شخصيتون ۽ خاڪا

ٿامس ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ٿامس ايڊيسن ننڍي ماڻهوءَ مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ هن هزارين ايجادون ڪيئن ڪيون؟ هن ڪهڙي عمر کان وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟ هن جون ايجادون ڇا آمريڪي ماڻهن تائين محدود هيون؟ هن پنهنجو نالو ڪيئن بيهاريو؟ هن پنهنجي ملڪ جو نالو ڪيئن روشن ڪيو؟ هن وٽ آخر ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي جنهن جي ذريعي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان پنهنجي زندگي جا رخ ڪيئن ٿو موڙي سگهي، ۽ ڪاڏي ٿو موڙي سگهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب هن ڪتاب ۾ موجود آهن.
Title Cover of book ٿامس  ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ايڊيسن ۽ متحرڪ تصويرون

(1)

بجلي جي روشني جي ايجاد کان پوءِ، 10 سال ايڊيسن جي زندگي جا انتهائي مصروف سال رهيا. هو هڪ کان ٻي برقي ڪرنٽ جي ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. آمريڪي گهرن ۽ ڪارخانن ۾ بجلي پهچائڻ کان پوءِ، ايڊيسن ريل گاڏين کي بجلي سان هلائڻ جي تجويز ڏني. سن 1881ع ۽ 1882ع دوران مينلو پارڪ جي هن جادوگر، دنيا جي پهرين بجلي سان هلندڙ مڪمل ريل گاڏي تيار ڪري ورتي. هن جي تيار ڪيل بجلي جا بلب، ڪافي وقت استعمال ڪرڻ کان پوءِ، اندران ڪارا ٿي ويا. انهن ۾ هڪڙي هلڪي سنهي ڪاري تهه ڄم پئي وئي. هن ان کي ”ايڊيسن اثر“ جو نالو ڏنو. ۽ ان کي حڪومت کان رجسٽر ڪرائي ورتو. ان کان پوءِ ٻين ماڻهن به هر بلب ۽ ريڊيو جي صنعت ۽ جديد ٽيلي وزن جي اوزارن ۾ ڪم ايندڙ هر ٽيوب ۾ هن ايڊيسن اثر جو استعمال ڪيو.
سن 1881ع ۽ 1887ع دوران ايڊيسن هڪ اهڙي ايجاد ڪئي، جنهن ذريعي، ڪنهن به هلندڙ ريل گاڏي ۾، تار / پيغام موڪلي سگهجن پيا. هن ان ايجاد کي به پيٽنٽ ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ، هن هڪ اهڙو نظام ايجاد ڪيو، جو هڪ هلندڙ ريل گاڏي مان، ٻي هلندڙ ريل گاڏي تائين، بغير تار جي پيغام موڪلي سگهجن پيا. هن هڪ اهڙو طريقو به تلاش ڪري ورتو، جنهن جي ذريعي منهوڙي تي موجود جهاز يا وري هڪ جهاز کان ٻي جهاز تائين، بغير تار جي به پيغام موڪلي سگهجن پيا. آمريڪا جي رجسٽرڊ نمبر 65971 جي ذريعي، ان عجيب و غريب ايجاد کي به منظور ڪيو ويو. پوءِ وري پنهنجي ان رجسٽرڊ ٿيل ايجاد کي ايڊيسن مارڪوني وائرليس ڪمپني کي کپائي ڏيئي ڇڏيو.
تمام وڏي انگ ۾ بجلي جا بلب ۽ فونوگراف مشينن کي ٺاهڻ لاءِ نون ڪارخانن جي ضرورت پئجي وئي، ان ڪري ايڊيسن هڪ نئين ۽ وڏي تجربيگاهه جي لاءِ جڳهه جي تلاش شروع ڪري ڇڏي. 9 آگسٽ 1883ع جو ايڊيسن جي گهرواري جو انتقال ٿي ويو. ان ڪري مينلو پارڪ جي مشهور تجربيگاهه کي ڇڏڻ جي هن خواهش ظاهر ڪيئي. ايڊيسن نيو جرسي ۾ ويسٽ ۽ وچ کي پنهنجي ڪارخاني لاءِ موزون جاءِ سمجهي ۽ ڪاريگرن اتي وڏي وڏي عمارت ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ ايڊيسن کي خيال آيو ته هن جي هڪ ننڍي تجربيگاهه فلوريڊا ۾ به هئڻ کپي. جتي هو اتر آمريڪا جي طويل ۽ سخت سردين ۾ پري رهي ڪري، پنهنجا تجربا جاري رکي سگهي. هن هڪ اهڙي تجربيگاهه ٺاهڻ جو منصوبو رٿيو، جنهن کي هڪڙي جاءِ کان ٻي جاءِ تائين منتقل ڪري سگهجي. هن موبائيل /چرندڙ پرندڙ تجربيگاهه جا نقشا موڪلي ڇڏيا. اتي ڪاريگرن عمارتن جا حصا الڳ الڳ نموني سان تيار ڪيا. ۽ انهن حصن کي جهاز جي ذريعي، فلوريڊا جي منهوڙي ڏي روانو ڪري ڇڏيو. سمونڊ جي ويجهو ڪنهن مناسب جاءِ تي اهو تجربيگاهه تيار ڪيو ويو. ايڊيسن 1887ع کان پوءِ فورٽ مائرس جي تجربيگاهه ۾ هر سال سردين جي موسم ۾، پابندي سان پنهنجا تجربا ڪرڻ لڳو. هن تجربيگاهه جي ويجهو، هن هڪ رهائشي گهر به ٺهرائي ورتو هو.
بوسٽن ۾ ايڊيسن جي ملاقات مس مينارملن سان ٿي. تمام جلدي اهي ٻئي ڄڻا وري دوست ٿي ويا. ايڊيسن هن کي مورس واري تار ڪرڻ سيکاري، ۽ هو اڪثر هن سان تار موڪلڻ واري مشق ڪندو رهيو. هڪ رات مينا Mina Millar ملر ان سان گڏ صوفي تي ويٺي هُئي، ايڊيسن هن کي چيو،”ٿورو پنهنجو هٿ مون کي ڏيکار“. مس ملر کي خبر هُئي ته ايڊيسن مذاق ڪندو رهندو آ،سو هن سمجهيو وري به هو ڪو مذاق ڪندو. هن وڏي هوشياري سان پنهنجو هٿ ايڊيسن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. ايڊيسن پنهنجي هڪ آنڱر سان ، هٿ جي تري کي ٿپڪي ڏيندو رهيو. مس ملر کي هڪدم خبر پئجي وئي ته ايڊيسن مورس واري تار جي نظام جي مطابق، اشارن ۾ ڪو پيغام ڏيئي رهيو آهي. ٽٻڪن، ۽ اشارن جي زبان ۾ هڪڙي ماڻهو جو پيغام، آنڱرين ذريعي ٻي ماڻهو تائين پهچي چڪو هو. ”ڇا تون مون سان شادي ڪندين“؟. مس ملر شرمائڻ لڳي. چند منٽن کان پوءِ جڏهن هن پنهنجي لڄي ٿيڻ تي ظابطو آندو ته هن پنهنجن آنڱرين سان ايڊيسن کي جواب ڏنو. ۽ سن 1886ع ۾ مس ملر ايڊيسن جي ٻي گهرواري جو اعزاز ماڻي ورتو.

Thomas and Mina were married on 24th February, 1886. The couple moved into Glenmont after their honeymoon in Florida. The young Mrs.Edison, aged twenty, did not have an easy life. There was less than ten years difference between her and her stepdaughter Marion. Also, Edison was not an easy husband. He could not be cured of his habit of staying all yhours at his laboratory and would aften forget birthdays and anniversaries. Ye he loved his ‘Billie’ as he used to call Mina. A note found in one of Mina’s books reads, “Mina Miller Edison is the sweetest little woman who ever bestowed love on a miserable homely good for nothing male”. The couple had three children- Madeleine, Charles and Theodore.
اورينج جي تجربيگاهه ۾ سِرن جي ٺهيل پنج وڏيون عمارتون هيون. مرڪزي عمارت 250 فٽ اوچي ۽ ٽي ماڙ هئي. هڪ وسيع ڪتب خانو، هڪ دفتر، سامان رکڻ جا ڪيئي ڪمرا، مشينون ٺاهڻ جا ڪارخانا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ان تجربيگاهه ۾ موجود هيون. ڪتبخانو 50 فٽ ڊگهو، ۽ 40 فٽ ويڪرو هو. ان جي وڏين وڏين الماڙين ۾، سائنس جي موضوع جا هزارين ڪتاب ترتيب سان سجايا/ لڳايا ويا هُئا. شيشي جي ٺهيل الماڙين ۾، دنيا جي هر علائقي ۾ ملندڙ معدنيات، پٿر ۽ ڌاتو، جا مختلف نمونا رکيل هُئا. هڪ ڪنڊ ۾، جنهن جي آس پاس ڪتابن جون الماڙيون هيون، اتي هڪڙو آرامده بيڊ به رکيل هئو، جتي ڪم جي دوران ڪڏهن ڪڏهن ايڊيسن سمهي به پوندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ليباريٽري ۾ ڪم ڪندڙ دوست رات جو ڪم ڪرڻ ڪري ۽ پوري ننڊ نه ڪرڻ ڪري، اتي ئي ٽيبلن تي ننڊ ڪندي نظر ايندا هئا. انهن مان ڪري وري کونگهرا به هڻندا هئا. انهن کونگهرن جي ڪري اوسي پاسي جا ماڻهو به ڏاڍا بيزار هوندا هئا. پر ايڊيسن اهڙن ماڻهن جو به بندوبست ڪري ڇڏيو هو.
Sometimes one or other of the laboratory assistants would be found asleep on a table in the early moning hours. If they snored too loudly, those still at work would use the device “Calmer”. This device consisted of a Babbitt’s soap box without a cover. A broad ratchet-wheel with a crank was mounted on it, while into the teeth of the wheel there played a stout, elastic slab of wood. This box would be placed on the table where, the norer was slepping and the crank turned rapidly. It made an enormous noise and the sleeper would immediately wake up with a jerk, much to the hilarity of the others.
هن مرڪزي عمارت جي چئني پاسن کان وڏيون وڏيون عمارتون بيٺيون هيون. جن جا نالا عمارت نمبر 1، 2، 3، ۽ 4 هئا. انهن تجربيگاهن جي ارد گرد، هڪ وڏي چار ديواري هُئي. دروازن تي ڏينهن رات پهرا لڳل هوندا هُئا. ۽ اهي چوڪيدار بغير اجازت نامي جي ڪنهن کي به اندر داخل ٿيڻ نه ڏيندا هُئا. انهن عمارتن ۾ هزارين ڪاريگر بجلي جون بيٽريون، بجلي جو ٻيو سامان، فونو گراف مشينون ۽ ايڊيسن جي ايجاد ڪندڙ ڪيتريون شيون ٺاهي رهيا هُئا.
ايڊيسن جو گهر اورينج تجربيگاهه جي ويجهو ليوٽين پارڪ ۾ هو. ايڊيسن جي پرڏاڏي ٽو ڊي جون جو گهر، جنهن انقلاب جي زماني ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو هو، ڪنهن زماني ۾ ان جاءِ جي ويجهو هو. ايڊيسن پنهنجي لاءِ سرون، پٿر، ۽ ڪاٺ مان ٺهيل خوبصورت گهر خريد ڪري ورتو. جنهن جي چئني پاسي باغ لڳل هو. هن جي گهر جي ڇت ۾ ڪيترائي روشندان لڳل هُئا، هن جي درن، درين ۽ ڇاڄن تي ايترا ته خوبصورت نقش و نگار چٽيل هئا، جو جنهن جي ڪري هي قديم گهر ڪنهن جنگجو سردار جي محل جو ڏيک ڏيئ رهيو هو. وڏن وڏن ڌنڌلن شيشن جون ڪيتريون ئي دريون به هن گهر جي زينت بڻيل هيون. وقت گذرڻ سان گڏ، هن گهر ۾ ايڊيسن کي ٻي گهرواري مان ٽي ٻارڙا پيدا ٿيا.
ايڊيسن مينلو پارڪ جي تجربيگاهه مان پنهنجو سڄو سامان اورينج جي نئين تجربيگاهه ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. ايڊيسن جي هن تجربيگاهه کي ڇڏي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن بعد ۾ِ، وڄ ڪرڻ جي ڪري اهو سڄو تباهه ٿي ويو. اتان جي تجربيگاهه هاڻي سنسان ٿي ويئي هُئي. ڪجهه وقت تائين اوڙي پاڙي جا ماڻهو ان تجربيگاهه کي، تفريحي پروگرامن يا وري ناچ گاني جي لاءِ استعمال ڪندا هئا. پر تمام جلد اتي ناچ گانو به بند ٿي ويو. ۽ پوءِ هڪ هاري ان تجربيگاهه ۾ پنهنجون ڍڳيون ٻڌڻ شروع ڪيون. ۽ وقت گذرندو رهيو، پر ان جاءِ جي ڪابه سار سنڀار نه لڌي ويئي. ۽ نه ئي وري ان جي ڪڏهن ڪا مرمت وغيره ئي ڪئي ويئي يا وري ڪرائي وئي. غريب هارين کي جڏهن به مال جي واڙي ٺاهڻ لاءِ، گهوڙن جي طبيلن جي لاءِ، يا وري ٻارڻ جي ضرورت پوندي هئي ته اهي آهستي آهستي، هن تاريخي ماڳ جو گهڻو حصو پٽي کڻي ويا. پوءِ اتي رڳو عمارت جو ڍانچو وڃي بچيو، باقي سڄي عمارت کنڊر بڻجي ويئي.
اورينج جي نئين تجربيگاهه ۾ اچڻ کان، چند ڏينهنِ بعد، ايڊيسن پنهنجي ميز جي ويجهو ويٺو هو، هن پنهنجي الماڙي ۾ رکيل هڪ 100 نوٽ بوڪن مان هڪڙو نوٽ بوڪ ڪڍيو. انهن تمام نوٽ بوڪن ۾، انهن ايجادن جي متعلق يادگيريون لکيل هيون/نوٽ ورتل هئا، جن جي باري ۾ ايڊيسن، تجربي دوران، گهڻو غور و فڪر ڪندو هو ۽ انهن نوٽ بوڪن ۾ ڪجهه لکندو ويندو هو جيڪي هي ايجاد ڪرڻ چاهي پيو، يا وري اهڙيون ايجادون، جن کي هي اڃان به بهتر ڪرڻ چاهي پيو. اهو نوٽ بوڪ ڪجهه دير تائين ايڊيسن پڙهندو رهيو. ان کان پوءِ، هن پنهنجي لائبريري جي انچارج کي حڪم ڏنو ته فوٽو گرافي ۽ ڪيمرائن جي باري ۾ جيترا به ڪتاب ڪتب خاني ۾ موجود آهن، اهي سڀ هڪدم هن جي اڳيان آندا وڃن. جڏهن هن اهي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا، ته هن ايل ڊڪسن کي گهرائڻ لاءِ هڪڙو پٽيوالو موڪليو.
جيڏي مهل پٽيوالو ڊڪسن وٽ پهتو ته ان وقت ڊڪسن عمارت نمبر 1 جي گيلوازميٽر جي ڪمري ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. ”بزرگوار ، توهان سان هينئر جو هينئر ملڻ چاهين ٿا“. پٽيوالي هن کي چيو. اورينج ۾ ڪم ڪندڙ مڙئي ملازم، ايڊيسن کي احترام منجهان بزرگ چئي پڪاريندا هُئا. ڊڪسن هڪدم ايڊيسن وٽ وڃي نڪتو.
”ڊڪسن!“ ، ايڊيسن هن کي پڪاريو. ”مان سمجهان ٿو ته مان انهن ڏينهن ۾ ڪئمرا ٺاهي ڇڏي هئي، پر هاڻي مان چاهيان ٿو ته اهي تصويرون چرن پرن/حرڪت ڪن((motion picture
ڊڪسن)جنهن جو اصل نالوWilliam Kennedy Laurie Dickson هو)، جي واتان هڪدم رڙ نڪتي،”اهڙيون تصويرون جي گهمن ، ڦرن ۽ چرپر ڪن“. ؟ !ٰ ، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو“.
”انهي ڪري ته اسان کي اڃان به وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان گهڻو وقت تجربه ڪندا رهنداسين ته اسان هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿي ويندا سين. اسان کي هميشه تجربه ڪري اهو ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان اهڙا تجربا نه ڪنداسين ته پوءِ وري ٻيو ڪو ڪندو، ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويندو“. ايڊيسن پنهنجي سامهون پيل ڪتاب کي ٿورو هلڪو ڇنڊيو.
”مون ان جي باري ۾ ٿوروگهڻو پڙهيو آهي“.
ڊڪسن کليو. جڏهن ايڊيسن اهو چوندو هو ته مون ٿورو گهڻو پڙهيو آهي ته ان جو مطلب اهو هوندو هو، ته هن هر موضوع تي هر ڪتاب پڙهي ڇڏيو آهي. ايڊيسن ڊڪسن جي ان مسڪراهٽ کي ڏسي ورتو هو. ۽ ان مسڪراهٽ جو مطلب سمجهي کلي ڏنو.
”ها مون ٿورڙو پڙهيو آهي، ۽ مان سمجهان ٿو چرندڙ ڦرندڙ تصويرن motion pictures جي تصور/خيال کي عملي جامو پارائي سگهجي ٿو. ايڊورڊ مي برج گهوڙن جي گوءِ ۾ هڪ ڀڄندڙ گهوڙي جون تصويرون ٺاهيون هيون. هن گهوڙي جي گوءِ جي چارن سان گڏوگڏ 24 ڪارا ڌاڳا ٻڌي ڇڏيا هئا. هر ڌاڳو ڪيمري جي شٽر سان ٻڌل هو، جڏهن گهُوڙو ڀڄندي ڪيمرا جي اڳيان گذرندو هو ته ڌاڳو ٽٽي ويندو هو، ۽ ڌاڳا ٽٽندا ويا. اهڙي طرح گهوڙي جي ڊوڙڻ واري حالت جون تصويرون نڪرنديون رهيون. پيرس ۾ اي جي مار هڪڙو اهڙو تيز رفتار ڪيمرا تيار ڪيو، جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ 12 تصويرون ڪڍي سگهي پيو، هن پنهنجي ان مشين جو نالو ”فوٽو گرافڪ گن“ رکيو. چرندڙ ڦرندڙ تصويرن لاءِ فوٽو هڪ سيڪنڊ جي سورهين حصي ۾ ڪڍڻو پوندو. اڃان تائين ڪنهن به اهڙي ڪيمرا تيار ناهي ڪئي، جيڪا اهو ڪم ڪري سگهي. جيڪڏهن اسان ٻئي ان ڪم ۾ جنبي وڃون، ته هڪ سيڪنڊ ۾ 16 تصويرون ٺاهيندڙ ڪيمرا تيار ڪري سگهون ٿا“.
ڊڪسن چيو، ”جناب ! ان لاءِ توهان کي خالي ڪيمرا جي ضرورت نه پوندي، ان کان علاوه توهان کي هڪ اهڙي فوٽوگرافڪ پليٽ به ٺاهڻي پوندي، جنهن تي فوٽو وٺي سگهجن. ۽ ان سان گڏ هڪ اهڙي مشين به تيار ڪرڻي پوندي، جنهن مان تماشائي اهي چرندڙ ڦرندڙ تصورون ڏسي به سگهن“.
”ٺيڪ آ“ ايڊيسن هن سان متفق ٿيندي چيو، متحرڪ تصويرون هڪڙو مسئلو ناهي، بلڪه اهو ٽن مسئلن جو ميڙ آ، ڪيمرا، پليٽ ۽ ڏيکارڻ واري مشين، اسان پهريائين ته ڪيمرا سان شروعات ڪنداسين، تون ٿورو هيڏي ڏس“.
ڊڪسن جي ڏسندي ڏسندي ايڊيسن پينسل سان هڪ اهڙو خاڪو ٺاهي /تيار ڪري ڇڏيو. جيڪو هن جي خيال مطابق ، متحرڪ تصويرن جي لاءِ هن کي گهربل هو. ”مشينن جي ڪارخاني ۾ اهو تيار ڪراءِ/ٺهراءِ وٺ، هي ڪيمرا اسان جي تحقيق جو آغاز ثابت ٿيندي، ان جي بنياد تي اسان ٻيا به ڪيترائي اهم تجربا ڪري سگهنداسين“.
ايڊيسن جي پهرئين ڪيئمرا صحيح نموني سان ڪم نه ڪري سگهي. متحرڪ تصويرن واري ڪيمرا ٺاهڻ لاءِ، سائنسدان کي هڪ اهڙي مشين تيار ڪرڻي هُئي، جنهن جا حصا تيزي سان حرڪت ڪري سگهن. تصويرون ٺاهيندڙ پليٽ لڏي ٽال(لينس) جي پٺيان اچڻ کپي، ۽ اتي بيهي رهي، ۽ ان وقت ٽال جو شٽر کلڻ کپي، جنهن وقت پليٽ تي تصوير لهي. ان کان پوءِ وري هي شٽر بند ٿيڻ کپي. جنهن وقت ڪيمرا جو شٽر بند هجي، ان وقت پليٽ تي تصوير لهي چڪي هجي ۽ لينس جي پويان هٽي وڃڻ گهرجي. ۽ ان جي جاءِ تي نئين پليٽ کي لڳي وڃڻ کپي، جيڪڏهن ڪيمرا کان في سيڪنڊ 16 تصويرون وٺڻيون هجن ته ان سلسلي کي وري وري تيزي سان دهرائڻ کپي.
اهڙي قسم جي ڪيمرا تيار ڪرڻ ۾ ايڊيسن، ڊڪسن ۽ هن جا ملازم وڏي صبر، همت، بردباري ، محنت ۽ عقل کان ڪم وٺڻ لڳا. تجربن تي تجربا ڪندا ويا، ڪاريگر گهربل شي تيار ڪرڻ ۾ انيڪ ڀيرا ناڪام رهيا. پر پوءِ به انهن پنهنجو ڪم جاري رکيو. ۽همت نه هاري، پهرئين ته ايڊيسن فوٽو ڪڍڻ لاءِ، ننڍين ننڍين پليٽن کي هڪ ڦرندڙ سلينڊر تي چڪري جي شڪل ۾ چڙهايو. جڏهن سلينڊر ڦرندو هو ، ته ان ڦرڻ جي ڪري ڪيمرا جي اک (لينس) جي سامهون، اچي وڃي پئي، ان کان پوءِ ٻي، پوءِ ٽين، پر پوءِ هي مشين به ناڪام وئي. متحرڪ تصويرن جي ڪيمرا جو مسئلو حل ٿي سگهي پيو، ان لاءِ ايڊيسن اهڙي قسم جي پليٽ تيار ڪرڻ ۾ مصروف هو. ان ڪم ۾ هن وڏي محنت ڪئي، هڪڙو، وري ٻيو ۽ پوءِ ڪيترا ئي تجربا ڪيا، پر سڀ ناڪام ويا.
جون 1888ع ۾ آمريڪا جي رياست ۾، سرڪار پاران، سزاءِ موت جي قيدين کي، سزا موت جو طريقو ڪرنٽ سان ماري ڇڏڻ متعارف ڪرايو ويو ۽ ان سزا لاءِ ٻن قسمن جي ڊزائين واريون ڪرنٽ لڳائڻ واريون ڪرسيون ايجاد ڪيون ويون. هڪڙي ڪرسي AC ڪرنٽ واري ۽ ٻي وريDc ڪرنٽ واري ڪرسي. هاڻي اهو فيصلو ٿيڻو هو ته ڪهڙي ڪرسي جو اڳ ۾ قيدي لاءِ، استعمال ڪجي. ان لاءِ ايڊيسن کان صلاح ورتي وئي، هن مڪمل طور تي AC ڪرنٽ واري ڪرسي جي سفارش ڪئي، ڇو ته هن محسوس ڪيو هو ته ڪو به ماڻهو بجلي جي سروس استعمال ڪرڻ پسند نه ڪندو، جيڪا هو پنهنجن گهرن ۾ مارڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. ايڊيسن هڪڙو عوامي مظاهرو/نماءُ پيش ڪيو، جتي هن ظاهر ڪيو ته ڊي سي ڪرنٽ جانورن کي ٽارچر ڪري ٿو، پر مڪمل طور تي ماري نه ٿو. پر ان جي جاءِ تي اي سي ڪرنٽ جانورن کي آرام سان ختم ڪري ڇڏي ٿو. آخر ۾ رياست جي مڙني جيل خانن جي نظام ۾، قيدين جي لاِءِ اي سي ڪرنٽ جو انتخاب ڪيو ويو. پر پوءِ بعد ۾ ان جي سخت مخالفت ڪئي.
On January 1, 1889, the world’s first electrocution law fell into effect. Westinghouse protested against it and declined to sell any AC generators to the prison authorities. Edison was only too happy to supply the necessary AC generators needed to work the first electric chairs. Westinghous then funded the appeal of the first prisoners sentenced to death through electrocution on the grounds that “electrocution was cruel and unusual punishment”. Edison testified that death through electrocution was quick and painless and the electrocution deaths went ahead.
جنهن وقت ايڊيسن نئين قسم جي مڙندڙ پليٽ جي ايجاد ۾ مصروف هو، ان وقت ٻيا به ڪيترائي سائنسدان اها ساڳي ڪوشش ڪري رهيا هُئا. 1888ع ۾ ڊاڪٽر هني بال گڊون سلو لائڊ فلم ايجاد ڪئي. هي فلم تمام هلڪو ۽ ان کي وڏي آساني سان موڙي سگهجي پيو. ڊاڪٽر هني گڊون ۽ جارج ايسٽ مين گڏيل اشتراڪ سان فوٽو وارو هي نئون فلم فروخت ڪرڻ لاءِ بازار ۾ کڻي آيا. ايسٽ مين جو ٺاهيل هي فلم ايڏو وڏو هوندو هو، جو ان تي ٽي انچ جا سو فوٽو وڏي آساني سان اچي سگهن پيا.



چڪري جي مٿان ويڙهجندڙ سلولائڊ جي فلمن جو ذڪر ايڊيسن به ٻڌو. ايسٽ مين جون ڪجهه فلون خريد ڪيون، ۽ ان تي پنهنجا تجربا ڪرڻ لڳو. وڏي خوشي ۾ هن ڊڪسن کي گهرايو ۽ ان جي سامهون هن پنهنجو تجربو دهرايو.
”اسان ان کي آخرڪار ڳولي ورتو آ منهنجا دوست!، هاڻي اسان پنهنجي متحرڪ ڪيمرا کي مڪمل تيار ڪري ئي ساهي پٽينداسين“.
پنهنجن پراڻن خيالن ۾ ترميم ڪري ۽ ڪجهه نون خيالن کي بڻياد بڻائي، ايڊيسن ، ڊڪسن، ۽ ان جا معاون ان ڪم ۾ وري چرين جيان جنبي ويا. ۽ آخرڪار متحرڪ تصويرن وارو ڪئمرا حقيقت بڻجي ويو. 24 آگسٽ 1891ع جو هن پنهنجي هن ايجاد کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني. ۽ 31 آگسٽ 1891ع جو ان ايجاد جو پيٽنٽ نمبر به ملي ويو.
جن ڏينهن ۾ ايڊيسن متحرڪ تصويرن واري ڪيمري جي تياري ۾ ۽ نئين طريقي سان فوٽو ڪڍڻ وارين پليٽن جي ايجاد ۾، مصروف هو. انهن ڏينهن ۾ هن تصويرن کي گهمندي ڦريندي ڏيکارڻ واري طريقي تي به غور ڪيو ۽ ان جي تياري جو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو هو.
هڪ ڏينهن ايڊيسن، ڊڪسن کي ڪيترائي ڦڪي رنگ جا ڪاغذ ڏيکاريا. جن تي ڪيئي نقشا ۽ خاڪا ٺهيل هئا. ”ڪلهه توکي مون جيڪا جاءِ ڏيکاري هُئي، اتي ان جي اڏاوت ڪرائي ڇڏ. تصويرن جي گئلري /نگارخاني جي اڏاوت، ان عمارت جي ٻاهر ۽ اندر ٻنهي پاسي ڪارو تيل لڳايو وڃي. ڊڪسن انهن خاڪن تي هڪ نظر وڌي، ۽ کلندي چوڻ لڳيو،” هي ته ڏسڻ ۾ پوليس جي گاڏي ٿي اچي، ٻار جڏهن هن کي ڏسندا ته ضرور ان کي بليڪ موبائيل يعني پوليس جي گاڏي چوڻ شروع ڪندا“.
تصويرون واري هي گئلري جڏهن تيار ٿي وئي، هڪ ننڍڙو ڪاٺ جو ڪمرو پئي لڳو. هي ڪمرو هڪ اهڙو گهمندڙ/ڦرندڙ شي تي بيٺل هو جنهن کي ڪنهن به پاسي کان ڦيرائي سگهجي پيو. ڇو ته ڏينهن جو ڪنهن به وقت سج مٿي چڙهي ايندو هو ۽ هي چاهيندا هئا ته ڏينهن جو سج جي روشني ان تي پوي، ان ڪري هو، ان کي پيا ڦيرائيندا رهندا هئا، جهڙي پاسي سج ويندو هو، ان کي هو ان طرف پيا ڦيرائيندا ها. هن ڪمري جي ڇت ۾ هڪ اهڙو تختو لڳل هو، جنهن کي اڳتي پوئتي ڪري سج جي روشني ڪمري ۾ آڻي سگهجي پئي، يا وري روڪي سگهجي پئي. هن نگارخاني جي اندر ۽ ٻاهر هن کي چڱي ريت ڪارو تيل ڏنل هو. اڃان ان جو تيل سڪو به نه هو ته اورينج جي ملازمن هن کي ڪارو موبائيل يعني پوليس جي گاڏي چوڻ شروع ڪيو.
هن ”بليڪ ماريا“ Black Maria ۾ ايڊيسن ۽ هن جا ملازم هن جا مختلف قسم جا عجيب و غريب فوٽو ڪڍيا. ڇوڪريون نچن پيون. مداري پنهنجا ڪرتب ڏيکارين پيا، رانديون ٿيندي نظر آيون، ۽ ٻليون وري نقلي ڪوئن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪن پيون. ايسٽ مين جي فلم تي ايڊيسن ميلن تائين وڏا فوٽو ٺاهي ورتا. ايڊيسن مشهور ٺونشي باز جيمس بي، ڪاربيٽ کي اورنج اچڻ ۽ متحرڪ تصويرن واري ڪيمري جي سامهون پنهنجي مڪيبازي جي نمائش ڪرڻ جي لاءِ معقول معاوضي تي مدعو ڪيو.

By 1893, Edison had begun commercial production of movies in a peculiar shack studio in his West Orange Laroratory, known to his employees as Black Maria. His earliest films lasted for about 20 seconds. The first public demonstration of his movies was given in 1893 at the Chicago World Fair. On 14th April, 1894, the first Kinetoscope parlour was opend at 1155 Broadway, New York.
پنهنجين انهن تصويرن کي گهمندڙ ڦرندڙ حالت ۾ ڏيکارڻ جي لاءِ ايڊيسن هڪ مشين ايجاد ڪئي، جنهن جو نالو هن ”ڪني ٽو اسڪوپ“ Kinetoscope رکيو. هن مشين جي ننڍي سوراخ جي ذريعي هڪڙي وقت ۾ فقط هڪڙو ئي ماڻهو ليئو پائي تصويرون ڏسي سگهي پيو. ان جهاتي پائڻ واري سوراخ جي سامهون، دوربين جو شيشو لڳائي ڇڏڻ سان تصويرون تمام وڏيون نظر اچڻ لڳيون. ڇو ته تصويرون ڪڍڻ وارو ڪيمرا هڪ منِٽ، ويهه سيڪنڊن ۾ سڄي فلم تي تصويرون لاهي ڇڏي پيو. ان ڪري ڪني ٽوسڪوپ تي ڏيکاريل فلمون تمام ننڍيون هونديون هيون. هڪ ڪارآمد فلم جي مشين جي ايجاد اڃان رهيل هئي. ڇو ته جيسيتائين هڪ ئي وقت ۾ فقط هڪڙو ئي ماڻهو تصوير ڏسي سگهي پيو. ان وقت تائين ايڊيسن جو ڪني ٽوپ اسڪوپ کي صحيح معنيٰ ۾ ڪارآمد قرار نه پيو ڏيئي سگهجي.
فرانسز جينيڪسن نالي هڪ نوجوان آمريڪا جي خزاني واري کاتي ۾ اسٽينوگرافر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو. اهو نوجوان واشنگٽن ۾ هڪ بورڊنگ هائوس ۾ رهندو هو. بورڊنگ هائوس جي پوئين پاسي هن هڪڙو تجربيگاهه ٺاهيو هو. هو پنهنجي واندڪائي وارو وقت اتي گذاريندو هو. هو ڪيترن ئي مهينن کان هڪ اهڙي مشين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جن جي ذريعي هڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي ماڻهو ڏسي سگهن. هن جي تجربي جو بنياد پراڻي ڍنگ جي ميجڪ بتي تي هو. ان ۾ ڪجهه ردوبدل ڪري هو متحرڪ تصويرن جي عڪسن کي هڪڙي پردي تي روشني اڇلائي، ڏيکاري سگهي پيو. 1894ع جي جون واري مهيني ۾ هڪ مشين تيار ڪئي، جنهن جي باري ۾ هن کي يقين هو ته اها مشين ڪاميابي سان ڪم ڪندي. هن اها مشين جهاز جي ذريعي رياست انڊيانا جي شهر مونڊ موڪلي ڇڏي. ۽ پنهنجي گرمين جي موسمن جي موڪلن کي گذارڻ جي لاءِ پاڻ به رش مونڊ هليو ويو. رشموند هن جو شهر هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءَ رشمونڊ شهر جي ماڻهن کي هڪ دعوتنامو مليو، جنهن ۾ انهن کي جنيڪس وٽ وڃي، متحرڪ تصويرون کي ڏسڻ جي دعوت ڏنل هئي. متحرڪ تصويرون ڪهڙي قسم جون هونديون. اهو ڏسڻ لاءِ جنيڪسن جا ڪيترائي نوجوان دوست هن جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا. ڪمري جي هڪڙي ديوار سان گڏ اڇي رنگ جو پردو ٽنگيل هيو. ميز تي عجيب و غريب قسم جي مشين رکيل هئي. جنهن جو نالو” پروجيڪشن مشين“projection machine ٻڌايو ويو.
جنيڪسن مختصر لفظن ۾ چرندڙ پرندڙ تصويرن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو. پنهنجي تقرير ختم ڪندي هن چيو. ”هاڻي مان توهان کي اهڙيون متحرڪ تصويرون ڏيکاريان ٿو، جن جو نالو ”انابيل دي ڊانسر (رقاصه انابيل) آهي، مهرباني ڪري ڪمري جا بلب بند ڪري ڇڏيو“.
ڪمري ۾ اوندهه ٿي وئي. جنيڪسن هڪ بٽڻ کوليو، مشين جي اندر رکيل ليمپ، ديوار سان ٽنگيل پردي تي تيز، چمڪندڙ روشني اڇلائڻ شروع ڪري ڏني. سڀني ماڻهن جون نظرون ان پردي ڏي کڄي ويون. جنيڪسن پنهنجي مشين جو هڪڙو هٿيو دٻايو ، پردي تي ڄڻ جادو ٿي ويو هجي، اتي هڪڙي اڇي ۽ ڪاري تصوير ڏسڻ ۾ آئي. هو وڏي ادا سان ، پنهنجين ٻانهن ۽ ٽنگن کي موسيقي جي تال سان ملائي ناچ ڪندي رهي. سڄي ڪمري ۾ تعجب ۽ بي اعتباري جي فضا، جيئن ڪو اچانڪ ستل ماڻهو ننڊ مان جاڳي پئي، ڦهلجي ويئي، پوءِ وري ماڻهن ۾ رڙيون پئجي ويون.
”هي تصوير نه آهي“. هڪڙي تماشائي رڙ ڪري چيو. ”پردي جي پويان حقيقت ۾ ڪا عورت آهي، ان جو عڪس پردي تي نچندي نظر اچي رهيو آهي“.
”وڃ، وڃي پردي جي پويان ڏسي اچ“. جنيڪسن چيو.
اهو ماڻهو اٿي پردي جي پويان ڏسڻ ويو. پردو مٿي ڪري هن اتان جهاتي پاتي، ”اڙي! هتي ته ڀت کان علاوه ڪجهه به نه آهي“ هن رڙ ڪري چيو. هن جي منهن تي حيرت جا گهرا آثار ڏسي ماڻهو هن تي کلڻ لڳا.
”انابيل دي ڊانسر“ جي نمائش متحرڪ تصويرن جي پنهنجي نوعيت جي پهريئن نمائش هُئي، جيڪا اڄ عام آهي. بدقسمتي سان نوجوان جنيڪسن وٽ ايترو سرمايو نه هو، جو هو پنهنجي مشين جي بهتري/اصلاح ۾ خرچ ڪري، ان کي تجارتي مقصد سان کپائڻ لاءِ بازار ۾ کڻي اچي. هن ٿامس آرمٽ نالي هڪڙ ي ماڻهو سان، هن مشين کي ٺاهڻ ۽ وري فروخت ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هو. پر ان ارادي ۾ به جينيڪسن تمام جلدي ۾ ئي همت هاري ويٺو. ۽ پنهنجي ايجاد ڪندڙ مشين جا مڙئي حق هن آرمٽ جي هٿان کپائي ڇڏيا. هن کي پنهنجي هن ايجاد جا صرف 2500 ڊالر مليا. جڏهن ته ان مشين جي قيمت ان حالت ۾ لکين ڊالر هجڻ کپي ها. ٿامس آرمٽ کي مشينن يا وري انهن جي ايجاد جي باري ۾ ڪا خاص معلومات نه هئي. پر هو هڪ اهڙي شخص کي ضرور سڃاڻيندو هو ، جنهن کي هن قسم جي شين جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هئي، هو ٿامس ايلوا ايڊيسن وٽ هليو آيو ۽ هن کي پنهنجي مشين ڏيکاري، مشهور و معروف سائنسدان هڪدم سمجهي ويو ته جنيڪسن آرمٽ جي هن مشين ذريعي متحرڪ تصويرن جو مسئلو مڪمل نموني سان هاڻي حل ٿي ويندو ۽ ان جي ذريعي هڪ ئي وقت ۾، ماڻهو چرندڙ پرندڙ تصويرون ڏسي سگهن پيا. ايڊيسن ۽ آرمٽ پاڻ ۾ شرط لڳائي ۽ ايڊيسن ان مشين ۾ اصلاح ڪرڻ لڳو. هن جا تجربا ڪامياب ٿيا۽ اڄ جي متحرڪ تصويرون، پنهنجي تڪميل جون مڙئي مرحله هن ئي اورينج جي تجربيگاهه ۾ طئي ڪيا.
هن کان پوءِ ايڊيسن ڳالهائيندڙ تصويرن جي ايجاد جي ڪوشش ڪئي. هن متحرڪ تصويرن سان فونوگراف به لڳائي ڇڏيو. ته جيئن اداڪارن جي آوازن کي به رڪارڊ ۾ ڀريو وڃي. پر ان بي تڪي طريقي سان ٻنهن مشينن کي ملائي ڇڏڻ سان ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي. تصوير ۽ آواز کي ملائڻ ۽ تصورين کي رنگين بنائڻ جو ڪم ٻين ڪاريگرن ۽ ٻين دماغن لاءِ لمحي فڪر بڻجي ويو. پر انهن جي گهري سوچ ۽ محنت جي نتيجي ۾ اسان اڄ متحرڪ، رنگين ۽ ڳالهائيندڙ فلم ڏسي سگهون ٿا.