شخصيتون ۽ خاڪا

ٿامس ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ٿامس ايڊيسن ننڍي ماڻهوءَ مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ هن هزارين ايجادون ڪيئن ڪيون؟ هن ڪهڙي عمر کان وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟ هن جون ايجادون ڇا آمريڪي ماڻهن تائين محدود هيون؟ هن پنهنجو نالو ڪيئن بيهاريو؟ هن پنهنجي ملڪ جو نالو ڪيئن روشن ڪيو؟ هن وٽ آخر ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي جنهن جي ذريعي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان پنهنجي زندگي جا رخ ڪيئن ٿو موڙي سگهي، ۽ ڪاڏي ٿو موڙي سگهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب هن ڪتاب ۾ موجود آهن.
Title Cover of book ٿامس  ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

پنهنجي پاران

هن کان اڳ ۾ سال 220ع ۾ البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا ترجمو ڪيو هو. جيڪو روزاني هلال پاڪستان جي ۾ صفحن جي زينت بڻيو هو. گنج بخش ڪتاب گهر وارن اهو ڪتاب ڇپرايو هو. ان کان علاوه بهادر شاهه ظفر جو ڪيس به سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو پڻ اسان جي دوست اياز جاني پنهنجي رسالي ”ساڻيهه “ ۾ ڇپيو هو. مطلب ته ترجمي جو ڪم ڪرڻ ۾ ماڻهو ڏاڍو سِکي ٿو. هڪڙي ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمي دوران لفظن جي شديد ضرورت پوندي آ. ان کوٽ کي محسوس ڪندي ماڻهو ڪيتريون ئي ڊڪشنريون پڻ کوليندو آ. ڪي ڪي لفظ ته ڊڪشنرين ۾ نه ملندا آهن. پر جديد ٽيڪنالاجي جي مدد وٺڻي پوندي آهي. گوگل انٽرنيٽ جي سرچ انجڻ ۾ اهو لفظ ڳولي سگهجي ٿو. مون وٽ ته هينئر منهنجي پنهنجي لائبريري ۾ 50 کان مٿي مختلف ٻولين ۾ ڊڪشنريون آهن. جن ۾ سنڌي، انگلش، اردو، فارسي، عربي ۽ قانوني لغتون اچي وڃن ٿيون. پر پوءِ به کوٽ محسوس ٿيندي آهي، ماڻهو ويچارو ڪيڏو نه اڻپورو، کٽل، آهي.
ڪتاب ٿامس ايڊيسن ايلوا جو ترجمو ڪري سرهائي محسوس ٿو ڪريان ته اهڙن ڪتابن جي اسان جي نوجوانن کي ضرورت آ، انهن جي تربيت، انهن جي رهنمائي ۾ دنيا جي وڏن وڏن سياستدانن ، سائنسدانن، جون سوانح عمرين جو وڏو ڪردار آ. اهي فقط سوانح عمريون تاريخ نه آهن پر انهن شخصتين جون گذاريل گهڙيون، لمحه، انهن جو ڪم اسان کي احساس ڏياري ٿو ته اسان به انهن جي زندگين تي نظر وجهي، انهن مان سبق پرائي ڪيئن اڳتي وڌي سگهون ٿا، ڪيئين پنهنجي قوم، ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪري سگهون ٿا.
ٿامس ايڊيسن ننڍي ماڻهو مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو. هن هزارين ايجادون ڪيئن ڪيون. هن ڪهڙي عمر کان وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن جون ايجادون ڇا آمريڪي ماڻهن تائين محدود هيون. هن پنهنجو نالو ڪيئن بيهاريو. هن پنهنجي ملڪ جو نالو ڪيئن روشن ڪيو. هن وٽ آخر ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي. جنهن جي ذريعي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان پنهنجي زندگي جا رخ ڪيئن ٿو موڙي سگهي، ۽ ڪاڏي ٿو موڙي سگهي.
ٿامس ايڊيسن جون هون ته ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ايجادون منظرعام تي آيون. انهن ۾ ٽيليگراف، فونوگراف، فلم، فوٽو گرافي، وغيره وغيره پر هن جي جنهن ايجاد دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، جنهن سڄي اوندهه دنيا کي روشن ڪري ڇڏيو ، اها هئي هن جي روشني جي ايجاد. هن بلب ايجاد ڪري دنيا کي انڌيرن کان ڇڪي ٻاهر ڪڍي، روشنين ۾ نروار ڪري ڇڏيو. اڄ اسان جي گهرن ۾ جيڪڏهن ڪو بلب ٻري رهيو آهي ، ۽ اسان جي گهرن ۾ روشني آهي ته اهو فقط ئي فقط ٿامس ايڊسن جي ڪاوشن ۽ محنتن جي ڪري.
هينئر اسان جي ڪمري ۾ بلب، سيور يا ڪا راڊ ٻري رهي آهي ۽ ان جي ڪري اسان جو ڪمرو، اسان جو گهر، اسان جي گهر جا ڪمرا، ورانڊا، ڪچن، ، واش روم، ڊرائنگ روم، ڊائننگ روم، ريسٽ روم ، گهٽيون، پاڙا، شهر، روشني سان جڳمڳائن ٿا. جهنگ ، برپٽ، ريگستان، جبل، ڪارونجهر، کيرٿر، گورک هل اسٽيشن، مري، مطلب ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ، هر جاءِ تي روشني ٿي ويئ آهي. ان لاءِ روشني زندگي آهي، ۽ زندگي وري روشني.
ٿامس ايڊيس جي روشني واري ايجاد ڪنهن به هڪ، ذات، قبيلي، قوم، فرد، ملڪ يا وري گوري، يا ڪاري لاءِ محدود نه هئي، نه ئي هن اهو چيو هو ته هي منهنجي ايجاد فقط منهنجي ملڪ آمريڪا جا ماڻهو ئي استعمال ڪري سگهن ٿا، پر هُن جي اها ايجاد سموري دنيا لاءِ، ۽ انسان ذات لاءِ آهي. غريب کان غريب جي گهر ۾ به بلب هوندو ته هن جي گهر کي روشن ڪري جرڪائيندو هوندو.
مون کي هڪڙي دوست چيو ته ، ايڏي محنت ڪري، ڪتاب ترجمو ڪيو اٿئي، ايڊيسن جي زندگي تي اهڙو ڪتاب آڻي تو کي ڇا ملندو، جڏهن ته تنهنجا پنهنجا ڪتاب، creative ڪم ٿيل آهي، مثال تنهنجون ڪهاڻيون، تنهنجا ڪالم، تنهنجو نثر، تنهنجي شاعري، تون اهي ڇو نه ٿو ڇپرائين؟“. مون کيس انتهائي ادب سان جواب ڏنو ته ، ”ٿامس ايڊيسن جي زندگي جيتري ڏکي گذري، هن جيڏا ڏک ڏٺا، هن جيڏي محنت ڪئي، ان جي زندگي کي پڙهندي پڙهندي جي هڪ نوجوان به ان جي زندگي کان متاثر ٿيو ۽ هن جي زندگي کي مشعل راهه بڻائي اڳتي وڌيو ته سمجهو ته منهنجو پورهيو سجايو ويو“.
هون به پنهنجو ڪم نوجوانن جي همت افزائي ڪرڻي آهي، ان لاءِ اسان جي سامهون اسان جي رهبرن، محسنن ، ڏاهن، اسڪالرن ، عالمن اديبن جون گهاريل زندگيون آهن. جن مان اسان کي حوصلو ملندو آهي، اسان جي همت افزائي ٿيندي آهي. ۽ اسان جي انهن جي ڏسيل راهن تي هلي پنهنجي زندگي سڦل ٻڻائيندا آهيون.

بلوچ صحبت علي