سائنس جو شوق
پورٽ هورون, Port Huron مچي گن Michigan رياست جو هڪڙو ننڍڙو شهر هو.جيڪو ڊاٽراءِ Detroit کان تقريبن 50 ميل اتر اوڀر ۾ واقع هو. 1854ع ۾ هن شهر جا صاف سٿرا رستا هئا. ٻنهي پاسن کان وڻن جون قطارون هيون. شهر کان ميل کن پنڌ تي اتر ڏانهن هورون ڍنڍ جو نيرو پاڻي پکڙيل هو. اوڀر ڏانهن سينٽ درياءَ وهندو هو. ان درياءَ جي هِن پار آمريڪا جي رياست مِچي گن هو ۽ هُن پار ڪيناڊا جو جهنگل ۽ فصل هئا.
شهر پورٽ هورون جي ويجهو ئي گريٽيسٽ نالي سان پراڻو قلعو هو. هن قلعي ۾ جيڪو حصو سپاهين لاءِ مخصوص هو. ان سان گڏ جڙيل هڪ ٻه ماڙ اڇي رنگ جو گهر هو. جنهن جي پهرئين ماڙ ۾ هڪ وڏو ڪمرو هو. ۽ ٻي ماڙ ۾ سمهڻ لاءِ ڇهه ڪمرا هئا. سام ايڊيسن اهو گهر پنهنجي رهائش لاءِ خريد ڪري ڇڏيو. ۽ پورٽ هورون ۾ اناج ۽ مال جي چاري/گاهه جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن هي خاندان گريٽيسٽ قلعي جي وڏي دروازي جي اندر ٺهيل هن نئين گهر ۾ رهڻ لڳو، تڏهن مسز ايڊيسن سوچيو ته، هاڻي هنجي پٽ ايل جي پڙهائي شروع ٿيڻ گهرجي.
هڪ ڏينهن صبح جي وقت سام ايڊيسن پنهنجي بگي/ٽانگو تيار ڪئي/ڪيو. ۽ پنهنج ستن سالن جي پٽ کي وٺي اسڪول ويو. ان اسڪول ۾ فقط هڪڙوئي ڪمرو هو. جتي 40 کن شاگرد هئا. جن جون عمرون 7 سالن کان وٺي 20 سالن تائين جون هيون. هِن هڪ ڪمري ۾ 8 الڳ الڳ جماعتيون پڙهنديون هيون ۽ انهن سڀني کي هڪ ئي استاد پڙهائيندو هو. اُن استاد کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو هو. شايد ان ڪري هُن ۾ قوت برداشت گهٽ هئي. ننڍا ٻار ۽ خاص ڪري اهي ٻار جيڪي موڳا هئا، اهي اڳيان اڳيان ويهندا هئا. ته جيئن استاد جي انهن تي نظر پوي. وڏي عمر جا ذهين ٻار پوئتي ويهندا هئا. هڪڙي جماعت جا ڇوڪرا سبق پڙهندا هئا، تيستائين ٻي ڪلاس جا ڇوڪرا حساب حل ڪرڻ ۾ رُڌل هوندا هئا.
ايل کي اسڪول پسند نه آيو. هتي اهڙي ڪابه دلچسپ شيءَ ڪانه هئي. هِن وٽ فقط هڪڙوڪتاب هيو جيڪو هِجي Spellings ڪرڻ وارو هو ۽ ابتدائي ڪتاب ٻنهي جو ڪم ڏيندو هو. لفظن جي هجي/ اسپيلنگون/Spellings هِجي ڪري/ياد ڪري هي بيزار ٿي پيو. آسان ڪهاڻين کي هِن زباني ياد ڪري ڇڏيو. ۽ انهن جون اسپيلون اچار به ياد ڪري ڇڏيا. پر هِن جي اُن ڪتاب ۾ هن جا اٿاريل اهم سوالن جا جواب نه مليا. جيڪي هِن جي باشعور ذهن ۾ اڪثر ڪري پيدا ٿيندا هئا. هِن جي ڪتاب ۾ لکيل هو. ”الف“ سان امرود هِن اها ڳالهه هڪدم ياد ڪري ڇڏي. ۽ زيتون جي اندر ايترو ٻج ڪٿان ٿو اچي، انهن سوالن جو جواب هن جي اِن ڪتاب ۾ موجود نه هئا. ايل کي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جي عادت هوندي هئي. ان ڪري جيستائين ٻيا ٻار استاد کان سبق وٺندا هئا، اوڏي مهل تائين خاموش ٿي ويهڻ هن لاءِ ڏاڍو ڏُکيو هو. ننڍپڻ کان ئي هي ننڍڙو ڇوڪرو سوالن جو بادشاهه هو. هو اهو ڄاڻڻ چاهيندو هو ته پاڻي پهاڙ/جبلن کان هيٺ لهي/وهي ڇو ايندو آهي. برف سياري ۾ ئي ڇو ڪرندي آهي. ۽ انڊلٺ ۾ ه خوبصورت رنگ ڪٿان ايندا آهن. اهڙن سوالن جي ڪري ئي هن جي گهر ۾ هن جو نالو ”ڇو سائين“ پئجي ويو. ايل جا مائٽ هن جي سوالن ڪرڻ تي کلندا ضرور هئا، پر انهن جي اها ڪوشش ضرور هوندي هئي ته هن جي سوالن جا جواب ڏيئي سگهجن. ڪڏهن ڪڏهن هو اها ڳالهه مڃيندا به هئا ته جيڪو سوال ايل پڇيو آهي، ان جي جواب جي هُنن کي خبر ڪانهي.
ڪڏهن ڪڏهن هو اهو به چيئ ڏيندا هئا ته، جڏهن تون وڏو ٿي ويندي، ته پوءِ پاڻ ئي انهن جا جواب ڪتابن ۾ پڙهي وٺجانءِ. ۽ توکي خبر پئجي ويندي.
پر ايل جو استاد، اسڪول ۾ ڪڏهن به هن جي سوالن جو جواب نه ڏيئي سگهيو. ايل جڏهن به هن کان ڪو سوال پڇندوهو ته استاد هن کي دڙڪا ڏيندو هو. ۽ هن کي ڇڙٻ ڏيئي چوندو هو، ”پنهنجو ڪتاب پڙهه وڃي“ ڪڏهن ڪڏهن استاد رڙ ڪري چوندو هوس، ”اهڙي ڇورا بدتميزي نه ڪر“ يا چوندو هوس، ”اڙي عقلمند“ جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته تون مون کان وڌيڪ ڄاڻين ٿو ته پوءِ اچ، اچي ٻين جماعتن کي پڙهائڻ شروع ڪر“. اهو ٻڌي ٻين ڪلاسن جا ڇوڪرا کلندا هئا ۽ ايل اداس ٿي ويندو هو.
1855ع جو سال شروع ٿي ويو هو. ايل کي اسڪول ويندي 3 مهينا ٿي چڪا هئا. هڪ ڏينهن جڏهن هو اسڪول کان موٽيو ته هو پريشاني ۽ ڪاوڙ ۾ هو. هن پنهنجي سليٽ ۽ ڪتاب ڪمري جي ميز ۾ رکيا ۽ رڌڻي ۾ پنهنجي ماءُ وٽ اچي نڪتو. هنجي ماءُ اڃان هاڻي ئي شام جي ماني پچائڻ شروع ڪئي هئي.
”امان! لفظ addled جي ڇا معنيٰ آهي“ هن پڇيو. هن جي ماءُ هن ڏي مُنهن ڪري چوڻ لڳي، ”addled جي معنيٰ آهي جيڪو ماڻهو خراب ٿي ويو هجي يا بگڙي ويو هجي يا بيوقوف هجي“.
ايل جي مٿي تي ڀورن وارن جو جُهنڊ هوندو هو جيڪو هميشه اڳيان وڌي پيشاني تي پوندو هو. هن ان جُهنڊ کي پوئتي ڪندي ڪاوڙ ۾ چيو، ”پر مان ته addled نه آهيان“.
”بلڪل نه، هرگز نه“ هن جي ماءُ چيو. ”پر ڇا ڳالهه آهي“.
اسان جو استاد مونکي addled چوندو آهي ۽ اڄ اسان جي اسڪول ۾ سپروائيز آيو هو، ان کي به استاد چيو ته، ”هي ڇوڪرو addled آهي“. پر سپروائيز کلي چيو هو، شايد هِن جو دماغ بلڪل خالي آهي“. ”پر امان! تون ٻڌاءِ ته دماغ ڇا ٿيندو آهي“.
هن جي ماءُ هڪڙي ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. وڏي هوشياري سان هن جي سوال ڪرڻ تي هو سمجهي وئي ته هِن جو پٽ اسڪول ۾ خوش نه آهي.
When Nancy came to know about this, she was furious and promptly pulled him out of school. Over the next two years, Al reportedly attended two more schools but none of these teachers could look on him as anything but a nuisance. …Al liked to talk but not listen. His mother though thought differently and was firmly convinced that her child’s unusual behavior and appearance reflected his inner genius. Edison remarked in later life, “My mother was the making of me. She was so true, so sure of me; and I felt I had something to live for, someone, I must not disappoint.
ٻي ڏينهن صبح جو ناشتي ڪرڻ دوران مسز ايڊيسن ايل کي چيو، ”پٽ! ڪالهه رات مون تنهنجي پيءُ سان تنهنجي باري ۾ ڪافي دير تائين ڳالهايو. شادي کان اڳ ۾ مان وينا جي هڪ اسڪول ۾ پڙهائيندي هئس. مان سمجهان ٿي ته مون کي پڙهائڻ جي ڪم ۾ اڄ به مزو ايندو. جيڪڏهن مان تنهنجي ماسترياڻي ٿي وڃان ۽ توکي گهر ۾ پڙهايان ته ڇا تون خوش ٿي ويندي“.
ايل ڳاٺو مٿي ڪري ڏٺو. هن جي اکين ۾ خوشين جي روشني اچي وئي هئي. هن چيو، ڇا مان توهان کان اهي سڀ سوال ڪري سگهان ٿو، جن جي باري ۾ مان ڄاڻڻ لاءِ بيتاب آهيان“.
ماءُ کلي ڏنو. ”سٺو استاد اهوئي چاهيندو آهي ته هُن جو شاگرد هُن کان خوب سوال ڪري. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا، انهن جي باري ۾ اسان واري وٽي سان هڪ ٻئي کان سوال پڇون“.
ايل چيو، ”ته پوءِ مان توهان کي پڪ سان ماسترياڻي بڻائيندس“. ۽ هن ايڏي زور سان سر لوڏيو جو هن جي ڀورن وارن جو اهو جُهنڊ جيڪو هي بار بار جهٽڪو ڏيئي پوئتي ڪندو رهيو، اهو وري به اڳتي پيشاني تي اچي ويو.
Nancy who was formerly a school teacher, decided to “Home teach” her child. Al’s formal education lasted for just three months. His mother exposed him to books of complex concept correctly. Under his mother’s guidance, the vocarious reader devoured books on Science, Philosopy, English and Histrory. Al loved Chemistry and Nancy who had the uncanny habit of reading her son’s mind, introduced him to R.G.Parker’s “School of Natural Philosophy”, which explained how to conduct chemistry experiments at home. Edison noted that this was “the first book in Science I read when a boy”.
ان ڏينهن کانپوءِ ايلوا ايڊيسن ڪنهن به اسڪول ۾ باقاعدي نه پڙهيو. تقريبن ڇهن سالن تائين هن جي ماءُ هن کي گهر ۾ پڙهائيندي رهي. ڪيترا ڀيرا ائين ٿيو. جڏهن ايل گهر جي ٻاهران راند روند ۾ مشغول هوندو هو ته مسز ايڊيسن دروازي تائين ايندي هئي. ۽ پنهنجي صاف ۽ مٺي آواز ۾ ايل کي سڏيندي هئي، ”ايل! ٻچا ايل! اچ پڙهائي جو وقت ٿي ويو آهي. ۽ ان وقت ايل چاهي کڻي ڇا به ڪندو هجي، فورن سڀ ڪجهه ڇڏي، گهر موٽي ايندو هو. ۽ پنهنجي ماءُ کان پڙهڻ شروع ڪندو هو.
ماءُ جي نگراني ۾ ايل تمام جلدي، گهٽ وقت ۾ پڙهڻ سکي ورتو هو. ان کان پوءِ پيءُ به پٽ جي تعليم ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. هِن ايل سان واعدو ڪيو ته جڏهن هو ڪو نئون /سٺو ڪتاب پڙهي ان جو تت/متن ياد هن کي ٻڌائيندو ته هن کي 25 سينٽ خرچي ملندي . ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ايل جي ان ڳالهه ۾ مهارت ٿي وئي ته هو جيڪو ڪجهه پڙهندو هو ، ان جو خلاصو سٺي نموني سان ٻڌائي ويندو هو، ۽ ان سان گڏ هن کي خرچي به ملي ويندي هئي. جنهن جي هن کي ضرورت هئي.
اهڙي ريت حالانڪ/جيتوڻيڪ ايلوا ايڊيسن پنهنجي زندگيءَ ۾ باقاعدي 3 مهينه اسڪول ۾ پڙهيو هو، تنهنجي باوجود، پنهنجي پيءُ ماءُ جي ڪوششن سان هن جي مناسب تعليم جو سلسلو جاري رهيو.
ايل جو وڏو ڀاءُ وليم پٽ ايڊيسن هاڻي 25 سالن جو نوجوان هو. ان ڪري هن پورٽ هورون ۾ ڪرائي تي هڪ دڪان کوليو هو ۽ ان جي سارسنڀال هو پاڻ ڪندو هو. ان ڪري گهڻو/اڪثر ڪري سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهندو هو. ايل جي ڀيڻ ٽيني جي ڪيترا سال اڳ ۾ بيلي نالي شخص سان وهانءُ/شادي ٿي وئي هئي، ۽ هاڻي هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ ٻي جاءِ ۾ رهندي هئي.
جيتوڻيڪ ايل جي عمر جو ڪوبه ڀاءُ يا ڀيڻ نه هئي، ۽ نه ئي ان جا اهڙا دوست ٿيا هئا جيڪي عام طور تي اسڪول جي شاگردن جا دوست ٺهي ويندا آهن. پر هن کي ڪڏهن به تنهائي جو احساس نه ٿيندو هو. گريٽيسٽ قلعي ۾ سپاهي رهندا هئا. هو ويٺي انهن کي پريڊ ڪندي ڏسندو هو. رات جو اوندهه ۾ هي ويٺي ويٺي لڪي لڪي اهڙا ته آواز ڪندو هو جو سنتري ڊڄي ويندا هئا ۽ خطري جي سيٽي وڄائڻ شروع ڪندا هئا. چوڪيدارن جو انچارج رڙ ڪري حڪم ڪندو هو ۽ هن جا سڀ سپاهي اوندهه ۾ ڀڄندا ايندا هئا ۽ هڪڙي قطار ۾ بيهي رهندا هئا. جڏهن مسز ايڊيسن کي هن جي حرڪتن/شرارتن جي خبر پوندي هئي ته هو ايل کي سمجهائيندي هئي ۽ هُن کان واعدو وٺندي هئي ته هو اڳتي اهڙي حرڪت نه ڪندو.
سام ايڊيسن، بازار مان تيل آڻڻ، پاڻي ڀرڻ، ٻين ماڻهن کي پيغام پهچائڻ، ۽ ٻين گهر جي ڪمن ڪارين جي لاءِ هڪڙو مائيڪل اوٽس جي نالي سان ڇوڪرو رکيو هو. مائيڪل ڊَچ (Dutch) ڇوڪرو هو. هن جي عمر 15/14 سال هئي ۽ ايل کان 6/7 سال وڏو هئڻ جي باوجود هِن جو گهاٽو يار ٿي ويو. ايل ۽ مائيڪل ٻئي گڏجي گهمندا ڦرندا هئا. اهي جهرڪين جا بيدا ميڙيندا هئا، ڪڏهن وڃي هورون ندي ۾ وهنجندا هئا، ۽ ان جي ساحل تان سپون ميڙيندا هئا.
ايل بغير ڪنهن کيٽي جي پنهنجي ماءُ کي سبق ٻڌائيندو هو. ۽ هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا پنهنجي پيءَ کي نون ڪتابن جي پڙهڻ کان پوءِ انهن جو خلاصو ٻڌائي هن کان 25 سينٽ خرچي وٺندو هو.
(2)
1857ع ۾ ايل ڏهن سالن جو ٿي ويو هو. ان سال کي هُو ڪڏهن به دل تان نه لاهي سگهيو. ڇو ته پنهنجي ڏهين سالگره جي چند / ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي رچرڊ گرين پارڪر جي ڪتاب ”اسڪول آف نيچرل فلاسفي جو هڪڙو جلد/واليوم ملي ويو هو. هن ڪتاب جي ذريعي ايل سائنس خاص طور تي علم ڪيميا جي علم سان واقف ٿيو. پارڪر جي ڪمپيڊيم ۾ ٻاڦ جي انجڻن ۽ ريل جي انجڻين جو ذڪر هو، هن ڪتاب ۾ تصويرن ۽ خاڪن جي مدد سان اليڪٽرو ميگنيٽڪ، ٽيلي گراف، جهڙيون پراسرار ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون سمجهايون ويون هيون. هن ۾ ٻڌايو ويو هو ته بجلي کان بچڻ جي لاءِ لڳايل تارون ڪيئن ٿيون ڪم ڪن. ان ڪتاب ۾ اهڙن تجربن جو به ذڪر هو جن کي هڪڙو ٻارڙو به آساني سان سمجهي سگهندو هو.
هن ڪتاب ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گندرف جي مرڪب ۾ ڌاتو جون پليٽون/ وجهڻ سان ڪيئن بجلي جي بيٽري تيار ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ اها ڳالهه به سمجهائي وئي هئي ته اگر ڪنهن پاڻيءَ سان ڀريل بالٽي ۾، اسان ڪنهن گلاس کي اونڌو ڪري ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته گلاس ۾ اندر ڀريل هوا جو دٻاءُ ، پاڻي کي اندر وڃڻ نه ڏيندو. هن حيرت انگيز ڪتاب ۾ انهن مڙني سوال ”ڇو“ ۽ ”جيڪڏهن ائين ڪندو ته پوءِ ڇا ٿيندو ؟ جا جواب موجود هئا جن جي باري ۾ ايل هميشه مائيڪل اوٽس يا ٻين ملاقاتين کان پڇندو هو.
پارڪر Parker جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ايل فيصلو ڪيو ته هُن کي پنهنجي ذاتي ڪيميائي تجربي گاهه ٺاهڻو پوندو. هن جي اها خواهش هئي ته هو ان ڪتاب ۾ موجود تجربا پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪري، مسز ايڊيسن ايل کي گهر جي تهه خاني ۾ تجربي گاهه ٺاهڻ جي اجازت فقط ان واعدي سان ڏنو ته هو اتي ڪنهن به قسم جي اهڙي حرڪت نه ڪندو جنهن سان ڪو نقصان ٿي پوي. ايل هڪدم اها خوشخبري پنهنجي دوست مائيڪل کي وڃي ٻڌائي.ا يل چيو، ”مان هڪڙو تجربيگاهه کولڻ وارو آهيان. اها واقعي وڏي ڳالهه ٿيندي. ڇا توهان منهنجي مدد ڪندو؟“ مائيڪل ايل جي مدد سان هن گهر جي مٿين ڪمري ۾ هڪڙي پراڻي پيل ميز هٿ ڪري ورتي. ”ان ميز مان اسان جو ڪم ٿي ويندو“. اهو فيصلو ڪري، هي هٿوڙي ۽ ڪوڪن سان ان ميز تي 2 ڦڏا، سڌا شيلف ٺاهي ورتا. ۽ پوءِ اهو کڻي وڃي تهه خاني ۾ رکي آيا. ”هاڻي اسان کي پنهنجن ڪيميائي شين کي رکڻ لاءِ بوتلن/شيشن جي ضرورت آهي“ ايل چيو، ”هاڻي بوتلون ڳولهڻ گهرجن“. ”ضرور“ مائيڪل جواب ڏنو. جيڪڏهن اسان مٿي قلعي ۾ هلنداسين ته اسان کي خالي بوتلون ملي وينديون.
”اهو صحيح آ“ ايل تائيد ڪئي. ”پر مان چاهيان ٿو ته منهنجون سڀ بوتلون هڪڙي سائيز، ماپ ۽ هڪڙي ئي وزن جون هجن. قلعي ۾ تلاش ڪرڻ کان پوءِ اسان سڄي پورت هورون شهر ۾ رلنداسين اسين سڀني ڪٻاڙخاني جي دڪانن تي بوتلون ڳولينداسين، بوتلن کان علاوه تجربيگاه لاءِ جيڪا به شي هٿ آئي کڻي وٺنداسين“.
ڪيترن ڏينهن تائين ايل ۽ مائيڪل شهر جي ڪٻاڙخانن جا چڪر ڪاٽيندا رهيا ۽ انهيءَ کان علاوه مختلف دڪانن ۾ ويندا هئا ۽ دڪاندارن کان بوتلن جي گُهر ڪندا هئا. هنن کي پنهنجي هن ڪم ۾ مزو اچڻ لڳو هو ۽ ٻنهيءَ ۾ اهو شرط لڳي ويو هو ته ڏسون ڪير ٿو وڌيڪ/گهڻيون بوتلون هٿ ڪري. بوتلن کان علاوه هنن ٽامون، جست جا ٽڪرا، ٽٽل تارون، ۽ اهڙي قسم جون لاتعداد ”ڪارآمد (ڪم واريون) شيون هٿ ڪري ورتيون هيون. ٽيليگراف آفيس مان ايل پراڻيون بيٽريون ۽ انهن جو ايليمنٽس ۽ ٽڙڪيل شيشي جون بوتلون گهرائي ورتيون.
چند هفتن ۾ هي ٻئي حوصلي مند ٻار 200 اهڙيون بوتلون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪي تجربيگاهه جي لاءِ مناسب ۽ موزون هجڻ کان علاوه هڪڙي ماپ، سائيز ۽ هڪ ئي وزن جون هيون. ٻنهي دوستن گڏجي انهن بوتلن کي خوب ڌوتو، انهن کي سڪايو ۽ پوءِ وري وڏي صفائي سان انهن کي تهه خاني ۾ ڪاٺ جي شيلفن ۾ سينگاري رکيو. هاڻي بوتلن ۾ ڪيميا ڀرڻ جو وقت اچي ويو.
ايل کي اڄ به پنهنجي پيءَ کان نئين ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ان جو خلاصو ٻڌائڻ تي 25 سينٽ ملندا هئا. هاڻي هي ان ڪوشش ۾ هو ته هو جيترو جلدي ممڪن هجي هو سائنس جا نوان ڪتاب پڙهي ۽ انهن جو خلاصو پنهنجي پيءَ کي ٻڌائي. ۽ هُن کي اتان جيڪي پئسا ملن انهن مان هو ڪيميڪل/ڪيميائي شيون خريد ڪري. هنن جيڪي بوتلون گڏ ڪيون هيون، انهن ۾ ڪجهه بوتلون هنن جي ڪم جون نه هيون ان ڪري اُهي وري هن ڪٻاڙخاني ۾ کپائي ڇڏيون ۽ انهن مان جيڪي هن کي ڪجهه پئسا مليا هنن مان هي ڪجهه ليبارٽري جو سامان وٺي آيو. ڪجهه ڏينهن ۾ ئي شيشي جون بوتلون لوڻ جي تيزاب، گندرف جي تيزاب“، سوڊيم، پوٽاشيم جهڙين ڪيميائي شين سان ڀرجي وئي.
هڪ ڏينهن مائيڪل چيو، ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀلجي هتي اچي نڪري ۽ تنهنجن بوتلن کي ڪيرائي ڇڏي ته پوءِ تون ڇا ڪندين.“
ايل ٿوري دير لاءِ سوچڻ لڳو ۽ پوءِ هن چيو، ”مان ٻڌايان ٿو، اسان هر بوتلن تي ”زهر“ لکي ڇڏينداسين. ۽ جيڪڏهن ڪو هتي ڀلجي ڪري اچي به ويو ته اسان جي بولتن تي .زهر“ پڙهي ڊڄي ويندو“.
مائيڪل ۽ ايل ڪاغذن جون ٽُڪريون ٺاهيون ۽ انهن جي مٿان ڳاڙهن اکرن سان، سڙيل انداز ۾ ”زهر“ لکي ڇڏيو. ۽ پوءِ هنن اهي ڪاغذ جون ٽڪريون بوتلن تي چنبڙائي ڇڏيون.
پارڪر جي ڪتاب ۾ جيترا تجربا موجود هيا، انهن مان هر هڪ تجربو ايل هر هر ڪري ڏٺو. انهن تجربن مان هن کي اهو فائدو ٿيو جو هن کي چقمق Magnet جي خوبين جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ ملي. هن بجلي جون بيٽريون ٺاهيون. هن ڪيترائي سائنسي رانديڪا پڻ ٺاهيا. ايتري قدر جو هن غور فڪر کان پوءِ ڪجهه پنهنجا نوان تجربا پڻ ڪيا. اهڙي ريت هن علم ڪيميا، ۽ تجربن جي اهميت کي سڃاتو. ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو هن جو اهوئي علم هنجي مشهوري جو ڪارڻ/سبب بڻجي ويو.
1857ع کان 1859ع تائين ايل علم ڪيميا پڙهندو رهيو. انهن ٻن سالن ۾ هن ٻيون به ڪيتريون شيون سکيون. اندازً ان ئي زماني ۾ شڪاگو ڊٽراءِ ۽ ڪناڊا گرانڊ ٽرنڪ ريلوي Grand Trunk Railroad، پورٽ هورون Port Huron ۾ هڪ ڊيپو ۽ ٻيو تار گهر ٺاهيو هو. اهي ٻئي شيون ايڊيسن جي گهر جي سامهون ۽ سينٽ ڪليئر درياءَ جي اُتر طرف کان هيون. هن ڏٺو ته آهستي آهستي نوان گهر ٺهندا ويا ۽ ريلوي پٽڙيون وڃائجي وينديون رهيون. اُتي نيون نيون مشينون لڳايون پيون وڃن. ۽ سڀني کي اهي شيون ڏسڻ ۾ مزو ڏينديون هيون. اتي ڪيتريون ئي عجيب و غريب انجڻيون به ڏٺيون ويون. انهن انجڻن ۾ ڪاٺ سڙندو هو ۽ انهن جي مٿان دونهين نڪرڻ واري چمني لڳل هئي. ۽ سامهون کان وڏا ۽ سنها ڇاڄا جهرڪين جي چنهبڙين وانگي اڳيان نڪتل هئا. ايل وڏي توجهه سان انجڻن جو مطالعو ڪرڻ لڳو.
ريل جي نون اسٽيشنن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهندو هو، اتي وڃي هي انهن جي هر ڳالهه ۾ ٽنگ اڙائيندو هو. هي هُتي وڃي ريل جون پٽڙيون، لائينون، انجڻيون انهن کي مٽائڻ/تبديل ڪرڻ جا اوزار، ۽ انجڻ جا رخ بدلائڻ وارن چڪرن جي باري ۾ سوال پڇندو هو، ڪايگر هن جي اشتياق ۽ تجسس کي ڏسي ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا هئا ۽ اڪثر انهن ڳالهين کي سمجهائڻ ۾ پنهنجو وقت به ضايع ڪندا هئا. ڪيترن ئي انجڻن جا ڊرائيور ايل جا دوست به بڻجي ويا هئا. اُهي هن کي انجڻ جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت به ڏيئي ڇڏيندا هئا. هڪ ڊرائيور ايل تي خاص طور تي وڏو مهربان هو. هو ايل کي انجڻ هلائڻ واري سيٽ/گدي تي ويهاري ڇڏيندو هو. ۽ انجڻ هلائڻوارو ڏنڊو ايل کي هٿ ۾ ڏيئي هن کي چوندو هو، ”ته هاڻي تون هن کي ڇڪ. ان ڏنڊي lever کي ڇڪڻ سان ئي ٻاڦ، ”ڦوڦو“ ڪندي انجڻ جي سلينڊرن ۾ پهچي ويندي هئي. ۽ پسٽن هلڻ شروع ٿي ويندو هو. ۽ پسٽن جي هلڻ سان گڏ ئي انجڻ جا وڏا وڏا ڦيٿا چُرڻ شروع ٿي ويندا هئا. ۽ ايل محسوس ڪندو هو ته ڄڻ ته هو پاڻ انجڻ هلائي رهيو آهي. جڏهن هو انجڻ هلائيندو هو ته اڪثر ڪري والن ۽ پسٽنن جي باري ۾ سوال ڪندو رهندو هو. اهي سڀ پُرزا ڪيئن ٿا ڪم ڪن ۽ اُهي ائين ڇوٿا ڪم ڪن؟
ٻن سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصي تائين ايل علم ڪيميا جي باري ۾ ڪتاب پڙهيا ۽ پنهنجي تهه خاني واري تجربيگاهه ۾ سوين تجربا ڪيا. جيئن جيئن علم ڪيميا جو هي شوقين ڇوڪرو ماهر ٿيندو ويو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو/يا هي محسوس ڪرڻ لڳو ته هن کي پنهنجي تجربن لاءِ اڃان به وڌيڪ قيمتي شين ۽ اهم ترين اوزارن جي ضرورت آهي. ڪتاب پڙهي ان جو خلاصو ٻڌائڻ کان پوءِ جيڪا هن کي خرچي ملندي هئي، اها ايتري گهڻي نه هئي، جو هو ان مان ضرورت جون ضروري شيون ۽ سامان خريد ڪري سگهي. جڏهن ايل ڪنهن اهڙي ڪم جي تلاش شروع ڪئي جنهن مان هو باقائدي طور تي پئسا ڪمائي سگهي، ته ان وقت ان جي عمر 12 سال هئي ۽ اها فيبروري 1859ع جي ڳالهه آهي.