شخصيتون ۽ خاڪا

ٿامس ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ٿامس ايڊيسن ننڍي ماڻهوءَ مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ هن هزارين ايجادون ڪيئن ڪيون؟ هن ڪهڙي عمر کان وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟ هن جون ايجادون ڇا آمريڪي ماڻهن تائين محدود هيون؟ هن پنهنجو نالو ڪيئن بيهاريو؟ هن پنهنجي ملڪ جو نالو ڪيئن روشن ڪيو؟ هن وٽ آخر ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي جنهن جي ذريعي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان پنهنجي زندگي جا رخ ڪيئن ٿو موڙي سگهي، ۽ ڪاڏي ٿو موڙي سگهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب هن ڪتاب ۾ موجود آهن.
Title Cover of book ٿامس  ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ڪاميابي

(1)

Thomas arrived in New York, ragged, shabby, and penniless, once again, in the year 1869. Here, he applied for the position of an operator with Western Union, but this was to take some time. In the meantime he needed a place to sleep.
1869ع ۾ جون مهيني جي هڪ ڏينهن صبح جي وقت بوسٽن کان هڪ اسٽيمر ، نيويارڪ جي بندرگاه ۾ داخل ٿيو. ٽام ايڊيسن ريلنگ جو سهارو وٺي بيٺو هو ، ۽ آهستي آهستي ان وڏي شهر کي هوريان هوريان ويجهو ايندي ڏسي رهيو هو. هو اهو نيويارڪ شهر هو، جنهن ۾ ٿورو وقت اڳ ۾ هن جو ٻٽو تار /پيغام تجربو ناڪام ويو هو. پر هاڻي هو ان پڪي ارادي سان وري هن شهر ۾ داخل ٿي رهيو هو، ته هن جو تجربو ضرور ڪامياب ويندو. هن جي ذهن ۾ مختلف قسم جا خيال جنم وٺي رهيا هئا. هو انهن خيالن کي عملي جامو پارائيندو، ۽ ڪاميابين کي پنهنجا قدم چمڻ تي مجبور ڪندو. هن جي اها به خواهش هئي ته هو ڪيئن به ڪري پنهنجو 800 ڊالرن وارو قرض به هتي لاهي ڇڏيندو، جيڪو هن بوسٽن ۾ پنهنجن دوستن کان ورتو هو.
اسٽيمر جو ڊيڪ تي لڳڻ سان ئي ٽام هيٺ لهي آيو، ۽ آهستي آهستي بندرگاهه /منهوڙي جي ڪناري تي پسار ڪرڻ لڳو. هن جو کيسو بلڪل خالي هو. هن جي کيسي ۾ ٽڪو به نه هو. بوسٽن کان نيويارڪ ايندي اسٽمر جي ٽڪيٽ وٺڻ کان پوءِ هن وٽ ڪوڙي پائي به نه بچي هئي. صبح جي ناشتي ڪرڻ جو وقت ڪيڏي مهل لنگهي ويو هو، هن کي ڪا خبر نه پئي ، پر هاڻي هن جي پيٽ ۾ وٽ پوڻ لڳا. چانهه واري هوٽل ۾ هن ڏٺو ته هڪ شخص چانهه ٺاهي پيو. چانهه ٺاهڻ کان پوءِ ان شخص، چانهه پيالي ۾ لاٿي، اتان هن هڪ ڍُڪ ڀريو، چپن تي زبان ڦيري، ۽ هڪ رجسٽر ۾ ڪجهه لکي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن اهو پيالو، ۽ سڄي چانهه نالي ۾ هاري ڇڏي. اهڙي ريت هن ڪيترائي دفعه چانهه ٺاهي پر ساڳي ريت، هر دفعي ٿورو چکي وري ان کي نالي ۾ هاري ڇڏيائين. ٽام دڪان/هوٽل جو دروازو کولي اندر داخل ٿيو. ”اڄ صبح کان ئي مون ڪجهه به نه کاڌو آهي، خالي پيٽ آهيان“. هن چيو. مون سوچيو، توهان ائين جو صبح کان چانهه هاريندا ٿا رهو، هارڻ کان بهتر آ ته مون کي هڪ پيالي ڏيو، پيئڻ لاءِ“.
اهو ماڻهو ٿورو مشڪيو، ٽام کي ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين. چانهه وري ٻيهر ٺاهيندي هن ٽام کي مخاطب ٿيندي چيو،” مان چانهه / پتي جي پرک/ٽيسٽ ڪريان پيو، ته سُٺي پتي ڪهڙي آهي، اهو ئي منهنجو ڪم آهي، ته بهتر کان بهتر چانهه / پتي جي پرک ڪيان “. ايئن چئي هن ٽام کي چانهه جو هڪ وڏو مگ ڏيندي چيو، ”اچي هي وٺو، هي چانهه پي ڏسو، ڏاڍي سُٺي ٺهي آهي“.
ٽام چانهه پيئڻ لڳو. ان ماڻهو ٽام کي ٻڌايو ته ان جي گُدام ۾ جڏهن به نئين چانهه/پتي ايندي آهي ته هو ائين ئي ان نئين پتي جي چانهه ٺاهي، ان پتي کي چيڪ ڪندو رهندو آهي. ۽ هاڻي هو پتي پرکڻ ۾ ايترو ته ماهر ٿي ويو آهي جو فقط هڪ ڍُڪ پي ڪري هو ٻڌائي سگهي ٿو ته ڦلاڻي پتي جاپان کان آئي آهي، چين کان آئي آهي، يا وري هندستان کان ؟ صرف چانهه جي ذائقي مان ئي هو ٻڌائي سگهي ٿو ته ڦلاڻي چانهه هموار، گهاٽي جنهگ ۾ پوکي وئي آهي يا وري جبلن جي چوٽي تي پوکيل آهي. ٽام هن کان ڪيترائي سوال ڪيا. ڪنهن به شخص کان ۽ ڪنهن به موضوع تي سوال ڪرڻ ۽ ان جي جواب کي ڌيان سان ٻڌڻ جو ئي اهو نتيجو هو جو ايڊيسن جو شمار پنهنجي وقت جي انهن اهم شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي معلومات جو دائرو تمام وسيع هو. چانهه /پتي جي سڃاڻپ جو ڪم نهايت ئي خشڪ ۽ هڪڙي ئي قسم جو هو. پر هن گفتگو مان هن کي ڏاڍو مزو آيو. ۽ هو وڏي تفصيل سان ايڊيسن جي سوالن جا جواب ڏيندو رهيو.
جڏهن ٽام دل کولي چانهه پيتي، ته هن ان پوڙهي ماڻهو جو ، ان نوازش تي، شڪريو ادا ڪيو .
”جڏهن به تون چانهين هتي هليو اچ، مان اهڙين ڳالهين جي بدلي ۾ وڏي خوشي سان تو کي چانهه پياريندس“. چانهه واري هن کي مسڪرائيندي چيو.
چانهه جي دڪان مان نڪري ٽام ٽيليگراف ڪمپني جي دفتر جو رخ ڪيو. ”ويسٽرن يونين“ Western Union ۾ ڪابه جاءِ خالي نه هئي. پر مينيجر هن جي درخواست وٺي ڇڏي، ۽ چيو ته ،” جئين ئي ڪا آسامي خالي ٿيندي، هو ضرور ٽام کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو“. اتان جي هڪ ڪارڪن کان هن پنهنجي هڪ دوست جي باري ۾ پڇيو، جيڪو نيويارڪ ۾ ئي رهندو هو.
اُن ڪارڪن هن کي ٻڌايو ته هو هاڻي ”ويسٽرن يونين“ ۾ ڪم نه ٿو ڪري، پر ان جي ائيڊريس هن وٽ هُئي، هُن هڪ ڪاغذ جي ٽڪري تي ٽام کي ائڊريس لکي ڏني.
اجنبي روڊن رستن تي ڪافي دير ڀٽڪڻ کان پوءِ ، ايڊيسن پنهنجي ان دوست جو گهر آخر ڳولي لڌو. هُن ايڊيسن جي بلڪل خالي هٿين اچڻ واري ڪهاڻي ڏاڍي همدرديءِ سان ٻڌي. انهن ڏينهن ۾ هو پاڻ به بيروزگار هو، ۽ هن وٽ پاڻ تمام ٿورا پئسا هئا. پر پوءِ به گذريل دوستي جو لحاّظ رکندي، ٽام کي چاندي هو هڪ ڊالر قرض ڏيئي ڇڏيو.
ايڊيسن بلڪل ٿڪاوٽ کان چُور ٿي چڪو هو، پر تنهن هوندي به هن همت نه هاري وري به شهر جو رخ ڪيو. بک جي ڪري هن جو ڏاڍو خراب حال هو. فلٽن مارڪيٽ کان ايندڙ روڊ جي هن پاسي کان سمٿ ائنڊ مڪينيڪل جو ريسٽورنٽ هو. ٽام ان ۾ هليو ويو. اتي هن ڪافي ۽ صوف کائي پيٽ پوڄا ڪئي.
ايل کي خيال آيو ته متان هن کي گولڊ انڊيڪيٽر ڪمپني Gold Indicator Company ۾ ڪم ملي وڃي. ان ڪمپني پنهنجن اصلين جي دڪانن ۾ اهڙي مشين لڳائي هئي، جن مان ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ سون، چاندي ۽ ٻين شين جا اگهه موڪيا ويندا هُئا. انهن مشينن کي ”اسٽاڪ ٽڪر “ stock ticker چيو ويندو هو. ڪمپني ۾ ڪا جاءِ متان خالي هجي، ۽ اهو ڏسڻ لاءِ ته ”اسٽاڪ ٽڪر “ مشين ڪئين ٿي ڪم ڪري، ٽام بيٽري واري ڪمري ۾ وڃي نڪتو. سن 1869ع ۾ ٽيليگراف ۽ ٽڪر مشينن کي هلائڻ لاءِ آلين بيٽرين مان نڪرندڙ لائٽ جو استعمال ڪيو ويندو هو. هي آليون بيٽريون، گندرف سان ڀريل تيزاب وارين شيشن ۾ جست ۽ ٽامي سان ٺهيل لٽڪندڙ پليٽن مان ٺاهي ويندي هئي. گولڊ انڊيڪٽر مشين 300 کن واپارين جي دڪانن ۾ لڳل هوندي هُئي. ان ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ سوئچ بورڊ هو، ۽ اها ماسٽر مشين رکيل هُئي. جيڪا سموري شهر ۾ چپي چپي تي لڳل ٽڪر مشينن کي هلائيندي هئي.
بيٽري گهر ۾ ٽام جي ملاقات هڪ پراڻي دوست سان ٿي ويئي. ٽام جي هُن سان انهن ڏينهن جي ملاقات هُئي، جڏهن هو ڪينيڪي ۽ اوهيو ۾ ، هتان کان هتي ۽ هُتان کان هتي ، نون تار گهرن ۾ ڪم ڪندو هو. جڏهن هن کي خبر پئي ته ٽام جي کيسي ۾ باقي 75 سينٽ وڃي بچيا آهن ته هُن ٽام کي صلاح ڏني ته سمهڻ واري جاءِ تي پئسا خرچ ڪرڻ بجاءِ هو بيٽري گهر ۾ ئي سمهي پوي. ان مان ڇا ٿيندو جو هن جو ڪجهه خرچ بچي پوندو. ٽام ان پيشڪش کي ٿورائتو ٿيندي قبول ڪيو.
ايڊيسن جي تجسس جو ڪو به ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي . هتي به هن انهن بيٽرين ۽ ٻين اوزارن کي ڏسڻ، جاچڻ ۽ انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. هن کي بجلي جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ هُئي، ان ڪري هن کي تمام گهٽ وقت لڳو جو هو اها ڳالهه سمجهي سگهي ته نيويارڪ ۾ ٽڪر مشينون ڪئين ٿيون ڪم ڪن.
ٽام ٻه راتيون بيٽري گهر ۾ ستو، اڄ نيويارڪ ۾ هن جو ٽيون ڏينهن هو. هو بيٽري گهر جي ٻاهر ائين ئي ويٺو هو.
By the third day, after his arrival. Thomas was almost on verge of starving to death when the magic began. Thomsa was idly sittinig in the office, when suddenly there was a loud bang and crash and the mighty stock ticker came to an abrupt halpt.
ان جاءِ تي مسلسل مشينن جو ڪڙڪڙاهٽ وارو آواز پيو ايندو هو. اتي اوچتو قبرستان جهڙي خاموشي ٿي وئي. ماسٽر مشين ۾ ڪا خرابي پئدا ٿي پئي هُئي. پريشاني جي حالت ۾ ڪاريگر ، سوئچ بورڊ وٽ اچي گڏ ٿيا. هڪ منٽ کان پوءِ، دفتر جو بروڪر ڊوڙندو ٽام وٽ آيو. هن ٻڌايو ته هن جي مالڪ جي آفيس ۾ لڳل مشين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آ، ۽ اها بند ٿي وئي آ. پوءِ وري هڪڙو ٻيو بروڪر ڊوڙندو آيو، پوءِ هڪڙو ٻيو، وري ٻيو، ٿوري دير ۾ سوين بروڪر اچي بيٽري گهر ۾ بيهي رهيا. ۽ پنهنجي ساڳي شڪايت بار بار دهرائڻ لڳا. ان گوڙ جي ڪري ڪاريگرن کي مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا ۽ انهن کي جيڪا بجلي جي باري ۾، ٿوري گهڻي معلومات هئي، سا به هنن کان وسري وئي.
اوچتو ئي وڏي زور سان ڪمري جو دروازو کُليو، ۽ ڪمپني جو پريزيڊنٽ ڊاڪٽر ايس ايس لاز اندر داخل ٿيو. ان جي اوچتو داخل ٿيڻ جي ڪري، ڪاريگر جيڪي اڳي ئي حيران و پريشان هئا، انهن جا دماغ بوکلائجي ويا.
”ڪيترائي ملازم مون کان پگهار کڻن ٿا، پر انهن مان ڪنهن کي به خبر ڪانهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي“. ؛ڊاڪٽر لاز شڪايت ڪندي چيو.، ”ڪاش! مون وٽ هڪڙو ئي ڪم جو ماڻهو هُجي ها“.
ٽام وڏي انڪساري ۽ عاجزي سان اڳتي وڌيو، ”جناب! مان توهان وٽ باقائدي ملازم نه آهيان، پر مان سمجهان ٿو ته مان هن مشين جي خرابي کي دور ڪري سگهان ٿو“.
“Please Sir”, shouted Thomas over the babble, “I can fix the machine”.
The aggrieved chief looked at him and bellowed, “fix it! Fix it! Be quick”.
”ته پوءِ ڪر، جلدي ڪر“. پريزيڊنٽ چيو.
ٽام سڄي بورڊ کي چڱي طرح سان جانچي ڏٺو. هن جي گهري نظر هڪدم ڏسي ورتو ته هڪ ننڍڙو اسپرنگ ٽٽي ٻن حصن ۾ ڦيٿن جي وچ ۾ ڪري پيو آهي. ۽ ان ڪري ئي ماسٽر مشين بند ٿي وئي آهي. ٽام ان ٽٽل، ڦريل، مڙيل اسپرنگ کي جئين تئين ڪري ٻاهر ڪڍي ورتو. ۽ اهو جتي هجڻ گهرجي ها، اتي هن هڪ نئون اسپرنگ لڳائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن ماسٽر مشين جي مڙني پرُزن کي گهمائي زيرو تي آڻي بيهاريو.
”هاڻي جيڪڏهن توهان پنهنجن سڀني بروڪرن کي، پنهنجن پنهنجن دڪانن ۾ موڪلي، سڀني مشينن کي زيرو تي ڪرايو ۽ ان کان پوءِ ، ماسٽر مشين وري اڳ جيان چڱي طرح ڪم ڪري سگهي ٿي“. ايڊيسن چيو.
ڊاڪٽر لاز فورن حڪم ڏنو. سڀئي بروڪر، شهر ۾ لڳل مشينن کي زيرو تي ڪرڻ لاءِ وٺي ڀڳا. ڊاڪٽر لاز ٽام ڏي منهن ڪري چيو، ”نوجوان سڀاڻي صبح جو مون سان منهنجي دفتر ۾ اچي ملجانءِ، مون کي تو سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي“.
ٻي ڏينهن ٽام ايڊيسن صبح جو ڊاڪٽر لاز جي دفتر پهچي ويو. ڪافي دير تائين گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر لاز نوجوان ٽام کان موڪلايو ۽ هن کي حڪم ڪيائين ته سڀاڻي هو وري هن وٽ اچي. ٻي ڏينهن وري ٻي ملاقات کان پوءِ جڏهن ٿامس ايڊيسن، ڊاڪٽر لاز جي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ته هو گولڊ انڊيڪٽر ڪمپني جي سڄي ڪارخاني جو سپريٽينڊنٽ هو. هن جي پگهار ٽي سو ڊالر مقرر ٿي هُئي، جيڪو هن 21 سالن جي نوجوان لاءِ تمام وڏي رقم هُئي. قسمت ٽام لاءِ پنهنجو سونهري دروازو کولي ڇڏيو هو.
ايڊيسن پنهنجي اڻٿڪ محنت ڪوششن سان ڀاڳ جي ان دروازي کي اڃان ڪجهه وڌيڪ کولڻ جو عهد ڪيو. هن جي ذهن ۾ ڪيترائي خيال ڀٽڪي رهيا هُئا. انهن مان ڪيترن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ، هن کي مالي مدد جي ضرورت هُئي. ”گولڊ انڊيڪيٽر ڪمپني“ جي سپريٽينڊنٽ جي حيثيت سان هو فرينڪلن ڊي پوپ سان وڃي مليو. انهن ٻنهي نوجوانن بجلي جي انجينيئر جي حيثيت سان هڪٻئي سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهرئين آڪٽوبر 1869ع جو نيويارڪ جي هڪڙي اخبار ”ٽيلي گرافر“ ۾ هڪڙو اشتهار ڇپيو، جنهن ۾ ”ايڊيسن ۽ پوپ“ نالي هڪ فرم جي کلڻ جو اعلان شايع ٿيل هو. اها امريڪا ۾ بجلي جي انجينيرن جي پهرئين فرم هُئي. جنهن پنهنجي ان پيشي جو اشتهار ڇپرايو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ ”ٽيلي گرافر“ جي ڇپيندڙ، جي اين ايشلي به ايڊيسن جي هن نئين فرم جو حصيدار بڻجي ويو.
پنهنجي پارٽنر پوپ سان گڏجي رهڻ جي ارادي سان هو نيوجرسي جي شهر الزبٿ جي هڪ بورڊنگ هائوس ۾ منتقل ٿي ويو. هر صبح جو هو نيو يارڪ هليو ويندو هو، ۽ وري رات جو ڪافي دير کان پوءِ واپس ايندو هو. هو جيڪو ڪم ڪري رهيو هو، ان لاءِ هن کي تمام گهڻو وقت کپندو هو. ان قيمتي وقت کي بچائڻ لاءِ ايڊيسن گهٽ وقت ننڊ ڪرڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهي ڇڏي. هن اهڙي عادت وجهي ڇڏي هئي جو هو رات جو ٿوري ٿوري جهٽڪي سان ننڊ ڪري وٺندو هو. ان ڪري 24 ڪلاڪن ۾ هو وڌ ۾ وڌن پنج ڪلاڪ ننڊ ڪندو هو. انهن پنجن ڪلاڪن کان علاوه هو پنهنجو سڄو وقت پنهنجن تجربن ۾ گذاري ڇڏيندو هو.
انهن ڏينهن ۾ تار لفظن يا وري ليڪن ۾ وصول ٿيندو هو. اهي لفظ يا ٽٻڪا يا وري لڪيرون ڪاغذ جي سنهڙي پٽي ۾ سوراخن جي صورت ۾ ٺهيل ملندا/نظر ايندا هُئا، يار وري ان تي ڇپيل هوندا هُئا. انهن لفظن ۽ لڪيرن جي بنياد تي سڄي تار کي وري پنهنجي هٿن اکرن سان لکڻو پوندو هو. ان سڄي مرحلي ۾ گهڻو وقت لڳندو هو. ان ڪري ماڻهن کي تار ڪافي دير کان پوءِ اچي ملندي هُئي. ”جيڪڏهن، ڪيئن به ڪري، ان تار کي ان ئي گهڙي تار گهر ۾ هڪڙي ئي حرف جي شڪل ۾ ڇاپيو وڃي ته قيمتي وقت جي گهڻي بچت ٿي سگهي ٿي“. نوجوان ايڊيسن جو ڌيان ان مسئلي ڏي هليو ويو. هو هڪدم هڪ تار جي ڇاپڻ واري مشين ۾ جنبي ويو. هن کي هڪ ڏينهن ۾ ڪاميابي نصيب نه ٿي. هن پهرئين پنهنجي ”ڊپليڪس ٽيليگراف“ کي مڪمل ڪيو. ان تي اڪتفا ڪندي هڪ اهڙو نظام ايجاد ڪيو، جنهن جي ذريعي هڪ ئي وقت ۾ هڪ ئي تار تي 4 بلڪه 6 مختلف پيغام موڪلي سگهجن پيا.
سال 1869ع ۽ 1870ع جي وچ واري عرصي دوران ، ايڊيسن تار موڪلڻ واري ڪيترن ئي طريقن ۾ ردوبدل ڪري ان کي تڪميل تائين پهچائي ڇڏيو. هن جي هڪ اهم ۽ انقلابي ايجاد ”آٽوميٽڪ پرنٽنگ ٽيليگراف“ مشين هُئي. هٿ سان ڪم ڪرڻ وارو کڻي آپريٽر، ڪيڏو نه ماهر هجي، هو وڌ ۾ وڌ 40 کان 50 لفظ تار ذريعي موڪلي سگهي پيو. پر ايڊيسن جي نئين مشين هڪ منٽ ۾ 300 الفاظ موڪلي پئي. ۽ وڏي وڏي ڳالهه اها هئي ته رومن اکرن ۾ اهي اکر وري ڇاپي به ڇڏي پئي.
بحيثيت هڪ سائنسدان ايڊيسن جو نالو هر طرف ڦهلجي ويو. گولڊ ائنڊ اسٽاڪ ٽيليگراف ڪمپني جي صدر جنرل مارشل ليفرٽس General Lefferts, ايڊيسن کي عرض ڪيو ته هو ان جي ڪمپني ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽاڪ ٽڪر مشين ۾ مناسب ردوبدل ڪري ان کي وڌيڪ ڪارآمد بڻائي. تجربن جي لاءِ گهربل پئسو جنرل ليفرٽس ڏنو ۽ علم ايڊيسن وٽ هيو. ڪجهه سال اڳ ۾ بوسٽن ۾ ايڊيسن هڪ ذاتي اسٽاڪ ٽڪر مشين ٺاهي هُئي، ۽ ان جو استعمال به ڪيو هو . ان دور جو تجربو ۽ علم هن جي اِن وقت وڏو ڪم آيو. تمام گهٽ عرصي ۾ هن ان مشين ۾ ڪافي تجربا ڪري هن کي اڳ جي ڀيٽ کان اڃان به بهتر بڻائي ڇڏيو.
سن 1870ع ۾ هڪ ڏينهن ”گولڊ ائنڊ اسٽاڪ ايڪسچينج ٽيليگراف ڪمپني“ جي صدر هن کي پنهنجي دفتر ۾ گهرايو. ”ٽڪر مشين ۾ ڪيل تبديلين ۽ ترميمن، ان مشين کي پهرئين جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه وڌيڪ ڪار آمد بڻائي ڇڏيو. ڪم ختم ٿي ويو، هاڻي مان ان ڪم جو تو کي معاوضو ڏيڻ چاهيان ٿو، تنهنجي خيال ۾ ڪيترو معاوضو مناسب ٿيندو“. ايڊيسن سوچيو ته هن کي پنهنجي ڪارخاني ۾ اسٽاڪ ٽيڪر مشين ۽ ان جا اوزار ٺاهيندي، ان تي تجربا ڪندي، ۽ ان کي وري نئين سري سان جوڙڻ /ٺاهڻ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين محنت ڪرڻي پئي هئي. جيڪڏهن مان هن کان ٽي هزار ڊالر گهران ته ڇا اها وڏي رقم هوندي، خبر ناهي هي جنرل ٽي هزار ڊالر به ڏيڻ لاءِ دل من نه هڻي. ايڊيسن پنهنجي ايجاد جي باري ۾ ڄاڻ نه هئڻ واري لا علمي کي لڪائڻ چاهي پيو، ان ڪري هن جنرل ليفرٽس کي چيو،” توهان پاڻ ڄاڻو ٿا ته ٽڪر مشين ۾ ڪيتري تبديلي اچي وئي آهي. توهان پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏيو ته توهان ڪيترو معاوضو ڏيئي سگهو ٿا“.
”جيڪڏهن توهان کي چاليهه هزار ڊالر ڏنا وڃن ته ڇا تون اها رقم قبول ڪندين“. جنرل ليفرٽس هن کان پڇيو.

….would settle for $3000. During his early days of invention, he estimated the value of his invention in terms of time and effort he had spent on it and not the wealth that it would generate for the purchaser.
“Well, youg man” said General Lefferts, “how much do you want for your beautiful machine”.
Thomas shifted from foot to foot. He felt that the amount when he wanted for his machine was too much. “General Said Thomas, “why don’t you make me an offer”.
The General said, “How would $40,000 strike you”.
ايڊيسن حيران و پريشان ٿي ويو. هن اکيون ڇنڀيون ته ڪٿي هو ڪو خواب ته نه ڏسي رهيو آهي.
Thomas felt close to fainting but managed to say yes.
چاليهه هزار ڊالر، ايڏي وڏي رقم سان ته هو هڪ شاندار تجربيگاهه تعمير ڪرائي سگهي ٿو. ۽ ان لاءِ تمام بهترين معيار جا اوزار خريد ڪري سگهجن ٿا. ايڏي وڏي خوشي ۾ هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ شروع ٿي وئي. ”مان سمجهان ٿو ته اها رقم مناسب آهي“. هن هٻڪندي چيو.
”چڱو مان ان باري ۾ معاهدو لکرائي، تيار ڪرائي وٺان ٿو، توهان ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي، ان تي صحيح ڪري وڃجو ۽ پنهنجي رقم به کڻي وڃجو“.
ٽن ڏينهن کان پوءِ ايڊيسن جنرل ليفرٽس جي دفتر آيو. هن قلم کنيو ۽ معاهدي تي بنان پڙهڻ جي، صحيح ڪري ڇڏي.
”ايڊيسن! اچي هي وٺو پنهنجو چيڪ“، جنرل چيو. ”هي چيڪ بئنڪ آف نيويارڪ جو آهي، توهان اتان کان ڪيش ڪرائي سگهو ٿا“.
نوجوان سائنسدان چيڪ وٺي، لڏندي، وليم اسٽريٽ ۽ والي اسٽريٽ واري چوراهي تي ”بئنڪ آف نيويارڪ“ پهتو. هن پنهنجو چيڪ ڪائنوٽر تي ويٺل بئنڪ ڪلارڪ جي هٿ ۾ ڏنو. هُن غور سان چيڪ کي ڏٺو، ابتو ڪيو، ۽ وري ايڊيسن کي واپس ڏيندي چيائين،” افسوس آهي، مان توهان کي هيڏي وڏي رقم نه ٿو ڏيئي سگهان، توهان کي هن تي ......“.
ان کان اڳتي جا الفاظ ايڊيسن نه ٻڌي سگهيو. جڏهن هن کي هڪ دفعي گرانٽ ٽرنڪ ريلوي اسٽيشن تي، ڪن کان وٺي مٿي ڇڪيو ويو هو، تڏهن کان وٺي هن جي ٻڌڻ واري صلاحيت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي پئي وئي. هو ڪافي ٻوڙو ٿي چڪو هو. هن ڪلارڪ کان ٻيهر پڇڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪئي ته هن ڇا چيو آهي. هن کي محسوس ٿيو ته هن کي چالاڪيءِ سان ٺڳيو ويو آهي. ۽ اها چالاڪي به هن کي سمجهه ۾ نه پئي آئي.دماغ ۾ چڪر محسوس ڪندي، هو بئنڪ کان ٻاهر نڪري روڊ تي آيو. هن ۾ هاڻي هلڻ جي به طاقت نه رهي هئي. آخر هو روڊ جي ڪناري هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. هو سوچي به نه پئي سگهيو ته جنرل ليفٽرس ڪو هن سان ڌوڪو به ڪري سگهي ٿو. آخر همت ڪري ايڊيسن اٿيو، ۽ واپس جنرل جي دفتر ۾ وڃي هن کي ٻڌايو ته ڪئين بئنڪ جي ڪلارڪ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري چيڪ واپس ڪري ڇڏيو.

سڄو حال احوال ٻڌي، جنرل کلي کلي ٿڪجي پيو. هو ايترو کليو جو هن جي اکين مان پاڻي وهي آيو، ”لڳي ٿو“، جنرل چيو،” زندگي ۾ توهان کي هي پهريون چيڪ مليو آهي“. ايڊيسن مٿو لوڏي هائوڪار ڪئي. ”بئنڪ جي ڪلارڪ توهان کي پئسا ڏيڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو جو هن چيڪ جي پويان توهان جي صحيح نه آهي، هو چاهي پيو ته توهان پنهنجي صحيح ڪرڻ کان علاوه اهو به ثبوت پيش ڪيو ته توهان ئي ٿامس ايلوا ايڊيسن آهيو“. جنرل ليفرٽس تفصيل سان هن کي سمجهائيندي چيو. ان کان پوءِ جنرل پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ کي گهرائي چيو، ”باب! ٿورو ايڊيسن سان گڏ، بئنڪ تائين وڃو، هن کي چڱي طرح سمجهائجوس ته چيڪ ڪيئن ائنڊورس ٿيندو آهي، ۽ بئنڪ جي خزانچي سان هن جو تعارف به ڪرائي ڇڏجو“.
بئنڪ وڃي ايڊيسن سٺي نموني سان چيڪ کي ائنڊورس ڪيو ، خزانچي سان ايڊيسن جو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ، ڪلارڪ پنهنجي دفتر واپس هليو ويو.
ايڊيسن جي لاعلمي تي بئنڪ جي خزانچي کي وڏي کل آئي. ان سان مزاق ڪرڻ لاءِ هن چاليهه هزار ڊالر ، لاءِ پنجن ۽ ڏهن ڊالرن وارا نوٽ ڳڻي ڏنا. نوٽن جو ڍير وڌندو ويو، ايتري قدر جو ڪائونٽر تي نوٽن جو انبار لڳي ويو. انهن نوٽن کي ايڊيسن ڪوٽ جي کيسن ۾ زوري ٺوڪي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ ان کان پوءِ هن وري پنهنجي پينٽ جي کيسن ۾ نوٽ ڀرڻ شروع ڪيا، جو کيسا ڦاٽڻ لڳا. اهڙي طرح نوٽن جو انبار وٺي ايڊيسن ڏيڏر وانگي هلندي، بئنڪ کان ٻاهر نڪري آيو.
اسٽيمر تي سوار ٿي هو نيويار موٽي آيو. گهر موٽندي هو سڄي واٽ پئسن جي ڳڻتي ۾ رهيو ته متان ڪنهن چور هن کي بئنڪ ۾ نوٽ ائين کيسن ۾ ڀريندي ڏٺو هجي ۽ هاڻي اهو چور هن جي پويان هجي. رات جو ضرور اهو چور هن جي ڪمري ۾ داخل ٿي اها رقم چورائي ويندو. ڊپ جي ماريل ايڊيسن جا هٿ پير ڏڪڻ لڳا. هن پلنگ جي هيٺان پيل پنهنجي پيتي ڪڍي ، ان ۾ رکيل ڪپڙن ، جورابن ۽ قميصن جي ٻانهن ۾ نوٽ لڪائي ڇڏيا. پيتي کي تالو لڳائي، ان تي ويهي رهيو. ۽ اک ڇنڀڻ بنان سڄي رات جاڳندي ايئن ئي گذاري ڇڏي، تان جو صبح ٿي ويو. سڄي رات جي اوجاڳي جي ڪري ايڊيسن جو اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. هن وري سڄي رقم پنهنجن کيسن ۾ وڌي ۽ نيويارڪ اچي نڪتو. هو سڌو جنرل ليفرٽس جي دفتر پهتو. ۽ پنهنجي ان تڪيلف جو هن سان اظهار ڪيو. پهريان ته جنرل وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندو رهيو پوءِ جڏهن آهستي آهستي هن جي کل جهڪي ٿي، ته وري به هن پنهنجي ڪلارڪ باب کي گهرايو. باب هن ڊنل سائنسدان کي وري بئنڪ وٺي ويو جتي هن کي سمجهايائين ته بئنڪ ۾ ڪيئن اڪاونٽ کولرائبو آهي ۽ پوءِ پئسا بئنڪ مان ڪيئن چيڪ جي ذريعي ڪڍرائبا آهن.

A few weeks later he wrote to his father: “How is mother getting along?, …. I am now in a position to give you some cash….write and say how much….give mother anything she wants…. He also returned the $ 35 which he had borrowed from Bredding.
ايڊيسن نيوجرسي جي شهر نيويارڪ جي وارڊ اسٽريٽ ۾ يارهين ۽ ٻارهين نمبر جي هڪ وڏي وسيع ۽ ڪشاده عمارت ڪرائي تي ورتي. ان عمارت ۾ هن پنهنجو دفتر کوليو. پنهنجو تجربيگاه قائم ڪيو. ۽ پنهنجو سائنسي ڪارخونو به لڳائي ڇڏيو. ”گولڊ اسٽاڪ ٽيليگراف ڪمپنيءَ هن کي ، انهن نئين مشينن جو تمام وڏي تعداد ۾ ٺاهڻ جو آرڊر ڏيئي ڇڏيو، جيڪي هن پنهنجي تجربن مان ٺاهيون هيون. هن کي نوان ڪاريگر ڀرتي ڪرڻا پئجي ويا. ايتري قدر جو ٿوري عرصي ۾ هن جي ڪارخاني ۾ پنجاهه ڪاريگر ڪم ڪرڻ لڳا. نيويارڪ ۾ جن ڪاريگرن کي، شروع شروع ۾ هن پاڻ وٽ، ڪم تي رکيو، انهن ۾ سوئزرلينڊ جو هڪ مشين ٺاهيندڙ جان ڪريوسي ۽ انگريز چارلز بيلجر به هو. اهي ٻئي ماڻهو تمام جلد ايڊيسن جا، سڀني کان وڌيڪ معتبر ۽ ماهر ڪاريگر بڻجي ويا.


(2)

1870ع جي هڪ شام جو ايڊيسن پنهنجي آفيس ۾ اڪيلو ويٺو هو. آفيس جا سڀ ملازم موڪل ڪري هليا ويا هُئا. پر ايڊيسن هڪ نئين مشين ٺاهڻ جي ارادي سان اڃان ويٺو هو. پر هاڻي هي به دفتر کان وڃڻ لاءِ اٿيو. هن گيس جون بتيون وسائي ڇڏيون. ۽ پنهنجي دڪان جو روڊ طرف کلندڙ دروازو کوليو. ان وقت ڪڙڪيدار برسات پوڻ شروع ٿي وئي. تيز برسات جي ڪري هن سوچيو ته هن کي واپس پنهنجي دفتر ۾ وڃي ويهڻ کپي ۽ ان نامڪمل ڪم کي مڪمل ڪري. ان خيال سان هن جيئن ئي ٻيهر دروازو کوليو ٻه نوجوان ڇوڪريون مينهن کان بچڻ جي چڪر ۾ ، دڪان جي ان سوڙهي دروازي اندر اچي بيهي رهيون.
ايڊيسن کي ڏسي، انهن مان جيڪا وڏي هئي، چوڻ لڳي، ”اوه! اسان کي خبر نه هئي ته ڪو هن دروازي ۾ بيٺو آهي. اسان بارش کان بچڻ جي لاءِ هتي اچي بيٺيون آهيون“.
”مان هن دڪان جو مالڪ ٿامس ايڊيسن آهيان، اچو، جيستائين برسات بيهي وڃي توهان تيسيتائين منهنجي دفتر ۾ هلي ويهو، مان گئس هلائي ڇڏيان ٿو“.
”ايڊيسن صاحب! اسان اهو هرگز نه چاهينداسين ته اسان جي ڪري توهان جي ڪم ۾ ڪا خلل پوي، منهنجو نالو ميري سٽيل ويل آهي، ۽ هي منهنجي ننڍي ڀيڻ ايلبس آهي“.
ايڊيسن ٻنهي ڇوڪرين کي وڏي احترام سان سلام ڪيو. جيستائين برسات بيهي تيسيتائين ايڊيسن انهن سان گفتگو ڪندو رهيو. ميري سٽيل ويل جي چمڪندڙ نيڻن ، خوبصورت خط و خال ۽ هن جي شائستگي مان ايڊيسن ڏاڍو متاثر ٿيو. ٿوري دير کان پوءِ برسات بيهي وئي، انهن ٻنهي ڇوڪرين، دروازي ۾ پناهه ڏيڻ تي ايڊيسن جو شڪريو ادا ڪيو، ۽ هليون ويون. ايڊيسن انهن کي چيو به ته ”جيڪڏهن توهان مون کي اجازت ڏيو ته مان توهان کي توهان جي گهر تائين ڇڏي اچان“. پر ڇوڪرين منظور نه ڪيو. ۽ ايڊيسن جي ڏسندي ڏسندي اهي اوندهه ۾ غائب ٿي ويون.
ٽام ايڊيسن ميري اسٽيل ويل جي تصور کي پنهنجي ذهن مان نه ڪڍي سگهيو. پنهنجن دوستن کان هن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي، ته هن کي خبر پئي ته ميري سٽيل ويل نيويارڪ ۾ سنڊي اسڪول ۾ پڙهائندي آهي. هن کي اها به خبر پئجي وئي ته هن جي پيءَ جو نالو نڪولس ۽ هن جي ماءَ جو نالو مارگيٽ اسٽيل ويل آهي. ايڊيسن جو دوست مُري انهن ٻنهي ڇوڪرين کي چڱي طرح سڃاڻي پيو. ايڊيسن پنهنجي دوست مُري کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ڇڏيو ته هڪ ڏينهن هو ان کي ويل جي گهر وارن سان ملاقات ڪرائيندو. اسٽيل ويل خاندان سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ ايڊيسن کي خبر پئجي وئي ته هن اها عورت ڳولي لڌي آهي جنهن سان هو شادي ڪري سٺي زندگي گذاري سگهي ٿو. ان کان پوءِ هو اڪثر ميري سٽيل ويل جي گهر ويندو رهيو. پوءِ هو هن سان ناٽڪن ڏسڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڊانس ڪلبن ۾ وڃڻ لڳو. آچر جي شام جو هي ٻئي هڪ ٽانگو ڪرائي تي وٺندا هُئا، پوءِ نيويارڪ شهر جو چوڌاري ٽانگي تي پيا سير ڪندا هُئا. ٽام ۽ ميري اڳيان واري سيٽ تي ويهندا هئا، ۽ مُري ۽ ايليبس پويان واري سيٽ تي ويهندا هئا.
اها خوبصورت شام هُئي، جڏهن نوجوان ايڊيسن نڪولس اسٽيل ايل کي ڌيري لهجي ۾ چيو ته،” هو هن جي ڌيءِ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو“، پر هن جي پيءُ هن کي چيو ”ته اڃان ته هن جي ڌي ننڍي آهي ۽ شادي جي لائق نه آهي. مان هن جي شادي جي اجازت هڪ سال اڳ ۾ نه ٿو ڏيئي سگهان. ان ڪري توهان کي هڪ سال تائين انتظار ڪرڻو پوندو“.
ان کان بعد ۾ِ، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ايڊيسن ميري جي لاءِ چاڪليٽ جو تحفو وٺي ويو، چاڪليٽ ڪاغذ جي ٽڪري ۾ ويڙهيل هو، ميري اهو ڪاغذ لاهڻ چاهيو پر ڪاغذ چاڪليٽ سان چنبڙيل هو، ۽ چاڪليٽ کان لهڻ / نڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو. اهو ڏسي ايڊيسن گهپي ڪندي چيو، ”۽ ڄمايل ڪيڪن جي لاءِ به اهڙا ڪاغذ ٺاهڻ گهرجن جو انهن تي چنبڙي نه پون“.
ميري هن کي هُشي ڏيندي کلندي چيو، ”تون به ته سائنسدان آهين، پوءِ ڀلا تون ڇو نه ٿو ٺاهين اهڙو پنو“.
”مان ضرور اهڙو پنو ٺاهيندس، پر توکي منهنجي مدد ڪرڻي پوندي“. ايڊيسن جواب ڏنو.
ميري ايڊيسن جي تجربيگاهه ۾ اچي مددگار جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳي.
Perhaps as a reaction to his mother’s death, Edison soon got romantically involved with Mary Stilwell, a 16 year old employee who worked at his News reporting Telegraph Company. The young couple got married within few months of dating on Chirstmas Day in the year 1871.
ايڊيسن ۽ ميري ٻنهي ملي چاڪليٽ ويڙهڻ وارن پنن تي لاتعداد تجربا ڪيا. ميري اسٽيل ويل جي مدد سان ايڊيسن اهڙو ميڻ وارو ڪاغذ تيار ڪيو، جيڪو چاڪليٽ ۽ ڪيڪ پيسٽري کي ويڙهڻ لاءِ تمام موزون هو.
آخرڪار انتظار وارو سال به پورو ٿيو. سال 1871ع ڪرسمس جا ڏينهن هُئا، ايلوا ايڊيسن جي شادي ميري سٽيل ويل سان ٿي وئي. شادي جي موقع تي هن جي دوست مُري تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو.
سن 1871ع جي پڇاڙي تائين ايڊيسن نيويارڪ ۾ ٽي الڳ الڳ دڪان کوليا هُئا. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو شخص نالي ڪرسٽوفر شولس ايڊيسن وٽ آيو. شولس 1867ع ۾ ٽائپ رائيٽر مشين رجسٽر ڪرائي هُئي. ان وقت هن لاءِ هڪ اهڙو مسئلو ٿيو هو جو، جنهن جو حل هُن کي نه پيو ملي. شولس جي ٽائپ رائٽر جا اکر سڌي لڪير ۾ نه پيا بيهن. ڪجهه اکر قطار کان هيٺ ۽ ڪجهه اکر قطار کان مٿي ٿي ويندا هُئا. شولس ايڊيسن کي عرض ڪيو ته، ”ڪو اهڙو طريقو ڪڍي جو سڀئي اکر هڪڙي کي قطار ۾ سپاهين جيان پريڊ ڪندي نظر اچن“. ايڊيسن اهڙو طريقو ڳولي ڪڍيو. هن جي اصلاح ڪندڙ مشين ريمنگٽن ڪمپني کي ڏني وئي ۽ ان ڪمپني اهڙي مشين تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. سن 1874ع ۾ ٽائپ رائٽر مشين بازار ۾ اچي وئي. ۽ ڪجه وقت کان پوءِ اها ڪاروبار جي اهم ضرورت بڻجي وئي.
ٽائپ رائٽر جي اصلاح ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ ٽام ايڊيسن کي هڪڙي ننڍڙي ڄائي، جنهن جو نالو ميرين Marion رکيو ويو. پر وري ٿوري عرصي کان پوءِٰ ان جو نالو ”ڊوئي“ پئجي ويو، ڇو ته اهو ان جو پيار جو نالو هو. گهر ۾ تار جي پيغامن جو گهڻو ذڪر رهندو هو، ان ڪري اهو ”ڊوئي“ نالو به مختصر ٿيندو وڃي ”ڊاٽ“ يعني نقطي/ٽٻڪي تي پهتو. 1875ع ۾ ايڊيسن کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ٿامس جونيئر رکيو ويو. ڇوڪري جو نالو جيئن ته ”ڊاٽ“ نقطو هو ، ان ڪري مورس جي تار جي اشارن واري لکت جي مطابق ڇوڪري جي ڪنيت ”ڊيش“ (ننڍڙي ليڪ) ٿيڻ گهربو هو ۽ هو واقعي ئي ”ڊيش“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
1869ع ۽ 1875ع جي وچ واري عرصي دوران ايڊيسن تمام گهڻيون نيون ايجادون ڪيون ۽ انهن کي رجسٽر ڪرايو. ايڊيسن جي تحقيقي دماغ جي بيشمار شين کي عملي جامو پهرائڻ، نيويارڪ جي ٽنهي دڪانن لاءِ به مشڪل ٿي ويو. هڪ وڏي شهر ۾ ٽن الڳ الڳ دڪانن جو هڪ ٻئي کان پري هجڻ ڪري تمام گهڻو وقت ۽ طاقت ضايع ٿئي پئي. ايڊيسن کي هڪ اهڙي وڏي عمارت جي ضرورت هُئي، جتي تجربيگاهه ۽ ڪارخانه ٻئي هڪٻئي سان گڏ گڏ هجن. ايڊيسن جي ماءَ 1871ع ۾ پورٽ هورون ۾ وفات ڪري چڪي هُئي، ان ڪري 1875ع ۾ انتهائي مصروف زندگي گذاريندڙ سائنسدان ايڊيسن پنهنجي پي کي عرض ڪيو ته هو نيويارڪ اچي وڃي. ۽ نئين تجربيگاهه لاءِ مناسب عمارت ڳولڻ ۾ هن جي مدد فرمائي.


(3)

ٿامس ايڊيسن جو پيءُ سيموئل ايڊيس پهرين نومبر 1875ع تي نيويارڪ پهچي ويو. هن وڏي خوشيءَ سان نئين تجربيگاهه لاءِ مناسب جاءِ تلاش ڪرڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کڻي ڇڏيو. نيويارڪ ۾ ايڊيسن جا دڪان هُئا، اُتان جو سامان اتان کڻي نئين عمارت ۾ شفٽ ڪرڻو هو. پوڙهو سيموئل ايڊيسن ٽانگي تي چڙهي سڄو هفتو نيوجرسي جي روڊن تي گهمندو رهيو. موضون جاءَ جي تلاش ۾ هي شهر جو چپو چپو رليو. ڪجهه عرصو اڳ ۾ ٿامس ايڊيسن ڪجهه زمين ورتي هُئي، سيموئل ايڊيسن گهمي ڦري وري به اچي ان جاءِ تي بيهي رهيو. اها زمين اتر طرف وينيا ريلوي اسٽيشن ڏي هُئي. هتي جبل به هيو. جنهن جي زمين ڳاڙهي هُئي. نيسلو نالي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ به ان جي ويجهو هو. هڪ وڏو ۽ مضبوط روڊ ڏکڻ طرف کان هتان گذري پيو، ۽ نيويارڪ ڏي ويندڙ مين روڊ هو. جيڪو اتان کان 25 ميل پري هو. سيموئل ايڊيسن نئين تجربيگاهه جي لاءِ اها ئي زمين منتخب ڪئي.
ٿامس ايڊيسن پنهنجي پي سان گڏ ٽانگي ۾ چڙهي مينلو پارڪ پهتو. جبل کان پنهنجي زمين جو جائزو وٺي ، ٿامس ايڊيسن ان نتيجي تي پهتو ته هن جي پيءُ وڏي عقلمندي کان ڪم وٺندي، ان زمين کي پسند ڪيو هو . ان ڪري هُن هڪدم اتي عمارت ٺاهڻ جو ڪم پنهنجي پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو. پيءُ ۽ پٽ ٻنهي گڏجي عمارت جو پاڻ ۾ ئي هڪ سٺو نقشو تيار ڪيو. هنن ماهر ڊکڻن سان پڻ صلاح ڪئي. ۽ ان کان پوءِ ئي هنن پنهنجو آخري فيصلو ڪيو. 3 جنوري 1876ع جو عمارت جو ڪم باقائدي سان شروع ٿي ويو.
پينيسيل وينيا ريلوي لائين جي اتريئن پاسي، ڪجهه مفاصلي تي تجربيگاه جو ڪم شروع ٿيو ۽ آهستي آهستي عمارت مٿي اٿڻ لڳي. طويل ٻه ماڙ عمارت ڪاٺ مان ٺاهي پئي وئي. ان جي چئني پاسي چار روڊ نڪرن پيا. جن جا نالا فيڊريڪ اسٽريٽ، وڊبرج ايوينيو، ڪرسٽي اسٽريٽ ۽ مڊل سيڪس ايووينيو. هن عمارت جي ٻنهي پاسي وڏين وڏين درين جون قطارون هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هليون پئي ويون. مين گيٽ کان داخل ٿيندي ئي، پهرين ماڙ تي هڪ ننڍڙو دفتر هو. باقي رهيل جاءَ ۾ سامان رکڻ جا ڪمرا هُئا. انهن مان هڪڙو ڪمرو سائنسي تجربن ڪرڻ جي مقصد سان تمام نفاست سان ٺاهيو ويو هو. ان ۾ سائنسي تجربن ڪرڻ واري ميز کي سرن جي سهاري سان مٿي ڪري تيار ڪيو ويو هو. انهن سرن جي پيڙهه زمين جي گهرائي ۾ رکي وئي هُئي. ته جيئن اها ميز ڪنهن به صورت ۾ بلڪل نه لُڏي.
ڏاڪڻن ذريعي ماڻهو مٿي پهچي سگهي پيو. ٻي ماڙ تي هڪ تمام وڏو پر سوڙهو ڪمرو هو. اها ئي مشهور مينلو تجربيگاهه هُئي. ڇت کان ڪيترائي نل هيٺ لڙڪي رهيا هئا، جن مان گيس ايندي هئي. انهن نلن جي شروعات ۾ هڪڙي ٽوئنٽي لڳندي هئي، جنهن کي ڦيرائڻ سان گيس نڪرندي هُئي. جڏهن ان گيس کي ٻاريو ويندو هو ته اها هڪ چمڪندڙ، اڌ گول جي شڪل واري ڦڪي شعلي جو روپ ڌاري وٺندي هُئي. ٻنهي ديوارن سان شيلف لڳل هوندا هُئا.
20 مارچ 1876ع جو مزدورن سموري عمارت کي هلڪو سليٽي رنگ جو ويس پارائي ڇڏيو. ان کان پوءِ وڏن وڏن ڪٻٽن ۾ ڪيميڪل سان ڀريل ننڍيون وڏيون لا تعداد ، بوتلون /شيشيون رکيون ويون. ڪمري جي وچ ۾ هڪ وڏو آتشدان رکيل هو ، جيڪو ڪمري کي گرم رکڻ جو ڪم ڏيندو هو. تجربيگاهه جي هڪ ڪُنڊ ۾ شيشي جي هڪڙي الماڙي رکيل هُئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جا، مختلف قسمن جا ڌاتو بوتلن ۾ بند ڪري رکيل هُئا.
This laboratory earned him the nickname ‘the Wizard of Menlo Park’. Menlo Park was a very small hamlet. Apart from Edison’s laboratory, it had only seven houses, of which, the best looking house was Edison’s.
The invention factory consisted of a laboratory building, a machine shop, a carpenter shop and a gasoline plant. Edison wanted his laboratory to have a stock of almost every conceivable material. A newspaper article printed in 1887 proves how serious this calim actually was, nothing that the laboratory contained eight thousand kinds of chemicals, every kind of screw made, every size of needle, every kind of cord or wire, hair of humans, horses, hogs, cows, rabbits, goats, minx, camels…..silk in every texture, cocoons, various kinds of hoofs, shark’s teeth, deer horns, tortoise shell….cork, resin, varnish and oil, ostrich feathers, a peacock’s tail, jet, amber rubber, all ores…. And the list goes on. Over his desk, Edison hung a placard with Sir Joshua Reynolds famous words: “There is no expedient to which a man will not resort to avoid the real labour of thinking”.
ان کان ٿورو پري هن جو باجو (موسيقي جو) رکيل هو. ايڊيسن کي موسيقي جو تمام وڏو شوق هو. تجربيگاهه ۾ ساز جي موجودگي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن به ايڊيسن ڪم ڪندي ڪندي، ٿڪجي پوندو هو ته هو ساز تي ڪا نه ڪا ڌن ڇيڙي ڇڏيندو هو، جيڪو هن جي ذهني تسڪين جو سبب هو.
تجربيگاه جي اتر اولهه ۾ هڪ ڊکڻ جو دڪان ۽ بوتلن ٺاهڻ جو ڪارخانو هو. ان کان اڳتي مينلو پارڪ جي ٻي نمبر ڪنڊتي وڏي عمارت هُئي. هي مشينون ٺاهڻ وارو ڪارخانو هو . هن عمارت ۾ ٻاڦ جا وڏا وڏا بوائلر لڳل هئا. هن ڪارخاني ۾ اوزار ۽ اوزار ٺاهڻ وارين مشينن جو تعداد تمام وڏو هو. مشينن جي هن ڪارخاني جي تڪميل ٿيندي ئي، جون ڪريوسي ان جي انتظام جي ذميواري پنهنجي سر کنئي. هن ڪارخاني ۾ هو پنهنجي مالڪ ٿامس ايڊيسن کان پڇڻ بنان هر اوزار ٺاهي سگهي پيو.
ڪرسٽي اسٽريٽ کان اوڀر ڏي ، تجربيگاهه کان ٿورو پري هڪ هوٽل هو. ان هوٽل ۾ ايڊيسن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ اهي ڪاريگر جيڪي شادي شده نه هئا، اهي اتي وڃي ماني کائيندا هُئا. هن هوٽل جو انتظام مسز ميلي جورڊن ڪندي هُئي. انهن عمارتن کان علاوه جبل تي ٻيا به ڪيترائي گهر ٺهيل هُئا. جن ۾ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ڪاريگر پنهنجن ٻارن ٻچن سان اتي رهندا هُئا.
ايڊيسن جو پنهنجو گهر ريلوي جي اوڀر ۾ هئو. ان جي چئني ڪنڊن کان ڪاٺ جو سفيد رنگ ٿيل جهنگلو ڏنل هو ۽ وچ ۾ ڪافي کليل ميدان هو. هي عمارت ٽي ماڙ هُئي ۽ انگريزي جي ايل جي شڪل واري عمارت هڪڙي ٻي ٽن منزله عمارت سان جڙيل هُئي. ڪاٺ جي ٺهيل هڪ وڏي مينار تي، هڪ هوا جو پکو لڳل هوندو هو ، ۽ جڏهن هوا لڳندي هئي ته ان هوا واري چڪي سان موٽر ذريعي پاڻي نڪرڻ شروع ٿي ويندو هو. ان نئين گهر ۾ ايڊيسن پنهنجن ٻن ٻارن ڊاٽ، ڊيش، ۽ پنهنجي گهر واري سان گڏ رهندو هو.



(4)

12 آگسٽ جو ڏينهن هو. ايڊيسن پنهنجي تجربيگاهه ۾ پنهنجي جرڪندڙ ميز جي ڀر سان ويٺو هو . هن جي سامهون تين جون ڪجهه پليٽون ۽ ڦڪي رنگ جا ڪجهه ڪاغذ رکيل هُئا، هن جون موٽيون موٽيون آنڱريون انهن ڪاغذن سان راند ڪري رهيون هيون. ڪاغذ تي مورس جي ٽيليگراف سسٽم جي مطابق ٽٻڪا ۽ ليڪون ٺهيل هيون. ان کان ٽي هفته اڳ ۾ ايڊيسن اها ڳالهه دريافت ڪئي هُئي ته هن قسم جي ڪاغذ کي جنهن ۾ نقطن /ٽٻڪن ۽ لڪيرن جا سوراخ ٺهيل هئا، جڏهن تيزي سان تار موڪليندڙ جي اوزار هيٺيان لنگهايو/گذاريو ويندو هو ته ان ۾ ڪڙڪاٽ وارو آواز پيدا ٿيندو هو، ته ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هن ڪاغذ جي رٻن مان الفاظن کي، بلڪه جملن کي ادا ڪرايو وڃي. ڇا هن ڪڙڪاٽ واري آواز کي با معنيٰ بڻائي سگهجي ٿو.
سوچيندي سوچيندي ايڊيسن پنهنجي سر تان ٽوپي لاٿي، ۽ پنهنجو مٿو کنڻ لڳو. ٽيليفون جي سلسلي ۾ ڪم ڪندي ڪندي، هن کي هاڻي خبر پئجي ويئي هُئي ته جڏهن ٽيليفون ۾ ڳالهايو وڃي ته ڌاتو جو ٺاهيل/ٺهيل ٽيليفون/ٽيليفون کي ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. ۽ اهڙي ريت آواز جون لهرون جنم وٺن ٿيون. ڇا آواز جي انهن لهرن کي ڪنهن شي تي اوتي/لاهي سگهجي ٿو. ڇو نه؟ جيڪڏهن ڌاتو جو اهو ئي ڊائگرام آواز جي ان لهرن رستي ٻيهر اتان گذري ، ته ڊائگرام آواز جي ان لهرن کي ٻيهر لفظن ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو.
ايڊيسن پينسل کنئي، ۽ ڪاغذ تي هڪ خاڪو ڪڍڻ لڳو. ٿوري ئي وقت ۾ هن جي ماهر هٿن، ڦڪي رنگ جي ڪاغذ تي عجيب و غريب خاڪو تيار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ پٽيوالي هٿان مشينون ٺاهڻ واري ڪارخاني مان جون ڪريوسي کي گهرائي ورتو. جون ڪريوسي جي اچڻ ۾ جيتري دير لڳي، ايتري دير تائين ايڊيسين ان مشين جي لاڳت /ملهه جو اندازو ڪرڻ لڳو. سوچ ويچار کان پوءِ ، هن ان خاڪي جي هڪ ڪنڊ ۾ وڏن اکرن سان ان تي لکي ڇڏيو، ”لاڳت انداز 18 ڊالر“.
”سائين! حڪم ڪيو، هن دفعي هي ڪهڙي نئين شي ٺاهي اٿو؟“. ڪريوسي ايڊيسن کان پڇيو.
ايڊيسن پئنسل ميز تي رکي ڇڏي، ان خاڪي کي پنهنجي معتبر ڪارڪن جي هٿ ۾ ڏيندي چيو،” مان چاهيان ٿو ته تون هي مشين مون کي ٺاهي ڏي، تون هي مشين مون کي ڪيترن ڏينهن ۾ ٺاهي ڏيندي“.
ڪريوسي ان خاڪي کي غور سان ڏٺو، ان کان پوءِ آهستي آهستي پنهنجي سوئس ۽ جرمن لهجي ۾ چيو،” مان هن کي جلد کان جلد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس، وقت جو تعين نه ٿو ڪري سگهان“.
ايڊيسن چيو، ”تون جيترو جلدي هن کي تيار ڪري سگهين، مون کي تيار ڪري ڏي، جئين ئي تون اهو تيار ڪري ڇڏين، ته هڪدم مون وٽ کڻي اچجانءِ ۽ ان ڳالهه جو به خيال ڪجانءِ ته هن تي 18 ڊالرن کان وڌيڪ رقم خرچ نه ٿئي “.
30 ڪلاڪن کان پوءِ ايڊيسن ڪريوسي وٽ موٽي آيو، هن جي هٿ ۾ عجيب شڪل جي هڪڙي مشين هُئي، جيڪا هڪ وڏي ڪاٺ سان جڙيل هُئي. جنهن ۾ ٻه وڏا پاوا هئا، جن پاون تي ڌاتو جي هڪ وڏي شي رکيل هئي ۽ ڌات جو هڪ وڏو سلينڊر پڻ لڳل هو. ان جي هڪڙي پاسي هڪڙو ڦيٿو هو، ٻي پاسي ان کي گهمائڻ لاءِ هڪڙو هٿيو هو. جڏهن هٿيئ سان ان کي ڦيرايو ويندو ته ان جي اندر لڳل سلينڊر اهڙي ريت آهستي آهستي ڦرندو ويندو، جو هو ان کي ڦاسائيندو ويندو. هڪڙي هلڪي ليڪ ان سلينڊر جي چئني پاسن کان ٻاهر اچي ويندي. ان لڪيرن واري سليڊر جي مٿان وري هڪڙي قسم جي اهڙي شي رکيل هُئي، جيئن ٽيليفون ۾ ڳالهائڻ لاءِ هوندو آهي. ان سان گڏ هڪڙو ڊائگرام جڙيل هو. ان ڊائگرام جو آخري حصو هڪ تيز ۽ عجيب شڪل جو هو جيڪو منفرد انداز سان ان سلينڊر سان لڳايو ويو هو. ۽ ان گول لڪيرن جي وچ ۾ آهستي آهستي ڦرندو هو.
ڪريوسي ان مشين کي پنهنجي مالڪ جي سامهون ميز تي رکي ڇڏيو.
جناب! ”هي آهي توهان جي مشين، پر هي مشين آهي آخر ڪهڙي ڪم لاءِ“.
”هي ڳالهائڻ واري مشين آهي“.
ڪريوسي سمجهيو ته ايڊيسن هن سان مذاق ڪري رهيو آهي. ان ڪري هن ايڊيسن کي چيو،”جيڪڏهن توهان هن مشين کان مون کي ڳالهرائي ڏيکاريو ته مان توهان کي بهترين قسم جي سگارن جو پيئڪٽ تحفي طور پيش ڪندس“. وليڪارمين ۽ چارلس بيچلر ان گفتگو کي ٻڌو. ان ڪري اهي به پنهنجي ڪرسيون ڇڏي اچي ايڊيسن جي ٽيبل جي اڳيان بيهي رهيا. پر ايڊيسن سنجيدگي سان مشين جي ليڪن واري سلينڊر تي تين جي هڪ پليٽ سان پليٽ ويڙهي ڇڏي. ان کان پوءِ هن ڊائگرام جي چنهبدار سوئي ان پليٽ تي نهايت ئي آهستي رکي ڇڏيو. پوءِ هن هٿئي کي آهستي آهستي پر هڪڙي ئي رفتار سان ان کي ڦيرايو، جڏهن سلينڊر ڦرڻ لڳو ته ايڊيسن پنهنجو منهن/وات ان لائوڊ نما اوزار جي ويجهو آڻي انگريز ۾ هڪ نظم پڙهڻ شروع ڪيو. ”ميري هئڊ اي لٽل لئمپ“.Mary had a little lamb هو نظم پڙهندو رهيو ۽ هٿئي کي گهمائيندو رهيو. جڏهن نظم مڪمل ٿي وئي ته هن هٿئي کي ڦيرائڻ روڪي ڇڏيو.
نظم جي پُڄاڻي تي ايڊيسن سلينڊر کي ان جاءِ تي واپس رکي ڇڏيو، جتان هن اُن کي ڦيرائڻ شروع ڪيو هو. هن ڊائگرام جي سوئي کي وري تين جي پٽي تي رکيو/ٽنگيو ۽ هٿئي کي وري ڦيرائڻ شروع ڪيو، پر مشين مان وري به ڪو آواز نه آيو. ڪارمين اک سان ڪريوسي ڏي اشارو ڪيو، مشين ٺاهيندڙ ڪريوسي پنهنجي پيشاني تي هٿ هڻي اهو ظاهر ڪيو ته شايد مالڪ جو دماغ هاڻي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. ايڊيسن ڪريوسي جي هن حرڪت کي ڏسي ورتو هو.
هن آهستي چيو، ”منهنجي مشين ضرور ڳالهائيندي“، ”لڳي ٿو هن دفعي هن ۾ ڪا خرابي رهجي ويئي آ“. هن تين جي پٽي کي وڏي غور سان ڏٺو، ڏس! سوئي جي چنهب هن جاءِ کان تين جي پٽي کي ڦاڙي ڇڏيو آهي. مان ٻيهر ڪوشش ڪيان ٿو“.
ايڊيسن ان بيڪار پٽي کي سلينڊر مان ڪڍي ڇڏيو. وڏي احتياط سان هن سلينڊر تي نئين پٽي لڳائي، ۽ سلينڊر جي گهارين ۾ ان کي مضبوط نموني سان ٺوڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن وري آهستي آهستي تين جي پٽي کي چمڪندڙ ۽ نرم جاءِ تي سوئي کي ڪنڊ تي آڻي رکي ڇڏيو. ۽ وري هٿئي کي ڦيرائڻ شروع ڪيو. ساڳي وري لائوڊ تي هن ميري وارو نظم ٻيهر پڙهيو. نظم ختم ٿيڻ تي هن ٽيليگرام کي ٻيهر هٽائي ان حصي تي رکي ڇڏيو، جتان هن شروعات ڪئي هُئي. ۽ وري هٿئي کي ڦيرائڻ لڳو. سوئي جي چنهب ٻيهر الفاظن جي ان رستي تي هلڻ لڳي جيڪو هن پهريون دفعو ٺاهيو هو. ٿوري دير لاءِ ڪمري ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. پوءِ وري ان کان بعد ۾ انهن ماڻهن جون دليون ڌڙڪڻ لڳيون، جو ان وقت ان مشين مان ايڊيسن جو آواز اچي رهيو هو.
”ميري هئڊ اي لٽل لئمپ،
اٽس فليس واز وئٽ ايز سنو،
ائنڊ ايوري ويئر ويٽ ميري وينٽ،
دي لئمپ واز شوئر ٽو گو“.
”مشين ڳالهائي ٿي“. تعجب مان ڪريوسي هٿ مٿي ڪري رڙيون ڪيون.
”معجزو، معجزو،“ ڪارمين کان به رڙ نڪري وئي. ان جوش ۾ هن ايڊيسن کي هٿن کان پڪڙي، ان ڪمري ۾ نچڻ شروع ڪيو. ”ڳالهائڻ واري مشين“ ، ”ڳالهائڻ واري مشين“ . ڪريوسي به رڙيون ڪندي نچڻ لڳو. ۽ ايڊيسن جي چوڌاري نچندا رهيا.
هي مشين ڳالهائي ته پئي پر هڪ ناممڪل مشين هُئي. تين جي پٽي جو رڪارڊ سلينڊر کان هٽائي نه پيو سگهجي. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ان کي هٽايو پئي ويو ته آواز جي لهرن جو ٺهيل رستو ئي تباهه پئي ٿيو. آواز جي لهرن وارا رستا ايترا ته نازڪ ۽ نفيس هئا، جو ٻه يا ٽي دفعا سوئي جو اتان گذرڻ ڪري ، اهي مڪمل طور تي گسي، ميسارجي پئي ويا. بهرحال، تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هو، جو جڏهن مشين انسان جي آواز کي صاف ۽ صحيح انداز ۾ ڳالهائيندڙ جي لهجي ۾ دهرايو/ورجايو هو.

The phonograph was the result of years spent experimenting with the telepon and the telegraph. It made use of his famous tin foil which covered a cylinder and a mouthpiece attached to a moveable arm. In August 1877, he gave the world its first talking machine.

24 ڊسمبر 1877ع جي ڏينهن ايڊيسن پنهنجي هن ڳالهائيندڙ مشِين کي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏيئي ڇڏي هُئي. هن ان مشين جو نالو ”فونوگرام“ رکيو. تين جي پٽي واري رڪارڊ کي هن فونوگرام جو نالو ڏنو. جڏهن ايڊيسن جي هي ايجاد پيٽنٽ ٿي وئي ته هن هڪ اعلان ڪيو ته هن هڪ اهڙي مشين ٺاهي آهي جيڪا انسان جي آواز کي جيئين جو تيئين نقل ڪري سگهي ٿي. ڪيترن ماڻهن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ڪئين لوهه ۽ ڪاٺ جي ٺهيل مشين انسان جيان ڳالهائي سگهي ٿي. انهن چيو ته، ”ايڊيسن اهڙي قسم جي مشق ڪري ڇڏي آهي، جو هن جو آواز پري کان ٻڌڻ ۾ اچي“. پر اصل ۾ هن ماڻهن ۾ اهو تاثر پيدا ڪيو ته هن جي مشين ڳالهائي ٿي، در حقيقت هو پاڻ ڳالهائيندو آهي.
دنيا کي اهو يقين ڏيارڻ جي لاءِ ته هن جي فونوگراف مشين سچ پچ ڳالهائي ٿي ، ايڊيسن آمريڪي اڪيڊمي آف سائنس جي سامهون هن عجيب و غريب مشين جي مظاهري ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هو ان سلسلي ۾ واشنگٽن آيو، 18 اپريل 1878ع جو ولارڊ هوٽل ۾ ناشتي ڪرڻ کان پوءِ، هن پنهنجي مشين سمٿو يونين انسٽيٽوشن جي صدر مسٽر جوزف هنري جي گهر کڻي ويو. هن اتي پنهنجي ان ڳالهائيندڙ مشين جو نجي طور تي تجربو ڪيو. ان ڏينهن، ٽيپهري ڌاري، پنهنجي فونوگراف مشين سان گڏ اڪيڊمي آف سائنسز جي سامهون حاضر ٿيو. ملڪ جي وڏن وڏن سائنسدانن جي موجودگي ۾، هٿ سان ڦيرائيندڙ ، جنهن تي تين جي پٽي جو رڪارڊ چڙهيل هو ، تمام واضع ۽ صاف لهجي ۾ هي آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
”هي ڳالهائيندڙ فونوگراف پنهنجي پاڻ کي” آمريڪن اڪيڊمي آف سائنسز“ جي سامهون پيش ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو“.


The first-generation phonograph propelled Edison to fame in the late 1870s.
اهڙي ريت پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ، هن ڳالهائيندڙ مشين ايڊيسن جي آواز ۾ ميري وارو نظم ٻڌايو. ان کان پوءِ فونوگراف ڪيترائي گيت ڳايا. سيٽي وڄائي ، مشين رڙ ڪري ۽ کنگهي به ڏيکاريو. هاڻي شڪ جي ڪا به گنجائش وغيره نه هُئي. فونوگراف سچي پچي ۾ ڳالهائي پيو. اڌ رات جو ايڊيسن کي آمريڪي صدر روز فورڊ بي هن جي ڳالهائيندڙ مشين کي ڏسڻ ۽ ان جو ڳالهائڻ ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي.
ايڊيسن هڪ گاڏي ۾ سوار ٿي. پنهنجي قيمتي پر بدشڪل نموني واري فونوگراف کي پنهنجن گوڏن ۾ ڦاسائي، ايوان صدر وائٽ هائوس پهتو. ايڊيسن صدر واري ملاقات واري ڪمري ۾ پهتو. ان وقت واشنگٽن جون گهڙيون رات جا 12 ٻڌائن پيون. آمريڪا جي 19 ويهين صدر و ڏي احترام سان ايڊيسن جو استقبال ڪيو ۽ هن کي عرض ڪيو ته هو هن کي پنهنجي ڳالهائيندڙ مشين جو ديدار ڪرائي. جنهن جو ان ڏينهن کان وٺي سڄي واشنگٽن ۾ چرچو هلي رهيو هئو.
ايڊيسن پنهنجي مشين ميز جي مٿان رکي ڇڏي. صدر، وزير داخلا ۽ ٻيا ڪيترائي معزز ماڻهو وڏي اشتياق سان مشين کي گُهوري نهارڻ لڳا. جڏهن فونوگراف مشين ميري وارو نظم دهرايو ته آمريڪي صدر جي وڏي ڏاڙهي به حيرت وچان لڏڻ لڳي. مشين کلڻ، روئڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪيو. صدر مسز هيس کي جاڳائڻ ۽ ان کي به اُتي وٺي اچڻ جو حڪم ڪيو. ٿورو دير ۾ مسز هيس ۽ هن جون ڪيتريون ئي سهيليون به اچي اتي نڪتيون. اهي به انسان جي آواز ۾ ڳالهائيندڙ مشين کي ڏسڻ لاءِ بيچين هيون. ڪجهه مهمانن ته پنهنجي آواز جا تين وارا رڪارڊ به ٺهرايا. ۽ ان رڪارڊ مان نڪرندڙ صاف و شفاف آواز به ٻڌو. صبح جي تقريبن 3 وڳي ٿڪاوٽ سان چُور، ايڊيسن وائٽ هائوس کان پنهنجي هوٽل اچي نڪتو.
جيتوڻيڪ اها پهرئين فونوگراف مشين ڳالهائيندي ۽ ڳائيندي هُئي، نڇ ڏيندي، کنگهندي هئي، تنهنجي باوجود اها نا مڪمل هُئي. تين جي پٽي جو رڪارڊ نهايت ئي غير اطمينان بخش هو. ۽ پهريان ته رڪارڊ اهڙا هئا جو انهن کي وري وري ٻڌڻ لاءِ، سنڀالي رکڻو نه پوندو هو. اهڙي ريت ماسٽر رڪارڊ جون ٻيون ڪاپيون ٺاهڻ جو ڪو به طريقو نه هو. مشين کي هٿ سان گهمائڻ وارو طريقو به تڪليفده هو. فونوگراف مشين کي هر لحاظ کان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اڃان هن ۾ ڪيترين ئي تبديلين جي ضرورت هُئي. ان وقت ايڊيسن، پنهنجو قيمتي وقت، هن مشين جي اصلاح ۾ ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ نه لڳايو. ڇو ته هن جي ذهن ۾ ڳالهائيندڙ مشين کان وڌيڪ، هڪ اعليٰ خيال جنم وٺي رهيو هو. هن پنهنجي هن نئين خيال کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ فونوگراف مشين کي ڪجهه عرصي لاءِ هڪڙي پاسي رکي ڇڏيو. سن 1887ع ۾ هن عظيم سائنسدان وري هڪ دفعو ٻيهر، ان فونوگراف کي هٿ ۾ کنيو. هزارين تجربا ڪرڻ کان پوءِ، ان تين جي پٽي وارن رڪارڊن جي جاءِ تي هڪ کوکلو ميڻ جو سلينڊر لڳائڻ شروع ڪيو. پر ميڻ تمام ڪمزور ۽ سولائي سان ٽٽڻ واري شي ثابت ٿي. ان کان پوءِ، هن سلولئڊ جي ٺهيل مرڪب جو به استعمال ڪيو، جيڪو ڪافي دير هليو. پر پوءِ هن وري هڪ ٻي ترميم ڪئي جو ، هن ويلڻ جي شڪل جي شڪل جي رڪارڊ جي بجاءِ، هڪڙو گول رڪارڊ ٺاهيو. ان گول رڪارڊ ۾ ، آواز جو لهرون ٻاهرين ڪناري کان شروع ٿين پيون. ۽ آهستي آهستي چڪر ڪاٽي مرڪز ڏي اچي بيهي رهن پيون. ايڊيسن اهو به طريقيڪار ڳولي لڌو ته هڪ ماسٽر رڪارڊ مان هزارين ٻيا رڪارڊ ڪيئن تيار ڪري سگهجن. پهرئين آواز جون لهرون ٺاهڻ جي لاءِ ، ڌات جو ٺهيل اڪيلو قلم استعمال ٿيندو هو. هاڻي ان جي جاءِ تي وري نيلم جو استعمال شروع ڪيو ويو. نيلم هيرو ٻين مڙني هيرن کان وڌيڪ سخت هوندو آهي. ان جي ذريعي آواز جي لهرن جو لڪيرون وڌيڪ گهاٽيون ٺهڻ لڳيون. نئين اصلاح ٿيل مشين کي هٿ سان هلائڻ جي ضرورت نه هئي. پر هي ڌات جي هڪ گهمائيندڙ اسپرنگ سان هلندي هئي.
The phonograph was his favorite invention. He reportedly said, “I’ve made some machines; but this is my baby and I expect it to grow up to be a big feller and support me in my old age”.
سن 1910ع تائين فونوگراف جي ايجاد ڪندڙ هن مشين جي اصلاح ڪري، ان شڪل ۾ آندي، جنهن شڪل ۾ هو اڄ اسان وٽ موجود آهي.