شخصيتون ۽ خاڪا

ٿامس ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ٿامس ايڊيسن ننڍي ماڻهوءَ مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ هن هزارين ايجادون ڪيئن ڪيون؟ هن ڪهڙي عمر کان وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟ هن جون ايجادون ڇا آمريڪي ماڻهن تائين محدود هيون؟ هن پنهنجو نالو ڪيئن بيهاريو؟ هن پنهنجي ملڪ جو نالو ڪيئن روشن ڪيو؟ هن وٽ آخر ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي جنهن جي ذريعي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان پنهنجي زندگي جا رخ ڪيئن ٿو موڙي سگهي، ۽ ڪاڏي ٿو موڙي سگهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب هن ڪتاب ۾ موجود آهن.
Title Cover of book ٿامس  ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

دنيا جي لاءِ هڪ نئين روشني

(1)

The world which Edison lived in was the predominant source of light. It was dirty, unhealthy and liable to explosions. However, people were used to having it in their homes. Many people had worked on developing a suitable substitute for it withous much success, until a certain genius called Edison entered the field in the fall of 1877.
اوڻويهه صدي جي آغاز ۾ وليم واليس بجلي ذريعي هلندڙ /ٻرندڙ هڪڙو ليمپ/بتي/بلب ايجاد ڪيو هو. پر جڏهن بجلي جو اهو ليمپ ٻاريو ويندو هو ته ان جي پرزن مان آواز پيو نڪرندو هو. ڪاربان جون سنهڙيون سنهڙيون شيون، تمام جلدي ٻري ختم ٿي وينديون هيون. ۽ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ، ٻيهر ان ۾ اهي پرزا وري لڳايا ويندا هُئا. واليس جي بجلي واري ان ليمپ مان ايتري بدبوءَ ۽ گرمي نڪرندي هُئي جو ڪمرن ۾ ان کي روشني لاءِ استعمال ڪري نه سگهبو هو. ايڊيسن جي ذهن ۾ خيال پيدا ٿيو ته بجلي مان سستي، آرامده ۽ بي لوث روشني حاصل ڪري سگهجي ٿي. مارچ 1878ع هن اها ڪوشش ڪئي جو، بجلي جي ذريعي واليس جي ليمپ جي بنسبت وڌيڪ روشني ڏيندڙ ۽ ڪارآمد شي جي تلاش ڪئي وڃي.
پنهنجي هن نئين تجربي جي لاءِ ايڊيسن کي اڪيلائي جي ضرورت هُئي. هن مينلو پارڪ ۾ عوام جي داخلا تي بندش وجهرائي ڇڏي. اخبار ”نيويارڪ سن“ جي هڪ رپورٽر اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هاڻي ايڊيسن پنهنجن تماشائين کي، پنهنجي تجربيگاهه ۾ ڇو نه ٿو اچڻ ڏي. ان لاءِ هن ايڊيسن سان ملاقات ڪئي. ان نوجوان رپورٽر کي ايڊيسن ٻڌايو ته هو اهڙي روشني پيدا ڪرڻ جا تجربا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به شور نه هوندو، ۽ نه ئي وري ان مان ڪا بدبوءِ ايندي. ان روشني مان دونهون به نه ٿيندو.
رپورٽر هن کان پڇيو،” توهان کي ان جي ڪامياب تجربي ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو“.
ايڊيسن هلڪي آواز ۾ چيو، ”مان سمجهان ٿو ته تقريبن 2 سال لڳي ويندا. آخر مون کي منهنجي نئين روشني مان تمام کٽملن کي ٻاهر ڪڍي ڀڄائڻو پوندو“.
”بجلي جي روشني ۾ کٽمل“؟ رپورٽر تعجب مان پڇيو،” مان اوهان جو مطلب نه سمجهي سگهيس“.
”کٽملن مان منهنجو مطلب خاميون آهي“. ايڊيسن مسڪرائيندي وضاحت ڪئي. ”مون کي بجلي مان اهڙي روشني تيار ڪرڻي آهي جنهن ۾ ڪا به خامي نه هجي. ڪوبه نقص نه هجي. مان هر لحاظ کان پنهنجي منصوبي جي تڪميل کان پوءِ، دنيا کي هڪ يادگار برقي روشني جو تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو“.
رپورٽر هڪدم واپس نيويارڪ پهتو. اتي هن ايڊيسن واري ملاقات کي تفصيل سان لکي شايع ڪري ڇڏيو. دنيا جي وڏن وڏن بجلي جي مشهور ماهرن، هن جي ان ”جادو جي روشني“ جو مذاق اڏايو، جنهن جي ايجاد جو واعدو ايڊيسن ڪيو هو. انهن اعلان ڪيو ته گهرن يا آفيسن لاءِ ننڍا ليمپ ٺاهڻ ناممڪن آهن.
مينلو پارڪ جي جادوگر ‘the wizard of Menlo Park’ اهڙن تمام ماهرن جي ڳالهين تي ڪا به توجهه نه ڏني. ۽ پنهنجي تجربه گاهه ۾ پنهنجي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ, ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي. ڇو ته ان ڪم کي ٻين ماهرن ناممڪن قرار ڏيئي ڇڏيو هو، ان کي ايڊيسن پنهنجي لاءِ هڪ چيلينج سمجهيو.
واليس جي ليمپ مان متاثر ٿي، ايڊيسن اهو سوچيو ته ڪنهن به شي کي گرم ڪري، ان جي اڇي ٿيڻ تائين ، ان مان اهڙي روشني پيدا ڪري سگهجي ٿي. هن مختلف قسمن جي لاتعداد ٽڪرن تي بيشمار تجربا ڪيا. انهن ٽڪرن کي هن ”فلامينٽ“ Filament جو نالو ڏنو. تمام جلد هي ان نتيجي تي پهتو ته هر قسم جي فلامينٽ کي ڪنهن اهڙي لاٽون نمان شيءَ ۾، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي هوا نه هجي، بند ڪري گرم ڪيو وڃي، ته ڇا ٿيندو؟. هو ان سوال جي جواب ڳولهڻ ۾ مصروف ٿي ويو. فلاڊلفيا جي شيشي جي هڪ ڪاريگر لڊوگ بوهم کي هن پاڻ وٽ گهرايو، هن کي شيشي جو لاٽون ٺاهڻ جو ڪم ڏنو. شيشي جي لاٽن مان هوا ڪڍڻ لاءِ هڪ نهايت ئي اعليٰ ۽ طاقتور پمپ/نلڪي vacume tube جي ضرورت هُئي. اهڙو پمپ سڄي آمريڪا ۾ فقط هڪڙو هو. ۽ اهو پرنسٽن يونيورسٽي جي ملڪيت هو. ايڊيسن اهو پمپ پنهنجي مينلو پارڪ ۾ تجربيگاهه لاءِ يونيورسٽي مان گهرائي ورتو.
دفتر ۾ هڪڙو نئون پٽيوالو رکيو ويو هو. جنهن جو نالو فرينڪ جهل هو. ان پمپ جو ڪم خاص ڪري هن جي حوالي ڪيو ويو. ڪيترائي دفعا خالي لاٽن ۾ تارن جي سهاري، فلامينٽ کي رکيو ويو ۽ ان لاٽون کي هوا واري پمپ سان لڳائي ، فرينڪ جهل پمپ هلائيندو هو. جڏهن لاٽون مان مڪمل هوا نڪري ويندي هُئي ته ايڊيسن ان فلامينٽ مان بجلي جي لهر گذاريندو هو. جڏهن فلامينٽ تپي سفيد ٿي ويندو هو ته ان مان چمڪندڙ روشني نڪري پوندي هُئي. پر هڪڙي ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ اها تار جلي خاڪ ٿي ويندي هُئي، ۽ روشني ختم ٿي ويندي هُئي. هوا کان خالي ليمپ، جيتوڻيڪ هوا سان ڀريل، پراڻن بلبن جي بنسبت ڪجهه وڌيڪ ٻرندا هُئا. پر تنهنجي جي باوجود، اهي به پائدار نه هُئا. پر ايڊيسن کي خبر هُئي ته هو صحيح رخ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. 12 اپريل 1879ع جو هن پنهنجي پهريئن هوا کان خالي بلب جي ايجاد کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني. حالانڪ هوا کان خالي هي پهريون بلب به نامڪمل هو.
19آڪٽوبر 1879ع آچر جو ڏينهن هو، رات جي ٽين وڳي ايڊيسن ۽ بيچلر مينلو پارڪ جي تجربيگاهه ۾، هڪ ميز تي ويهي ڪم ڪري رهيا هئا. ڏاڪن تي ڪنهن جي ڀاري قدمن جو آواز آيو. ڪمري ۾ رات جو چوڪيدار الفريڊ سوانس داخل ٿيو. هن بيچلر جي ميز تي هڪڙو ٿانو رکي ڇڏيو. جنهن ۾ ڏيئ جو وٽ هو.
”جناب ! هي آهي ڏيئي جو تازو رک/ خاڪ “. هن چيو.
بيچلر هن کي جواب ڏنو، ”مهرباني مان ان جي ئي انتظار ۾ هئس“.
ايڊيسن پنهنجي ڪرسي مان اٿي بيچلر جي ويجهو آيو. هن جي هٿ ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڌاڳن جا ٽڪرا هُئا. هن پاڻ ئي انهن ڌاڪن کي آفيس جي ئي ڪينچي سان ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو. اهي ڌاڳا هن بيچلر جي سامهون رکي ڇڏيا.
”هاڻي اسان کي انهن فلامينٽن کي پچائڻ جي لاءِ جلدي تياري ڪرڻ گهرجي“.
ايڊيسن چيو،” اڄ مان هڪڙو نئون تجربو ڪندس“.
بيچلر، سوانسن جي آندل رک/خاڪ کي هڪڙي پاٺي تي هاري ڇڏيو. ان کان پوءِ هن هڪ اڇي رنگ جي ڌاڳي کي پاٺي جي مٿان رکيو، ان کي هيٺ مٿي ڪري ان خاڪ سان ليٿرائيندو رهيو. سوٽي ڌاڳي ان چمڪندڙ خاڪ کي جذب ڪري ورتو. ۽ ٿوري دير کان پوءِ اهو اڇي رنگ جو ڌاڳو ڪارو ٿي ويو. اهڙي ريت ڪيترن ئي ڌاڳن تي سرمو/خاڪ لڳائڻ کان پوءِ بيچلر اهي ايڊيسن جي حوالي ڪيا. ايڊيسن هڪڙي ننڍري ٽري کنئي، جنهن تي باهه جو اثر نه ٿيندو هو. ۽ ان جي اندر هڪ آلو ڪاغذ لڳائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن ڪارن ڌاڳن مان هڪڙو ڌاڳو کنيو ۽ ان کي اهڙي نموني ويڙهيو جو اهو گهوڙي جي نال جهڙو ٿي ويو. ان مڙيل ڌاڳي کي هن ٽري ۾ موجود آلي ڪاغذ تي رکي ڇڏيو. اهڙي ريت مڙني ڌاڪن کي ٽري ۾ رکڻ کان پوءِ، ان تي بٽر پيپر جو هڪ ٻيو تهه مٿان لڳائي ڇڏيو. پوءِ ان ٽري کي هڪ وڏي ٽري ۾ رکي ڇڏيو، پوءِ هن چيو،” هاڻي اسان هن ٽري کي باهه جي بٺي ۾ رکنداسين“.
ايڊيسن وڏي احتياط سان بند ڪيل ان ٽري کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گرم ٻٺي ۾ رکيو. جڏهن کين يقين ٿي ويو ته ڌاڳا سڙي ڪوئلو ٿي ويا هوندا ته، هن ٽري کي بٺيءَ مان ٻاهر ڪڍيو.
”جيسيتائين فلامينٽ ٿڌا ٿين، تيسيتائين مان ٿورو اک هڻي وٺان. تون به ٿوري دير لاءِ ليٽي پو“. ايڊيسن بيچلر کي چيو.

In the end, however, Edison found what he was looking for right in his laboratory; a common spool of thread. When he baked this, it stiffened and carbonized. This spool of thread was then used to make the first light bulb.
ايڊيسن ميز مان ٻه ٿلها ٿلها ڪتاب کنيا ۽ تجربيگاهه ۾ هڪ ڪنڊ جي پاسي ۾ ، جتي ڪجهه خالي جاءِ هُئي، اتي هليو ويو. انهن ڪتابن جو هن وهاڻو ڪري ۽ ڪاٺ جي ٺهيل سخت کهري فرش تي ليٽي پيو. ليٽڻ سان ئي هن کي ننڊ اچي وئي. بيچلر هڪ ڪرسي تي وڃي ويهي رهيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ هن کي ننڊ اچي وئي.
ڇهين وڳي ايڊيسن جاڳيو، ٿوري دير جي ننڊ ڪرڻ کان پوءِ هو وري فريش ٿي ويو. وڏي احتياط سان هن ان ٿڌي ٽري کي کوليو. بٺي ۾ پچائڻ جي ڪري، سوٽي ڌاڳن جا ٽڪرا، خالص ڪاربان جي مڙيل ٽڪرن ۾ تبديل ٿي ويا هُئا. ايڊيسن ان ڪاري فلامينٽ کي احتياط سان ان لاٽون ۾ وجهي ڇڏيو. اوڏي مهل بيچلر به ننڊ مان بيدار ٿي چڪو هو. هن فلامينٽ سان گڏ ڌات جا ٻه تار ملايا. ۽ لاٽون واري شيشي کي هوا ڪڍڻ واري پمپ ۾ رکي ڇڏيو.
”اڄ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي“. ايڊيسن چيو،” ٿوري دير ۾ فرينڪ مون لاءِ ناشتو کڻي ايندو، سٺو ته ائين ٿيندو ته تون به مون سان ناشتو ڪر“.
اڃان ايڊيسن ائين چئي بس ئي نه ڪيو هو ته فرينڪ جهل ايڊيسن جي گهران گرما گرم ناشتو کڻي اچي پڳو. ماني جو پليٽون هن ايڊيسن جي سامهون رکي ڇڏيون. ۽ پاڻ روز جي معمول جيان تجربيگاهه جي صفائي ۾ مصروف ٿي ويو. جيتري دير ۾ هن تجربيگاهه جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو، اوتري ئي دير ۾ وري ايڊيسن ناشتو به پورو ڪري چڪو هو.
”انهن ٿانون کي هاڻي واپس کڻي وڃڻ جي تو کي ڪا به ضرورت نه آهي“. ايڊيسن چيو. ”هتي مون کي، تنهنجي ضرورت آهي“.
”ٺيڪ آ سائين“ فرينڪ چيو، ”فرمايو سائين مون لاءِ ڇا حڪم آهي“.
”پمپ هلائڻ شروع ڪر، اڄ مان يا ته هڪ عظيم تجربو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ، هڪ وڏي ڪارنامي جي تخليق جو باعث بڻجندس يا وري ناڪام ٿي ويندس“. ”ناڪامي جو مطلب اهو هوندو ته اسان سڀني کي اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت پوندي“.
فرينڪ پمپ وٽ رکيل پنهنجي اسٽول تي چڙهي ويو ۽ هن پمپ جي هڪ نل کي کولي ڇڏيو. پمپ شيشي جي ان لاٽون ۾ هوا ڀرڻ لڳو، جو بيچلر ان ۾ لڳائي ڇڏيو هو.
”فرينڪ ! پمپ بند ڪر“. ٿوري دير کان پوءِ ايڊيسن هن کي چيو. فرينڪ ٽوئنٽي بند ڪري ڇڏي. ايڊيسن هڪ بٽڻ کوليو، ۽ بجلي جي هلڪي روشني لاٽون ۾ داخل ٿيڻ لڳي. فلامينٽ تپي هلڪو ڳاڙهو ٿي ويو. ان ويل ٻئي ايڊيسن ۽ فرينڪ ان ڌنڌلي چمڪ کي گهوري نهارڻ لڳا.

”ڏسين ٿو“، ايڊيسن هن کي سمجهائيندي چيو. ” ان کان اڳ ۾ اسان جا سڀئي هوا کان خالي بلب ڪجهه منٽن کان وڌيڪ نه هلي سگهيا. اصل ۾ انهن مان هوا مڪمل طور تي نه پئي نڪري. ۽ اسان سمجهون پيا ته هوا نڪري وئي آهي. جڏهن بجلي جي ڪرنٽ کي مڪمل طرح سان ڇڏيو پئي ويو ته گرمي جي ڪري ڪاربان جي ٽڪرن ۾ ڀريل هوا ٻاهر نڪري ايندي هُئي. ان نئين هوا جي ڪري بلب هوا سان ڀرجي ويندو هو. ۽ اسان جا فلامينٽ سڙي ختم ٿي ويندا ها. هن دفعي فلامينٽ کي ٻي ڀيري گرم ڪري رهيو آهيان. ته جيئن ان جي اندر جيڪا به رهيل کهيل هوا آهي، ته اها به نڪري اچي. هڪ منٽ کان پوءِ مان بجلي جي ڪرنٽ کي بند ڪري ڇڏيندس. تڏهن تون وري ٻيهر پمپ هلائجان. اهڙي ريت پو جيڪڏهن لاٽون ۾ ڪا هوا رهيل به هوندي ته اها به ٻاهر نڪري ايندي، ۽ اهو ليمپ تيار ٿي ويندو، جيڪو منهنجو خواب آهي“.
ٿوري دير کان پوءِ ايڊيسن بجلي جي ڪرنٽ کي وري بند ڪري ڇڏيو. فلامينٽ وسامي ، ٿڌو ڪارو ٿي ويو. ايڊيسن چيو،” فرينڪ! هاڻي وري پمپ کول، ڏسون ٿا اسان جي ان نئين تجربي جو ڇا نتيجو ٿو نڪري“.
فرينڪ پمپ جي ٽونئٽي کولي ، پمپ پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
ان وقت شيشي جي بلب ٺاهڻ وارو ڪاريگر، لڊ وگ بوهم به اچي نڪتو. هن پنهنجي ڳري غيرملڪي لهجي ۾ چيو، ”سائين! مون کي اڄ موڪل کپي، مون کي نيويارڪ وڃڻو آهي، مان شام جو ڇهين وڳي تائين واپس اچي ويندس“.
ايڊيسن جواب ڏنو،” سٺي ڳالهه آهي، پر تون وڃڻ کان اڳ ۾ ڪجهه شيشي جا لاٽون /بلب ٺاهي وڃ، ٿي سگهي شام ٿيڻ کان اڳ ۾ مون کي ان جي ضرورت پئجي وڃي“.
بوهم هليو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ ايڊيسن فرينڪ کي حڪم ڏنو ته هو پمپ کي بند ڪري ڇڏي. هن چيو،” هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته هي نئين ڍنگ جو هوا کان خالي بلب، ڪيتري دير تائين ٿو ٻري“. پوءِ وري ايڊيسن بٽڻ کوليو، بلب جي اندر ڪارو فلامينٽ ڳاڙهو ٿي، هلڪو هلڪو چمڪڻ لڳو. ڪجهه دير کان پوءِ ايڊيسن بٽڻ کولي بجلي جو مڪمل ڪرنٽ ان ۾ ڇڏڻ شروع ڪري ڏنو. فلامينٽ تپي سفيد ٿي ويو. ۽ ان مان گرم، صاف شفاف ، چمڪندڙ بجلي نڪرڻ لڳي. اها روشني صبح جي اس کان به وڌيڪ، جيڪا تجربيگاهه جي دريءَ مان اندر داخل ٿي رهي هُئي، چمڪي رهي هُئي.
ڪجهه دير کان پوءِ بوهم ڪجهه وڌيڪ شيشي جا لاٽون /بلب تيار ڪري موٽيو، هن اهي لاٽون ميز تي رکي ڇڏيا. ۽ هڪ دفعو ٻيهر هن واعدو ڪيو ته هو شام جو ڇهين وڳي تائين مينلو پارڪ موٽي ايندو. ان کان پوءِ هو نيويار ويندڙ گاڏي ۾ سوار ٿيڻ لاءِ تيزي سان وٺي ڀڳو.
ايڊيسن ۽ فرينڪ وڏي غور سان ان چمڪندڙ روشني کي تڪي رهيا هئا. پندرنهن منٽ ٿي ويا، پوءِ هڪ ڪلاڪ ٿي ويو، ٻارهين وڳي تائين هي روشني تقريبن چار ڪلاڪ تائين هلي رهي. هن کان اڳ ۾ هن تجربيگاهه ۾، ايتري دير تائين ڪو به بلب نه ٻريو هو. فرينڪ جي دل خوشيءَ مان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هو اهو سوچي رهيو هو ته هن جي مالڪ ڇا اهو مڪمل بلب تيار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هو ڪيترن ڏينهن کان مسلسل جدوجهد ۾ هو.
منجهند جو وقت به گذرڻ لڳو، پر بلب پنهنجي صاف شفاف روشني چارون طرف ڦهلايندو رهيو. ايڊيسن تجربيگاهه ۾ ويٺو رهيو، ڪافي دير کان پوءِ فرينڪ هن جي لاءِ گهران ماني کڻي آيو.
”فرينڪ تون ڪافي وقت کان هتي ڪم ڪري رهيو آهين“، ايڊيسن چيو، ”هاڻي تون گهر وڃ، وڃي آرام ڪر“.
”نه سائين“ فرينڪ چيو،” توهان مهرباني ڪري مون کي هتي ترسڻ ڏيو، مان به توهان سان گڏ ان کي ٻرندو ڏسڻ چاهيان ٿو،“.
ايڊيسن پنهنجي نوجوان مددگار ڏي نهاري مسڪرايو، ”جيڪڏهن تون واقعي سچي دل سان هتي ترسڻ چاهين ٿو ته تون هتي ترسي سگهين ٿو، تنهنجي هتي هجڻ ڪري مون کي ڪجهه فائدو ٿيندو“.
شام جو ڇهين وڳي لُڊ وگ بوهم نيويارڪ شهر کان واپس موٽي آيو. ايڊيسن هن کي چيو، ” ته هو هن شيشي جي لاٽون کي ان ئي حالت ۾ ، جيڪو پمپ جي نل تي ٻري رهيو هو، ٺپو هڻي بند ڪري ڇڏي. بوهم جي ڦڙتيلن آنڱرين ٿوري دير ۾ ئي ان بلب کي چڱي طرح سان بند ڪري ڇڏيو. هاڻي هي هڪ اهڙو بلب هو جنهن ۾ هوا جو قطعي دخل نه هو. ۽ هاڻي هن جو تعلق فقط تارن سان ئي جڙيل هو.
جڏهن گهڙيال شام جا اٺ وڄايا ته تماشائي خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن. بلب مسلسل 12 ڪلاڪن کان ٻري رهيو هو. هن جي همدرد، محبتي، پيارن ، ساٿين هن کي صلاح ڏني ته هاڻي ايڊيسن گهر وڃي سمهي پوي. ۽ اهي هن بلب کي ڏسندا رهندا. پر ايڊيسن اتان کان هڪ انچ به چرڻ گوارا نه ڪيو. هو چاهي پيو ته سڄي رات پاڻ ئي ان جي نگهباني ڪري. فرينڪ جهل به عرض ڪيو ته هن کي ايڊيسن پاڻ سان گڏ ترسڻ جي اجازت ڏيئي. ايڊيسن کي خيال آيو ته هن ڇوڪري لاتعداد بلبن کان هوا ڪڍڻ جو ڪم هن سان ڪيو. ۽ هو دنيا جي اولين ڪامياب برقي بلب جو تجربي جي پڇاڙي وارن مرحلن ۾ به تجربيگاهه ۾ ترسڻ چاهي ٿو، ته ايڊيسن هن کي پاڻ سان گڏ ترسڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي.
اڌ رات جو مسز ايڊيسن رات جي ماني تجربيگاهه ۾ موڪلي. بجلي جو ليمپ اڃان تائين ٻري رهيو هو. هن جي روشني ۾ ايڊيسن ۽ فرينڪ ٻنهين رات جي ماني گڏ کاڌي. ان رات ڪريوسي بوهم ٿوري ٿوري وقت لاءِ ڪيترائي چڪر هنيا ۽ ڏٺو ته بلب مسلسل روشن هو.
20 آڪٽوبر جو جڏهن گهڙي صبح جا اٺ وڄايا ته ان وقت، اهو عجيب غريب ليمپ پنهنجي ”روشن وجود“ جا چوويهه ڪلاڪ پورا ڪري چڪو هو. ايڊيسن ۽ فرينڪ هاڻي ٿڪجي پيا ها. ۽ هاڻي هنن کي ننڊ اچي پئي. اهي ننڊ ڪرڻ گهر هليا ويا. بيچلر ۽ ٻين ملازمن ليمپ جي تجربي جو ڪم پاڻ سنڀالي ورتو هو. انهن وعدو ڪيو ته جنهن وقت به ليمپ وسامي ويندو. ته اهي هڪدم ان ليمپ جي وسامي وڃڻ جو وقت؛ سيڪنڊ ۽ ڪلاڪ نوٽ ڪري وٺندا.
سومر جي ڏينهن ايڊيسن ۽ فرينڪ ٻيهر تجربيگاهه ۾ موٽي آيا. بلب ان وقت به ٻري رهيو هو. بيچلر ۽ هن جا مددگار به اتان چرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. مسز ميلي جورڊن گهران ماني تيار ڪري هن کي موڪلي. ننڊ نه ڪرڻ ڪري اهي ماڻهو پاڻ ۾ کل مزاق، ڀوڳ ۽ ڊانسون ڪرڻ لڳا. پر انهن حرڪتن جي باوجود انهن جون نظرون وري به ڦري ڦري بلب ڏي پيون وڃن. ليمپ جي اندر چمڪندڙ فلامينٽ کي گهوري نهارڻ جي ڪري هن کي مٿي ۾ سور پئجي ويو. پاڻ کي ٿورو سڪون بخشڻ لاءِ ايڊيسن تجربيگاهه ۾ موجود موسيقي جي آلات ڏي سري آيو ۽ ان تي مختلف ڌنون وڄائڻ شروع ڪيون.
21 آڪٽوبر 1879ع اڱاري جي ڏينهن به سج لهڻ جي دوران به بجلي جي بلب جي روشني چئني ڪنڊن کان ڦهلجندي رهي. تجربيگاهه جو ڪو به ملازم پنهنجو ٿورو به وقت جيڪڏهن ڪڍي سگهيو ٿي، اهو پنهنجو ڪم ڇڏي ، اچي ليمپ جي ارد گرد بيهي رهي پيو. منجهند جا ٻه ٿيا هئا، ۽ هاڻي ايڊيسن ان نتيجي تي پهتو هو ته هن هڪ اهڙو ليمپ تيار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو مقرر وقت تائين ٻري سگهي ٿو. پنهنجي هن جادوئي ليمپ جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، هن ان بلب کي ڀڃي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ماڻهو هن کي حيرت منجهان تڪڻ لڳا ته هي ڇا پيو ڪري. بجلي جي سائنسدان پنهنجو هٿ بٽڻ تي رکيو، جيڪو ان بلب جي، بجلي جي ڪرنٽ کي ڪنٽرول ڪري پيو. آهستي آهستي ان بلب ۾ بجلي جي ڪرنٽ جو وهڪرو بند ڪرڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ هڪدم زور سان هڪ وڏي چمڪ پيدا ٿي..... ۽ بلب وسامي ويو. ايڊيسن وساڻل بلب لاٿو ۽ هڪدم ان کي خوردبيني مشين ۾ موڪلي ڇڏيو.
اهڙي ريت بجلي جي روشني جي پيدائش 21 آڪٽوبر 1879ع جي اڱاري واري ڏينهن ۾ ٿي. جڏهن ته ايڊيسن پنهنجو پهريون هوا کان خالي، دير تائين ٻرڻ وارو بلب ايجاد ڪيو. ايڊيسن کي پنهنجي ڪاميابي تي فخر هو. هن نيويارڪ هيرالڊ جي ايڊيٽر کي عرض ڪيو ته هو پنهنجو رپورٽر مينلو پارڪ موڪلي ڇڏي. رپورٽر مارشل فاڪس ۽ هڪ مصور فور ايڊيسن جي سائنسي مرڪز ۾ پهچي ويا. تجربيگاهه جي ملازمن جي تعاون سان رپورٽر ۽ مصور تقريبن 2 هفتا اتي ڪم ڪندا رهيا. 21 ڊسمبر 1879ع جو آچر جي ڏينهن، نيويارڪ هيرالڊ بجلي جي ان بلب جي تفصيل شايع ڪري ڇڏي.
جنهن وقت رپورٽر پنهنجي اخبار جي لاءِ تفصيل لکي رهيو هو، ان وقت ايڊيسن ۽ هن جا ملازم ڪيترائي هوا کان خالي بلب ٺاهڻ ۾ مصروف هيا. انهن بلبن جون قطارون تجربيگاهه ۾، ايڊيسن جي گهر ۾، ۽ مسز جورڊن ايڊيسن جي بورڊنگ هائوس ۾ ، ايتري تائين جو مينلو پارڪ جي گهٽين ۾ به ٽنگي ڇڏيا. 1879ع جي ڊسمبر مهيني جي آخري ڏينهن ۾ نيويارڪ شهر کان هڪڙي خاص قسم جي ريل گاڏي نڪتي، ۽ تيز هوا ۽ برف کان گذرندي، مينلو پارڪ ڏي وڌندي رهي. ان ريل گاڏي جي ڊٻن ۾ لکين ماڻهو ويٺا هئا، جيڪي بجلي جي نئين روشني کي ڏسڻ جي لاءِ، بيتاب هُئا. مينلو پارڪ ۾ 1879ع جي پوڙهي سال جو خاتمو ۽ 1880ع جي نئين سال جو جنم، ايڊيسن جي بجلي جي نون بلبن جي چمڪ سان ٿيو. عظيم سائنسدان دنيا کي روشن ڪرڻ وارو واعدو پورو ڪيو.
بجلي جي بلب جي ايجاد دنيا کي بجلي جي روشني ڏيڻ واري سلسلي ۾ ايڊيسن جو پهريون قدم هو. ان کان پوءِ ان سائنسدان ، هن نئين بلب جي ڌاتو مان ٺهيل ساڪيٽ ۽ بجلي جي تار لڳائڻ جو به نظام ايجاد ڪيو. هن بجلي جي تارن کي رٻڙ ۽ ڪپڙي جهڙين شين سان ويهڙڻ جو طريقو به ايجاد ڪيو. جنهن سان انهن تارن کي زمين ۾ وڇائي پري تائين ڇڪي وڃي سگهبو هو. هن سوئچ بورڊ، جنڪشن بورڊ ۽ فيوز جو نظام به ايجاد ڪيو. هن اهڙي قسم جا پئمانا به ٺاهيا، جيڪي بلب ۾ صرف ٿيندڙ بجلي جو ڪرنٽ ماپي سگهن پيا. پنهنجي هن نئين روشني جي بنياد تي، هن بجلي جي هڪ وسيع صنعت کي جنم ڏنو.
4 سيپٽمبر 1882ع جي سومر واري ڏينهن، ايڊيسن نيويارڪ ۾، پنهنجي ٺاهيل بجلي گهر ۾، ٻاڦ سان هلندڙ بجلي تيار ڪرڻ وارين مشينن جو افتتاح ڪيو. بجلي جو ڪرنٽ ڪنهن جادو جيان، زمين جي اندر وڇايل بجلي جي تارن مان ٿيندي، دفترن، ڪارخانن، ۽ گهرن ۾ لڳل بجلي جي بلبن تائين پهچي وئي. ۽ اهو بلب تيز، ۽ صاف و شفاف روشني جي گلن جيان، ٽڙي پيا. دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو، هڪ وسيع شهر ٿامس ايڊيسن جي احترام ۾ ، جنهن انساني نسل کي، هڪ نئين قسم جي روشني عطا ڪئي، جنهن سڄي دنيا کي روشن ڪري ڇڏيو.