ڪھاڻيون

بدلي جيِ باهه

هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
Title Cover of book بدلي جيِ باهه

ونش خطري ۾

ننڍپڻ ۾ هڪ بيت پڙهيو هو ”ٻارو اچي ملو هڪ ماڳ، ڳايون چَئِن مُندُن جو راڳ.“ اڄ ان طرز ۾ مونکي ڳائڻ تي دل ٿي رهي آهي- ”يارو اچي ٻُڌو هڪ ڳالهه، خطري ۾ آهي ڇاڱي جو وَنشُ.“ توهان ضرور چوندا ته اها نه آهي ڪا شاعري ۽ نه ڪا تُڪ-بَندي. توهان جو چوڻ سورهن آنا يا سؤ پئسا سچ آهي. پر ڪهڙي اُلوُءَ توهانکي چيو ته مون ڪو شاعر چوائڻ خاطر اِهي فقره ويهي جوڙيا آهن. هن سنسار ۾ شاعرن جي ڪا ڪمي ٿي ويئي آهي جو مان شاعرن جي قطار ۾ بيهڻ جي گستاخي ڪندس ! جيڪڏهن سچ پچ مان شاعر هُجان به ها، ته ڇا رُڳو ڇاڱي جي ونش جو وشيه ئي شاعري ڪرڻ خاطر بچيو هو. مان نڪو شاعر آهيان ۽ نه ئي شاعر ٿيڻ جو ڀوُت مون تي چڙهيل آهي. مان ته هڪ انسان آهيان. هڪ رواجي انسان جنهن ۾ هڪ انسان جا سڀ جذباتَ مؤجود آهن. جيڪڏهن جذبات ۾ اچي مون ڪجھه چيو ته ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته مان شاعر ٿي ويس. اصل ۾ توهان کي ته ڳالهه کي ڳاٽي کان پڪڙڻ گھرجي يعنيٰ اهو پڇڻ گھرجي ته اهو ڇاڱو ڪيرُ آهي ۽ هن جو ونش ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني خطري ۾ پيو آهي. توهان پڇو يا نه پڇو پر مان توهانکي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته ان ۾ ڪو سَسپينس (suspense) آهي ئي ڪونه . ڇاڱو يعنيٰ مان پاڻ، خود، پنڊ ۽ منهنجو ونش انڪري خطري ۾ آهي ڇاڪاڻ ته ڀڳوان کي شايد منهنجي شاديءَ جي ڳالهه سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي ويئي هئي. توهان پڇو، ان کان اَوَل ئي مان ان ڳالهه جو خلاصو ڪري ڇڏيان ته ڇاڱو منهنجو اصل نالو نه آهي. اهو نالو ته مونکي مرحوم ڏاڏيءَ پيار وچان ڏنو هو. ان نالي جو به هڪ داستان آهي جيڪو اڳتي هلي توهانکي ٻڌائيندس. هن وقت توهان لاءِ رڳو ايترو سمجھڻ ضروري آهي ته مان يعنيٰ ڇاڱو ڪيتريون ڪوششون ڪرڻ کان پوءِ به اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪامياب ويو آهيان ته ڀڳوان هر آدم لاءِ هڪ عدد بيويءَ جو بندوبست سرڳ ۾ ويهي ڪندو آهي پر منهنجي باري ۾ ڀڳوان يا ته ان وقت اها رٿا رٿڻ ڀُلجي ويو يا بنا ڪنهن کي چارج ڏيڻ جي وڏي موڪل تي هليو ويو هو. خيَر، منهنجي شادي نه ٿيندي ڏسي ماڻهن ته ايتري قدر چوڻ شروع ڪيو آهي ته ضرور مون ۾ ئي ڪا گھٽتائي هوندي، ڪا اوُڻائي هوندي. هاڻي هنن کي ڪير سمجھائي ته منهنجي ڪا گھٽتائي نه پر منهنجي وڏتائي ئي منهنجي شادي نه ٿيڻ جو باعث بڻي آهي.جيئن تاڙي ٻِن هٿن سان وڄي سگھندي آهي، اهڙي طرح شاديءَ لاءِ پڻ ٻن جنسن يعنيٰ جنس مونث ۽ جنس مُذڪر جي هئڻ جي ضرورت پوندي آهي. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجي شادي نٿي ٿئي ته ان ۾ مون اڪيلي جو ڪهڙو ڏوهه ! تنهنکان سواءِ ڇهن ڀينرن کان پوءِ جنم وٺڻ لاءِ به ڇا مان ذميوار آهيان. ان وقت فئملي پلاننگ ته هُئي ڪانه. تنهن کان سواءِ پنهنجي ونش هلائڻ جي چڪر ۾ جيڪڏهن بابي هڪ ٻئي پُٺيان ڇهن ڇوڪرين کي جنم ڏنو ته مان ڇا پئي ڪري سگھيس. مون ته ان وقت اَڃان جنم ئي ڪونه ورتو هو. ڇهن ڌيئرن کان پوءِ مونکي پائي بابي اهڙيون ته خوشيون ملهايون ڄڻ ڪو قاروُنَ جو خزانو مليو هوس. اُن وقت کيس ڪهڙو پتو ته سندس ونش، سندس سان نه، ته سندس پٽ سان ته ختم ٿيڻ وارو ئي آهي. منهنجي جنم کان پوءِ مونکي ڏسندي ئي ڏاڏيِ اَمڙ جي وات مان رَڙِ نڪري ويئي هُئي- ”اڙي هي ته ڇاڱو آهي.“ توهان ضرور ان جو ڪارڻ ڄاڻڻ چاهيندا ته ڏاڏيِ اَمڙ مونکي ڏسندي ئي ڪيئن سُڃاتو. ان ۾ راز جي ڪا ڳالهه ڪانهي. منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇهه آڱريوُن ڏسي ئي ڏاڏيِ اَمڙ مونکي ڇاڱو چيو هو. بس ان کان پوءِ امڙ مونکي ڇاڱو ئي چوڻ شروع ڪيو چاهي ٻانڀڻَ ڇٺي ڏسي هزارين ٻيا نالا سجھايا هُئا. اسڪول ۾ ته بابي ڇٺيءَ وارو نالو لکايو پر ڇاڱو نالو اَهڙو چُـهٽيو جيئن ماکيءَ ۾ مک. مٽن مائٽن ته ڪڏهن به ڇاڱي کانسواءِ ٻئي ڪنهن نالي سان ڪونه پُڪاريو پر دوستن يارن کي به ان نالي جي ڄاڻ پيئي ته هنن پڻ ان نالي سان پُڪارڻ شروع ڪيو. هڪ شرارتي دوست، جيڪو ‘ڇ’ کي ‘ش’ چوندو هو تنهن ته چوڻ شروع ڪيو، ”شاڱي کي شهه ڀينر، شهه ئي ويون شيڻن تي، شو شانڱا شوٿو شيڙين شوريُن کي.“ هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته شا- معاف ڪندا، ‘ڇا’، اهڙو نالو ڪنهن کان شُٽندو؟ sorry ، ڇُٽندو؟ هاڻي ته توهان سمجھي ويا هوندا ته اها هڪ وڌيڪ آڱر ۽ اهو وڌيڪ پيار ڀريو نالو ئي منهنجي شاديءَ جي راهه ۾ هماليه پربت وانگر اچي بيٺو آهي، جنهن کي پار ڪرڻ منهنجي لاءِ مشڪل ته پر ناممڪن آهي .
ان کان اڳ توهان جي ذهن ۾ اهو فطور ويهجي وڃي ته منهنجي ان آڱر ۽ نالي جي ڪري منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي شايد ختم ٿي ويون هونديون، مان توهان جو ڀرم مٽائڻ لاءِ رڳو ايترو ٻُڌائڻ ٺيڪ ٿو سمجھان ته هڪ ساڌارڻ ڪنواري ڇوڪري وانگر اَرڙهن سالن لڳندي- لڳندي منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون به شروع ٿي ويون هيون. غم ته رڳو ايترو آهي ته ويڏيءَ تائين پهچندي- پهچندي اُهي اهڙي نموني غاعب ٿي وَيوُن هيون جيئن سمنڊ ۾ لهرون. پوين سترهن سالن ۾ اهڙيون ڳالهيون رَواجي طور وقت به وقت وري به اُٿنديون رهيون آهن، اڳتي وڌيون به آهن پر ڪڏهن به ٻانڀڻ جي منترن ۽ اگنيءَ جي ڦيرن سان ختم ٿيڻ جي اسٽيج تائين نه پهتيون آهن. توهان شايد منهنجي ڳالهه تي وشواس نه ڪندا، پر ڪورٽ وانگر مان هتي پڻ قسم کڻي چئي سگھان ٿو ته اهو سڀ سچ آهي، اٽل سچ آهي ۽ سچ کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ته آهي. توهانکي وشواس ڏيارڻ خاطر پنهنجي جيونَ جي شاديءَ جي بابَ مان رُڳو ڪجھه نموُنا توهان جي سامهون رکڻ جي اجازت گھرندس. سڀ کان پهريائين منهنجي سڀ کان وڏي ڀيڻَ سندس ڏيروٽِ لاءِ منهنجي شاديءَ جي ڳالهه چوري. منهنجي بدقسمتيءَ سان ساڳي وقت سڀ کان ننڍي ڀيڻ به پنهنجي نڻان جي آڇ بابي کي ڪئي. ان ڳالهه تي ٻنهي ڀينرن جي وچ ۾ اهڙو ته جھڳڙو ٿيو جهڙو ايران ۽ عراق جي وچ ۾ به نه ٿيو هوندو. ٻنهي هڪ ٻئي جون چوٽيون ته ڪين پٽيون پر هڪ ٻئي جا اتر- پتر ضرور مَئي رکيائون. آخر ۾ بابي وچ ۾ پئي صلح ڪرائيندي فيصلو ڏنو ته منهنجي شادي ٻنهي مان ڪنهن سان به نه ٿيندي. بابي جي ان فيصلي نه رڳو ٻنهي ڀينرن کي پر سڀني ڀينرن کي اهڙو ته ناراض ڪري ڇڏيو جو هاڻي ڪا به ڀيڻ منهنجي شاديءَ ۾ هٿ وجھڻ لاءِ ته تيار ناهي، الٽو جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڳالهه ٺهڻ واري هوندي به آهي تي انکي بگاڙينديون ضرور آهن. ڪاش ! بابو جيڪڏهن ڪو ٻيو فيصلو ڪري ها، ته نه رڳو اڄ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ پيار قائم رهي ها پر هن ڇاڱي جو ونش به قائم هجي ها. بابو جيڪڏهن ٻنهي سان به هڪ مهل شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ها ته وڌ ۾ وڌ ڇا ٿئي ها! ٻن شادين ڪرڻ جي ڏوهه ڪري مونتي مُقدمو هلي ها، سزا ملي ها ۽ قيد ڀوڳڻو پوي ها، پر گھٽ ۾ گھٽ هيئن شادي نه ٿيڻ جا روئڻا ته نه روئڻا پون ها. سزا ڀوڳي جڏهن واپس موٽان ها ته ٻه عدد پتنيون سواگت لاءِ حاضر هُجن ها، پوءِ قيد جا دک ڪنهن کي ياد رهن ها. پر چوندا آهن ته ‘وناش ڪالي وپريت ٻُڌي’- سو جڏهن منهنجي ونش جو وِناش ئي ٿيڻو هو ته بابي جي ٻُڌي وري ڪيئن پئي ٺيڪ رهي سگھي. خيَر، ان کان پوءِ ٻيون به ڪيترون آڇوُن آيون پر نتيجو هميشهه اُهو ، ڌرتيءَ وانگر گول. ڪملا سان ڪورٽشِپ ڪيم پر اهو شِپ ڪِناري تي پهچڻ کان اڳ ئي وڌيڪ آڪڙ جي ڪري ٻڏي ويو. پشپا کي پنجاهه کن پريم پتر لکيم ۽ جواب پڻ مليو، درخواست نامنظور. راڌا کي ريجھائڻ ۽ بينا کي به لائڻ جا جتن ڪيم پر ٻئي مونکي اُلوُ بڻائي ٻين سان شادي ڪري هليون ويون. هيميءَ نالو ٻُڌي هَٿُ رکڻ نه ڏنو. مينا ته مڱڻي جي مُنڊي پڻ قبول ڪئي پر ٻئي ڏينهن ٻُڌايائين ته ڍِلي هُئڻ ڪري اُها مُنڊي ئي ڪٿي ڪِري پيئي. چيومانس، ”پرواهه نه ڪر، هن دفعي اهڙي ته سوڙهي پائيندوسانءِ جو آڱر ڪٽائڻ کان پوءِ به مُنڊي ٻاهر نه نِڪرندي.” جواب ڏنائين، ”دُشينتَ جي مُنڊي به ڪِري پيئي هُئي ۽ اِن ڪري شڪُنتلا کي ڀُلجي ويو هو ۽ سندن ميل تڏهن ئي ٿيو جڏهن اُها مُنڊي کين واپس ملي هئي. سو مينا پڻ ضد تي چڙهي ته شادي ڪرڻ کان اڳه کيس اُها مُنڊي کپي. مينا کي هاڻي ڪير سمجھائي ته ان زماني جي دُشينتَ جي مُنڊي هڪ مڇي يعنيٰ مينَ کان ته واپس ملي ٿي سَگھي پر هن زماني ۾ مينا جي مُنڊي ڪنهن دُشينت کان واپس ملڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. هڪ ٻي به ڇوڪريءَ جي آڇَ آئي، نالو هوس سڀاڳي. مون سوچيو ته ضرور مون لاءِ سڀاڳي ٿيندي انڪري بنا ڏسڻ جي ها ڪيم. پر وچ واري چيو ته ڇوڪري ڏسي فيصلو ڪريان. چيومانس ته سندس ڏٺل آهي ته پوءِ مونکي ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت. چيائين ته پسند اَپني اَپني، خيال اَپنا- اَپنا! آخر مَنُ ماري ڇوڪري ڏِسڻ لاءِ ها ڪيم. ڇوڪري ڏٺم، ڇوڪري ڇا هئي جنسي ڪا ڪنگڪانگ هُئي- ڊيگھه ڇهن فوٽن کان چار اِنچ گھٽ ۽ بدن پنجاهه سالن جي پپر جي وڻ جي ٿڙ کان به ويڪرو. ‘مرتا ڪيا ته ڪرتا’ سو ان لاءِ به هڪدم ها ڪيم. جيتري جلدي مون ها ڪرڻ ۾ ڪئي اوترو جلد هن به پنهنجو فيصلو ٻڌايو. چيائين، ”هن ببلوءَ سان ڪير شادي ڪندو؟” ڪاري ڪرشنا، بنا روپ جي روپا ۽ اڻ پڙهيل وديا کي اعتراض هو منهنجي ان ڇَـهيِن آڱر تي، ته مُنجھيل مايا، بندي بِملا ۽ روئڻي ريکا کي اَمڙ جو ڏنل پيار ڀريو نالو پسند نه پيو. چيومانِ ته مان اها آڱر ڪٽائڻ ۽ نالي بدلائڻ لاءِ تيار آهيان نه جواب مليو پر جيڪو هڪ ڇوڪريءَ خاطر ڀڳوان جي ڏنل آڱر ۽ پيار جي نالي کي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي ته اُهو ته ڪجھه به ڪري سگھي ٿو، پنهنجي پتني به ڇڏي سگھي ٿو. هاڻي انهن کي ڪير سمجھائي ته هتي سوال رُڳو هڪ ڇوڪريءَ يا پتنيءَ جو ڪونهي. سوال آهي وَنشَ جو ۽ وَنشَ ملي سگھندو آهي هڪ عدد پتنيءَ جي سهاري. سو، ان کي ڪيئن ۽ ڇو ڇڏيندس. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جڏهن سترهن سالن کان هلندڙ اهي ڪوششون به ڪامياب نه ويون آهن ته اڳتي هلي ڪُجھه ٿيندو ان جي ڪهڙي خاطري ! هاڻي ته توهان کي وشواس ٿي ويو هوندو ته سچ پچ ڇاڱي جو ونش هن وقت خطري ۾ آهي ان کي بچائڻ لاءِ ڀڳوان کي ئي يارهون اَوتار وٺڻو پوندو. پر جيستائين ڀڳوان اَوتار وٺڻ جي سوچي تيسيتائين ته مان ٻُڍو ٿي ويندس. پوءِ ته ڪا ٻُڍي به شاديءَ لاءِ تيار نه ٿيندي. سو يارو توهان ئي ٻڌايو ته ڇاڱي جي ونش کي بچائڻ جو ڪو طريقو توهانکي سُجھي؟ سو سڀ ڪم ڇڏي جُنبي وڃو ترڪيب ڳولهڻ ۾ ۽ جڏهن ڪو اُپاءُ مليوَ ته بنا ڪنهن جھِجھَڪ جي مونکي ٻُڌائجو. مان توهان جي ڪهڙي به صلاح مڃڻ لاءِ تيار آهيان.
........
ترسو، مونکي به هڪ ترڪيب سُجھي آئي آهي، جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض نه هُجي ته مان ڪنهن کي گود وٺي پنهنجي ونش تي آيل خطري کي ٽاري سگھان ٿو. پر ڪنهن پنجين ڏهين سالن جي ٻار کي نه پر سٺ ستر سالن جي ٻڍي کي مان گود وٺڻ چاهيندس جنهن جا گھٽ ۾ گھٽ ويهه پنجويهه ڪمائوُ پُٽ پوٽا هُجن ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان گھٽ ۾ گھٽ ٽن پيڙهين تائين وَنشُ هلڻ جي ته خاطري ٿيندي. ڇا توهانکي اها راءِ پسند نه آهي؟ وڃو، وڃي پنهنجو ڪو ڪم ڪريو. توهانجي لاءِ به پرواهه ڪنهن کي آهي. جيڪڏهن توهان جي صلاح تي هليس ته هردم مونکي اهوئي ڳائڻو پوندو- ”يارو ٻُڌو اچي هڪ ڳالهه، ڇاڱي جو آهي ونش خطري ۾.“ *