ٽيلي گراف آپريٽر جي حيثيت سان
ايل مال ڊٻي ۾ پنهنجي تجربيگاهه جي ميز جي سامهون بيٺل هو. ميز سان گڏ ڀت تي لڳل ڪاٺ جي ٺهيل خانن ۾ شيشي جون بوتلون ترتيب سان رکيل هيون. جن ۾ رنگ برنگي ڪيميائي شيون، چُورو، (پوڊر) يا پٽڙو وهندڙ (ڪيميڪل) جي شڪل ۾ پيل هيون. چئن ڪنڊن واري ميز تي هڪ ڪتاب کليل رکيل هو. نوجوان سائنسدان آهستي آهستي پنهنجو تجربو ڪندو پئي ويو. آخرڪار تجربي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ شيشي کنئي ۽ ان جي ٻُجي لاهي ۽ وڏي اطمينان سان گئس جي بوڻين کي ڏسڻ لڳو، جيڪي ڳاڙهي رنگ جي پٽڙي مادي مان نڪري رهيا هئا. اوچتو انجڻ سيٽي وڄائي ۽ گاڏي هڪدم هڪڙي موڙ مان مُڙڻ لڳي. موڙ تي پهچڻ سان ئي ريل گاڏي جي پٽڙين کي هيٺ مٿي ٿيڻ سان مال ڊٻي کي جهٽڪو لڳو ۽ سڄو گاڏو زور سان لُڏي ويو. ان اچانڪ جهٽڪي جي ڪري ايل ذري گهٽ وڃي ڪِريو هو پر هن پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ ڪاٺ جي ريڪ/فريم ۾ کڻي هٿ وڌو. ريڪ ته هن جي هٿ ۾ اچي ويو هو، پر ايل جي وزن جي ڪري ريڪ کي اهڙو جهٽڪو آيو جو ان تي پيل / رکيل شيشي جون بوتلون لڏي ويون هيون. هڪ شيشي لڏندي لڏندي اچي فرش تي ڪِري، شيشي جا ٽڪرا ٽڪرا هيڏي هوڏي وکري ويا. شيشي مان فاسفورس جو ننڍو ٽڪر وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ڪِريو. فاسفورس هڪ جهٽڪي سان ٻري پيو. ڏسندي ئي ڏسندي باهه جا شعله اڏامڻ لڳا. ۽ فرش تي پيل ردي جي ڪاغذن وارن ٽڪرن کي باهه وڪوڙي وئي.
جيئن جيئن باهه ردي جي ٽڪرن کي لڳندي ۽ سامان تائين پهچندي وئي، تيئن تيئن باهه جا شعلا ۽ ڪارو دونهون تيز ٿيندو ويو. هڪڙو باهه جو شعلو ٿڙي وڃي ڪنڊ ۾ پيل اخبارن جي ڍڳ تي ڪريو ۽ اهو اخبارن جو ڍڳ مچ ٿي ٻري پيو. ايل پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ باهه کي ڦيرائي ڦيرائي هڻڻ لڳو. پر ائين ڪوٽ کي ڦيرائڻ سان ويتر هوا لڳي پئي. جنهن جي ڪري باهه اڃان به مچي پئي.
’باهه ڙي باهه‘ بچايو. بچايو ڙي“ خوفزاده/ڊنل هن پندرنهن سالن جي ڇوڪري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
اڳين گاڏي جو دروازو کليو، ۽ ريل گاڏي جي ڪنڊڪٽر هن جي گاڏي ۾ ٽپو ڏنو. ڪلينڊر جو نالو اليگزينڊر اسٽيفن سن هيو. هن به پنهنجو وزني ڪوٽ لاٿو. ۽ باهه کي وسائڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ وڏي جدوجهد ڪرڻ جي بعد، هي ٻئي ڄڻا باهه کي وسائڻ ۾ ڪامياب ويا. ڪيپٽن اسٽيفن سن دري کولي ڇڏي. جنهن جي ڪري ڊٻي ۾ تازي هوا آئي ۽ دونهون ۽ ڪيميائي شين واري ساهه ٻوساٽيندڙ بدبو ڊٻي مان ٻاهر نڪري وئي.
ڪنڊيڪٽر رڙ ڪري چيو، ”اڙي! ڏس تو هي ڇا ڪري ڇڏيو“. گاڏي جي فرش ۾ باهه جي ڪري وڏا وڏا سوراخ ٿي ويا. مان ائين توکي پنهنجي سڄي ريل گاڏي ساڙڻ جي اجازت نه ٿو ڏيئي سگهان. اڳين اسٽيشن تي توکي پنهنجو سڄو گندڪچرو لاهڻو پوندو، سمجهئي“.
ايل ڪنڊيڪٽر کي گهڻو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ته اهو سڀ ڪجهه گاڏي ۾ جهٽڪو لڳڻ جي ڪري ٿيو آ، پر سڀ بيڪار هو. ايل ڪنڊيڪٽر کي اهو به يقين ڏياريو ته هو اڳتي اهڙي قسم جي حادثي کي روڪڻ جي لاءِ شيشن / بوتلن جي اڳيان لوهه جي پٽي هڻائي ڇڏيندو ته جيئن اهي ڪِري نه پون. پر اسٽيفن تي انهن ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿيو. وڏي تلخ لهجي ۾ هن چيو، ”مان ڪوبه دليل نه ٿو ٻڌڻ چاهيان بس اڳين اسٽيشن تي اهو سڄو ڪٻاڙ خانو منهنجي گاڏي مان هيٺ هجي“.
انجڻ مان ٻه وڏيون ۽ ٻه ننڍيون سيٽيون وڄيون. ڪنڊيڪٽر پنهنجو مٿو دري مان ٻاهر ڪڍي ڏٺو ۽ چيو، ”هي سمٿ ڪريڪ اسٽيشن آهي، هتي گاڏي 15 منٽ بيهندي، پنهنجو سامان لاهڻ لاءِ تيار ٿي وڃ“.
جيئن ئي گاڏي بيٺي، ايل پليٽ فارم تي ٽپ ڏيئي لهي پيو. ڪنڊيڪٽر جي مدد سان هن پنهنجي پرنٽنگ پريس ۽ اخبار جو انبار ٻاهر ڪڍي هيٺ لاٿو. هن اهو سڄو سامان ڳاڙهين سرن سان ٺهيل اسٽيشن تي ترتيب ۽ صفائي سان سجائي رکيو. ان سان گڏ هن پنهنجي ڪيميائي شيون، بوتلون، ڪاٺ وارو ريڪ، پنهنجو ڪتاب، تار موڪلڻ وارا اوزار، بيٽريون ٺاهڻ وار سانڌاڻ/گهگهي ترتيب سان رکي ڇڏيا. 15 منٽن کان پوءِ گاڏي روانو ٿي وئي. سمٿ ڪريڪ اسٽيشن تي ايل غمگين ۽ اداس بيٺل هو. جڏهن ريل گاڏي هن جي نظرن کان اوجهل ٿي وئي ته ايل پنهنجا ميرڙا هٿ صاف ڪيا. ۽ وڏي افسوس سان هن پنهنجي اڌ سڙيل ڪوٽ تي نظر وڌي. اسٽيشن ماسٽر هن جو دوست هو. ايڊيسن جي زخمن لاءِ مرهم کڻي آيو ۽ هن جي هٿن تي هنيو.
ان رات جڏهن ايل واپس آيو ته هن سڄو واقعو پنهنجي ماءُ پيءُ کي ٻڌايو. سڄو واقعو ٻڌڻ کان پوءِ ٽام ايڊيسن ۽ مسز ايڊيسن ان ڳالهه تي راضي ٿي ويا ته ايل ڀلي پنهنجو ڪيميائي سامان پنهنجي گهر جي تهه خاني ۾ رکي ڇڏي ۽ ان ڳالهه تي خاص زور ڏنو ته ڪنهن به حالت ۾ هيٺ تهه خاني ۾ باهه نه لڳي. ان کان پوءِ ايل کي پنهنجو سامان، پريس مشين، ڪتاب ۽ پنهنجا اوزار، پنهنجي گهر ۾ شفٽ ڪندي ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا.
مال ڊٻي ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ ايل پنهنجي هفتيوار اخبار ”ويڪلي هيرالڊ“ بند ڪري ڇڏي . پنهنجي تار موڪلڻ واري مشق کي جاري رکڻ لاءِ، ايل پنهنجي گهر کان پري دوست جي گهر تائين تار جوڙي ورتي هئي. ۽ بانس جي لڪڙن جو بندوبست پڻ ڪيو هو ۽ جيڪو رستي تي وڻ پئي آيو ته ان تي به هن تار لڳائي ڇڏي. بجلي کي وڻن ۾ داخل نه ٿيڻ لاءِ، هن انسرليٽر جي طور تي خالي بوتلن جو استعمال ڪيو. ان جڳاڙي لائن تي هي ٻيئي ڄڻان تار موڪليندا ۽ وصول ڪندا هئا. بدقسمتي سان ايل پنهنجي هن تار کي فقط رات جوئي استعمال ڪري سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته سڄو ڏينهن هو اسٽيشن تي اخبارون کپائيندو هو. ايل جي پيءَ سام ايڊيسن کي پنهنجي پيءُ جي صحت جي تمام گهڻي ڳڻتي هوندي هئي. ان ڪري هو هميشھ ان ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته ايل ڏهين وڳي ڪيئن به ڪري سمهي پوي، ايل رات جي ماني کان وٺي، ڏهين وڳي تائين، اُهي سڀ ڪم نه پيو ڪري سگهي. جيڪي هي ڪرڻ چاهي پيو. ان ڪري هن لاءِ ضروري هو ته ڪيئن به ڪري هن کي ڏهين وڳي کان پوءِ به جاڳڻ جي اجازت ملي وڃي. پنهنجي واعدي موجب هي روز واپسي ۾ پنهنجي والده کي هڪ ڊالر ضرور ڏيندو هو. پنهنجي پيءُ لاءِ ڊٽراءِ، شڪاگو، ۽ ٻين وڏين وڏين اسٽيشنن مان شايع ٿيندڙ اخبارون، جيڪي بچي پونديون هيون اهي کڻي ايندو هو. ٿامس ايڊيسن رات جو دير تائين ويهي اخبارون پڙهندو رهندو هو.
هڪ دفعي رات جو جڏهن ايل گهر موٽيو ته هن وٽ ڪابه اخبار نه هئي.
”منهنجي اخبار آندئي“ هن جي پيءُ هن کان پڇيو ”منهنجو هڪڙو دوست اخبار کڻي ويو، مون اخبار ان کي ڏيئي ڇڏي“. هن جواب ڏنو.
”سام ايڊيسن بڙ بڙ ڪرڻ لڳو“، ”يار مان خاص ڪري اڄ جي خبرن جي انتظار ۾ هئس، پر اڄ موسم ايتري خراب آهي جو اسان مان ڪوبه ٻاهر نه ٿو وڃي سگهي“.
”منهنجو دوست اڄ جي خبرن جون سرخيون تار ذريعي مون کي موڪلي سگهي ٿو. ۽ مان اهي سڀ خبرون توهان کي آسانيءَ سان پني تي لکي ڏيئي سگهان ٿو“. ايل پنهنجي پيءُ کي سمجهائيندي چيو.
”ٺيڪ آهي، هڪدم پنهنجي لائين (تار) تي ڪم شروع ڪري ڇڏ“.
ماني کائڻ کان پوءِ ايل پنهنجي دوست کي تار جي ذريعي اطلاع ڏيئي ڇڏي. آهستي آهستي هڪ هڪ لفظ ٿي ڪري ٻنهي ڇوڪرن جي ٺاهيل تار تي خبرون اچڻ لڳيون، سام ايڊيسن جي ڪجهه خبرن ۾ وڏي دلچسپي هئي. هن پنهنجي پُٽ کي چيو ته ”هن خبر جي تفصيل گهرائي وٺ“ اهڙي طرح جڏهن آخري خبر آئي ۽ اها خبر پڙهي وئي، ان وقت رات جو هڪ ٿي چڪو هو. ايل اها ترڪيب ته ”اڄ اخبارون نه آهن ۽ اڄ خبرون تار جي ذريعي گهراڻيون پونديون“ پنهنجي پيءُ سان ڪيترا دفعا اها ڳالهه ڪئي، پوءِ سام ايڊيسن ان ڳالهه لاءِ راضي ٿي ويو ته هو هر روز رات جو ٻارنهن وڳي تائين جاڳي ڪم ڪري سگهي ٿو. هاڻي هن ڇوڪري کي پنهنجي تار جي علم ۽ ڪيميائي سائنس جي لاءِ گهڻو وقت ملڻ لڳو. ۽ سام ايڊيسن کي اخبارون به ملڻ لڳيون.
جن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ جنگ لڳي هئي، انهن ڏينهن ۾ هزارين ٽيليگراف آپريٽر پنهنجو ڪم ڇڏي وفاقي فوج ۾ ٽيلگراف آپريٽر جي حيثيت سان ڀرتي ٿي ويا هئا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ريلوي ۽ تجارتي ڪمپنين کي پنهنجو ڪم هلائڻ لاءِ ضرورت مطابق ماڻهو نه پئي مليا. انهن ڏينهن ۾ ٽيلگراف آپريٽرن کي وڏي آسانيءَ سان نوڪري ملي ويندي هئي. ۽ جيئن ئي انهن کي پنهنجي ڪم جو ٿورو گهڻو تجربو ٿيندو ويو. هنن جي پگهارن ۾ چڱو خاصو اضافو ٿي ويندو هو. ان کان علاوه ٽيليگراف آپريٽرن کي پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ سفر ڪرڻ ۽ نيون نيون شيون ڏسڻ جو ڪافي موقعو ملي ويندو هو. ٽيليگراف آپريٽر هڪ شهر کان ٿيندا ٻي شهر تائين وڃي نڪرندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي ملڪ جو دورو به ڪري وٺندا هئا ۽ سفر دوران پنهنجو خرچ به ڪڍي وٺندا هئا.
1863ع ۾ جڏهن ايل جي عمر 17 سال ٿي ته هُن محسوس ڪيو ته تار موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ هن کي ايڏي مهارت حاصل ٿي چڪي آهي ان ڪري هن کي باقائدي ٽيليگراف آپريٽر جي حيثيت سان ڪم ملي ٿي سگهيو. هن گرانڊ ٽرنڪ ريلوي اسٽيشن تي اخبارون کپائڻ وارو ڪم ختم ڪري ڇڏيو. 1864ع جي مئي واري مهيني ۾ ڪناڊا جي گهٽي فورڊ اسٽيشن ۾ اچي پهتو. اتي ريلوي اسٽيشن تي بطور ٽيليگراف آپريٽر ڪم ڪندو رهيو. ان نئين نوڪري ۾ هن کي صبح جو ستين وڳي کان وٺي شام جو ستين وڳي تائين ڪم ڪرڻو پوندو هو. تمام جلد هن نوجوان آپريٽر تار گهر ۾ پنهنجي تجربيگاهه ٺاهي ۽ مختلف تجربه ڪرڻ شروع ڪيا.
رات جي وقت، گاڏين جي اچڻ واري وقت دوران جيڪو وڏو وقفو هوندو هو ان ۾ ٽيليگراف آپرٽرن جو ٻيو ڪوبه ڪم نه هوندو هو، سواءِ ان ڪم جي ته هو تار مشين جي سامهون ويهي تار جي اچڻ جو انتظار ڪن. ۽ جيڪڏهن ڪو ضروري پيغام اچي وڃي ته پوءِ ان جو وري جواب موڪلي ڇڏين، اهو پڪ ڪرڻ لاءِ ته هر آپريٽر پنهنجي مشين جي اڳيان ويٺو آهي ۽ جاڳي پيو، ان ڊويزن جي سپرينٽينڊنٽ هڪ دلچسپ طريقو ايجاد ڪيو هو. هن اها اجازت ڏني هئي ته جڏهن به هڪ ڪلاڪ پورو ٿئي ته هر آپريٽر مرڪزي دفتر ۾ ڇهن جو انگ لکي تار ڪري ڇڏي. ايل ايڊيسن کي ان ڳالهه منجهائي ڇڏيو ته هر ڪلاڪ کان پوءِ ڇهن جو انگ لکي موڪليون ۽ ان لاءِ هن کي پنهنجي مطالعي ۽ تجربي کي اڌ تي ڇڏڻو پوندو هو. ان ڏٺو ته ڇهن جي انگ کي موڪلڻ هر ڪلاڪ کان پوءِ مشيني ڪم آ. هن سوچيو ته اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته مشين هر ڪلاڪ کان پوءِ پاڻ ئي پاڻ ڇهن جو انگ ۽ ڪجهه لڪيرون مرڪز ڏي موڪلي ڇڏي. ان مسئلي جي حل لاءِ ايل زندگي ۾ پنهنجي پهرئين تخليق/ايجاد ڪئي. هو هڪ ننڍي گهڙي وٺي آيو. ۽ ان کي پنهنجي ميز تي رکي ڇڏيو. ۽ ان کان پوءِ هو هڪ گول چڪرو کڻي آيو. ۽ ان جي ٻاهر ستين حصي ۾ وچ وچ تي ڏندا ڪڍيا هُن اِن چڪر جو تعلق ان گهڙي سان اهڙي نموني ڳنڍي ڇڏيو جو ڪلاڪ پورو ٿيندي ئي اهو چڪر آهستي آهستي ڦرڻ شروع ڪندو هو. ۽ ان کان پوءِ ان جو ڳانڍاپو تار موڪلڻ واري مشين سان ملائي ڇڏيو. جڏهن اهو چڪرو هڪ پورو چڪر لڳائي وٺندو هو ته ان جي حصي ۾ ٿيل ڏندن جي ڪري تار وارو اوزار ان ترتيب سان اکر ۽ لڪيرون موڪلي ڇڏيندو هو. جنهن مان 6 (ڇهن) جو انگ ظاهر ٿيندو هو. اهڙي ريت ايڊيسن، هر روز رات جو پيو ڪتاب پڙهندو هو، پنهنجا تجربا پيو ڪندو هو. ۽ هن جي ايجاد ڪيل مشين وڏي ڪاميابي سان هر ڪلاڪ کان پوءِ تار وسيلي 6 (ڇهن) جو انگ مرڪزي دفتر موڪلي ڇڏيندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڊويزن جي سپرنٽينڊنٽ جو ڌيان هڪ عجيب حقيقت جي طرف ويو. ايل جي طرفان موڪليل ڇهن جو انگ ٺيڪ ٻارنهن واري ڪانٽي تي پهچڻ سان ئي پهچي ويندو هو. ان ۾ ڪڏهن اڌ منٽ جو به فرق نه پيو. پر ان کان علاوه جڏهن به رات جي وقت اسٽريٽ فورڊ جنڪشن مان تار جي ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته اُتي هڪدم ڪوبه جواب نه ملندو هو. سپرنٽينڊنٽ ان ڳالهه جي جاچ پڙتال ڪرائي ته ان کي خبر پئي ته ايڊيسن يا ته پڙهندو رهي ٿو يا پنهنجي تجربيگاهه ۾ تجربو ڪندو رهي ٿو. ۽ هن جي ايجاد ڪيل مشين ٺيڪ وقت تي ڇهن جو انگ موڪلندي رهي ٿي. جيتوڻيڪ سپرنٽينڊنٽ ان ايجاد جي تعريف ڪئي. پر پوءِ به هُن کي حڪم ڏنو ته هو اها مشين اتان هٽائي ڇڏي. ۽ پنهنجي ڪم جي وقت ۾ پاڻ تار جي ميز تي موجود رهي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ايل پنهنجي ڪناڊا واري نوڪري ڇڏي ڏني. ڪجهه ڏينهن لاءِ، هو پنهنجي والدين سان پورٽ هورون ۾ ترسيو. ۽ پوءِ وري هو تار گهر ۾ ملازمت جي تلاش ۾ نڪري پيو. ۽ ان کان پوءِ پنجن سالن تان ايل ايڊيسن مختلف شهرن ۾ ٽيلگراف آپريٽر ٿي ڪم ڪندو رهيو. سن 1864ع کان 1868ع تائين، هن نيو آئرلينڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪم ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ ٽيليگراف آپريٽرن کي لائٽننگ اشارا چيو ويندو هو، ايل ايڊيسن سڄي ملڪ ۾ گهمندو ڦرندو رهيو. ۽ ريلوي ڪمپنيون يا ويسٽرن يونين ٽيليگراف ڪمپني جي لاءِ پنهنجي تار جي مشينن ذريعي، بجلي کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهيو. ايل ڪنهن به شهر ۾ کڻي ڪيترو گهٽ عرصو ڇو نه رهيو هجي، پر هن نه ئي ڪڏهن پنهنجو مطالعو ڇڏيو، ۽ نه ئي وري بجلي ۽ ڪيميائي سائنس جي متعلق پنهنجا تجربا بند ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن هو ٽيليگراف آپريٽر هو ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر ڏي پيو گهمندو ڦرندو هو. هن جو قد پنهنجي پوري اوچائي يعني 5 فٽ ساڍا نَوَ انچ تائين وڃي پهتو. ان وقت نه هو پنهنجي شڪل صورت مان ۽ نه ئي وري پنهنجي لباس جي ڪري ڪو خوبصورت لڳندو هو. هن جا ڏند صحيح نه هئا. ۽ ڀورن وارن جو جهڳٽو هميشھ هن جي اکين جي مٿان پيو لڙڪندو رهندو هو. هن جي چهري تي هن جو نڪ وڏو، ڊگهو ۽ ٻاهر نڪتل نظر ايندو هو، ڇو ته هو رات جو به دير تائين پيو ڪم ڪندو هو ۽ پنهنجو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندو هو. ان ڪري هن جو چهرو سفيد رهندو هو.
ايل هميشه سستي هوٽل ۾ رهندو هو، جن کي هو ”ماڻهن کي سيکاريندڙ/سکيا ڏيندڙ“ هوٽل چوندو هو. هن ڪيتريون ئي عجيب ۽ غريب ناپسنديده عادتون ٺاهي ڇڏيون هيون. هو پنهنجي لباس تي تمام گهٽ توجهه ڏيندو هو. عام طور تي هو پنهنجي گلي ۾ سستو سفيد ڪاغذ جو ڪالر لڳائي ڇڏيندو هو، ۽ ان سان گڏ نيڪ ٽاءِ ٻڌڻ جي به تڪليف گوارا نه ڪندو. ڪاغذ جي سستي ڪالر جي ميري ٿيڻ تي ان کي اڇلائي ڇڏڻ ۽ ڪاغذ جو نئون ڪالر خريد ڪري وٺڻ، ڪپڙي جي مهانگي ڪالر جي خريدڻ ۽ ان کي وري بار بار ڌورائڻ جي نسبت اهو ڪاغذ جو ڪالر هن کي سستو پوندو هو، هن کي ٽوپيون وڻنديون هيون. ان کان علاوه هو، مٿي تي ٻي ڪا شيءَ رکڻ جي لاءِ تيار نه هو، هن جا جوتا سدائين پراڻا ۽ ڇڳل ٽٽل هوندا هيا. انهن جوتن مشڪل سان ڪڏهن ڪنهن پالش جو منهن ڏٺو هوندو. ۽ هي جوتن کي برش سان صاف ڪرڻ جو ڪڏهن به قائل نه هو. هن کي ڊگهي ڊگهي بي ڊولي قميص پسند هئي، جن تي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ڪيميائي نشان ۽ داڳ لڳل نظر ايندا هئا.
انهن ئي ڏينهن ۾ ايل ڪجهه چڱيون عادتون به ماڻي ورتيون هيون. 1860ع کان 1870ع وارن سالن ۾ تار جي ذريعي موڪليل سڀئي پيغام سادي نموني سان هٿ سان ئي لکيا ويندا هئا. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ٽائپ رائيٽر اڃان ايجاد نه ٿيو هو. جڏهن ٽيليگراف آپريٽر جي حيثيت سان، هو آمريڪا جي ڏکڻ ۽ اولهه رياستن ۾ گهمي رهيو هو ته هن تمام تڪڙي خوبصورت ۽ صاف شفاف اکرن لکڻ جي مشق پچائي ورتي هئي. اهي اکر ڄڻ ته ڇپائي ٿيل هجن، اهڙا ته خوبصورت ۽ پڙهڻ ۾ آسان هوندا هئا، جو دل ڏسي خوش ٿي ويندي هئي.
1864ع کان 1868ع دوران هن نوجوان آپريٽر پنهنجو نالو ”ايل -L“ لکڻ ڇڏي ڏنو. ۽ ”ٿامس“ چورائڻ لڳو. پنهنجي هن نئين نالي ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ ، هن نئين انداز سان پنهنجي صحيح Signature ڪرڻ جي مشق ڪئي. ۽ ان کان پوءِ سڄي زندگي اها ئي صحيح ڪندو رهيو. هن جي صحيح ٽي ’T‘ اکر سان شروع ٿيندي هئي. ’T‘ جو اکر تمام وڏو لکندو هو. ان ٽي جو مٿيون حصو ساڄي طرف تمام گهڻو ڇڪيل/وڌيل هوندو هو، ۽ هو هيٺ لکيل ٻين اکرن تي هڪ وڏي ڪاري ڇت جيان ڪا شي ٺاهيندو هو. ٿامس ۽ ايڊيسن جي وچ ۾ هڪ وڏو انگريزي جو ‘A’ لکندو هو، ۽ ان کان پوءِ وري ڪوبه ٽٻڪو/نقطو به نه لڳائيندو هو.
جن ڏينهن ۾ ايڊيسن سناٽي ۾ رهندو هو ۽ ڪم ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ ملٽن ايف ايڊمس نالي هڪ ٻئي ٽيليگراف آپريٽر سان هنجي ملاقات ٿي. ٽام ۽ ملٽ ٻئي هڪ ٻئي جا ٿوري عرصي ۾ ئي دوست ٿي ويا. اُهي ٻئي گڏجي پنهنجن دوستن سان چرچرا ڀوڳ پڻ ڪندا رهندا هئا ۽ انهن کي بيوقوف بڻائي مزو وٺندا هئا. ايڊيسن سناٽي جي تنگ ۽ تاريڪ جاين ۽ ماڻهن کي سڪائي ڇڏيندڙ هوٽل جي تڪليفن کي هي ٻئي ڄڻا گڏجي برداشت ڪندا هئا. گڏوگڏ ڪتاب پيا پڙهندا هئا. ۽ تار موڪلڻ جي وڌيڪ ڄاڻ پيا حاصل ڪندا هئا. آخرڪار ملٽن نيو انگلينڊ هليو ويو. ۽ ٽام ايڊيسن پهريائين لونر وِلي ۽ ان کان پوءِ وري اولهه آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ گهمندو ڦرندو رهيو.
1867ع جي آخر ۾ ٽام مچي گن رياست جي هورون پورٽ شهر ۾ پنهنجي گهر موٽي آيو. انهن ڏينهن ۾ هو جوان ٿي چڪو هو، پر ڪنهن کي متاثر ڪرڻ جي هن ۾ اڃان اهليت نه هئي. تار موڪلڻ ۽ ڪيميائي سائنس ۾ ته هن کي ڪافي مهارت حاصل ٿي چڪي هئي. پر پئسو ٺاهڻ ۽ زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جي فن کان هي چڱي طرح واقف نه هو. پورٽ هورون کان ٽام ايڊيسن پنهنجي دوست ملٽ کي هڪ خط لکيو، جيڪو بوسٽن ۾ ويسٽرن يونين ڪمپني ۾ ملازم هيو. ملٽ جي طرفان تمام اميدن ڀريو جواب آيو. بوسٽن پنهنجي ڪمپني جي مينجر جارج ايف ملي گن سان ٽام ايڊيسن جي تار موڪلڻ واري مهارت جي سلسلي ۾ ڳالهايو. مينجر چيو، ”ان ماڻهو کي منهنجي دفتر گهراءِ، مان ان سان ڳالهائيندس ۽ جيڪڏهن هو اِهي سڀ ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪي توهان چئو پيا ته پوءِ مان هن کي پنهنجو ملازم ضرور رکندس“.
1867ع جي آخري ڏينهن ۾ ٽام پنهنجي والدين کان موڪل ورتي. ۽ مونٽريال ويندڙ گاڏي تي سوار ٿي ويو. هميشھ جيان هِن ڪاٽن جي سنهي ڪپڙي جي ڊگهي قميص پاتي هئي. جڏهن ريل گاڏي ڪناڊا کي پار ڪندي، برف جي طوفان مان گذري پئي ته ڪنهن جاءِ تي برف وڌيڪ ڪِرڻ جي ڪري گاڏي بيهي وئي. ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون گاڏي ۾ بند مسافر سردي ۽ بک وگهي مرڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. آخرڪار گاڏي مقرر وقت کان 4 ڏينهن بعد ۾ مونٽريال پهتي. پنهنجي ڊگهي قميص ۾ ملبوس ٽام ايڊيسن آمريڪا جي رياست کي پار ڪيو ۽ بوسٽن طرف وڌندو رهيو. ان وقت هو زندگي جي طويل ڏاڪڻ جي پهرئين ڏاڪي تي قدم رکڻ وارو هو. جنهن تي پير رکڻ کان پوءِ هن کي غير معمولي شهرت ۽ دولت ملڻ واري هئي.
(2)
1868ع جا شروعاتي ڏينهن هئا. انهن ڏينهن برف باري ٿي رهي هئي ۽ سيءَ جو درجه حرارت ڪاٽو (minus)۾ وڃي رهيو هو. ٽِيپهري جو بوسٽن ۾ ويسٽرن يونين جو دروازو آهستي کليو ۽ ٽام ايڊيسن دروازي کان اندر داخل ٿيو. هڪ وڏي ڊگهي ميز جي سامهون ڪيترائي ٽيليگراف آپريٽر پنهنجن پنهنجن آلاتن جي اڳيان ويٺل نظر آيا. تيل جا ڏيئا سردي جي موسم واري ڪُهيڙ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. تار جون مشينون ٽِڪ ٽِڪ ڪري رهيون هيون. هي دفتر به انهن ئي دفترن جهڙو هو، جن ۾ گذريل ڏينهن ۾ ٽائيمر ايڊيسن هلندي ڦرندي پيو ڪم ڪندو هو.
هڪ شخص ميز تان سر مٿي کنيو ۽ اُڇل ڏيئي اُٿي بيهي رهيو. اڙي واهه! ايڊيسن! تون ؟ هن وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان هٿ ملائيندي چيو.
”مان هتي اُن نوڪريءَ جي باري ۾ آيو آهيان. جنهن جي باري ۾ تو مون کي خط لکيو هو“. ايڊيسن پنهنجي دوست ملٽ سان هٿ ملائندي چيو.
”اچ مان توکي پنهنجي مينيجر سان ملايان“. مِلٽ ٽام کي مينيجر وٽ وٺي آيو. ملٽ چيو، ”جناب مِلڪن صاحب! هي منهنجو دوست ايڊيسن آهي توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه هفتا اڳ ۾، مون توهان سان هن شخص جي باري ۾ ڳالهايو هو“.
”جي! ايڊيسن صاحب توهان خوش ته آهيو نه“ مِلڪن ايڊيسن سان هٿ ملائيندي پڇيو.
”اسان کي رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ضرورت آهي. ليڪن توهان کي ملازم رکڻ کان اڳ ۾، مان توهان جي ڪم ڪرڻ جي جهلڪ ڏسڻ چاهيان ٿو. ته جيئن مون کي اندازو ٿي وڃي ته توهان ڪيتري رفتار سان تار وصول ڪيو ٿا. توهان اڄ رات جو ستين بجي اچو. جيڪڏهن توهان ان رفتار سان تار وصول ڪري ويندؤ، جنهن رفتار سان اسان کي ضرورت آهي، ته پوءِ توهان کي اها نوڪري ملي ويندي“.
شام جي ستين بجي ٽام ايڊيسن وري به ويسٽرن يونين جي دفتر پهتو. مِلڪن وٽ پهچي هن چيو، ”جناب مان تار جي پيغام وصول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“.
مِلڪن هن کي هڪ ميز وٽ وٺي اچي ويهاري ڇڏيو. ميز تي مختلف قسمن جا رنگين پنا پيا هئا. ”هي اسان جي نيويارڪ کان خبرون وصول ڪرڻ جي تار /لائن آهي. توهان هڪ ڪلاڪ تائين هن تي خبرون وصول ڪندا رهو. ۽ ڪجهه به نتيجو ملي، مون کي اچي ڏيکاريو“.
ٽام پنهنجو قلم سنڀالي ورتو. جيستائين پيغام معمول جي رفتار سان ايندا رهيا، تيستائين اهي وصول ڪرڻ ۽ لکي وٺڻ ۾ هن کي ڪابه تڪليف نه ٿي، پر پوءِ آهستي آهستي پيغام اچڻ جي رفتار تيز ٿيندي وئي. تار جي مشين تي پيغام پهچندڙ لفظن کي تڪڙي تڪڙي پني تي اتارڻ ۾ هن کي هاڻي تڪليف ٿيڻ لڳي پر هن هٿ تڪڙي هلائڻ شروع ڪيو. نيويارڪ مان پيغام/ تار ڪندڙ شخص پنهنجي تيز رفتاري جي ڪري وڏو مشهور هو. ٽام تيز تيز لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن جي آڱرين ۾ سور پئجي ويو. ۽ هن جي پيشاني تي پگهر اچڻ لڳو، پيغامن اچڻ جي رفتار اڃان به تيز ٿيندي وئي.
هڪڙي پاسي کان کلڻ جو آواز ٻڌي، ٽام سر مٿي ڪري ڏٺو. کلڻ وارو ماڻهو هن کان ٿورو پري ئي هڪ ميز تي ويٺل هو. هن جي چهري ڏي ڏسندي ايڊيسن محسوس ڪيو ته هن امتحان جي ذريعي هن سان هڪ وڏو مزاق ڪيو پيو وڃي. هُن ڏند ڀڪوڙي، وڏي مضبوط ارادي سان تار جي ان اشارن کي/اکرن کي جلدي جلدي لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي ان وقت ايڏي تيز رفتاري سان اچي رهيا هئا. جو ان جو تصور ئي نه پيو ڪري سگهجي.
هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ ٽام نيويارڪ جي آپريٽر کي هڪ مختصر پيغام ڏنو. جنهن جو جواب به اچي ويو. ٽام ان جواب کي به آخري ڪاغذ تي اُتاري ڇڏيو. پوءِ هو وري پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو. ۽ پيغامن جو دستو پاڻ سان کڻي مِلڪن ڏي هليو ويو. ان صفحن تي نظر وجهندي مِلڪن چيو، ”تنهنجي لکڻي/تحرير اکر تمام سهڻا سمجهه ۾ ايندڙ آهن. تو ثابت ڪري ڇڏيو ته تون تار جا پيغام سٺي نموني سان وصول ڪري سگهين ٿو. پر هي ڇا ؟“ ”مِلڪن وڏي آواز ۾ پڙهيو. ”مان ته بيمار ٿي پيو آهيان. هاڻي نئون ماڻهو اچي تار موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيندو“. هي ڪهڙي خبر آهي“
ٽام جواب ڏنو، ”هي ته ڪجهه ناهي، پر نيويارڪ جي آپريٽر جو اهو خيال هو ته هو تمام تيز رفتار تار موڪلڻ ۾ ماهر آهي. مون برقي لائن تي ان کي چيو هو ته، ”تار جي آلي/مشين تان پنهنجي ڀڳل ٽنگ هٽاءِ ڇڏ، پنهنجي ساڄي ٻانهن سان جلدي جلدي پيغام موڪليندو رهه. ڇو ته تنهنجا اشارا ايڏا آهستي آهستي اچي رهيا آهن، جو مون کي اهي لکندي لکندي ننڊ نه اچي وڃي.
Deciding to put up a job on the guy from the woolly West, they arranged to have one of the fastest senders in New York sent the dispatch and ‘salt’ the new man. But the unsuspicious Thomas easily adapted to the speed of the New York sender. A few minutes into the exercise, he happened to glance at the faces of the other operators and realized that they wanted to muddle him. He waited the end and then telegraphed the New York operator; “Say, young man, change off and send with your other foot”.
ان کي اهو ڄاڻي ڏک ٿيو هوندو. مان هن جي تيز کان تيز رفتار سان گڏ هلي سگهان ٿو. مِلڪن کلي ڏنو... صحيح امتحان جي آزمائش لاءِ مون توکي اهڙي ماڻهوءَ جا پيغام لکڻ لاءِ چيو هو. جيڪو اسان جي ڪمپني ۾ سڀني کان وڌيڪ تيز رفتار تار موڪليندڙ سمجهيو ويندو آهي. تون ان کان پوئتي نه رهئين. مان توکي نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ڇا تون هاڻي، بلڪل هينئر کان ئي ڊيوٽي شروع ڪري سگهين ٿو.
”جي هان، ضرور“ ايڊيسن جواب ڏنو.
مينيجر چيو، ”تمام سٺو! هاڻي تون ڪمپني جو ملازم آهين. تون وڃي چار نمبر واري ميز/ٽيبل سنڀال“.
رات جا ڪلاڪ تيزي سان گذرندا رهيا. جيئن ئي گهڙيءَ ٻارنهن وڄايا، بلڪل ان وقت هڪ پوڙهو، سنهو آئرش ماڻهو اندر داخل ٿيو. جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ ديڳڙو هو ، جنهن ۾ ڪافي ۽ دال اُٻري رهيا هيا ۽ ٻي هٿ ۾ سنبوسن ۽ ڪيلن جي ٽوڪري هئي.
ملٽ هن کي ٻڌايو ته، ” هي پوڙهو آئرش هرروز رات جو اچي ٿو. دفتر ۾ ڪم ڪندڙ ملازم، رات جي ماني هن کان خريد ڪندا آهن“. ٽام به هن کان هڪ سينڊوچ خريد ڪيو. ان سينڊوچ کي ميز تي رکي، هو ڪافي جو هڪ ڪوپ خريد ڪرڻ لاءِ ويو. جڏهن هو واپس پنهنجي ميز تي آيو ته هن ڏٺو ته ٽي وڏا وڏا تڏ، هن جي سينڊوچ ڏي وڌندا پئي آيا. ٽام چئني پاسن کان پنهنجي نظر ڦيرائي ۽ ڏٺو ته سڀئي آفيس وارا پنهنجي هٿن ۾ اخبارون کڻي، انهن تڏن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ٽام ملٽ کان پڇيو ، ”ڇا روز ائين ئي ٿيندو آ هتي“؟.
ملٽ کلندي چيو، ”ڪڏهن ڪڏهن ايترو فرق ضرور ٿيندو آهي جو ڪجهه هزار وڌيڪ تڏ ٻاهر نڪري ايندا آهن“.
”پو ته مون لاءِ اهو مناسب ٿيندو ته مان تڏن کي مارڻ واري مشين هتي ئي لڳايان“.
One day tow cockroaches landed on Thomas’s lunch box and made a meal of his pie and sandwich. The aggrieved Thomas declared, “just wait till tomorrow night, and if I don’t paralyze every roach in this building, I’ll eat my old boots”.
سموسو کائڻ کان پوءِ ٽام، پنهنجي ميز جي پويان ڀت تي تين جون 2 عدد پليٽون لٽڪائي/ لڳائي ڇڏيون. اهي پليٽون هڪ ٻئي جي برابر هيون. ۽ هڪٻئي کان ڪو چوٿائي انچ جيتري پري هيون. آپريٽر وڏي اشتياق سان ڏسي رهيا هئا ته آخري ايڊيسن ڪري ڇا پيو؟ ايڊيسن تين جي هڪ پليٽ سان گڏ هڪ بيٽري جي مثبت positive پول/ڇيڙي کي ڳنڍي ڇڏيو. ٻي پتري سان وري هڪ ٻي تار جي ذريعي ان بيٽري جي منفي /نيگيٽو negative پاسو ڳنڍي ڇڏيو. ”هاڻي ڏسجو ته ايڊسن جي تڏن کي مارڻ واري مشين ڪيئن ٿي ڪم ڪري“. ٽام چيو.
هڪ وڏو ڪارو تڏ ڀت مان هيٺ لهڻ لڳو. تين جي پهرين پليٽ تائين هو هڪدم هليو آيو. پر هن کي ڪجهه به نه ٿيو. پر جيئن هن جا اڳيان پير تين جي ٻين پليٽ تي پيا، ته تڏ جي سڄي جسم ۾ بجلي داخل ٿي وئي. ۽ ٻي نظر ۾ تڏ زمين تي اچي ڦهڪو ڪيو. دفتر جي مڙني ملازمن تڏن کي مارڻ واري هن مشين جي وڏي تعريف ڪئي.
بجلي سان تڏن کي مارڻ واري هن مشين جي مشهوري، ٿوري ئي عرصي ۾ پري پري تائين ڦهلجي وئي. ۽ تار گهر ۾ هر وقت ايندڙ ماڻهن جي وڏي رش، هن مشين جي ويجهو اچڻ لڳي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ته هن مشين کي ڏسندڙن جو هجوم ايترو وڌي ويو جو، ان ڪري دفتر جي ڪم ۾ خلل پئدا ٿيڻ لڳو. تنهنڪري مينيجر ملڪن ٽام کي چيو ته، ”هو اها مشين اتان هڪدم هٽائي ڇڏي“.
اڳين ٻن هفتن تائين ٽام، ملٽ سان بوسٽن جي ٿيئٽرن ۾ ويندو رهيو. هو اڪيلو عوامي لئيبريرين ۾ ويندو هو ۽ اتي ئي ڪتاب پڙهندو رهندو . هو پراڻا ڪتاب خريد ڪندو هو، هڪ دفعي هڪڙي واڪ ۾ هن کي 20 جلدن تي مشتمل هڪ آمريڪن ريويو نالي North American Review ٻن ڊالرن ۾ ملي ويو. هن اُهي ڪتاب ٻڌرايا ۽ ٽيليگراف آفيس کڻائي آيو. پر رات جو جڏهن ٽين وڳي هن جي ڊيوٽي ختم ٿي، ۽ هو تڪڙي تڪڙي ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ کڻي نڪري پيو. اونداهه گهٽين کان ٿيندو هو گهر پئي ويو، پر هن کي ڪنهن ڪنڊ ۾ رات جي ڊيوٽي تي ڪنهن پوليس واري ڏسي ورتو ۽ هن کي بيهي وڃڻ جو حڪم ڪيائين، پر جيئن ته هي ٻوڙو هو ، ان ڪري هن پوليس واري جو حڪم ٻڌو ئي ڪون. هڪ ئي اڳ ۾ هي ٻوڙو هو، ٻيو ته رات جو هن کي گهڻي دير ٿي وئي هئي، هي چاهي پيو ته گهر تڪڙي تڪڙي پهچي، پر پوليس وارو سمجهي پيو ته ڪو هي چور آهي، ٿيلهي ۾ چوري جو سامان کنيو پيو وڃي. سو هن ٻيهر هن کي رڪڻ جو حڪم ڏنو پر وري ايڊيسن نه ٻڌو سو هن ٻه ٽي اهڙا فائر ڪيا جيڪي هن جي ڪنن کان سوسراٽ ڪندا هليا ويا. پوءِ هن آواز ٻڌو ۽ بيهي رهيو. پوليس وارو ڀڄندي هن جي پويان آيو، هٿيار تاڻي هن تي بيهي رهيو. ”ٿيلهي ۾ ڇا ٿئي“؟، ٿيلهو کول جلدي“.
ٿامس ٿيلهو کوليو ته ان ۾ ڪتاب نظر آيا. پوليس واري جو منهن ئي لهي ويو. ”ڪتاب!“. تو کي جڏهن مون بيهڻ جو حڪم ڏنو ته تون ڇو نه بيٺين“؟. پوليس واري حيرت مان پڇيو.
”ٽام چيو، مون کي افسوس آهي، هڪ ته مان ٻوڙو آهيان، ان ڪري اوهان جو حڪم نه ٻڌي سگهيس“.
”ڇوڪرا ! پاڻ کي خوش قسمت سمجهه، جيڪڏهن منهنجو نشانو ڪچو نه هجي ها ته اڄ تون سلامت نه هجين ها“.
هن پنهنجي لاءِ هڪ نئون سوٽ خريد ڪيو. پر ان تي ئي وري ايندڙ آچر تي تيزاب هاري وڌو ان ڪري ان تي وڏا وڏا سوراخ ٿي ويا.
ملٽ انتهائي نفاست پسند انسان هو. هن ايڊيسن کي ڪپڙن جي معاملي ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي ڏاڍو ڳالهايو. جنهن جي جواب ۾ ايڊيسن چيو،”مون غلطي ڪئي جو هڪ سوٽ تي 30 ڊالر خرچ ڪيا، ان جو مون کي اهو سبق مليو آهي، مون کي پنهنجي پراڻي سوٽي ڪپڙي واري قميص کان ئي ڪم هلائڻ گهربو هو“.
Thomas looked at it and simply said “That’s what I get for putting so much money into a suit”.
(3)
اڃان ٽام ايڊيسن بوسٽن ۾ آيو ئي مس هو ته هن ڪيمياوي سائنس ۽ بجلي جي متعلق /باري ۾ پنهنجا تجربا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ها. هن کي پنهنجن ڪمن لاءِ ڪنهن خاص قسم جي اوزارن جي ضرورت هئي. هن انهن اوزارن جا خاڪا /شڪليون پاڻ پينسل سان ٺاهيون، ڇو ته اهڙي قسم جا اوزار ڪنهن به دڪان مان نه پئي مليا. بوسٽن ۾ 109 پورٽ اسٽريٽ ۾ چارلس وليمز جي مشين ٺاهڻ واري دڪان هئي. جتي وليمز پراڻي قسم جا بجلي جا اوزار ٺاهي کپائيندو هو. جڏهن ٽام ان ڪاريگر کي پنهنجا ڪجهه خاڪا ڏيکاريا، ته هو هڪدم تيار ٿي ويو ته هو ايڊيسن جي ضرورت واريون شيون هن کي ٺـاهي ڏيندو.
ٽام ۽ ملٽ ٻئي جنهن ڪمري ۾ رهندا هئا، اهو ايترو ننڍو هو جو ان ۾ رهڻ ۽ تجربا ڪرڻ، ٻئي ڪم چڱي طرح نه پئي ٿي سگهيا. نوجوان سائنسدان کي، پنهنجن تجربن لاءِ، اڃان وڌيڪ جڳهه جي ضرورت هئي. هن وليمز کان ئي هن جي پورٽ اسٽريٽ واري دڪان ۾ هڪ ڪمرو ڀاڙي تي وٺي ڇڏيو. 1868ع جي خزان واري موسم ۾، ايڊيسن، ان ڪمري ۾ ان ايجاد جي سلسلي ۾ ڪم ڪندو رهيو، جيڪو هن جي ذهن ۾ ڪافي عرصي کان چڪر ڪاٽي رهيو هو. پورٽ اسٽريٽ ۾ وليمز جي مشينن واري ان دڪان ۾ اچي ستن سالن کان پوءِ، هڪ ٻيو نوجوان سائنسدان اليگزينڊر گراهم بيل دنيا جو پهريون ڪامياب ٽيليفون جو اوزار ٺاهيو. پر اها ته مستقبل جي ڳالهه هُئي، 1868ع ۾ ايڊيسن وڏي صبر ۽ همت سان پنهنجي پهرين حقيقي ايجاد کي مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف رهيو.
واشنگٽن ۾ ”نمائندن جو ايون“ parliament ۾ اجلاس ٿيندا هُئا. هي ادارو سرڪار لاءِ قانون ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن به ڪنهن قانونسازي جي سلسلي ۾ ووٽ ورتو ويندو هو ته هن اداري جو ڪلارڪ هر هڪ ميمبر جو نالو پڪاريندو هو. ۽ ان جي نالي جي اڳيان ميمبر جي چوڻ مطابق ”ها“ يا ”نا“ جو نشان لڳائي ڇڏيندو هو. ان کان پوءِ ووٽ ڳڻي هو نتيجو ٻڌائيندو هو. ان ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ويندو هو. ۽ ان ڪم کي مشين آساني سان، بهتر نموني ، انتهائي ٿوري وقت ۾ ڪري سگهي پئي. ان ڪري ٽام هڪ اهڙي مشين تيار ڪرڻ جو تجربو ڪري رهيو هو، جنهن جو نالو هن ”ووٽ رڪارڊر مشين“electric vote recorder رکيو. ايڊيسن جي هن ”ووٽ رڪارڊر“ مشين ذريعي، ڪارنگريس جو ميمبر پنهنجي ڪرسي تي ويٺي ويٺي ”ها“ يا ”نا“ جو بٽڻ دٻائي ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندو هو ، ان کان پوءِ ان جو ووٽ، اتي لڳل بورڊ تي لکجي ايندو هو /داخل ٿي ويندو هو. 11 آڪٽوبر 1868ع جو ايڊيسن پنهنجي ان مشين کي پيٽنٽ/رجسٽري ڪرائڻ لاءِ ضروري ڪاغذ ڀريا ۽ رجسٽري ڪرڻ واري کاتي کي موڪلي ڇڏيا.
ان کان پوءِ هي نوجوان پنهنجي اها مشن ڪانگريس کي وڪرو ڪرڻ ڏيڻ لاءِ واشنگٽن اچي نڪتو. ڪانگريس جي منتخب /چونڊيل ڪميٽي جي نمائندن کي هن پنهنجي اها مشين ڏيکاري. پر ڪانگريس اها نه پئي چاهي ته ڳڻپ جو ڪم ايتري ٿوري وقت/عرصي ۾ ٿئي. ڪو به ميمبر، اهو نه پيو چاهي ته اها ڳالهه ٻي ماڻهن کي خبر پوي ته ميمبر پنهنجو ووٽ ڪنهن جي حق ۾ ۽ ڪهڙي پارٽي کي ڏنو آهي.
One of the politicians scolded Thomas remarking: “this is exactly what we do not want… your invention would not only destroy the hope the minority would have in influencing legislation, it would deliver them over-bound hand foot to the majority”.
دير ڪرڻ واري ان حربي کي ڪانگريس جا ماڻهو پنهنجي هٿان نه پيا وڃائڻ چاهين. تنهنڪري ڪانگريس جي ان ڪميٽي ايڊيسن جي ان ايجاد کي خريد ڪرڻ جي منظوري نه ڏني. حالانڪ هن ايجاد جو رجسٽرڊ نمبر 90646 ، پهرين جون 1869ع ۾ ملي ويو هو تاهم هن جي هي پهرين ايجاد مالي اعتبار کان ناڪام ثابت ٿي. هن مشين جي نه کپڻ جو ايڊيسن کي اهو تجربو ٿيو ، ته هو اڳتي ڪا اهڙي شي ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو، جنهن جي گهرج اڳ ۾ موجود نه هجي.
The experience of his electric vote recorder taught him a very important business lesson which he followed throughout his life: “never waste time inventing things that people would not want to buy”.
تار( ٽيليگراف) جي ايجاد تمام گهڻي ڪامياب ٿي وئي هُئي، هاڻي ايڊيسن پنهنجي مڪمل توجهه ان تي وجهي ڇڏي. ٿوري عرصي کان پوءَ هن بجلي تي هلڻ واري ”اسٽاڪ ٽڪر“ stock ticker مشين ايجاد ڪري ڇڏي. ان مشين جي زريعي گولڊ ايڪسچينج کان اها جاءِ جتي دلال سون جي خريد و فروخت ڪندا آهن. جتي سون جو اگهه ٿوري ٿوري دير ۾ بدلجندو رهندو آهي. سون جي بدلجندڙ قيمتن جي خبر هڪ ئي وقت ڪيترن ئي جاين تي موڪلي سگهبي هُئي. دلالن کي ان گهٽ وڌ ٿيندڙ قيمتن کي ڄاڻڻ جي ضرورت هوندي هئي. ٽام لڳ ڀڳ 40 تجارتي دفترن ۾ پنهنجي هي مشين لڳائي ۽ مشين کي هلائڻ لاءِ پنهنجي نجي تار لڳائي.
ٽيليگراف آپريٽر جي حيثيت سان، پنهنجو روز مرهه جو ڪم ڪندي، ٽام ايڊيسن کي هڪ ٻي ايجاد جو خيال اچي ويو. هن سوچيو ته ڇو نه هڪڙي ئي لائين/تار تي ٻه پيغام هڪڙي ئي وقت موڪليا وڃن، ان ڪري موجود وقت جيڪي پيغام موڪليون ٿا، ان جو تعداد ٻيڻو ٿي ويندو. ايڊيسن پنهنجي هن ڊپليڪس ٽيليگراف تجربن تي مڪمل طرح سان ڌيان ڏيڻ لڳو. هڪ ئي وقت ۾ هڪڙي ئي تار تي ٻه پيغام موڪليندڙ هن مشين جو نالو ” ڊپليڪس ٽيليگراف“ رکيو. هن کي هاڻي اها ڄاڻ ٿي وئي ته هڪ ئي تار ۾ هو بجلي جي رفتار کي ٿورو تيز ڪري ڊپليڪس نظام تيار ڪري سگهي ٿو.
جيئن جيئن ٽام ايڊيسن پنهنجي هن مشين جي تياري ۾ مصروف ٿيندو ويو، تئين تئين ملٽ ايڊمس جي بيچيني به وڌندي وئي. سن 1868ع جي خزان واري موسم ۾ هن ايڊيسن کي الوداع چيو ۽ سان فرانسسڪو لاءِ روانو ٿي ويو. ان وقت هن جي کيسي ۾ فقط 60 سينٽ هيا.
بوسٽن ۾ هاڻي ايڊيسن اڪيلو رهجي ويو هو. هو ڊپليڪس واري نظام جي ايجاد لاءِ اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. آخرڪار هن کي يقين ٿي ويو ته هن جي ايجاد مڪمل ٿي وئي آ ۽ هاڻي ڊپليڪس نظام ڪاميابي سان ڪم ڪري سگهي ٿو. هن پنهنجي ويسٽرن يونين جي ملازمت کان استيفيٰ ڏيئي ڇڏي. ۽ پنهنجي نئين ايجاد جي نمائش جي ڀرپور تياري ڪرڻ لڳو. اِن نمائش جي ڪاميابي لاءِ هن پنهنجن دوستن کان اوڌارا پئسا ورتا.
In January of 1869, Thomas left his job as telegrapher and devoted himself full time to his inventions. With time however, he realized that his best chance as an inventor lay in New York, with this in view, he borrowed $35 from his friend, Michael Breeding and sailed for the big apple.
اٽلانٽڪ ائنڊ پيسيفڪ ڪوسٽ ٽيليگراف ڪمپنيءَ پنهنجي رجسٽرڊ ٿيل ۽ وچولي قسم جي لائين/تار تي، هن کي اُن تجربي جي اجازت ڏيئي ڇڏي. ڪمپنيءَ ماڻهن کي اهو يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ايڊيسن جي ان ايجاد ڪاميابي سان ڪم ڪيو ته پوءِ ڪمپني هميشه لاءِ اهو ڊپليڪس نظام استعمال ڪندي ۽ ايڊيسن کي ان جو معاوضو پڻ ڏيندي.
ٽام ايڊيسن هڪدم روچسٽر پهتو. نيويارڪ جي شهر ۾ هن پنهنجي هڪ مددگار helper کي به موڪليو، پر اُن معاون کي نه ته هن جي سڄي ڪم جي خبر هئي، نه ئي ان کي سمجهي سگهي پيو. روچسٽر ۾ ايڊيسن پنهنجي ايجاد ڪيل مشين جي ويجھو ويهي رهيو. ۽ وڏي بيچيني سان نيويارڪ کان ايندڙ پيغامن جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. بدقسمتي سان تار ۾ هيٽن شهر جي ويجهو ٿوري فني خرابي ٿي پئي، ايڊيسن جي ناتجريبڪار ماڻهوءَ کي اها خبر ڪانه هئي ته اهڙي وقت ۾ هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. نتيجو اهو نڪتو جو پيغام نيويارڪ مان روچسٽر نه پهچي سگهيا. ۽ ائٽلانٽڪ ائنڊ پيسيفڪ ڪمپني اهو طئي ڪري ڇڏيو ته ”ڊپليڪس نظام“ ناڪام ويو آهي.
ان وقت ايڊيسن تي اٺ سو کان به مٿي ڊالرن جو قرض ٿي چڪو هو. پر هن کي يقين هو ته هن جي ايجاد ”ڊپليڪس نظام“ ضرور ڪامياب ويندو. هو وري هڪ دفعو ٻيهر بوسٽن موٽي آيو. ڪجهه عرصو اتي رهڻ کان پوءِ وري هن کي خيال آيو ته هن کي نيويارڪ وڃڻ گهرجي. اتي ئي هو سولائي سان ڊپليڪس نظام جي تڪميل ڪري سگهندو. ۽ ممڪن آهي ، هن کي ان جي تجربي ڪرڻ جو ٻيهر موقعو به ملي وڃي. جون جي مهيني ۾ بلڪل خالي کيسي سان هو، بوسٽن مان نيو يارڪ روانو ٿي ويو.