بجلي جي روشني جي گولڊن جوبلي
”مسٽر ايڊيسن“، فورڊ هن کي چيو، ”مان چاهيان ٿو توهان مون سان مينلو پارڪ هلو. توهان اتي هلي، جيڪو ڪجهه ان پارڪ جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيو ، ٻڌايو، ڇو ته هي اهو پارڪ آهي جتي توهان روشني جي ايجاد ڪري سڄي دنيا کي روشن ڪري وڌو هو“.
ٻئي دوست گڏجي مينلو پارڪ جي ڳاڙهي مٽي جي ٽڪر تي پهچي ويا. جيڪو ان وقت بلڪل اجڙي چڪو هو. ان ٽڪر جا ڦوٽو ڪڍيا ويا ۽ ان کي ماپيو ويو. جنهن جاءِ تي بجلي جي روشني جي ايجاد ٿي هئي، اتي هاڻي سواءِ ڍير جي ۽ ڪجهه بدرنگ سرن کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه هو. فوٽوگرافرن انهن سڀني ڍيرن جا فوٽو ڪڍيا. ماهر ڪاريگرن اصل عمارت جون چريون صاف ڪرڻ لاءِ اتان ڍير کي هٽائڻ شروع ڪيو. معمارن انهن پيڙهه کي ماپيو، ۽ انهن جا فوٽو ڪڍيا.
”ڏسو“، ايڊيسن چيو،”هي هڪ بولٽ هتي پيو آهي، جيڪو تجربيگاهه جي دريءَ ۾ لڳل هو“. هڪ ڪاريگر هڪدم جهڪيو ۽ اهو بولڊ کڻي ورتو.۽ وڏي احتياط سان هڪڙي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو. ٻين ماڻهن ان ڍير جي کوٽائي شروع ڪري ڇڏي. هر دفعي جيتري مٽي ڪوڏر ۾ اچي پئي، ان کي کوٽي چڱي طرح جانچيو وڃي پيو. ان مان شيشي يا وري تار جو ڪو ٽڪرو ، يا وري ڪنهن به اوزار جو ڪو ڀڳل ٽٽل حصو، جيڪو به انهن کي اتان هٿ پئي لڳو، ان کي سنڀالي رکيو پيو وڃي. انهن مڙني شين کي وڏي محنت سان، ان کي صاف و شفاف ڪري، چمڪائي، مظبوط پيتين ۾ حفاظت سان سنڀالي رکيو ويو. تلاش ڪرڻ وارن هڪ پراڻي وڻ جو بُنڊ به کوٽي ڪڍيو. ڪنهن دور ۾ هي وڻ تجربيگاهه جي دروازي تي لڳل هوندو هو. هن ٿڙ کي به هنن اتان کوٽي، حفاظت سان سنڀالي ورتو. انهن عمارتن ۽ انهن جي اندرئين سامان جي باري ۾، ايڊيسن جيڪو ڪجهه چيو، اهي لفظ به لفظ فورڊ جي ملازمن لکي ورتو.
خوش قسمتي سان، مينلو پارڪ جي پراڻي اصل عمارتن مان ٻه ڪمرا اڃان تائين پنهنجي صحيح حالت ۾ هيا. جنرل اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ پراڻي شيشي جي ڪارخاني کي ايڊيسن جي يادگار جي شڪل ڏيئي ڇڏي هُئي. هي عمارت پنهنجي سموري سامان سان گڏ فورڊ جي حوالي ڪئي وئي. ڪاريگر هن عمارت کي ٽڪرن جي صورت ۾ ڊاهي وڌو، بلڪل اهڙي ريت ته جيئن اها به نئين سري کان گرين فيلڊ ۾ تعمير ڪرائي وڃي. مسز ميلي جورڊن جو بورڊنگ هائوس اڃان تائين اتي موجود هو. ان کي ٽوڙي جهاز ذريعي مچيگن موڪليو ويو.
مينلو پارڪ جي مشهور تجربيگاهه ۾ ڪنهن دور ۾ ڪم آيل سامان جي ذري پرزي جي تلاش لاءِ، فورڊ اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا. انهن ماڻهن، تجربيگاهه جي پراڻي مين گيٽ ۾ لڳل، ڪجهه شيون ته وري حجم واري جي دڪان تان مليون. هن ڊکڻ جي دڪان تي هڪڙو ٻيو دروازو مليو، جيڪو ڪنهن دور ۾ مين گيٽ ۾ لڳل هوندو هو. ٻنين ۽ گهرن ۾ اهڙي قسم جو ڪاٺ لڳل هو،جيڪو ڪنهن دور ۾ هن تجربيگاهه جو حصو رهيو هو. فورڊ اهڙا گهر خريد ڪري ڇڏيا، ۽ اهي ڊاٿا ويا، ۽ هر ڪاٺ جو اهو تختو،جيڪو مينلو پارڪ جي تجربيگاهه ۾ لڳل هو، اهو اتان ڪڍي، جهاز جي ذريعي، گرين فيلڊ موڪليا ويو. ته جيئين اهو نئين اڏاوت ۾ لڳائي سگهجي.
سن 1928ع ۾ ايڊيسن هينري فورڊ کي ، رياست فلوريڊا جي فورٽ مائرس ۾ جيڪا تجربيگاهه هئي، اها هن فورڊ کي ڏيئي ڇڏي. هن تجربيگاهه ۾ هن گولڊن راڊ نالي وڻ مان نقلي رٻڙ ٺاهڻ جا تجربا ڪيا ويا هئا. هن هڪ ماڙ واري عمارت کي، سموري سامان سان، جهاز ۾ وجهي ڊيئر بورن منهوڙي پهچائي وئي.
فورڊ جي ملازمن بجلي ۾ هلندڙ ان پهرئين ريل گاڏي جي انجڻ جا پرزا ڳولي ورتا. جنهن جي ايجاد ايڊيسن 1880ع ۾ مينلو پارڪ ۾ ڪئي هئي. انهن پرزن کي سٺي نموني سان ، ٻيهرٺاهي هڪ انجڻ ۾ لڳايا ويا. تقريبن 50 سال پهريان هن انجڻ گاڏي جي جن ڊٻن کي ڇڪيو هو، هوبهو ان جيان ٻيا به ڊٻا ٺاهيا ويا. سرن جي جنهن بٺي ۾ مينلو پارڪ لاءِ سرون ٺاهيون ويون هيون، هاڻي فورڊ جي هدايت مطابق، اهڙيون ئي سرون ٻيهر ٺاهڻ شروع ڪيون ويون. 1880ع شيشي جي جنهن ڪارخاني ايڊيسن جي لاءِ شيشيون تيار ڪري موڪليون هيون، ان کي پنهنجي پراڻي فائيل ۾ ايڊيسن جون ڏنل هدايتون ملي ويون هيون. فورڊ ان ڪمپني کي هدايت ڪئي ته بلڪل اهڙيون ئي بوتلون ٻيهر تيار ڪيون وڃن،جهڙيون تقريبن 60 سال اڳ ۾ ايڊيسن جي لاءِ تيار ڪيون ويون هيون.
1928ع ڊسمبر مهيني جي آخر ۾، فورڊ پنهنجي پياري دوست ايڊيسن کي مچيگن اچڻ جي دعوت ڏني. ٻيئي دوست گاڏي ۾ چڙهي، روز ندي جي ڪناري هڪ وڏي خالي پيل زمين تي پهتا. اتي ڪافي فاصلي تائين گپ هئي. ۽ ان جي وچ ۾ ڪنڪريٽ جو هڪڙو تمام وڏو ڍير ٺهيل هو، جيڪو ايڊيسن جي قد کان به مٿي هو.
فورڊ پنهجن ملازمن کان هڪڙي کان بيلچو وٺي، ۽ ان کي ايڊيسن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
”مان چاهيان ٿو ته هن تقريب ۾ اسان جي مرحوم دوست لوٿر بربينڪ جو به ڪجهه حصو هجي“، فورڊ چيو.” هي بيلچو ڪنهن دور ۾ بربينڪ جو هو. توهان مهرباني ڪري ڏاڪڻ تي چڙهو ۽ ڪنڪرينٽ جي ان چبوتري جي وچ ۾ وڃي کوڙيو“.
ايڊيسن بيلچو هٿ ۾ کنيو، ۽ ڪنڪريٽ واري چبوتري جي مٿان وڃڻ وارين ڏاڪڻ تي چڙهيو. اتي ان چبوتري تي تازو ئي نرم ڪنڪريٽ وڇايو ويو هو. ايڊيسن فورڊ ڏي نهاريو.
”جيڪڏهن مان ان نرم سيمينٽ تي هلندس ته ان تي منهنجي پيرن جا نشان پئجي ويندا“. ايڊيسن چيو.
فورڊ کلي جواب ڏنو، ” اهو ئي ته مان چاهيان ٿو، منهنجي خواهش آهي ته توهان جي قدمن جان نشان ۽ بربينڪ جو اهو بيلچو ٻئي هميشه لاءِ محظوظ ٿي وڃن“.
بيلچي کي مضبوطي سان جهلي، ايڊيسن ڪنڪريٽ واري مال جي وچ تي پهتو. ۽ هن نرم ڪنڪريٽ ۾ اهو بيلچو کوڙي ڇڏيو. بيلچي جو هٿيو، جهنڊي جي لڪڙي جيان سڌو بيٺو رهيو. ايڊيسن ڏاڪڻن ڏي مڙيو، ڪنڪريٽ تي هن جي پيرن جا اٺ نشان، چٽا ٿي بيهي رهيا.
”اڃان هيٺ نه لهو“، فورڊ ايڊيسن کي التجا واري انداز ۾ چيو، ”تيز ڌار وارو هي لوهه جو قلم وٺو، ۽ ڪنڪريٽ تي پنهنجي صحيح ڪري ، اڄ جي تاريخ لڳائي ڇڏيو“.
ايڊيسن ان لوهه واري قلم سان صاف و شفاف نموني سان وڏن اکرن سان پنهنجي صحيح ڪئي. هميشه جيان ٽي جي اکر کي وڏي ليڪ ڪڍي،ڇڪي سڀني اکرن جي مٿان ائين آندو، ڄڻ ڇت ٺهي وئي هجي. ساڳي ريت هن پنهنجي نالي جي اکر اي جي اڳيان ٽٻڪا نه لڳايا. پنهنجي نالي جي هيٺيان خوبصورت انگن ۾، ڇاپي جيان، 2 ڊسمبر 1928ع لکيو.
”توهان جي وڏي وڏي مهرباني“ فورڊ چيو. ”هن چبوتري جي چئني پاسي، جنهن ۾ توهان جي صحيح ۽ قدمن جا نشان آهن ۽ بربينڪ جو بيلچو کوڙيل آهي، اتي مان هڪ وسيع عجائب گهر تعمير ڪرائيندس“.
ان کان پوءِ، مهينا ٿي ويا هئا، گرين فيلڊ ۾ مينلو پارڪ جي تجربيگاهه واري نئين اڏاوت مڪمل ٿي چڪي هُئي. شيلفن ۾ شيشي واريون بوتلون قطار سان سجايون ويون هيون، گيس سان روشن ٿيندڙ/ٻرندڙ ڌات جا ٺهيل، نل ڇت مان هيٺ لڙڪي رهيا هُئا. ايڊيسن، فورڊ کي اها پراڻي ڪرسي ڏيئي ڇڏي، جنهن تي ويهي هن پهرئين بجلي جي بلب کي چاليهه ڪلاڪن تائين مسلسل ڏٺو هو. ايڊيسن جي تار موڪلڻ واري ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ پراڻي ميز انهي جاءِ تي رکي ويئي، جتي هو اڳ ۾ رکيل هوندي هئي. مال گاڏي ۾ ڀري ڀري نيوجرسي مان ڳاڙهي مٽي مچيگن آندي ويئي. ۽ ان کي نئين سري تيار ٿيندڙ عمارت جي اردگرد وڇايو ويو. ته جيئن هر شي بلڪل حقيقي ۽ اصل ماحول ۾ هوبهو اها ئي نظر اچي.
هينري فورڊ گرانڊ ٽرنڪ ريلوي مان پراڻا ”اسمٿ ڪريڪ Smiths Creek Depot“ جو سامان خريد ڪري ڇڏيو. ۽ انهن کي اتان اکيڙي/پٽي گرين فيلڊ greenfield۾ نئين سري سان جيئن جو تيئن تيار ڪرائي ڇڏيو. ڪن ماڻهن کي خاص ڪري ”ويڪلي هيرالڊ“weekly Herald جون پراڻيون ڪاپيون هٿ ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. جيڪي ستر سال اڳ ۾ ايڊيسن شايع ڪندو هو. ڪيترن مهينن جي سخت محنت کان پوءِ، اهي ماڻهو، ان اخبار جون ٻه ڪاپيون ڳولڻ ۾ ڪامياب ويا.
انهي دوران هينري فورڊ، هڪڙو پراڻي دور جو انجڻ هٿ ڪيو، جيڪو آمريڪا جي ريلوي اسٽيشنن تي اوڻويهين صدي جي شروع ۾ هلايو ويندو هو. ان انجڻ ۾ ڪاٺ ٻاريو ويندو هو. ان زماني ۾ ڪم ايندڙ مسافر گاڏيءَ جا ٻه ڊٻا به هٿ ڪري ورتا. هي انجڻ ۽ هي ڊٻا ان ريل گاڏي وانگي هيا، جنهن ۾ ڪنهن دور ۾ ايڊيسن اخبارون کپائيندو هو. مال ڊٻي ۽ سگريٽ نوشي واري ڊٻي ۾ ڪاريگرن بلڪل اهڙي ئي ڪيميائي تجربيگاهه تيار ڪري ڇڏي، جهڙي ايڊيسن پنهنجي ننڍپڻ ۾ تيار ڪئي هُئي. هڪ پراڻي دور جي هٿ سان هلڻ واري پريس، ۽ ڪجهه پراڻي دور جي ڌات مان ٺهيل ٽائيپ ، انهن کي مال ڊٻي ۾ موزون جڳهه تي رکيو ويو.
1929ع جي آڪٽومبر مهيني ۾ ايڊيسن پنهنجي گهرواري سان گڏ، بجلي واري روشني جي گولڊن وبلي جي تقريب ۾، هنري فورڊ جو مهمان ٿيڻ جي لاءِ ڊيٽرائي اچي نڪتو. مچيگن ۾ اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، ايڊيسن پنهنجي ميزبان هنري فورڊ سان گڏ گرين فيلڊ ڏي روانو ٿيو ويو. سفيد رنگ جي ڪاٺين جي جهنگلي جي اندر، نئين طرز سان ٺهيل مينلو پارڪ جي خوبصورت عمارت نظر پئي آئي.
مينلو پارڪ جي پراڻي تجربيگاهه جي ملازمن ۾ فقط فرينڪ جهيل ئي زنده هيو. هو نئين نموني سان ٺهيل هن تجربيگاهه جي دروازي تي ايڊيسن ۽ فورڊ جي استقبال لاءِ بيٺو هو.
”ڪمال آ، ڪمال آ ، هر شي بلڪل هوبهو ساڳي آهي“ ايڊيسن عمارت ڏي نهاريندي چيو.
جنيڪ جيهل سڀني کان ويجهو واري دري ڏي اشارو ڪندي چيو، ”مسٽر فورڊ کي منيلو پارڪ جي پراڻي تجربيگاهه مان فقط هڪڙو بولٽ ئي ملي سگهيو هو“.
ٽيئي ڄڻا Herbert Hoover, Henry Ford and Thomas Edison، تجربيگاهه جي ڏاڪڻ کان مٿي چڙهي ويا. ايڊيسن وڏي خوشيءَ سان ان وسيع هال ۾ ٽهلندو رهيو. پر هڪ ميز وٽ وڃي، بيهي رهيو. هن ميز تي رکيل هڪڙي پراڻي رنگ جو اوزار کنيو، حيرت مان چوڻ لڳو،” اڙي هي ته اهو ئي ڪونڊو آهي جيڪا مان گهڻو وقت اڳ ۾ استعمال ڪندو هئس، هي توهان کي ڪٿان هٿ آئي آهي“.
” هي منهنجن ڪاريگرن کي نيو جرسي مان پراڻي تجربيگاهه جي ڪاٻاڙخاني مان ڀڳل ٽٽل حالت ۾ ملي، ماهر ڪاريگرن کان مون هن کي ٻيهر ٺهرايو آهي“. فورڊ چيو.
ايڊيسن پنهنجي اوسي پاسي ڏٺو، ”انهن ڏينهن ۾ هي اوکلي مان هن ميز تي نه رکندو هئس“، هو اڳتي هلي ڪري هڪ ٻي ميز جي ويجهو آيو، جنهن ۾ ڪيترائي خانه ٺهيل هُئا، انهن خانن واري ميز مٿان هن اها ئي اوکلي رکي ڇڏي، ۽ چيو، هي اوکلي /ڪونڊو هميشه هن جاءِ تي رکي ويندي هُئي“.
تجربيگاهه جو چڪر لڳائڻ کان پوءِ ايڊيسن پنهنجي پراڻي ميز جي پاسي ۾ چيري جي ڪاٺ جي ٺهيل ڪرسي تي ويهي رهيو.
”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، هن معمولي شي کي ڇڏي ڪري، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي، جيئن منهنجي دور ۾ هيو“.
”ڇا سائين، ڇو؟ ڇا ٿيو“، فورڊ حيران ٿيندي هٻڪندي پڇيو، ” منهنجو خيال آهي ته مون هر تفصيل کي سامهون رکيو آهي“.
”ايڊيسن خوشي مان کلي ڏنو“. ٿورو هن فرش ڏي ڏس، انهن ڏينهن ۾ هي ايترو صاف نه هوندو هو“.
”مالڪ جي پراڻي مذاق واري عادت اڃان نه وئي آهي“، جهيل چيو ۽ سڀني کلي ڏنو.
ايڊيسن چيو، ”ته چڱو ٺيڪ آ، هاڻي مون کي اهو ڌاڳو ڏيو، جنهن کي مان توهان جي خواهش جي مطابق گرم ڪري خالص ڪاربن ٺاهي ڏيکاريان“.
فورڊ ۽ جهيل غور سان ڏسڻ لڳا. مشهور سائنسدان ڌاڳن کي اهڙي ريت تيار ڪيو، جهڙي ريت هن پنجاهه سال اڳ ۾ تيار ڪيو هو. هن انهن ڌاڳن کي بٺي ۾ وجهي تيار ڪرايو، ان کان پوءِ هڪ کي شيشي جي بلب ۾ لڳائي، ميز تي رکي ڇڏيو. ۽ پنهنجن ٻنهي ساٿين سان گڏ تجربيگاهه کان ٻاهر نڪري آيو.
21 آڪٽوبر 1929ع سومر جو ڏينهن هو. ان ڏينهن صبح کان وٺي مينهن وسي رهيو هو. ۽ زوردار سيءُ پئجي رهيو هو. بارش جي باوجود هينري فورڊ ۽ هينري فورڊ جي گهرواري، ايڊيسن ۽ ايڊيسن جي گهرواري ڪار ۾ چڙهي روزٽرانفر نالي هڪ جاءِ وٽ آيا. اتي هربرٽ صدر، ان جي گهرواري، سوچ جيمس گڊ ۽ ٻيا وڏا ماڻهو گاڏي مان لٿا. مهمانن جي خدمت چاڪري کان پوءِ، هينري فورڊ انهن کي ريل جي پٽڙي ڏي وٺي ويو، جنهن تي 1850ع واري زماني جو پراڻو انجڻ ۽ گاڏي جا ڊٻا بيٺل هُئا.
On the momentous day of October 21, 1929, at ten in the morning, President Herbert Hoover, Henry Ford and Thomas Edison arrived at Smiths Creek Depto in Green field on a steam powered locomotive, much like the one on which Edison sold newspapers as a youth.
هينري فورڊ چيو،” مان توهان کي گذارش ڪندس ته توهان هتان کان گرين فيلڊ تائين جو سفر، اسان سان، هن گاڏي ۾ ڪيو“.
جڏهن سڀ مهمان ان گاڏي ۾ سوار ٿي ويا ته انجڻ جي ڊرائيور سيٽي وڄائي، ۽ ڪاٺ جي ٻارڻ/ڪوئلن سان هلندڙ هي انجڻ دونهين ۽ چڻنگن جا ڪڪر اڏائيندو/ٺاهيندو اڳتي وڌڻ لڳي.
”واهه ڪمال آهي،“ هن چيو، هي بلڪل اهو ئي تجربيگاهه آهي جتي ستر سال اڳ ۾ مان تجربه ڪندو هوس. هتي ته مٺاين جي هڪ ٽوڪري به رکيل آهي، ۽ هتي منهنجو پراڻو پريس به آهي“. هن ڇاپي جي پراڻي مشين جي اندر جهاتي پائي ڏٺو. ”او منهنجا رب! ويڪلي هيرالڊ جي هڪ ڪاپي هن ۾ ڇپائي لاءِ تيار رکيل آهي“.
مسز ايڊيسن جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها ڀرجي آيا. هن چيو،”ها! مسٽر فورڊ چاهي ٿو ته توهان پنهنجي پراڻي اخبار کي ڇاپيو، ۽ اسان جي هن سفر ۾ هنن مسافر مهمانن ۾ ورهايو“.
جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ ايڊيسن مڪمل ٻوڙو ٿي ويو هو. پر پوءِ به جيڪو ڪجهه هن جي گهرواري هن کي چيو، هو بلڪل سمجهي ويو هو. هن پنهنجي گهرواري جي چپن جي چرپر جي مشق ڪري ڇڏي هُئي. هن پراڻي طرز جي پريس کي هلائڻ شروع ڪيو ، جون 1863ع جي ”هفتيوار هيرالڊ“ جي هڪ کان ٻي ۽ ٻي کان ٽين ڪاپي نڪرڻ لڳي. ان کان پوءِ هن جي ڳچي ۾ وري اهائي مٺائي/فروٽ واري ٽوڪري وڌي وئي ۽ ڇپيل اخبارون هن جي ٻي هٿ ۾ ڏنيون ويون. 82 سالن جي هن اخبار فروش وڏي فخر سان ريل گاڏي ۾ چڪر ڪاٽڻ لڳو. ۽ مسافرن کي پنهنجي اخبار هيرالڊ جي هڪڙي هڪڙي ڪاپي ۽ مٺائي جو ٽڪرو ورهائيندو ويو.
ڪجهه دير کان پوءِ گاڏي نئين سر تعمير ٿيل ”اسٿمز ڪريڪ“ اسٽيشن تي وڃي بيٺي. هڪڙي ڪاوڙيل ڪنڊيڪٽر ايڊيسن کي وڏي بي عزتي سان گاڏي مان هيٺ لاهي، ڪاٺ جي ٺهيل پليٽ فارم تي بيهاري ڇڏيو. ڇو ته ماضي ۾ ايڊيسن مال گاڏي ۾ تجربي دوران باهه لڳائي ڇڏي هُئي. 21 آڪٽوبر 1929ع واري حادثي /واقعي جي 67 سالن کان پوءِ آمريڪي صدر هربرٽ هوور وڏي فخر سان ايڊيسن جو گاڏي مان لهندي، پنهنجو هٿ وڌائي هن کي سهارو ڏنو. ۽ خاص قسم جي تيار ڪيل ڏاڪڻ ذريعي هن کي لاهي، ڪاٺ واري پليٽ فارم تي وٺي آيا.
The Smiths Creek, Cichigan Depot was chosen, as it was here that Edison was thrown off a train for causing a fire in the baggage car which housed his cehemical laboratory. They were met with a crowd of more than 500 people, roaring their congratulations as the trio stepped off from the train.
”اسٿمز ڪريڪ“ اسٽيشن کان مهمانن کي ڪار ۾ ويهاري گرين فيلڊ ۾ ٺهيل عمارت کي ڏيکارڻ لاءِ روانو ٿي ويا. ٻيهر ٺهيل، لوگن ڪاوئنٽي ڪورٽ هائوس ۾ جتي پهريائين به ابراهيم لنڪن وڪالت ڪندو هو. پريزيڊنٽ هور حڪومت ۽ خاندان جي نشاني طور باهه ٻاري. سرن جي تيار ڪيل مشينن واري ڪارخاني ۾ ايڊيسن ان پراڻي بائلر ۾ باهه ٻاري، جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ ان تجربيگاهه جون مشينون هلنديون هيون. اها باهه سائنس ۽ صنعت جي علامت هئي. ان ڏينهن هوور ۽ ايڊيسن ٻنهي جي ٻاريل باهه کي وسائڻ نه ڏنو ويو هو. ٻيئي شعله ايڊيسن جي پڪي يادگار جي طور تي هميشه روشن رهندا.
ٻيپهري جو وقت ٿي ويو هو، مهمان پنهنجي هوٽل تي واپس اچي ويا هُئا، هينري فورڊ اهو نه پيو چاهي ته ايڊيسن ٿڪجي پوي. ان ڪري هن اهو انتظام ڪيو هو ته رات جي ماني کان اڳ ۾ ايڊيسن کي آرام ڪرڻ جو ڪجهه وقت ملي وڃي.
شام جي پهر مهمان ان وسيع ميدان ۾ داخل ٿي، گڏ ٿي ويا هئا، جنهن کي عجائب گهر ۾ مٽائڻو هو. هر شخص ان ڪنڪريٽ جي ٺهيل وڏي ٿلهي کي غور سان پئي ڏٺو. بربينڪ جي بيلچي سان گڏ، ايڊيسن جي پيرن جا نشان، ۽ صحيح موجود هُئي. سامان واري ورانڊي ۾ دروازي سان گڏ هڪ وڏي اسٽيج تي ٽن مختلف سائيزن جون ٽيبلون رکيل هيون. انهن ميزن جي ويجهو وري ٻه ٻيون ميزون به رکيل هيون. انهن پنجن ميزن جي هڪ ڪنڊ تي حرف ٽي جي مٿين ليڪ جي شڪل واري ميز رکي ويئي هئي. ان ميز جي پويان ديوار تي آمريڪا جا ٻه جهنڊا لڳايا ويا هئا. انهن جهنڊن جي هيٺان پريزيڊينٽ هوور ۽ ان جي گهرواري جون ڪرسيون رکيل هيون. چاندي جي شمعدانن ۾ اڇي رنگ جون ميڻ بتيون ٻري رهيون هيون. ۽ هن ڪمري ۾ صرف ان جي ئي روشني هئي. جڏهن صدر هوور اتي آيو ته هن ميز جي وچ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ چيو ته، ”هنن ڪرسين ۾ مان نه ويهندس، بلڪ هنن ڪرسين ۾ ايڊيسن ۽ ان جي گهر واري کي ويهاريو وڃي، ڇو ته مون کان وڌيڪ انهن جو حق آهي، ۽ اهي ئي هن ڪرسي جا حقيقي حقدار آهن“.
”جنرل اليڪٽرڪ ڪمپني“ جي صدر مسٽر اوون ڊي ينگ کاڌي دوران نيڪ خواهشن جي اظهار جو ڪم سنڀاريو. ان تقريب جي موقعي تي اهي پيغام ٻڌايا ويا، جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن جي مشهور ماڻهن برقي ۽ بحري تارن جي ذريعي موڪليا هئا. ۽ جنهن ۾ ايڊيسن جي عظمت ۽ انسان ذات تي هن جي انيڪ ٿورن جو اعتراف ڪيو ويو هو. برطانيا جي پرنس ويلر مبارڪباد جو تار موڪليو هو. برلن کان ريڊيو ذريعي موڪليل ڊاڪٽر البرٽ آئسنٽائن جو پيغام به ٻڌو ويو. گگليل مارڪوني هڪ بحري تار جي ذريعي هن شخص جي لاءِ نيڪ تمنائون پڻ موڪليون هيون. جنهن دنيا کي بجلي جي روشني جو تحفو ڏنو. مارڪوني جنهن جو نالو وائرليس جي ڪري تاريخ ۾ زنده ٿي ويو. ان کان علاوه لٽل آمريڪا جي ڏکڻ طرف کان هڪڙي سياح نالي ڪمانڊر رچرڊ ڊاسي بائرڊ به ريڊيو جي ذريعي پنهنجو مبارڪباد جو پيغام ايڊيسن کي ڏنو هو.
هينري فورڊ جي اشاري تي صدر هوور، مسٽر ايڊيسن ۽ فرينڪ جهيل پنهنجين ڪرسين تان اٿي بيٺا. ڪار ۾ ويهي چار ئي ماڻهو نئين سري سان تعمير ٿيندڙ مينلو پارڪ جي تجربيگاهه پهتا. اتي وسيع هال ۾ گيس جي هلڪي روشني ۾ مسٽر ايڊيسن شيشي جو اهو لاٽون /بلب کنيو، جنهن کي هن ٿورا ڏينهن اڳ ۾ تيار ڪيو هو. ۽ ان کي هوا جي پمپ سان لڳائي ڇڏيو هو.
هي سٺ سالن وارو پٽيوالو اسٽول تي چڙهي ويو. مٿي چڙهي، هن هوا واري پمپ جي ٽوئنٽي کولي ڇڏي. ۽ پارو مشين کان ٿيندو ، هيٺ ڪرڻ لڳو. هيٺ ڪرندڙ پارو شيشي جي لاٽون مان هوا کي ٻاهر ڇڪي ڪڍڻ لڳو. ايڊيسن پنهنجو هٿ مٿي ڪيو. جهيل هوا واري پمپ کي بند ڪري ڇڏيو.
ريڊيي جو ماڻهو پنهنجي مائڪرو فون جي سامهون ويٺو هو. تجربيگاهه ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو هو، هو ان جو اکين ڏٺو احوال پيش ڪري رهيو هو. مقرر وقت تي ايڊيسن پنهنجو هٿ بٽڻ تي رکيو، هن جي پوڙهين آنگرين بٽڻ کي زور ڏنو ، پراڻي طرز جي بيٽرين جي برنين مان بجلي جو ڪرنٽ بلب ۾ پهتو، ڪاربن جو ٺهيل فلامينٽ پهريون ڳاڙهو ٿيو، ۽ پوءِ وري سفيد ٿي زور سان ٻري پيو.
”مسٽر ايڊيسن بلب ٻاري ڇڏيو“. ريڊيو جي انائونسر وڏي آواز سان چيو. جيئن ئي ايڊيسن جو ٻاريل بلب تيزي سان چمڪڻ شروع ٿيو، ان وسيع کاڌي واري ڪمري ۾ خفيا طور تي لڳايل بجلي جا لاتعداد بلب ٻري پيا، ۽ مهمان وڏي خوشي ۽ جوش وچان تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. ٺيڪ ان وقت آمريڪا جي لکن گهرن ۾، جن ۾ خاص ان لمحي جي ڪري اونداهي ڪيئي وئي هُئي، پوءِ اچانڪ لکين بلب هڪئي وقت ٻري پيا. روشني!، روشني!،روشني!، روشني!. ٿامس ايلوا ايڊيسن جي هن عجيب و غريب ايجاد جي پنجاهين سالگره تي ايڊيسن جي خدمت ۾، نذرنا عقيدت جي حساب سان چئني پاسي روشني ئي روشني ٿي ويئي.
After a lavish banquet, Edison, along with his former assistant Francis Jehl went to work in the reconstructed Menlo Laboratory in Greenfield village to recreate the lighting of first electric lamp. As they worked, Graham McNamee, the NBC radio broadcaster reported to a silent world, “Mr Edison has two wires in his hand; now he is reaching up to the old lamp; now he is making connection……it lights! Light’s Golden Jubilee has come to a triumphant climax.
تجربيگاهه مان ايڊيسن، فورڊ، جهيل، ۽ صدر هوور وري ماني واري ڪمري ۾ موٽي آيا. اتي هن عظيم سائنسدان هڪڙي مختصر تقرير ڪئي، پنج سو وڏين شخصتين هن تقرير جي تعريف ۾ جوش ۽ جذبي سان تاڙيون وڄايون. مسلسل سڄو هال تاڙين جي گونج ۾ وڄندو رهيو.
اوچتو مسز ايڊيسن رڙ ڪئي،” ڏسو“، هن گهٻرايل آواز ۾ چيو، ”ايڊيسن کي ڇا ٿي ويو آهي“.
اهو عظيم شخص بي هوش ٿي پنهنجي ڪرسي تي اڳتي جهڪي ليٽي پيو. هن جو چهرو ڦڪو ٿي ويو هو. هزارن مهمانن جي چهرن تي غم ۽ ڳڻتي ڇانئنجي ويئي. محبت ڪندڙ هٿڙن، نازڪ نفيس انسان ايڊيسن کي مٿي کنيو ۽ کڻي هڪ پاسي واري ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽائي ڇڏيو. پريزينڊنٽ هوور جي ذاتي ڊاڪٽر جوئيل ٽي بون هن جو ابتدائي اعلاج ڪيو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ، اداس ۽ غمگين مهمانن جي چهري تي وري مسڪراهٽ نظر آئي، ڇو ته ايڊيسن وري هوش ۾ اچي چڪو هو.
ظاهري طور تي ائين لڳو ته ايڊيسن ان اوچتو اچڻ واري بيماري کان ٺيڪ ٿي ويو هجي، پر ان کان پوءِ، ان جي صحت مسلسل خراب ٿيندي ويئي. 1930ع دوران هنجي بيماري شدت اختيار ڪري وئي. ڄڻ دنيا کي اطلاع ڏيندي هجي ته هي عظيم شخص هاڻي عنقريب هن دنيا مان هليو ويندو. 11 فيبروري 1931ع ايڊيسن پنهنجي آخري سالگره ملهائي، ان وقت هن جي عمر 84 سال هُئي، ان سال گرهڻ کان پوءِ هن جي صحت، هر روز پوئتي پئجندي رهي. ۽ آخرڪار هي عظيم سائنسدان 11 آڪٽوبر ، 1931ع آچر جي ڏينهن، صبح جي وقت، اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. ان جي ٽين ڏينهن، رياست نيوجرسي جي اولهه اورينج ۾ بجلي جي روشني جي 52 هين سالگره جي ڏينهن هن کي مٽي ماءَ جي حوالي ڪيو ويو.
جيسيتائين دنيا ۾ ماڻهو ڪٿي به فونوگراف ٻڌندا، سينيما ۾ فلم ڏسندا، بجلي جي گاڏين ۾ سفر ڪندا، يا بجلي جي روشني استعمال ڪندا، تيسيتائين اهي ماڻهو هڪ اهڙي تحفي جو استعمال ڪندا رهندا، جيڪو انهن کي انساني نسل لاءِ عظيم سائنسدان ايڊيسن تحفو ڏنو هو. ۽ پنهنجن انهن عظيم ايجادن جي ڪري هن جو نالو تا حيات زنده رهندو.
In brief: he was born in Milan, Ohio. His total formal school education was three months. His mother, a former school teacher, undertook his education. At the age of twelve, because he exhibited adult maturity, he convinced his parents to allow him to leave home and work as a newsboy aboard a train to Detroit. He published a weekly paper and sold it to passengers. Learning to operate a telegraph he gained employment. After a few years as a wandering operator, Edison settled in New York. Always, during employment, in his spare time, he worked on his inventions and experiments. Thomas Edison received $40,000 on ideas for improving the telegraph and telephone. He ventured out on his own, building a large work shop at West Orange, New Jersey. Here the invention of the phonograph was achieved. The electric light followed. Edison made over a thousand inventions from this laboratory. Some others were the moving-picture machine, the storage battery, the mimeograph, machines to help the iron and steel business. His inventions made possible our electric trains and streetcars. During the First World War, Edison was seventy. The government asked him to serve. He built a factory in eighteen days. Here he made many things which helped the army and navy. In his 80's, his health began to fail. He obtained his last (1,093rd) patent at age 83. In August 1931, Thomas Edison collapsed at Glenmont (His residence located on a 15 acre estate). From that point, he steadily declined in health and was housebound until 3:21AM on Oct 18th, when the inventor died. A death mask was made. His body was placed in the Laboratory building on Lakeside, Avenue in West Orange and thousands of mourners paraded past. The evening of the day he was buried, countless individuals, communities and corporations throughout the world dimmed their lights, or briefly shut down their power in tribute. With Mrs Herbert Hoover, Henry Ford, and Harvey Firestone in attendance, he was buried at Rosedale Cemetery, Orange, New Jersey, with Mina, his second wife buried beside him upon her death. In 1963, the remains of both were exhumed from Rosedale Cemetery and reinterred at Edison's Glenmont estate. Edison's New Jersey Research Laboratory and Glenmont are today preserved as part of the Edison National Historical site.