پڙهي ڪنهن سٺي نوڪريءَ تي لڳڻ ڏي پوءِ مان تنهنجي خواهش پوري ڪندس. مامو ته مونسان شامل راءِ ٿيندو هو، پر مامِي ڪنهن نه ڪنهن بهاني اڪيلي ۾ شاديءَ جي ڳالهه چوريندي رهندي هئي ۽ ڇوڪريون پڻ ڏيکاريندي رهندي هئي. انڪري ڪوشش ڪري مان گھر ۾ گھڻو ويهڻ جي نه ڪندو هوس. آخر مون ايم. اي. پاس ڪئي. هاڻي ته پڙهڻ جو بهانو به ختم ٿي چڪو هو. هاڻي به اڳوپوءِ اَچي پوئتان پيئي ته جلدي ڪا نؤڪري ڪيان جيئن هوءَ جلد منهنجي شادي ڪرائي سگھي. انڪري مون اهو پڪو ويچار ڪيو هو ته مان ان شهر ۾ نوڪري نه ڪندس جتي مامو رهندو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن نوڪريءَ جو انٽرويو ايندو به هو ته مان بي مَنو ان ۾ ويندو هوس ۽ اهڙا ته جواب ڏيندو هوس جو منهنجو چونڊجڻ ناممڪن ٿي وڃي. هڪ ٻه دفعا ته مان انٽرويو ڏيڻ به نه ويو هوس ۽ مامي کي اچي ٻڌايم ته مان نه چونڊجيس. پر جڏهن ٻئي شهر مان مونکي هن نؤڪريءَ لاءِ انٽرويو آيو ته مون نه رڳو خوب محنت ڪئي پر ڪپڙن جو نئون وَڳو به سبايم. ان جو ڦل اهو ٿيو جو پنجاهه ڄڻن مان اڪيلو مان ئي چونڊيو ويو هوس. منهنجي چونڊجڻ تي منهنجو مامو مامي خوش ته ڏاڍا ٿيا پر مامي منهنجي ٻئي شهر ۾ نؤڪريءَ لاءِ بلڪل راضي نه هئي . مامي کيس سمجھائي ٻُجھائي راضي ڪيو ته ڪجھه ڏينهن نوڪري ڪري ڏيِس؛ جيڪڏهن ان وچ ۾ منهنجي بدلي ان شهر ۾ نه ٿي ته مون کان استعيفا ڏياريندا. مون به ان ڳالهه جو وعدو ڪيو هو انڪري من تي پٿر رکي ماميءَ مونکي هتي اچڻ جي موڪل ڏني هئي. اچڻ وقت هوءَ ايڏو رُني هئي جيڏو شايد منهنجي جيجل ماءُ به نه روئي ها. ان وقت هڪ دفعو ته من ۾ آيو ته مان هنن کي ڇڏي هتي نه اچان، پر سوچيم ته اُتي رهڻ سان روز روز مونکي ماميءَ جي شاديءَ جي ڳالهين جو جواب ڏيڻو پوندو انڪري مان به من پڪو ڪري هلي آيس.
هن شهر ۾ آئي مونکي پنج سال ٿي ويا آهن. ان وچ ۾ مون هتان بدلي ڪرائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي. توهان ضرور سوچيندا ته ماميءَ کان دور رهڻ ڪري ضرور شاديءَ جون ڳالهيون گھٽ ٿي ويون هونديون. پر توهان جو سوچڻ بلڪل غلط آهي. هتي اچڻ کان پوءِ شاديءَ لاءِ ڪافي آڇوُن آيون آهن، ڪجھه ماميءَ جي طرفان ته ڪجھه آفيس وارن جي مهربانيءَ ڪري. پر منهنجي قسمت ۾ ئي ڪا ڪاڻ آهي جو جيڪي به آڇوُن آيون آهن انهن مان ڪا به منهنجي پسندگيءَ جي نه رهي آهي. مون پنهنجي ٿيڻ واري ساٿيءَ ۾ جن گڻن جي ڪلپنا ڪئي آهي اُهي آهن- رنگ صاف، ته گھڻو سُهڻي ۽ ته ڪاري، روش سُٺا، پڙهيل پر بي. اي. کان وڌيڪ نه، نه تمام سَنهي نه ٿُلهي، سُشيل ۽ گھر هلائوُ، گھر جي ڪمن جهڙوڪ - رڌڻ، سبڻ ۽ ڀرڻ ۾ ڀڙ، ڪفايتي پر ڪنجوس ته، وِت آهر خرچ ڪرڻ واري پر هٿ ڦاڙ ته، ملنسار پر سوسائٽي گرل نه. پر ڀڳوان شايد هينئر ان قسم جون ڇوڪريون ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي به ڇوڪريون مون هيل تائين ڏٺيون آهن انهن ۾ ڪا نه ڪا اوُڻائي ضرور رهي آهي. ائين ته ڪنهن ڇوڪريءَ ۾ مان هڪ ٻه ڪوتاهي ته منظور ڪري سگھان ٿو پر جيڪڏهن هر ڇوڪريءَ ۾ انهن مان هڪ ئي گڻ هجي ته پوءِ مان ڇا ٿي ڪري سگھيس. انڪري دوستن جي لفظن ۾ مان اڃان ڪنهن ‘مڪڙيءَ جي ڄار’ ۾ نه ڦاٿو هوس. مان ته ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار ويٺو هوس پر جي مون لائق ڪا مڪڙي ئي اڃان پئدا نه ٿي هُئي ته مان ڇا ڪريان. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن کي ڪهڙو اختيار هو مونکي بال برهمچاري يا ‘بابيِ’ جو خطاب ڏيڻ جو.
هاڻي جڏهن ڳالهه نڪتي ئي آهي ته توهان کي مان اهو به ٻڌايان ته اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جڏهن مونکي ٻيو نالو مليو هجي. جيجل ته ڄائي ڄم کان مونکي راجا ڪري سڏيندي هئي ۽ ماميءَ نالو ڏنو هو ڍولڻ. پر انهن نالن ۾ پيار سمايل هو انڪري مونکي انهن تي ڪو به اعتراض نه هو. اصل ۾ مان تڏهن هوس به ننڍو ۽ اعتراض ڪرڻ جي حالت ۾ به ڪونه هوس. پر جڏهن ڇهين درجي ۾ پڙهندو هوس ته ڪلاس جي هڪ چِلولي ڇوڪريءَ مونکي هڪ ڏينهن چرچي ۾ منهنجي نالي جي پوئتان ‘ٺار’ اکر جوڙي چيو، ”هي من ٺار“. سو ان ڏينهن کان ئي منهنجو نالو پئجي ويو ‘هي منٺار’. مونکي ان تي غصو ته ڏاڍو ايندو هو پر ڪجھه به ڪري نه سگھندو هوس. ها، هڪ ڳالهه جا مون ڪئي سا اها ته ان ڏينهن کان پوءِ ڇوڪرين جي پاڇي کان به پري ڀڄندو هوس. ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته سوچيم ته اسڪول ۾ مليل نالو اُتي ئي رهجي ويندو ۽ ٿيو به ڪجھه ائين، پر هڪ ڏينهن وري هڪ واردات ٿي. ڪاليج ۾ پيريڊ هلي رهيو هو ۽ مان هڪ بئنچ تي اڪيلو ويٺو هوس. ايتري ۾ هڪ ڇوڪري آئي ۽ ٻي ڪا جڳهه خالي نه ڏسي منهنجي ڀرسان اچي ويٺي. جيئن ته ان وقت ٻي ڪا سيٽ خالي نه هئي انڪري مان اُتان اُٿي نٿي سگھيس. پيريڊ ختم ٿيڻ تي دوستن جي ٻيگھي متي، چَـيُنِ، اها ڇوڪري مونتي فدا ٿي آهي. مونکي پتو هو ته جيڪڏهن پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھه چوندس ته پاڻ وڌيڪ خوار ڪندا. انڪري هنن جون ڳالهيون چپ چاپ ٻڌندو سَهَندو رهيس. ان تي پاڻ سندن همٿ وَڌي. هڪ ڇوڪرو پتوڪري آيو ته ان ڇوڪريءَ جو نالو شيلا آهي. بس پوءِ ته هڪ ڇوڪري هڪدم چيو ته اڄ کان هيمن هي مئن (He man) ته، پر شي مئن (She man) ٿي ويو يعنيٰ شيلا جو اڳ ‘شي’ ۽ هيمن جي پٺ ‘مئن’ ملائي ‘شي-مئن’ چوڻ شروع ڪين. جيستائين مان ڪاليج ۾ هوس تيسيتائين پروفيسر به ان نالي سان سڏيندا هئا.
ٺيڪ آهي نالي بدلجڻ جي مونکي ڪا چنتا نه آهي ڇاڪاڻ ته نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ گلاب آخر سڳنڌ ئي ڏيندو چاهي انکي ڪنهن به نالي سان ڇو نه سڏيو وڃي. دوستن کي پورو حق آهي هوُ مونکي ڪنهن به نالي سان پُڪارين، پر هنن کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته هوُ اَخبار ۾ ڇَپيل ان خبر ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪائيِن جنهن ۾ ڪنوارن ڇوڪرن کي ڀَڄائي زبردستي شادي ڪرائِڻ جو ذڪر آهي. هونءَ ته مان ڪو گيِدي نه آهيان جو ڊڄي وڃان پر اڄوڪي ڀارت ۾ اَهڙيون ڳالهيون باهه کان به جلد وچڙنديون آهن. سو سوچيم ته ڪٿي هن شهر ۾ به ڪنهن ڪنواري ڪنيا جي پيءُ کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ ۾ هي طريقو سولو، سُٺو ۽ سَستو لڳو ته پوءِ ان ڳالهه کي وچڙڻ ۾ دير نه لڳندي. پوليس به اهڙين ڳالهين ۾ ڇا ڪري سگھندي؟ پوليس هر ڪنواري ڇوڪري کي بچائڻ جو ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي. ديش ۾ هيتريون چوريون، خوُن، ڊاڪا ۽ دنگا ٿي رهيا آهن جڏهن انهنکي روڪڻ جي پنهنجي فرض ۾ پوليس ناڪامياب ثابت ٿي رهي آهي ته پوءِ ڪُنوارن کي ڀَڄائي زبردستيءَ شادي ڪرائڻ کان ماڻهن جو بچاءُ ڪرڻ جي هننکي نه ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ۽ نه ڪا فرصت ئي آهي. هندوستان ۾ هونءَ به گھڻي ڀاڱي شاديون مائٽن جي زور زبردستيءَ سان ٿينديون آهن. جڏهن پوليس ۽ سرڪاري قانون ان ۾ مدد ڪري نٿا سگھن ته پوءِ هن نموني ڇوڪرن کي ڀڄائي شاديءَ ڪرائڻ ۾ ڪيرُ مدد ڪري سگھندو. مونکي به جيڪڏهن ڪنهن ڀَڄائي شادي ڪرائي ڇڏي ته دوستن مان ڪنهن مان مدد ملڻ جي اُميد ته ڪانهي، اُلٽو ‘هي... هي’ ڪري پيا کلندا. ائين ته مان به عذابن کان ڊڄڻ وارو نه آهيان پر جي ڪنهن مُنهنجي نه ڪرڻ تي، منهنجي ٽنگ يا ٻانهه ڀَڃي مونکي لوُلو لنگڙو بڻائي ڇڏيو ته پوءِ مان ڇا ڪندس؟
اهي ڳالهيون سوچيندي من ۾ هڪ ڊپ پئدا ٿي رهيو هو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شام جو آفيس کان جڏهن موٽيس ته گھر جي گھِٽيءَ جي ڪُنڊ تي ٺاروءَ پان واري آواز ڏيئي چيو، ”ديوان، هينئر ٿوري دير پهرين ٻه ماڻهو توهان لاءِ پُڇي رهيا هُئا.”
مون پڇيومانس، ”ڪير هُئا؟ ڪجھه نياپو وغيره ڏيئي ويا ڇا ؟”
ٺاروءَ وَراڻيو،”ديوان، مان ته ڪونه سُڃاڻان. مُنهن جي پُڇڻ تي به ڪجھه ڪون ٻُڌايائون. پر پاڻ ۾ پئي ڳالهايائون ۽ چيائون ته سڀاڻي آفيس وڃڻ يا موٽڻ وقت ئي پڪڙينداسونس.”
”پڪڙينداسونس! ڪير هُئا؟ ڪجھه ٻُڌايائون ڪون ته ڪهڙو ڪم هُئن؟”
ٺاروءَ وَراڻيو، ”ٻَه ڄڻا هُئا- هڪ ٿورو ٿُلهو هو ۽ گانگٽ جيان مُڇون هيس، ٻيو پورو پنو بدن، پر ڊگھي قد جو. رنگ جو ڪارو ۽ مٿئين چپ تي ڌڪ جو نشان هيس. مون نالو ۽ ڪم پڇيومانس ته چيائوُن ته ضروري ڪم هو.”
انهن منهانڊن وارا ماڻهو مونکي پنهنجن واقفڪارن ۾ نٿي سُجھيا. ڪير هوندا؟ ڪهڙو ڪم اَٿن؟ اهو سوچيندي گھر آيس. ڪمرو کولي اڃان اَندر مس گھڙيس ته پاسي واري جھمٽ ماءُ آئي ۽ چيائين، ”پٽ، اَڄ صبح جو تون اڃان گھر مان نڪتين مس ته ٻه ڄڻا تنهنجي لاءِ پُڇڻ آيا هُئا. جڏهن مون ٻڌايومانِ ته تون آفيس ويو آهين ته تنهنجي باري ۾ پڇڻ لڳا ته ڇوڪرو ڪيئن آهي؟ عادتون ڪيئن اٿس؟ دوست ڪهڙا اٿس؟ صبوح جو ڇا ڪندو آهي؟ شام جو ڪيڏي مهل گھر ايندو آهي؟ وغيره.”
مون پُڇيومانس، ”ڇا انهن مان هڪ ٿُلهو ۽ مُڇن وارو ۽ ٻيو ڊگھو ۽ ڪارو هئو ڇا؟”
هن چيو، ”ها پٽ، اهي ئي هئا. پر پُٽ مونکي ڪجھه ٺيڪ ماڻهو نٿي لڳا. اهڙن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ توکي ڪين جُڳائي.” ائين چئي هلي ويئي.
هن جي وڃڻ کان پوءِ اوچتو مونکي ٻه ڏينهن اڳ آفيس ۾ ٿيل ڳالهين ڏانهن ڌيان ويو. ڇا هن شهر ۾ به اهڙا شاطر پئدا ٿي ويا آهن جيڪي زبردستيءَ ڀڄائي منهنجي شادي ڪرائڻ ٿا چاهين ؟ نه، نه ائين ڪيئن هوندو! ته ڇا منهنجن دوستن مونکي ڊيڄارڻ لاءِ اهو ناٽڪ رچيو آهي. ٿي سگھي ٿو ته ائين هُجي، پر مونکي ڪيئن پتو پوندو ته اهو ناٽڪ آهي يا ساڀيا. جيڪڏهن ناٽڪ آهي ته مان انهن کان ڊڄڻ وارو نه آهيان. پر جي اهو ناٽڪ نه آهي ته پوءِ اُهي ٻه اَجنبي ڪير آهن، جيڪي منهنجي باري ۾ ائين پُڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن ته منهنجي اچڻ وڃڻ جا ٽائيم ڪهڙا آهن. هو منهنجي عادتن ۽ دوستن يارن جي باري ۾ به ڄاڻ وٺي رهيا آهن. اهي ڳالهيون ته شاديءَ جي پڪ ڪرڻ وقت جاچبيون آهن.
انهن ويچارن ۾ مونکي ان رات پوري ننڊ به نه آئي. ان ڳالهه تي مون هر طريقي سان غور ڪيو پر اها پڪ ڪري نه سگھيس ته اهي اجنبي ڪير ٿي ٿي سگھيا ۽ ڇو منهنجي باري ۾ ائين جاچ ڪري رهيا آهن. صبوح جو تيار ٿي جڏهن آفيس لاءِ روانو ٿيس تڏهن به من ۾ اهي ئي ويچار هئا. ٺاروءَ اڳيان هنن جو ائين چوڻ ته آفيس کان ايندي يا ويندي ‘پڪڙينداسونس’، منهنجي من ۾ کٽڪو پئدا ڪري رهيو هو. انڪري گھران نڪتس ته پهرين چؤڌاري نگاهه وجھي اها خاطري ڪيم ته ڪٿي ڪو اجنبي ته نه بيٺو آهي. جڏهن ڏٺم ته چؤڌاري روز وارا ماڻهو اچي وڃي رهيا هئا ته ڪجھه سامت آئي ۽ اڳتي وڌيس. گھٽيءَ جي ڪنڊ تائين پهچندي قدم پنهنجو پاڻ ٺاروءَ جي دڪان ڏانهن وڌيا. اڳتي وڌي ٺاروءَ کان پڇيم ته ڪالهه وارا اُهي ٻه ماڻهوُ وري پڇڻ ته نه آيا؟ چيائين، ”سائين، جي اچن ها ته سڌو توهان جي گھر جو ڏسُ ته ڏيانِ ها!” مون چيومانس،“ ٺارو اَڄ به جي اُهي ماڻهو اچن ته چڱي طرح پُڇي رکجان ته ڪير آهن. ڪٿي رهندا آهن ۽ ڪهڙو ڪمُ اَٿن. ڪوشش ڪري سندن باري ۾ پوري پوري ڄاڻ وٺي رکج.”
ٺاروءَ کي ائين چئي مان آفيس ڏانهن وڌيس. پر جيئن ته من ۾ چور اچي ويٺو هو انڪري هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو پئي ويس. من ۾ آيو ته هنن منهنجي اچڻ وڃڻ واري رستي جي ڪٿي خبر نه ڪڍي رکي هُجي انڪري ان ڏينهن بلڪل نئين رستي کان آفيس ويس ۽ روز واريءَ بس ۾ به نه چڙهي ٻئي طرف واريءَ بس ۾ چڙهيس انڪري آفيس پهچڻ ۾ به ڪجھه دير ٿي ويئي. آفيس ۾ اڃان پهتس ته ٻاهر ئي پٽيوالي ٻڌايو ته ٿوري دير اڳ منهنجي لاءِ هڪ ماڻهو پُڇي رهيو هو ۽ چئي ويو آهي ته مان شام جو گھر رهان ڇاڪاڻ ته هنکي مون ۾ هڪ ضروري ڪم آهي. وڌيڪ پُڇڻ تي پٽيوالي ٻڌايو ته اهو ماڻهو ڪجھه ٿلهو ۽ مُڇن وارو هو.
هينئر ته من ۾ پاڻ وڌيڪ پڪ ٿي ته هنن جي نِيَت صاف نه آهي. سڄو ڏينهن آفيس جي اڳيان انهن ٻن اجنبين جا ڪالپنڪ چهرا پئي تري آيا. اهو ڄاڻڻ لاءِ ته ڪٿي دوستن ته اهو چرچو نه ڪيو آهي، مان لِڪَل نِگاهن سان کين ڏِسندو رهيس. پر سندن هلت مان اَهڙو ڪجھه نظر نه آيو جنهن مان اهو سمجھي سگھان ته هنن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي. شام جو آفيس بند ٿيڻ کان پوءِ سوچيم ته جيستائين هنن ماڻهن جو ڪو ڏس پتو نه لڳي تيسيتائين هنن کان پري رهڻ ئي بهتر آهي. سو آفيس مان نِڪري سِڌو گھر تهي وڃڻ جو پهه پچايم. ٿورو وقت هيڏانهن هوڏانهن گذاري اها شام پڪچر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيم. جيئن ته پڪچر شروع ٿيڻ ۾ اڃان ڪجھه دير هئي انڪري هال جي ٻاهران لڳل پوسٽر ۽ فوٽا ڏسڻ شروع ڪيم. ٿوري دير کان پوءِ ائين ڀاسيم ته ڄڻ ڪو مونکي گھوُري ڏِسي رهيو آهي. پوئتان وري ڏٺم ته هڪ ٿلهو ماڻهو جنهن جون ٿلهيو مُڇوُن به هيون، مون ڏانهن چِتائي نهاري رهيو آهي. ته ڇا آفيس مان منهنجو پيڇو ڪري هو هِت به پهچي ويو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ رات جي انڌيري ۾ هن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ڪا اٽڪ آڏو نه ايندي. اهو سوچيندي سڄو شرير ڊپ کان ڏڪڻ لڳو. ان وقت هنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪي ماڻهو اچي ويا جنهن ڪري هو منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويو. موقعو ڏسي مان به نظر بچائي سئنيما جي پيشاب گھر ۾ گھڙي ويس. جڏهن ڪجھه سامت آئي تڏهن ٻاهر نڪتس، ڏٺم ته اُهو ماڻهو ٻاهرئين در وٽ بيهي سئنيما کان ٻاهر ڏسي رهيو آهي ڄڻ ڪنهن کي ڳولهي رهيو آهي. هينئر ته مونکي پڪ ٿي ويئي ته ضرور مونکي ڳولهي رهيو آهي ۽ ڏسي رهيو آهي ته ڪٿي مان ٻاهر ته نه نڪري ويو آهيان. هن جي پُٺ مون ڏانهن هئي ۽ ٽڪيٽ ته مون وٽ هئي انڪري مان جھٽ هال ۾ گھڙي ويس ۽ وڃي پنهنجي جڳهه تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺس جيئن ڪو ڏسي سڃاڻي نه سگھي. ٿوري دير ۾ هال جون بتيون وسامي ويون ۽ ائڊورٽائيزمينٽس شروع ٿيون. هينئر سُڃاڻڻ جو ڪو ڊپ نه هو پر جڏهن به دروازي تان ڪارو پردو هٽائي ڪو اَندر ٿي آيو ته مون اهو ڏسڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته اَندر اچڻ وارو ڪيرآهي. ٿوري دير کان پوءِ ٻه ڄڻا اَندر داخل ٿيا. اوُندهه سبب مان انهن کي سُڃاڻي ته سگھيس ته ڪير هئا پر ايترو اَندازو ضرور لڳو ته انهن ۾ هڪ ٿُـلهو ۽ هڪ سَنهو ماڻهو هو. اهي ٻئي ساڳيا ماڻهو هئا يا ڪي ٻيا، اهو ته سمجھي ڪونه سگھيس پر مَنُ ته شڪ سان ڀريل هو. گيٽ ڪيپر ٽارچ جي روشنيءَ سان هنن کي منهنجي قطار کان ٻه قطاروُن اڳ وارين ڪرسين تي ويهاريو. مان هينئر هنن کان پنهنجي جند ڇڏائڻ جو سُٺو موقعو سمجھي چپ چاپ اُٿي سئنيما کان ٻاهر نڪري آيس. ان ڊپ کان ته ڪٿي انٽرويل ۾ مونکي هو اُتي نه ڏسي وري گھر نه هليا اچن مان اتان نڪري، گھر نه ويس. رڳو ٺاروءَ کان ايترو پتو ڪيم ته ڪو منهنجي لاءِ پُڇڻ ته نه آيو هو. جڏهن هن ٻڌايو ته انهن ماڻهن مان اڃان ڪو ڪونه آيو هو ته پڪ ٿي ته سئنيما ۾ جيڪي ٻه ماڻهو مون ڏٺا هئا سي ضرور اُهي ئي هوندا. مون ان رات روٽي به هوٽل ۾ کاڌي ۽ وقت گذارڻ لاءِ هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺس. ان ڏينهن مونکي اهو اندازو لڳو ته جڏهن انسان جلد وقت گذرڻ جي چاهنا ڪندو آهي ته ان مهل وقت جي رفتار به ڍلي ٿي ويندي آهي. جيئن تيئن ڪري رات جو ٻارهين بجي گھر آيُس ڇاڪاڻ ته ٺاروءَ جي دڪان بند ڪرڻ کان اڳ کانئس پڇڻ ضروري هو. ٺاروُءَ ٻڌايو ته ان ڏينهن ڪو به ماڻهو منهنجي لاءِ پڇڻ هُن وٽ نه آيو هو.
ٻئي ڏينهن آرتوار هو، آفيس بند هئي. اهي ٻه رهزن متان وري گھر نه اچن انڪري مون اهو سارو ڏينهن گھر کان ٻاهر رهڻ جو سوچيو. ٻئي ڏينهن صبوح جو جلد اُٿي سڀ ڪم ڪار لاهي مان لڪي ڇپي آفيس هليو ويس ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن منهنجي آفيس ۾هجڻ جو هوُ سوچي به نٿي سگھيا. سوچيم ته ائين ڪرڻ سان هڪ طرف هنن کان لڪل رهندس ۽ ٻيو آفيس جو ڪجھه رهيل ڪم به پورو ڪري سگھندس. سو بنا ڪنهن کي ٻُڌائڻ جي مان آفيس هليو ويس ۽ سارو ڏينهن اُتي ڪم ڪندو رهيس ۽ شام جو جڏهن اوندهه ٿيڻ لڳي تڏهن واپس گھر روانو ٿيس.
سڄو ڏينهن گھر کان ٻاهر رهيو هوس انڪري سوچيم ته جيڪڏهن اهي اجنبي گھر ويا به هوندا ته مونکي گھر ۾ نه ڏسي واپس موٽي ويا هوندا. سڄي ڏينهن جو ٿڪل هوس انڪري سوچيم ته گھر وڃي ڪجھه آرام ڪريان ۽ پوءِ وري سڀاڻي لاءِ ڪجھه ترڪيب سوچيان. گھر پهچندي پهچندي بتيون به ٻري چُڪيون هيون. ٺاروءَ پان واري جي دڪان جي ويجھو اڃان پهتس مس ته هن آواز ڏيئي چيو، ”ديوان، هوُ ڪالهوڪو ماڻهو اڃان هينئر توهان لاءِ پڇي هوڏانهن توهان جي گھر ڏانهن ويو آهي. جيڪڏهن ملڻ چاهيوس ته جلد ڪيو متان هليو نه وڃي.”
اهو ٻُڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪي ويئي. پنهنجي گھر ڏانهن نظر ورايم. ڏٺم ته هڪ ٿُـلهو ماڻهو منهنجي در وٽ بيٺو آهي ۽ شايد جھمٽ ماءُ سان ڳالهائي رهيو آهي، اوُندهه هجڻ جي ڪري چٽي طرح نٿي ڏسڻ ۾ آيو. ان کي ڏسندي ئي مون پويان پير ڪيا. جيئن ئي واپس وريس ته ڏٺم ته جھمٽ ماءُ هنکي مون ڏانهن اشارو ڪري ڪجھه چيو. سمجھي ويس ته جھمٽ ماءُ مونکي ڏسي ورتو آهي ۽ هنکي اِشاري سان مونکي ڏيکاري رهي آهي. مون اُتي وڌيڪ ترسڻ واجب نه سمجھيو ۽ هڪدم تڪڙو تڪڙو وک کڻي هڪ طرف هلڻ لڳس. ٿورو اڳتي وڃي جڏهن هڪ چؤواٽي تي پهچي واپس مڙي ڏٺم ته اهو ٿلهو ماڻهو ٺاروءَ پان واري جي دڪان تي بيٺل نظر آيو ۽ ٺارو پڻ منهنجي طرف اشارو ڪري ڪجھه چئي رهيو هو. هن ماڻهوءَ مون ڏانهن نهاريو ۽ آواز ڏنو. مونکي ڪجھه سمجھه ۾ ته ڪونه آيو ته هن ڇا چيو پر هينئر اُتي ترسڻ خطري کان خالي نه سمجھيم انڪري مون ڊُڪڻ شروع ڪيو. هڪ گھٽيءَ مان ٻي گھٽي ۽ هڪ رستي کان ٻئي رستي تي ڊُڪندو هلندو ويس. خبر ئي نٿي پيئي ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان. بس جيڏانهن پئي آيو ان طرف ڊڪندو ويس. ائين پئي ڀانيم ته ڪو پٺيان ڊڪندو ٿو اچي. پر مون ۾ ايتري همٿ به نه هئي ته بيهي پوئتان مُڙي ڏسان ته ڪو سچ پچ پٺيان آهي يا نه. سوچيم پئي ته جيڪڏهن پوئتان نهاريندس ته وقت خراب ٿيندو ۽ اهو ماڻهو سولائيءَ سان مون تائين پهچي ويندو. انڪري ڀڄندو رهيس. ڊڪندو رهيس ۽ اڳتي وڌندو رهيس.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ اونداهي گھِٽي ڏسي ان ۾ گھڙي ويس. پر اها هڪ طرف بند گھٽي هئي جنهن مان ٻئي طرف ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو نه هو اڳتي وڌڻ جو هاڻي ڪو وسيلو ڪونه هو. هاڻي ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن واپس ٿو وڃان ته هو ماڻهو اچي پڪڙيندو ۽ جيڪڏهن اُتي بيهي ٿو رهان ته به ڪوُئي وانگر ڦاٿل آهيان. هڪ دفعو ٿورو مُڙي ڏٺم، گھٽيءَ ۾ ته ڪافي اوندهه هئي پر گھٽيءَ جي منهن تي ڪجھه روشني هئي. صاف طرح سان ته ڏسڻ ۾ نٿي آيو پر ائين ڀانيم ته ڪو ٿُـلهو ماڻهو ان گھٽيءَ جي منهن وٽ بيٺو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيو آهي. سمجھي ويس ته هوُ منهنجي ڳولها ڪري رهيو آهي. پر گھٽيءَ ۾ اوندهه هئڻ ڪري مونکي نٿي ڏسي سگھيو. اهو سوچي ته متان هوُ گھٽيءَ ۾ اچي، انڪري کانئس بچڻ خاطر گھٽيءَ جي آخر ۾ هڪ گھر جو بند دروازو کڙڪايم. در هڪ ڇوڪريءَ کوليو. ڇوڪريءَ جي شڪل ڏسڻ جي ضرورت مونکي ڪٿي هئي، مون گھٻرائجي چوڻ شروع ڪيو، “ مان ..... مان ..... ”
اڃان مان ڪجھه وڌيڪ چوان ان کان اڳ هن ڇوڪريءَ چوڻ شروع ڪيو، ”اَچو، اَندر اَچو. دادا ويٺا توهانجو انتظار ڪن.”
ائين چئي هوءَ ڇوڪري هڪ ڪمري ڏانهن وڌي. مان به بنا ڪجھه سوچڻ جي اندر گھڙي ويس. اندر گھڙي پهرين مون ٻاهريون در بند ڪيو ۽ پوءِ ان ڇوڪريءَ جي پوئتان ان ڪمري ۾ ويس.
ڪمري ۾ پهچي ڇوڪري مونکي هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چئي هلي ويئي. ٿوري دير ۾ هڪ بزرگ ڪمري ۾ آيو، مونکي ڏسي عجب ۾ پئجي پڇيائين، ”تون ڪير؟ مُنهنجي ڌيءُ ته چيو ته منهنجو دوست مسٽر شرما آيو آهي.”
مون جواب ڏنومانس، ”سائين توهان جي ڌيءُ کان غلطي ٿي آهي. اَصل ۾ هوءَ مونکي شرما سمجھي اَندر وٺي آئي. توهان ويهو مان توهان کي پوري ڳالهه ٻڌايان ٿو، توهان پاڻ سمجھي ويندا ته غلط فهميءَ جو ڪهڙو سبب آهي.”
منهنجي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويهندي هن چيو، ” ٻڌايو، ڇا ٿا ٻُڌائڻ چاهيو.”
”سائين، منهنجي پوئتان ڪجھه غنڊا پيا آهن. انهن کان بچڻ خاطر مان هن گھٽيءَ ۾ گھڙي آيس پر بند گھٽي ڏسي مون توهانجي گھر جو در کڙڪايو. در کلڻ تي مون پنهنجي باري ۾ توهانجي ڌيءُ کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو، پر اڃان مون ايترو مس چيو ته مان ....، ته توهان جي ڌيءُ مونکي شرما سمجھي اَندر وٺي آئي. جيئن ته مونکي ڊپ هو ته ڪٿي اهي رهزن منهنجي پوئتان نه هليا اَچن انڪري مان پڻ اَندر هليو آيس. اَصل ۾ ڏوهُه منهنجو آهي جو مون توهان جي ڌيءُ کي پنهنجي سڃاڻپ نه ڏني. ان ۾ توهان جي ڌيءُ جي ڪا غلطي ته آهي. اُميد ٿو ڪريان ته توهان منهنجي گستاخي معاف ڪندا.”
” ته توهان اڃان ايترو چيو ته ‘مان ....’ ۽ منهنجي ڌيءُ اهو سمجھيو ته توهان مُنهن جي لاءِ پُڇي رهيا آهيو ڇاڪاڻ ته سڀ مونکي هتي ماستر صاحب ڪري سڏيندا آهن. منهنجي ڌيءُ ‘مان ...’ کي ائين سمجھيو هوندو ته ڄڻ توهان پڇي رهيا آهيو ‘ماستر صاحب آهن ؟’ جيئن ته مون اڳ ۾ ئي کيس چئي ڇڏيو هو ته مسٽر شرما مونسان مِلڻ اَچڻ وارو آهي انڪري هن ائين سوچيو ته توهان مسٽر شرما هوندا ۽ مون لاءِ پُڇي رهيا آهيو. خير، توهان اندر هلي آيا ان تي مونکي ڪو اعتراض نه آهي. پر توهان اهو ته ته ٻڌايو ته اهي غنڊا توهان جي پوئتان ڇو پيا آهن، جن کان ڊڄي هيئن لڪندا ٿا ڦرو. ڇا توهان هنن جو ڪو نقصان ڪيو آهي يا وري ڪو هنن کان قرض ورتو آهي؟ توهان ڏسڻ ۾ ته ڪافي شريف ٿا اچو پوءِ هنن غنڊن جي چڪر ۾ ڪيئن ڦاٿا ؟”
”سائين، مان جيڪڏهن توهان کي سڄي ڳالهه ٻڌايان، پر شايد توهان کي ان تي ڪو وشواس نه ٿئي ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ڪڏهن- ڪڏهن ائين پيو ڀانيان ته شايد مان ڪو سپنو پيو ڏسان يا ته ڪا پڪچر پيو پسان. اَهڙيون ڳالهيون ته قِـصن ڪهاڻين ۾ پڙهبيون آهن. پر وشواس ڪريو، نه مان انهن غنڊن کي سڃاڻان ۽ نڪو ڪو منهنجو انهن سان ڪو وير آهي يا ٻيو ڪو سنٻنڌ. الائي ڇو منهنجي پوئتان اچي پيا آهن.”
”توهان پنهنجي پوُري ڳالهه مونکي ٻڌايو، پوءِ مان ڪجھه فيصلو ڪري سگھندس ته اصل ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. پر پهرين توهان اهو ته ٻڌايو ته توهان جو نالو ڇا آهي؟”
”منهنجو نالو هيمن آهي. منهنجا ماءُ پيءُ ڪونه آهن. مونکي پنهنجي مامي ماميءَ پاليو آهي جيڪي ٻئي شهر ۾ رهندا آهن ..........”
ائين مان اڌ ڪلاڪ تائين ڳالهائيندو رهيس ۽ کيس شروع کان وٺي سربستي ڳالهه ٻُڌائي. ماستر صاحب ان وچ ۾ مونکي نه ڪجھه چيو ۽ نه ٽوڪيو. هن مونکي پنهنجي ڳالهه پنهنجي نموني ٻُڌائڻ جو پوُرو موقعو ڏنو. مونکي پڻ پتو نه هو ته مان ڇو کيس ائين سڄي ڳالهه ٻُڌائي رهيو آهيان. هنن سان ته منهنجو ڪو سنٻنڌ ڪونه هو پوءِ ڇو مان پنهنجي دل کولي سندن اڳيان رکي رهيو هوس. مان ته رڳو هنن غنڊن کان بچڻ خاطر ڪجھه وقت اَجھو وٺڻ هن گھر ۾ گھڙيو هوس. پوءِ اهڙي ڪهڙي شڪتي هئي جيڪا مونکي هن جي اڳيان پنهنجون پريشانيون کولي رکڻ لاءِ مجبور ڪري رهي هئي. پر جيئن نديءَ جو بند ٽُـٽڻ تي سيلاب اچي ويندو آهي اهڙي طرح هن جي همدرديءَ ڄڻ گذريل ڪجھه ڏينهن کان دماغ تان ٻوجھه روپي ان بند کي ٽوڙي ڇڏيو هو جنهن ڪري نديءَ جي سيلاب وانگر منهنجي ڳالهين جو وهڪرو پڻ تيز ٿي ويو هو ۽ مون پنهنجي پوري ڳالهه کيس ٻُڌائي.
جڏهن ڳالهه پوري ٿي تڏهن هوش آيو. ماستر صاحب ته اکيون بند ڪري ڌيان سان منهنجون ڳالهيون ٻڌي ئي رهيا هئا پر هوءَ ڇوڪري پڻ چپ چاپ ان ڪمري جي در وٽ اچي بيٺي هئي. هن منهنجي ڪيتري ڳالهه ٻڌي هئي انجو اندازو لڳائڻ مشڪل هو. سندس هٿن ۾ هڪ ٽري هئي جنهن ۾ شربت جا ٻه گلاس رکيل هئا. برف ته شايد پوري ڳري ويئي هئي. گلاسن جي ٻاهران پاڻيءَ جا ڦڙا صاف ٿي نظر آيا ۽ انهن ڦڙن ۽ منهنجي نِرڙ تي آيل پگھر جي ڦڙن ۾ ڪو فرق نٿي نظر آيو. ان ڇوڪريءَ منهنجي ڳالهه ٻڌي هوندي، ان ڪلپنا کان ئي منهنجي نرڙ تي پگھر جون اهي بوُندوُن ظاهر ٿيون هيون.
ڳالهه پوُري ڪري مون ماستر صاحب ڏانهن نهاريو. هوُ چپ چاپ ڪنهن خيال ۾ مشغول هو. ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي چوڻ شروع ڪيائين، ”پُٽ، ائين ته تنهنجي ڳالهه تي جيڪڏهن مٿاڇرو غور ڪجي ته برابر اها هڪ من گھڙت ڪهاڻي لڳندي. پر منهنجو آزمودو مونکي ٻڌائي رهيو آهي ته تنهنجا ٻڌايل ڪجھه واقعا ته سچ آهن ۽ ڪي ڳالهيون رڳو تنهنجي ڪلپنا جي پيدائش آهن. جڏهن اِنسان پنهنجي اکين تي سائو چشمو چاڙهي، ساري دنيا کيس سائي نظر ايندي پر جي ڪارو چشمو پائي ته اهي ساڳيون شيون کيس ڪاريون لڳنديون. تنهنجي حالت به ساڳي آهي. جيڪڏهن هڪ دفعو توُن رُڳو انهن ماڻهن سان ملين ها ته شايد سڀ ڳالهيون صاف ٿي وڃن ها ۽ توکي هيئن پريشان نه ٿيڻو پوي ها. پر، جيڪڏهن اهو به مڃجي ته جيڪي تون سوچي رهيو آهين اهو سڀ ڪلپنا نه پر سچ آهي ته به تون اهڙن رهزنن کان ڪيترو وقت پاڻ کي بچائي سگھندين؟ تو پاڻ چيو ته اُهي ماڻهو تنهنجي پوئتان رڳو انڪري آهن جيئن توکي پڪڙي ڪنهن ڇوڪريءَ سان زبردستي شادي ڪرائين. انجو مطلب ته اهو ٿيو ته تنهنجو ڪنوارو هُئڻ ئي تنهنجو دشمن آهي. جيڪڏهن اڄ تون شادي شده هُجين ها ته هنن کي تنهنجي ڪا به ضرورت ته هجي ها. انجو سِڌو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن هنن جي هٿ لڳڻ کان اڳ ئي تنهنجي شادي ٿي وڃي ته پوءِ هو تنهنجي پٺ ڇڏي ڏيندا.”
ماستر صاحب جي ڳالهه مونکي دل سان لڳي. مونکي خود اهڙي سَولي ڳالهه ڇو نٿي سمجھه ۾ آئي، ان تي مونکي حيرت هئي. برابر جيڪڏهن اڄ مان شادي شده هجان ها ته نه کين منهنجي ضرورت پوي ها ۽ نه مونکي هنن مان ڪو ڊپ يا خطرو هجي ها. پر شادي ڪرڻ ڪا سَولي ڳالهه ته نه هئي. ائين ته هو ڪونه جو دڪان تان پيَسن سان پنهنجي لاءِ هڪ عدد زال وٺي ان سان لائون لهجن. شايد ماستر صاحب به منهنجي دل ۾ اُٿندڙ خيال ڀانپي ورتا. هن وري چوڻ شروع ڪيو، ”پٽ، اهو برابر آهي ته شادي ڪرڻ ۾ ٽائيم لڳندو. اها هڪدم ته ٿي نه سگھندي. سو ويچار اهو ڪرڻو آهي ته انهن غنڊن کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڇا ڪجي. نڪو توکي هنن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي ۽ نڪو تون کين سڃاڻين يا اتو پتو ڄاڻين. انڪري پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ ۾ به ڪو فائدو نه ٿيندو. جيڪڏهن هوُ تنهنجي پوئتان رڳو تنهنجي شادي ڪرائڻ لاءِ ئي آهن ته پوءِ رڳو هڪ ئي علاج آهي ته هنن کي اها ڄاڻ پوي ته تو شادي ڪري ڇڏي آهي. پر شادي ته ايترو جلد ٿيڻ ممڪن نه آهي انڪري جيڪڏهن ڪا ڇوڪري توسان گڏ ڪجھه ڏينهن رهڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ تون سڀني کي اهو ٻڌائين ته هوءَ تنهنجي زال آهي ته پوءِ هو غنڊا تنهنجي پچر ڇڏي ڏيندا.”
مونکي پنهنجو پاڻ تي غصو اچڻ لڳو ته پنهنجين پريشانين جو اهڙو سولو اُپاءُ مونکي خود ڇو نه سُجھيو. سچ پچ جيڪڏهن مونسان ڪا ڇوڪري رهندڙ هجي ها ته ڪنهن کي ڪيئن پتو پوي ها ته هوءَ منهنجي شادي شده زال نه آهي. انڪري هاڻي منهنجي سامهون بس رڳو هڪ سوال هو ته اهڙي ڇوڪري ڪير ٿي ٿي سگھي جنهن کي مونسان رهڻ ۾ ڪو اعتراض نه هُجي. مون پنهنجي دماغ تي زور ڏنو ۽ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙي ڪهڙي ڇوڪري مونسان رهڻ لاءِ راضي ٿي سگھي ٿي. ڪيترو به سوچڻ کان پوءِ به ڪنهن ڇوڪريءَ سان گڏ رهڻ جو ته پري، مان اهو به ياد نه ڪري سگھيس ته مان ڪو ڪنهن ڇوڪريءَ کي چڱي طرح سڃاڻندو به هوس. اصل ۾ ڪاليج ۾ ‘شي مئن’ جي نالي پوڻ کان پوءِ مان ڇوڪرين جي پاڇي کان به دوُر ڀڄندو هوس. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري منهنجن سڃاڻپ وارن ۾ نه هئي ته پوءِ ڪهڙي اڻڄاڻ ڇوڪري مون سان ائين رهڻ لاءِ تيار ٿيندي ۽ ڪهڙا مائٽ پنهنجيءَ ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي هڪ اڻڄاڻ ڇوڪري سان ائين رَهائڻ لاءِ تيار ٿيندا. مان اڃان اهوئي سوچي رهيو هوس ته ماستر صاحب وري چوڻ شروع ڪيو، ”پُٽ، چَوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق ٿيندو آهي. چوڻ ۾ ته چئي ويس ته توسان جيڪڏهن ڪا ڇوڪري رهڻ لاءِ تيار ٿئي ته تنهنجي پريشاني دوُر ٿي ويندي، پر هڪ ڪُنواري سان ڇو ڪا ڇوڪري بنا شاديءَ جي گڏ رهڻ لاءِ تيار ٿيندي. اسانجي سماج اڃان اولهه وارن مُلڪن کان ايترو به اڳتي نه وڌي آهي جو ائين بنا شادي ڪئي ڪنهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي. تنهن کان سواءِ ائين گڏ رهڻ کان پوءِ ان ڇوڪريءَ سان شاديءَ لاءِ ٻيو ڪيرُ تيار ٿيندو. جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري ائين ڪنهن سان گڏ رهي نٿي سگھي ته ڪنهن شادي شده جو ائين رهڻ جو ته سوال ئي نٿو اُٿي. ائين ته جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو به ائين ڪنهن ٻئي سان کليو کلايو رهندو ته سندس شاديءَ ۾ به رُڪاوٽون اچي سگھن ٿيون. انڪري ڪو ٻيو اُپاءُ سوچڻو پوندو.“
ماستر صاحب جي ڳالهه ٻُڌي سمجھه ۾ آيو ته جنهن اُپاءَ کي سڀ کان سَولو پئي ڀانيم اهو پاڻ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ۽ ناممڪن اُپاءُ هو. ماستر صاحب ته پنهنجي ڳالهين سان پهرين عرش تي چاڙهي وري آڻي فرش تي پٽڪيو هو. هاڻي ڇا ڪجي؟ اڃان اهو سوچي رهيو هوس ته ماستر صاحب چوڻ شروع ڪيو، ”هاڻي سوال ٿو اُٿي ته اهڙي حالت ۾ ڇا ڪجي. ها، هڪ رستو آهي. ڪنهن ڇوڪريءَ سان تنهنجي شادي جلد به جلد ڪرائي ڇڏجي. پر ان ۾ تنهنجي رضامنديءَ سان گڏ ان ڇوڪريءَ ۽ سندس مائٽن جي راضي ٿيڻ جي به ضرورت پوندي. جيڪڏهن تون ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ کي سُڃاڻندو هُجين ته ڳالهه ٺَـهي سگھي ٿي، نه ته اهڙي ڇوڪري ڳولهڻ، ان کي ساري ڳالهه سمجھائڻ، هنجو ۽ سندس مائٽن جو راضي ٿيڻ وغيره ڳالهين ۾ وقت لڳي ويندو سو جي تون ڪنهن ڇوڪريءَ کي سڃاڻندو هجين ته پوءِ ان سان ڳالهه چورجي.”
”سائين مان ته ڪنهن ڇوڪريءَ کي سڃاڻان ئي ڪونه . اڄ جيڪڏهن منهنجي مامِي هتي هجي ها ته شايد اها منهنجي مدد ڪري سگھي ها. پر ڇوڪرين جي باري ۾ مان بلڪل اڻڄاڻ ۽ نادان آهيان.”
”تنهنجي ان جواب اسانجي مسئلي کي پاڻ وڌيڪ منجھائي ڇڏيو آهي. مون ته سوچيو هو ته اڄ ڪلهه جي ڇوڪرن وانگر تون به ضرور ڪن ڇوڪرين کي سڃاڻندو هوندين ۽ ڪن سان گَـهرو به هوندين ته انهن مان ڪنهن هڪ سان ڳالهه ڪرڻ ۾ سَولائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري تيار ٿئي ته مندر ۾ ٻنهي جي شادي به ترت ڪرائي سگھجي ٿي. پر توُن ته عجيب ڇوڪرو ٿو ڏسجين. انڪري هاڻي ڇا ڪجي اهو سوچڻو پوندو.”
ائين چئي ماستر صاحب وري سوچ ۾ پئجي ويو. هوُ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجي ڌيءُ ڏانهن نهاري پوءِ مون ڏانهن نهاريائين. سندس چهري مان ائين ٿي نظر آيو ته کيس سمسيا جو ڪو اُپاءُ هٿ لڳو آهي. هن هڪ دفعو وري ڌيءُ ڏانهن نهاري، مونکي چيو، ”پٽ، تنهنجي پريشاني مٽائڻ جو رڳو هڪ اُپاءُ آهي، جيڪڏهن توُن هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار هجين ته مان کيس توسان گڏ رهڻ لاءِ موڪلي سگھندس. هينئر ئي هلي مندر ۾ ويدڪ ريتيءَ سان توهانجي شادي به ڪرائي سگھجي ٿي. انکان پوءِ توهان ٻئي گڏ رهي سگھو ٿا. هيءَ شادي رڳو انڪري ضروري آهي جيئن پوءِ نه تون ڦري سگھين ۽ نه تنهنجا مائٽ. باقي شاديءَ جون جيڪي ٻيون رسمون تو يا تنهنجن مائٽن چاهيون، اُهي پوءِ مان پوريون ڪندس. ڇا توکي اها ڳالهه منظور آهي؟”
ماستر صاحب جي ان راءِ کي ٻُڌي پهريون دفعو مون ان ڇوڪريءَ کي چتائي ڏٺو. هوءَ رنگ روپ ۾ بلڪل ٺيڪ هئي. روش به اهڙا هئس جو ڪنهن کي به موهي سگھي. مونکي پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏسي هوءَ اتان هٽي ويئي ان مان سمجھيم ته لڄ ۽ حيا واري به آهي. تڏهن هنجي آواز جي ياد پڻ آئي جيڪو در کولڻ وقت هن مونسان ڳالهايو هو. سچ پچ سريلو آواز هو. هينئر به اهو ڄڻ منهنجي ڪنن ۾ گونججي رهيو هو. مان ان ۾ اهڙو ته کوئجي ويو هوس جو جڏهن ماستر صاحب چوڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجو ڌيان ٽٽو. ماستر صاحب چئي رهيو هو- ”پٽ، ان ۾ ڪا زور زبردستي ڪانه آهي. جيڪڏهن توکي اها ڳالهه منظور نه هجي يا تون ائين سمجھين ته تنهنجن مائٽن کي ان تي اعتراض ٿيندو ته پوءِ اها ڳالهه اتي ئي رهڻ ڏي. مَنجوءَ جي شاديءَ جو سوال منهنجي سامهون پڻ آهي پر انجو مطلب اهو بنهه نه آهي ته مان زبردستيءَ کيس تنهنجي مٿان مڙهڻ ٿو چاهيان. تون منجوءَ جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻين به ڪونه ، انڪري رڳو صرف وشواس تي ئي توکي هن سان شاديءَ لاءِ تيار ٿيڻو پوندي. اهو هڪ تمام اَهم فيصلو آهي جيڪو توکي جلدبازيءَ ۾ نه ڪرڻ کپي. توکي جيڪڏهن پاڻ تي اهو پڪو وشواس هجي ته شاديءَ کان پوءِ مَنجوءَ سان تون هر حال ۾ گڏ گذاري سگھندين ته پوءِ ئي اهڙو فيصلو ڪج؛ نه ته ان ڳالهه کي اتي ئي رهڻ ڏي.“
”سائين، توهان جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ ۾ مونکي ڪوبه اعتراض ڪونهي. مان پنهنجي مامي ماميءَ کي سُڃاڻان هو منهنجي چوُنڊ جي آڏو نه ايندا. جيڪڏهن توهان وشواس رکي پنهنجي ڌيءُ جي شادي هڪ اڻڄاڻ سان ڪرڻ لاءِ تيار آهيو ته پوءِ مونکي به وشواس آهي ته ڀڳوان مون سان ڪو دوکو ڪونه ڪندو. هن وقت ته توهان مونکي بس انهن رهزنن کان بچايو. مان توهان جو عمر ڀر شڪر گذار رهندس.”
ماستر صاحب چوڻ شروع ڪيو، ”پٽ، شادي گُڏي گُڏيءَ جو کيل ڪونهي، انڪري سوچي سمجھي جواب ڏي. ائين نه ٿئي ته اڳتي هلي توکي پڇتائڻو پوي. تو ته رڳو ڇوڪريءَ کي ڏٺو آهي ان جي باري ۾ توکي ڪا ڄاڻ به نه آهي. انڪري منهنجي توکي صلاح آهي ته توکي يا تنهنجن مائٽن کي جيڪڏهن ڪا جاچ ڪرڻي هجي ته ڀل ڪريو. ائين به شاديءَ جهڙي گنڀير مسئلي ۾ جلدبازي نه ڪرڻ جُڳائي.“
”سائين، مُنهنجي سامهون جاچ ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪٿي آهي. جڏهن توهان منهنجي باري ۾ ڪا جاچ ڪرڻ ڪونه ٿا چاهيو ته پوءِ مونکي به انجي ڪا ضرورت نه آهي. تنهن کان سواءِ جاچ ڪرڻ ۾ ته ڪجھه وقت ضرور لڳندو، ڇا ايترو وقت هوُ غنڊا ترسندا؟ مان ته سمجھان ٿو ته جيڪڏهن کين اهو پتو لڳو ته مان شادي ڪرڻ جي تياري پيو ڪريان ته هو پاڻ غصي ۾ اچي ڪو تڪڙو قدم نه کڻن. ڪٿي ائين ته نه آهي ته توهانکي منهنجي باري ۾ جاچ ڪرڻ لاءِ وقت گھرجي؟ چوندا آهن ته جوڙا ته ڀڳوان طئه ڪندو آهي ۽ شاديون هت ڌرتيءَ تي ٿينديون آهن. سو ڀڳوان تي پورو وشواس رکي مان هينئر ئي شاديءَ لاءِ تيار آهيان. مونکي ڪا جاچ ڪرڻي نه آهي.“
ماستر صاحب ڪجھه دير سوچڻ کان پوءِ چوڻ شروع ڪيو، ”پٽ، اُٻهرو نه ٿيءُ. شانت چت سان سوچ. ڇوڪرن لاءِ ڇوڪريون گھڻيون. سو جي شاديءَ کان پوءِ مَنجوءَ جي باري ۾ ڪن اڻ وڻندڙ ڳالهين جي توکي سِڌ پوي ته پوءِ نه تنهنجي زندگي سُکي رهندي ۽ نه هن جي. سو مان سوچيان ٿو ته اهو به طريقو ٺيڪ نه رهندو. اَسانکي تنهنجي پريشانيءَ جو ڪو ٻيو حل ڳولهڻو پوندو.”
مون هڪدم چوڻ شروع ڪيو، ”سائين، توهان ته مونکي مٿي چاڙهي وري آڻي ٿا پٽ تي ڪيرايو. هو رهزن ته مونکي الائي ڪنهن سان ڦاسائيندا. الائي اها ڪاڻي هوندي يا انڌي، لوُليِ هوندي يا لنگڙي، ڪاري هوندي يا ڪوجھي. مان ان ڇوڪريءَ جو تصور به نٿو ڪري سگھان. توهانجي ڌيءُ کي ته مون ڏٺو آهي. باقي اڳتي جيڪي قسمت ۾ هوندو. هونءَ به ڏسڻ وائسڻ کان پوءِ به ته دوکو ٿي سگھندو آهي، سو توهان دير نه ڪريو. ڪنهن ٻانڀڻ کي گھُرائي جلد اسانجي شادي ڪرايو نه ته منهنجو هتان ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي. هو رهزن ٻاهر الائي ڪٿي لڪا ويٺا هوندا.“
اِهو ٻُڌي ماستر صاحب چيو، ”پُـٽ، جيڪڏهن اهڙي نموني مون توسان پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڪئي ته دُنيا ڇا چوندي ! ... يا ته ائين چوندي ته مون تنهنجي مجبوريءَ جو اجوڳ فائدو ورتو يا توکي ڦاسائي پنهنجي ڌيءُ کي تنهنجي گلي مڙهيم. دُنيا ائين به چئي سگھي ٿي ته مونکي پنهنجي ڌيءُ پياري نه هئي جو ائين بنا پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جي سندس شادي لڪائي ڪيم. سو پٽ، اُٻهرو ٿيڻ مان ڪو فائدو نه رَسندو. جيڪڏهن اڳتي هلي دُنيا اهڙيون ڳالهيون ڪري ته پوءِ تون ڇا ڪري سگھندين ؟“
مُنهنجي سامهون ته انهن ٻن رهزنن جا اڻ ڏٺل چهرا گھمي رهيا هئا. هنن کان بچڻ خاطر مان ڪجھه به ڪرڻ لاءِ تيار هوس. سو مون بنا ڪجھه سوچڻ جي جواب ڏنو، ”سائين، مونکي ڪنهن جي به پرواهه نه آهي. مان سڄي دنيا سان لڙي سگھان ٿو. جيڪڏهن ڪا ضرورت پيئي ته مان پنهنجن مائٽن کي به ڇڏي سگھان ٿو. بس، هن وقت مونکي هنن رهزنن کان بچايو.“
منهنجو جواب ٻُڌي ماستر صاحب جي منهن تي مُرڪ ڏسڻ ۾ آئي ۽ چيائين، ”پٽ، جي تون ساري دنيا سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهين ته پوءِ چئبو ته تون هڪ بهادر انسان آهين. پوءِ ڇو نٿو تون ٻاهر نڪري انهن ٻن غنڊن جو مُـقابلو ڪرين. در اَصل مَنجوءَ يا ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ سان تنهنجي شادي ڪرائڻ جو خيال مُنهن جي مَنَ ۾ ڪڏهن هو ئي ڪونه . موُن ته بس تنهنجي لڪل غيرت ۽ مردانگيءَ کي جاڳائڻ لاءِ اهو ناٽڪ پئي ڪيو. ان طرح ٻن اڻڄاڻ انسانن کي ائين لڪائي نه ڪو شاديءَ جي ٻنڌن ۾ ٻَڌي سگھندو ۽ نه ئي شاديون ان نموني ٿينديون آهن. هاڻي جڏهن تنهنجي غيرت ۽ مردانگي جاڳي آهي ۽ تون هڪ اڻڄاڻ ڇوڪريءَ خاطر سڄي دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهين ته پوءِ مڙس ٿي انهن غنڊن جو مقابلو ڪر. جيڪڏهن تنهنجي مرضي شادي ڪرڻ جي نه آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت ائين ڪري نٿي سگھي. قانون پڻ اهڙي شاديءَ کي مڃتا نه ڏيندو. تون بالغ آهين ۽ پنهنجي حقن جي رکيا توکي پاڻ ڪرڻي آهي. وَڃُ، وڃي انهن غنڊن جو مُـقابلو ڪر. منهنجي آسيس تو ساڻُ آهي.”
ماستر صاحب جا اهي لفظ ٻُڌي منهنجو ڪنڌ شرم کان هيٺ جھُڪي ويو. سچ پچ منهنجي مردانگي هيل تائين الائي ڪيڏانهن ويئي هئي. مون ان طرف نهاريو جنهن طرف مَنجو ويئي هئي. صاف ته ڪجھه نٿي نظر آيو، پر ائين ڀانيم ته اوندهه ۾ مَنجو بيٺي هئي. هن اسانجون ڳالهيون ٻُڌيون يا ته اهو ته پتو ته آهي پر جيڪڏهن هن سڀ ڳالهيون ٻڌيون هوُنديوُن ته منهنجي لاءِ ڇا سوچيندي هوندي؟ اهو خيال ئي منهنجي من کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. هڪ دفعو مون وري ماستر صاحب ڏانهن نهاريو. هو اڃان به مُرڪي رهيو هو. مان بنا ڪجھه چوڻ جي گھر کان ٻاهر نڪري آيس ۽ سِڌو پنهنجي گھر طرف روانو ٿيس. نڪو رستي تي اهي اجنبي ڏسڻ ۾ آيا ۽ نه ڪوئي گھر وٽ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. گھر اچي ڪپڙا لاهي سُمهي پيس. سُمهڻ سان ئي گَـهري ننڊ اچي ويئي.
ٻئي ڏينهن صبوح جو اُٿيس ته من بلڪل شانت هو ۽ دل ۾ هڪ اٽل اِرادو ته اڄ جيڪڏهن اهي اجنبي اگر ڏسڻ ۾ به آيا ته اڳتي وڌي انهن سان مقابلو ڪندس. اڃان برش ئي ڪري رهيو هوس ته ٻاهران ڪنهن مونکي آواز ڏنو. در کولي ڏٺم، گانگٽ جيان مڇن وارو ٿُـلهو ماڻهو ٻاهر بيٺو هو. پر هي اهو نه هو جيڪو موُن سئنيما ۾ ڏٺو هو. هوُ اڃان ڪجھه چوي ان کان اڳ مون رعب سان چيو، ”چئو، ڇا آهي ؟ مان ئي هيمن آهيان.“
”مسٽر هيمن، مان توهان سان پوين ٽِن ڏينهن کان ملڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان پر توهان سان ملڻ نه پئي ٿيو. خير، اصل ڳالهه تي اچان، هيءَ چٺي ۽ هڪ امانت توهانکي ڏيڻي هُئي. توهان چٺي پڙهو توهان کي سڀ سمجھه ۾ اچي ويندو.“
ائين چئي مون ڏانهن هن هڪ لفافو وڌايو. مون اهو لفافو وٺي کولي ان ۾ رکيل چٺي پڙهڻ شروع ڪئي. جڏهن اها پڙهي پوري ڪيم ته ان اجنبيءَ چيو. ”مسٽر هيمن، هاڻي توهان سمجھي سگھو ٿا ته مونکي توهان سان روُبرو ملڻ ڪيترو نه ضروري هو. هن شهر ۾ منهنجو هڪ دوست آهي. پهرين ڏينهن ان سان گڏ گھر ڳوليندو هِتي آيو هوس. توهان نه مليا انڪري ٻئي ڏينهن توهانجي آفيس آيس پر توهان اڃان اُتي نه پهتا هُئا. مونکي جيئن ته پنهنجا ڪجھه ضروري ڪم هئا انڪري اتي نه رڪيس. ڪالهه ٿوري فرصت ملي ته آيس پر توهانجي پاسي واريءَ داديءَ ٻڌايو ته توهان اڃان آيا ڪونه هئا، انڪري مان کيس چئي ويو هوس ته توهانکي اڄ صبوح جو منهنجو انتظار ڪرڻ لاءِ چوي، هن ضرور توهان کي ٻڌايو هوندو. مونکي اڄ شام جو هتان هليو وڃڻو آهي انڪري انکان اڳ توهان سان روُبرو ملڻ ضروري هو. هيءَ اَمانت توهان کي هٿن ۾ ڏيڻي هُئي، ڪنهن ٻئي کي اها نه پئي ڏيئي سگھيس.“
ائين چئي ان اجنبيءَ بئگ کولي نوٽن جو هڪ بنڊل ڪڍي منهنجي هٿن ۾ ڏيندي چيو، ”مسٽر هيمن، مهرباني ڪري پئسا ڳڻي وٺو. پورا ڏهه هزار اٿو ۽ جي توهانکي اعتراض نه هجي ته پئسن جي رسيد لکي ڏيندا. انهن پئسن جي پهچ پنهنجي مامي کي پڻ جلد ڏيندا ڇاڪاڻ ته مان اڃان ڪجھه ڏينهن ٻين شهرن ۾ رهندس.“
مون چٺي کولي پڙهڻ شروع ڪئي،
”پٽ هيمن،
چٺي تنهنجي ملي ، پڙهي حال احوال معلوم ٿيو. پٽ مون توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته تون پنهنجي پگھار پاڻ وٽ رکندو ڪر. اسان ڏانهن اها موڪلڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. پر تون هر مهيني پنهنجي خرچ جا پئسا پاڻ وٽ رکي باقي پگھار اسان ڏانهن موڪليندو رهيو آهين. جيڪڏهن تون اسان جي ڳالهه مڃين ها ته هيءَ حالت نه بڻجي ها. تو لکيو آهي ته توکي آفيس اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي جنهن ڪري تو اسڪوٽر وٺڻ جو سوچيو آهي ان لاءِ توُن آفيس مان قرض وٺڻ ٿو چاهين ۽ قرض جي قسط ڪٽجڻ ڪري اسانکي موڪليندڙ پئسن ۾ ڪجھه ڪمي ٿيندي. پهرين ڳالهه ته توکي اهو ڪڏهن به سوچڻ نه کپي ته اسانکي وڌ يا گھٽ پئسا ڏيڻ تو لاءِ ضروري آهي. تنهن کان سواءِ تون جيڪي پئسا اسان کي موڪليندو رهيو آهين انهن کي اسان ڪڏهن به هٿ نه لڳايو آهي. اهي بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندا ويندا آهيون. انهن مان هي ڏهه هزار ڪڍائي توکي موڪلي رهيو آهيان. توکي آفيس مان نه قرض وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي اڳتي اسان ڏانهن پئسا موڪلڻ جو ڪو اونو. توکي جيڪڏهن ٻين پئسن جي ضرورت هجي ته هڪدم لکج ته مان بئنڪ مان ڪڍائي موڪليندس ڇو ته اڳ پوءِ اسانجي پوري ملڪيت جو تون ئي مالڪ آهين. هڪ دوست جي ڀاءُ جي هٿ توکي پئسا موڪلي رهيو آهيان. جيئن ته هو توکي ڪونه سُڃاڻي انڪري تون پئسن جي رسيد ان کي ڏيڻ سان گڏ مونکي به پهچ ڏج.
ٻيو، تنهنجي مامِي روز- روز منهنجو مَـٿو کائي رهي آهي ته مونکي تنهنجي شاديءَ جو ڪو فڪر ڪونهي ۽ شايد مان توکي پنهنجو پٽ ڪري نٿو ليکيان. تنهنجي ماميءَ جي مرضي آهي ته تنهنجي شاديءَ ۾ هاڻي گھڻي دير نه وجھڻ کپي. هوءَ چاهي ٿي ته تنهنجي ماءُ کي ڏنل وچن پنهنجي زندگيءَ ۾ پورو ٿيندو ڏسي. مان هردم توسان شامل راءِ ٿيندس، پر منهنجي به اها اڇا ضرور آهي ته مان به تنهنجن ٻارن کي اکين سان ڏسي پوءِ ئي هميشهه لاءِ اکيون پوُريان، جيئن پنهنجي ڀيڻ کي مٿي وڃي تنهنجن ٻارن جي باري ۾ ٻُڌائي سگھان. سو تون ڀل سوچي جواب ڏج. جيڪڏهن تون ڪنهن خاص ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ چاهيندو هُجين ته به اسانکي ڪو اعتراض نه آهي. اسان ته پنهنجي نوُنهن جو مُنهن ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. پر جيڪڏهن توکي ڪو اعتراض هجي تو پوءِ منهنجو توسان پورو ساٿ رهندو.“
مون هڪ دفعو وري ان گانگٽ جيان مُڇن واري اجنبيءَ ڏانهن نهاريو جيڪو مونکان رسيد ملڻ جي اميد ۾ اُتي بيٺو هو. هينئر مونکي پنهنجي بيوقوفي سمجھڻ ۾ دير نه لڳي. رڳو ٻن ماڻهن جي رنگ روپ جي مٿاڇري ڄاڻ حاصل ڪري مون پنهنجي من ۾ هڪ اجايو شڪ پئدا ڪيو هو ۽ انڪري دنيا جي هر ٿُلهي ۽ سَنهي ماڻهوءَ مان مونکي ڊپ لڳو هو. اصل ۾ ان ڊپ جو آڌار مُنهنجي من ۾ جاڳيل شڪ ۽ بدگماني هئي.
ائين ته منهنجي ان شڪ ۽ ڊپ جي اها آکاڻي اُتي ئي ختم ٿي ويئي هئي ۽ وڌيڪ ٻُڌائڻ اجايو آهي. پر مون ته توهانکي شروع ۾ ئي ٻڌايو ته زندگيءَ جي سفر ۾ مونکي الڳ- الڳ نالا ۽ تخلص ڏنا ويا ويا آهن- راجا، ڍولڻ، هي- منٺار، شي- مئن ۽ بابيِ. انهن باري ۾ ته مون توهانکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو آهي. پر ان ۾ ڪا اڃان ڪمي رهيل هئي. جڏهن منهنجن دوستن کي منهنجي زندگيءَ جي انهن ٻن ٽن ڏينهن جي خبر پيئي ته هنن مونکي چوڻ شروع ڪيو، ”مڄو“. هاڻي توهان ضرور سوچيندا ته هنن اهو نالو مون لاءِ ڪيئن سوچيو. جيڪڏهن توهان پنهنجي دماغ تي زور ڏيندا ته توهان کي سڀ ڪجھه سمجھه ۾ اچي ويندو. پر شايد توهانکي دماغ نالي واري شيءِ ڀڳوان ڏني ئي ڪانه آهي ! ڇاڪاڻ ته اهڙي خسيس ڳالهه به توهانکي سمجھه ۾ نٿي اچي. خير، مان ئي ٿو توهاکي ٻُڌايان، ان حادثي کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ مان سچ پچ هڪ مڪڙيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي ويو هوس. ان مڪڙيءَ جو نالو هو مَنجو.*