شخصيتون ۽ خاڪا

ٿامس ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ٿامس ايڊيسن ننڍي ماڻهوءَ مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ هن هزارين ايجادون ڪيئن ڪيون؟ هن ڪهڙي عمر کان وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟ هن جون ايجادون ڇا آمريڪي ماڻهن تائين محدود هيون؟ هن پنهنجو نالو ڪيئن بيهاريو؟ هن پنهنجي ملڪ جو نالو ڪيئن روشن ڪيو؟ هن وٽ آخر ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي جنهن جي ذريعي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان پنهنجي زندگي جا رخ ڪيئن ٿو موڙي سگهي، ۽ ڪاڏي ٿو موڙي سگهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب هن ڪتاب ۾ موجود آهن.
Title Cover of book ٿامس  ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

نوان دوست ۽ نوان مرحلا

سيپٽيمبر 1882ع ۾ ايڊيسن جي مڙني ايجادن جي نتيجي ۾، سڀ کان اول نيويارڪ ۾ بجلي جو استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويو. ان کان هڪدم آمريڪا جي ٻين رياستن جي پهرئين شهرن ۾ پوءِ وري ٻهراڙين ۾ بجلي جو بندوبست ڪيو ويو. ڪجهه سالن ۾ آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ بجلي جي روشني جو انتظام ڪرڻ واريون ڪمپنيون پهچي ويون. جنهن ۾ هر ڪمپني جي نالي سان ڪٿي نه ڪٿي لفظ ايڊيسن ضرور استعمال ڪيو ويندو هو. بجلي جي روشني جي صنعت جي ترقي جي لاءِ، قومي پيماني تي، ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ هي ڪمپنيون، ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجو ساليانو اجلاس ڪرڻ لڳيون. عام طور تي هر ڪمپني ان اجلاس ۾ پنهنجي صدر يا وري مينيجر کي موڪلينديون هيون. 1896ع جي آگسٽ واري مهيني ۾، ايڊيسن بجلي ڪمپنين جو ساليانه اجلاس ”مين هيٽن بيچ“ ۾ منقعد ڪيو. ”مين هيٽن بيچ“ اٽلانٽڪ سمونڊ ۾ نيويارڪ جي ويجهو، آئي لينڊ کان ڪجهه ميل پري ، سمونڊ جي ڪناري ڪنهن پر فضا جاءِ تي آهي.
11 آگسٽ 1896ع جي ٻيپهري کان پوءِ ايڊيسن، ”مين هيٽن بيچ“Manhattan Beach جي اورينٽل هوٽل جي لان ۾ ويٺو هو. سڄو ڏينهن ايڊيسن ڪمپنين جا نمائندا، رات هوٽل ۾ منقعد ٿيندڙ رات واري شاندار دعوت ۾ شرڪت لاءِ ايندا رهيا. هر نمائندو وڏي بيقراري ۽ بيتابي سان ان وقت جو انتطار ڪري رهيو هو. جڏهن هن جو تعارف هڪ عظيم شخصيت سان ڪرايو ويندو، جنهن بجلي جي ايڏي وڏي صنعت جو بنياد وڌو هو. ايڊيسن اورينٽل هوٽل جي وسيع لان ۾، ان خيال سان اتي ويهي رهيو هو ته جيئن سڀ ماڻهو هن سان آساني سان ملي سگهن. ڪنهن کي به ملڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. هڪ کان ٻيو ايڊيسن ڪمپنين جو نمائندو، مينجر ، ايجنٽ ايڊيسن سان اظهار عقيدت جي لاءِ ايندا رهيا. ۽ ايڊيسن سان پنهنجن ملازمن جو به تعارف ڪرائيندا رهيا.
ڊٽرائي ايڊيسن ڪمپني جي پريزيڊنٽ اليگزينڊر ڊو پاڻ سان هڪ نوجوان کي وٺي هن عظيم سائنسدان سان ملڻ آيو هو.
”ايڊيسن صاحب!“ مسٽر ڊو چيو. ”مان ڊٽرائي ڪمپني جي مينيجر هنري فورڊ جو اوهان سان تعارف ڪرائڻ ٿو چاهيان“
سائنسدان ايڊيسن جنهن جي عمر هاڻي 49 سال ٿي وئي هئي. هنري فورڊ جو منهن ڏسڻ لڳو. ان وقت هينري فورڊ 33 سالن جو هڪ اڻڄاتل، غيرمعروف ماڻهو هو. ”فورڊ صاحب! توهان ٻڌايو توهان جو مزاج ڪيئن آ“. ايڊيسن هن کان پڇيو، ”مون کي اميد آهي ته توهان اتر پاسي پنهنجي هن سفر مان گهڻو مزو وٺي رهيا هوندو“.
”مهرباني سائين!“ فورڊ جواب ڏنو، ”هن اجلاس ۾ شريڪ ٿي، ۽ توهان سان ملاقات ڪري ، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي“.
ايڊيسن، ڊو، ۽ فورڊ ٿوري دير پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا. پر پوءِ انهن کي اهو محسوس ٿيو ته ڪافي ماڻهو اڃان ايڊيسن سان ملڻ لاءِ بيتاب آهن ته فورڊ وڏي احترام سان عظيم سائنسدان کان اجازت ورتي. ۽ مسٽر ڊو سان هڪڙي پاسي هليو ويو.
فورڊ ۽ ڊو هوٽل جي ورانڊي ۾ ٽهلندا رهيا. ٽهلندي ٽهلندي ڊو چيو،”واقعي هي شخص ڏاڍو مختلف ماڻهو آهي، ايڏي شهرت ملڻ جي باوجود به هن جو دماغ خراب نه ٿيو. هو اڄ به ايترو ئي سادو سودو ۽ معصوم آهي، جيترو مون هن کي اڄ کان ڪيترائي سال اڳ ۾ ڏٺو هو. اها منهنجي ايڊيسن سان پهرين ملاقات هُئي“. فورڊ هن کي سمجهائيندي چيو.
”اهو ڪيئن“، ڊو هن کان پڇيو، ”مون کي خبر نه هئي ته تون مسٽر ايڊيسن سان هن کان اڳ ۾ به ملاقات ڪري چڪو آهين“.
”جي هان“ ، فورڊ جواب ڏنو، ”اڄ کان تقريبن ڏهه سال پهريائين مون مسٽر ايڊيسن کي اٽلانٽڪ سٽي جي هڪ جلسي ۾ تقرير ڪندي ٻڌو هو، ان وقت مان ننڍو هوس. ان کان پوءِ مسٽر ايڊيسن خبر ناهي ڪيترن ماڻهن سان ملندو رهيو، مون کي ائين لڳي پيو ته هو مون کي مڪمل طور وساري چڪو آهي ۽ مون کي نه سڃاڻيندو“.
”مون کي اميد آهي ته اڄ رات جي دعوت ۾ اسان کي اڳيان اڳيان سيٽون ملنديون“،ڊو چيو، ”هل ٿورو اڳتي هلي هتان جي منتظمين سان ملي وٺون، ۽ هنن کان ويهڻ وارين سيٽن جي فهرست وٺون ۽ پنهنجي پنهنجي جاءِ جانچي وٺون“. هڪ وڏي بيضوي ميز جي، هڪ پاسي کان ايڊيسن جي نشست هئي، چارٽ ڏسي هن کان خوشيءَ مان رڙ نڪري ويئي.
”ڏس فورڊ! تون واقعي ئي خوش قسمت آهين، بوسٽن ڪمپني جو صدر چارلس ايڊگر ايڊيسن جي ساڄي پاسي کان ويهندو. ايڊگر کان پوءِ تنهنجي سيٽ /جاءِ /ڪرسي آهي. ان جو مطلب اهوآهي ته تنهنجي ۽ ان عظيم سائنسدان جي وچ ۾ فقط هڪڙي ڪرسي هوندي. منهنجي ڪرسي هيڏي سامهون هوندي. ايڊيسن جي اوسي پاسي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهندو، يا جيڪي ڳالهايون ٻولهيون ٿينديون، اهي مان آساني سان ڏسي ۽ ٻڌي سگهندس“.
”تڏهن ته اسان ٻئي خُوش قسمت آهيون“. فورڊ هن کي چيو.
ڊو پنهنجي واچ تي نظر وڌي ۽ چيو،” هن وقت مون کي هڪ ڪمپني جي ميٽنگ ۾ شامل ٿيڻو آ، چڱو پوءِ تو سان رات جو دعوت تي ملاقات ڪندس“.
ان رات اورينٽل هوٽل جي اها دعوت ايڊيسن ۽ فورڊ ، ٻنهي جي زندگي جو هڪ اهم يادگار بڻجي ويو. ايڊيسن ڪمپنيون عوام جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهن پيون؟. ايڊيسن ان موضوع تي تقرير ڪئي. حاضرين تاڙيون وڄائي، تقرير جي تعريف ڪئي. جڏهن سڀئي مقرر تقريرون پوريون ڪري چڪا هئا، ته ايڊيسن ۽ اُن جي آسپاس ويٺل ماڻهن هڪ ٻئي سان بجلي سان هلندڙ گاڏين جي باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. گهڻن ماڻهن جو اهو خيال هو ته، بجلي سان هلندڙ نئين گاڏين جي ڪري بيٽرين جي کپت، ۽ ٻين مرمت جي ڪمن جي ڪري، ايڊيسن ڪمپنين جو ڪاروبار تمام وڌي ويندو. مستقبل ۾ بنان گهوڙن جي گاڏيون هلنديون ۽ اسان کي ڪم اينديون.
”نه، نه، “ ايڊيسن پنهنجي پرزور الفاظن ۾ ان راءِ کان اختلاف ڪيو“. بجلي جي گاڏي هن ملڪ لاءِ سستي سواري نه ٿي ٿي سگهي. بيٽرين مان بجلي ٺاهي، ان مان گاڏيون هلائڻ تمام مهانگو ڪم آهي. ان کان علاوه بجلي جي گاڏي بجلي پيداڪندڙ گهر کان تمام گهڻو پري نه ٿي وڃي سگهي. ڇو ته ان جي بيٽرين کي چارجنگ جي ضرورت پيش ايندي رهندي. ان ڪري ٻاڦ سان هلندڙ گاڏي به ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته ان ۾ به پاڻي، بوالر، ، گهڻو ٻارڻ، ۽ ٻيو ڪافي سامان کڻي هلڻو پوي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا جي روڊن ۾ آٽوميٽڪ گاڏيون هلائڻ ئي مقصد رهيو هجي ته اسان کي تمام هلڪي، گهٽ وزني ۽ سستي مشين تيار ڪرڻي پوندي“.
ڊو کلندي چيو، ”ته سائين ! پوءِ گيس تي هلندڙ گاڏي سستي ٿي سگهي ٿي“.
”گيس جي گاڏي؟، اها وري ڪهڙي شيء َآ؟“، ايڊيسن پڇيو.
ان سوال جي جواب ۾ ڊو جلدي جلدي، وڏي اداڪاراڻه انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو. ماڻهو اڳيان ٿي، ميز تي جهڪي، هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪنائڻ لڳا. ڊو ٻڌايو ته ڪيئن نه هڪ ڏينهن، هو ڊٽرائي ۾ پنهنجي دفتر ۾ ويٺو هو ته، هن روڊ تي هڪڙو زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهڙو آواز جئين ڪو مسلسل پستول جا فائر ڪندو هجي. هو اٿيو دري وٽ آيو ۽ دري کولي ڏسڻ لڳو ته ڏسان ته آخر معاملو ڇا هي؟ هيٺ روڊ تي هڪڙي بنان گهوڙن جي گاڏي وڃي رهي هئي. گاڏي جي هلڻ جي ڪري گيس جي انجڻ مان ڦٽ ڦٽ ڦٽ ڦٽ جو آواز پئي نڪتو. هن شور مچائيندڙ مشين جي اڳيان واري گدي تي هڪڙو ماڻهو ويٺو هو. ان سان گڏ ان جي گهرواري به ويٺي هُئي. ۽ انهن ٻنهين پنهنجي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي ٻار کي ويهاريو هو. ان روڊ تي بيٺل ڦٽ ڦٽ گاڏي کي ڏسڻ لاءِ ، روڊ جي ٻنهي پاسن کان مردن ۽ عورتن جون قطارون لڳي ويون هيون. گاڏي ان ساڳي ڦٽ ڦٽ جي آواز جو نعرو بلند ڪري اڳتي وڌندي وئي ۽ ماڻهو پوئتي رهجي ويا.
”جيڪو شخص ان گئس واري گاڏي تي ويٺو هو، اهو شخص اڄ هتي توهان جي پاسي ۾ ئي ويٺو آهي“ ڊو بلند لهجي ۾ رِڙ ڪري چيو. ۽ هنري فورڊ ڏي اشارو ڪيو. سڀ ماڻهو آهستي آهستي اڳيان جهڪي جهڪي ان ماڻهو کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. جنهن جو عجيب تعارف ڪرايو ويو هو.
”اڙي! هي ته مسٽر فورڊ آهي“. ايڊيسن رڙ ڪندي چيو، ”مسٽر فورڊ توهان اسان کي پنهنجي گئس واري گاڏي جي باري ۾ ضرور ٻڌايو“.
فورڊ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ايڊيسن ان وقت بلڪ تقريبن ٻوڙو ٿي چڪو هو. هو اڳتي جهڪيو ۽ پنهنجو ساڄو هٿ پنهنجي ڪن جي پٺيان ڏيئي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
ڪنهن فورڊ جي ڪن ۾ آهستي چيو، ”ايڊيسن زور/ وڏي آواز سان ٻڌندو آ، هڪ ڪرسي کڻو ۽ ان جي ڀرسان وڃي ويهي رهو ته جيئن هو توهان جي ڳالهه سٺي نموني سان/صحيح ٻڌي سگهي“.
فورڊ اٿي بيٺو. ان جي اٿڻ سان ئي ايڊگر به اٿي بيهي رهيو.
”اسان پنهنجيون ڪرسيون مٽائي ٿا ڇڏيون، اهڙي ريت توهان مسٽر ايڊيسن جي ويجهو ويهي سگهو ٿا“. فورڊ ان ڪرسي تي ويهي رهيو، جيڪا ايڊگر خالي ڪئي هُئي.
فورڊ چوڻ شروع ڪيو، ”جناب جنهن گاڏي جو ذڪر مسٽر ڊو ڪيو آهي، اها منهنجي پهريئن گاڏي نه پر ٻي گاڏي آهي“.
ايڊيسن هن کان پڇيو، ”ڇا تو واري مشين ۾ چڪر/گهمڻ ڦرڻ وارو انجڻ آهي؟“.
”جي ها“ ، نوجوان فورڊ جواب ڏنو.
”گيس جو ڌماڪو ڪرڻ لاءِ تون بجلي جي چڻنگ جو استعمال ڪيئن ٿو ڪرين؟. تو کي خبر هوندي ته مون کي بجلي جي هر شي سان تمام گهڻي محبت آهي“.
فورڊ جواب ڏنو،”مان بريڪ ۽ ڪانٽيڪٽ سسٽم جو استعمال ڪندو آهيان“. هن ميز تي پيل اهو ڪارڊ کڻي ورتو، جنهن ۾ کاڌن جي فهرست/مينو هو. ۽ ان جي پٺين پاسي هڪڙو خاڪو ٺاهڻ لڳو، ”مان بجلي جي چڻنگ جي استعمال لاءِ، هن قسم جي انتظام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان“.
فورڊ پنهنجي گئس واري گاڏي جي مشين جو خاڪو ٺاهي رهيو هو. ۽ سمجهائي رهيو هو ۽ ايڊيسن وڏي توجهه سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. جڏهن فورڊ ڳالهائي بس ڪيو ته ايڊيسن هن سان متفق ٿيندي ميز تي زور سان مڪ هنئي، ۽ چيو، ”منهنجا نوجوان دوست! تنهنجي گاڏي اسان جي مسئلي جو حل آهي. تو اصل شي تلاش ڪري ورتي آهي، ان کي بهتر ڪرڻ ۾ اڃان به گهڻي محنت ڪر، تنهنجي گئس مان هلندڙ گاڏي، پنهنجي طاقت جو ڪارخانو پاڻ سان کڻي هلي ٿي. ان ۾ نه باهه جي ضرورت آ نه بائلر جي. نه اها دونهون ڪري سگهي ٿي، ۽ نه ئي وري ٻاڦ ٻاهر ڪڍي ٿي. تو اصل شي حاصل ڪري ورتي آ، بس هاڻي ان تي ئي محنت ڪر“.
ايڊيسن جي تعريف ۽ حوصلا افزائي سان فورڊ جي دل ۽ دماغ ۾ اهڙو جوش ۽ جذبو ڀرجي آيو، جو هن کي سڄي رات ننڊ نه آئي. پنهنجي ڪار کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش جي باوجود هو مايوس ٿي ويندو هو ۽ حوصلو وڃائي ويهندو هو. هن کي ڪڏهن ڪڏهن اهو عجيب احساس کائيندو هو ته هو شايد پنهنجي ڪار کي مڪمل نه ڪري سگهي. پر ايڊيسن جي لفظن هنجي همت وڌائي ڇڏي. هاڻي هو وري پنهنجي اُن ڪار ۾ بهتري آڻيندو. ۽ ان وقت تائين ان ڪار ۾ محو رهندو، جيسيتائين هو ان ڪار کي مڪمل ڪري ختم نه ڪندو.
ٻي ڏينهن صبح جو ڪنهن فورڊ جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو.
”پيغام“، ڇوڪري چيو، ”مسٽر فورڊ، مسٽر ايڊيسن مون کي توهان ڏي اماڻيو آهي. انهن توهان کي دعوت ڏني آهي ته توهان هن سان نيويارڪ گڏ هلو. هو وري توهان سان گفتگو ڪرڻ چاهي ٿو“.
فورڊ ايڊيسن سان گڏ نيويارڪ واپس هليو. ريل گاڏي ۾ ايڊيسن نوجوان فورڊ کان ڊٽرائي، مچيگن، ۽ پورٽ هورون جي باري ۾ تمام گهڻا سوال ڪيا. ۽ ان جي بدلي ۾ هن فورڊ کي پنهنجي ننڍپڻ جون تمام گهڻيون ڳالهيون ٻڌايون. انهن ڏينهن جون ڳالهيون، جڏهن هو ريل گاڏي ۾ اخبار کپائيندو هو. ۽ انهن ڏينهن جون ڳالهيون ،جڏهن هو هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾ جدوجهد ڪندو رهيو. هينري فورڊ ۽ ايڊيسن جي دوستي 1894ع ۾ مين هيلٽن بيچ مان شروعات ٿي، جيڪا 35 سالن تائين جاري رهي.
1899ع ۾ اوڻويهين صدي ختم ٿي وئي، ۽ 1900ع سان نئين صدي جو آغاز ٿي ويو. گذريل صدي جي آخري دور ۽ نئين صدي جي شروع وارن سالن ۾ اورينج ايڊيسن تجربيگاهه کان هر مهيني نيون نيون ايجادون، باقائدگي سان دنيا جي سامهون اينديون رهيون.
سن 1910 تائين ايڊيسن جا وار برف جيان سفيد ٿي ويا. پر هن جا ڀرون اڄ به سرمي جيان ڪارا هئا. هي عظيم شخص ايتري تائين پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوندو هو جو، پنهنجن نون ڪپڙن جي ماپ لاءِ هو درزي وٽ نه ويندو هو. جڏهن به هن کي محسوس ٿيندو هو ته ، هن کي نون ڪپڙن جي ضرورت آهي ته هو، پنهنجي گهرواري کي چوندو هو ته هو درزي کي ماپ لاءِ هن جا پراڻا ڪپڙا ڏيئي اچي ۽ درزي پراڻن ڪپڙن جي ماپ تي نوان ڪپڙا سبي ڏيندو هو. هون به هن لاءِ اهو ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه هو. ڇو ته عمر جي وڌي وڃڻ جي حساب سان ايڊيسن موٽو/ٿلهو نه ٿيو. پر هن جو وزن 165 پائونڊ ئي رهيو. ايڊيسن پنهنجي وزن سان به وفاداري جو قائل هو.
سن 1915ع ۾ سان فرانسيڪو ۾ پاناما پيسيفڪ نمائش جو افتتاح ٿيو. هي نمائش پاناما ندي جي تڪميل جي سلسلي ۾ رٿي وئي هئي. هن نمائش ۾ 21 آڪٽوبر 1915ع تي يوم ايڊيسن ”ايڊيسن جو ڏهاِڙو“، ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بجلي جي سائنسدان کي، هن نمائش ۾ دعوت ڏني ويئي، ته هو ان پروگرام ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت. ان وقت ايڊيسن جي عمر جيتوڻيڪ 68 سال هئي، پر پوءِ به هن اها دعوت قبول ڪري ورتي. هو نيارڪ کان پنهنجي ذاتي گاڏي”سيرب“ ۾ روانو ٿيو. ريل سان گڏ روڊ تي، اولهه طرف سفر ڪرڻ لڳو. رياست ڪليفورينا جي سيڪرامينٽو اسٽيشن تي ايڊيسن پنهنجي گاڏي روڪي، ۽ پنهنجي دوست برهمنگ کي پاڻ سان گڏ ورتو. بجلي جو جادوگر ۽ ماهر نباتات ٻئي گڏ فرانسيسڪو پهتا.
هتي بجلي جي روشني واري سائنسدان، واري شاندار پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ فورڊ ۽ ان جي گهرواري به شامل هئا.
21 آڪٽوبر 1915ع جو بجلي جي روشني جي 36 سالگره واري تقريب هئي، صبح جي پهر ۾ ايڊيسن ۽ هن جو دوست هوٽل مان پنهنجي گاڏي تي نڪتا. رڪٽ اسٽريٽ کان نمائشگاهه تائين ويندي، ايڊيسن جي ديدار لاءِ، رستي جي ٻنهي طرفن کان 50 هزار کان مٿي ماڻهن جو ميڙ هيو. امائشگاهه ۾ پهچندي ايڊيسن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ۽ هن کي جلسيگاهه ۾ تاڙين جي گونج ۾ آندو ويو. خوشي مان تاڙيون وڄائيندي هزارين چاهيندڙن جي سامهون ، پاناما پيسيفڪ نمائش طرفان سموري دنيا جي انسانن جي ڀلائي لاءِ هن عظيم ڪم ۾، پنهنجي تعاون ڪرڻ لاءِ چاندي جو هڪ خاص تمغو ايڊيسن جي نذر ڪيو ويو.
ايڊيسن جي ڏهاڙي جي ان تقريب کان پوءِ، مسٽر برنبيڪ ايڊيسن ۽ ان جي ساٿين کي عرض ڪيو ته هو رياست ڪلوفورينا جي سانٽا روجا شهر ۾ هن جي گهر هلن. اتي برنبيڪ جي وسيع تجرباتي ڪيفيت ۾، مسٽر ۽ مسز ايڊيسن، فورڊ، مسز فورڊ، علم نباتات جي هن جادوگر جا تيارڪيل عجيب و غريب ٻوٽا ڏٺا. پاڻ برنبيڪ هنن کي تفصيل سان ٻڌايو ته ڪيئن هُن سفيد رنگ جا گل، ۽ ٻيا مشهور گل ۽ حيرت انگيز ٻوٽا تيار ڪيا هُئا.
مسٽر هنري فورڊ ڀاڻ جي ڍير ۾ گتل ڪاٺ جي هٿيئي واري بيلچو کي ڇڪي ڪڍيو. ۽ هن کي مٿي ڪري ٻين ميزبانن کي ڏيکاريندي، مسڪرائي چوڻ لڳو،” هي انهن اوزارن مان هڪ آهي جنهن جي ذريعي انسان تهذيب جا ڏاڪا چڙهندو رهيو. ”مسٽر برنبيڪ! توهان هن اوزار جي ذريعي انساني نسل کي نوان گل، نوان ٻوٽا عطا ڪيا آهن،اسان جي دوست ايڊيسن جي ايجاد ڪندڙ بجلي جي روشني انسان جي صدين کان خواهش رهي. توهان ٻئي اناج ۽ روشني جا ڪرڻا آهيو“.
ايڊيسن مسڪرائي ڏنو. ”فورڊ تو کي پنهنجي موٽرڪار (گيس) واري کي نه وسارڻ گهرجي. ذريعا، ڄاڻ ، نقل، هي ٽيئي شيون خاص درجو رکن ٿيون. جيڪي انسان کي تهذيب جي اوچن ڏاڪن تي يا وري وڏي درجي تي پهچائينديون آهن“.
فورڊ وري ان اوزار کي ان ڍير ۾ ٺوڪي ڇڏيو. موٽر جي خالق برنبيڪ کي چيو،” مسٽر برنبيڪ! ممڪن آهي ڪنهن ڏينهن مان توهان کان توهان جو هي اوزار گهريان. اڄ منهنجي ذهن ۾ هڪ نئون خيال آيو آهي. پر ان جي باري ۾ مان توهان ٻنهي کي اوڏي مهل تائين نه ٻڌائيندس، جيستائين مان پاڻ ان جي باري ۾ گهڻو ڪجهه سوچي نه وٺان“.
جڏهن هن جي مهمانن جي وڃڻ جو وقت ٿي ويو ته برنبيڪ انهن کي گذارش ڪئي ته اهي هن ”يادگيرين واري رجسٽر“ ۾ پنهنجي صحيح ڪن. ايڊيسن قلم کنيو ۽ وڏن وڏن اکرن سان پنهنجو نالو ۽ پنهنجو پتو لکيو. ٽين خاني ۾ عنوان هو،” پسنديده موضوع“. ان خاني ۾ ايڊيسن فقط ايترو لکيو، ”سڀ ڪجهه“.


ان کان پوءِ فورڊ جي هٿ ۾ قلم ڏيندي ايڊيسن چيو، ”ڏس فورڊ هن ٽين خاني ۾ تون به فقط، ”ساڳيو ئي مٿيون“ لکي ڇڏ.
ڪيليفورنيا مان گهر واپسي وقت مسٽر ۽ مسز ايڊيسن ۽ مسٽر فورڊ ۽ مسز فورڊ سان گڏ هئا. ان وقت اوڀر طرف سفر ڪندي فورڊ پنهنجي دوست جان بروز جي باري ۾ ايڊيسن سان گهڻيون ڳالهيون ڪيون. هن انهن سفرن جو حال ايڊيسن کي ٻڌايو، جيڪو هن ماهر فطرت سان گڏ سفر ڪري ان جاءِ تائين پهتو هو. هن اهو به ٻڌايو ته ڪيئن نه هن هڪ گاڏي جان بروز کي ڏني هُئي.
.پهريان ڪجهه ڏينهن ته هن کي اها گاڏي صفا نه وڻي، ڇو ته هن جو چوڻ هو ته اڪثر ڪري جهرڪيون ٽاهه کائي ڊڄي، اڏري وڃن ٿيون، پر پوءِ جڏهن جو اهو تجربو ٿيو ته ان گاڏي سان هو تمام جلد پري جهنگ ۾ اهڙين جاين ڏي وڃي سگهي ٿو ، جتي ناياب پکي هوندا آهن، ۽ جتي گاڏي جي بغير پهچڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي. ان ڪري، بعد ۾، هن کي اها گاڏي پسند اچي وئي. هاڻي ته هي گاڏي هن جي مستقل دوست بڻجي وئي. بروز کي فطرت/قدرت جو ايترو علم حاصل آهي، جو هن کي جهنگ ۾ هن سان، گڏ هجڻ ڪري ڏاڍو مزو ايندو هو.
اهڙي ريت جڏهن هو ڳالهائيندا هئا، ته فورڊ فيصلو ڪيو ته ايڊيسن، بروز، ۽ هو پاڻ گڏجي پنهنجي ڪار ۾ جهنگلن جو سير ڪندا. هو پاڻ سان گڏ تماڪ به کڻي ويندا هئا. ۽ جتي به رات ٿي پئجي ويندي هين، اتي ئي پڙ لڳائيندا هئا. هن ان وقت ئي ايڊيسن کان واعدو ورتو هو ته جئين ئي ان قسم جي سفر جو انتظام مڪمل ٿيندو، يا ممڪن ٿي ويندو، ته هو هنن سان گڏجي هلندو.
انهن ڏينهن ۾ يورپ ۾ پهرئين مهاڀاري لڙائي پنهنجي عروج تي هئي، ان ڪري جهنگلن ۾ گهمڻ وارو ارادو، ٿوري وقت لاءِ ملتوي ڪيو ويو. جنگ آمريڪا جي ويجهو ٿيندي پئي وڃي. ايسيتائين جو آخر آمريڪا به جنگ ۾ ٽپو ڏيئي لهي پيو. اهڙي مشڪل گهڙي ۾ آمريڪا کي ايڊيسن جي ۽ ان جي تخليقي دماغ جي سخت ضرورت هئي. بحري فوج جي سوئچ، ايڊيسن کي، ملڪ جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾، اچڻ جي گذارش ڪئي. واشنگٽن پهچي، ايڊيسن بحري فوج جي مشاورتي ڪميٽي جو صدر بڻجي ويو. ۽ پنهنجين ايجادن جي ذريعي آمريڪا ۽ هن جي دوستن جي فتح حاصل ڪرڻ ۾، مدد ڪرڻ جي ممڪن ڪوشش ڪندو رهيو. ايڊيسن تمام جلدي اهڙو اوزار ٺاهيو، جيڪوپاڻي جي هيٺان پيدا ٿيندڙ آوازن کي ٻڌي سگهي پيو. ۽ اهڙي ريت پاڻي جي هيٺيان هلندڙ آبدوز ٻيڙيون يا وري جهازن جي تارپيڊو جي خبر وٺي سگهجي پئي. هن هڪ اهڙو نظام به تلاش ڪيو ، جنهن جي ذريعي جهاز پاڻي جي اندر رهي ڪري به دشمن کي نظر نه پئي اچي سگهيا. هن آمريڪا جي بحري فوج جي استعمال لاءِ پاڻي جي گهرائي ۾ روشني وجهندڙ سرچ لائيٽ به ايجاد ڪئي. ايڊيسن تقريبن 40 کن جنگي ضرورتن جون ايجادون پڻ ڪيون. جنگ کٽڻ ۾ اهڙي وڏي مدد جي لاءِ ايڊيسن کي هڪ خاص ٻلو ڏنو ويو. پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ جي لاءِ ايڊيسن، هنري فورڊ، جان بروز، ٽائرن جي خالق هازوي ايل فائرسٽون سان گڏجي، پهرئين مهاڀاري لڙائي جي دوران، ۽ ان جي ختم ٿيڻ کان هڪدم پوءِ، ڪار جي ذريعي جنهگلن جو تمام وڏو سفر ڪيو. ان قسم جي هڪڙي سفر ۾، هڪ دفعي ايپليشن جبلن جي قطار کان ٿيندي، ڏکڻ پاسي تمام پري نڪري ويا. جنهگل جي پهرئين سفر دوران ايڊيسن پنهنجي ڪمبل کي اهڙي نموني سان ويڙهڻ جو طريقو ڪڍيو جو ، ماڻهو وڏي سولائي سان هڪڙي ڪنمبل ۾ لنگهي سگهي پيو. ۽ رات جي وقت ڪهڙي ريت به هن جو ڪنبمل هن کان نڪري پري نه پيو ٿئي.
Edison was an elderly man of 67, when World War 1 broke out in Europe in the August of 1914, undaunted, he still continued working with extraordinary strength and passion in his West Orange laboratory. He was fond of saying that he followed the eight hour day; eight hours in the morning and eight hours in the afternoon! No one ever dreamed about the role Edison would play in the war, even if the United States had ever entered it. Edison’s company was one of the first to feel the impact of the war. He used up a ton-and-a-half of phenol or carbolic acid each day in his phonograph record factory. His factory was the largest user of phenolic resins in the US and he had only a few weeks upply when the war cut off his shipments from Britain and Germany.
ان وقت ايڊيسن جي عمر اٽڪل 70 سال ٿي چڪي هئي، پوءِ به جنهگلن جي سفر جي سلسلي ۾، هي هڪ معياري رفيق ۽ ڀروسي جوڳو ساٿي هو. سفر دوران هي مختلف لطيفا ٻڌائيندو، دوستن کي کلائيندو هلندو هو، هن جا لطيفا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندا هُئا. هن کي ڳائڻ جو تمام وڏو شوق هو. هو اڪيلو به ڳائي سگهندو هو. ۽ فرمائش تي ٻين دوستن سان گڏجي به ڳائيندو هو. پوڙهائپ هن جي لطيف احساسن ۽ جذبن ۾ خلل نه پيو وجهي سگهي.
جيئن جيئن ايڊيسن پوڙهو ٿيندو ويو، هو پنهنجو گهڻو وقت فلوريڊا جي گهر ۾، جنهن جو نالو هن ”سيمينول لاج“ رکيو هو، گذارڻ لڳو. پنهنجي پاڙيسري سان گڏ هو فلورڊا جي ندين ۾ يا وري اٽلانٽنڪ سمونڊ ۾ مڇيون پڪڙڻ جو مزو وٺندو رهندو هو. فورڊ جي نئين کان نئين گاڏين ۾ ويهي مختلف باغ گهمڻ لاءِ هميشه تيار رهندو هو.
آهستي آهستي هو پنهنجي تجربيگاهه ۾ گهٽ، پر گهر ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ گهڻو وقت گذاريندو هو.
1929ع ۾ بجلي جي روشني جي ايجاد کي 50 سال ٿيڻ وارا هُئا، هن سال بجلي جي روشني جي هي گولڊن جوبلي ويجهو اچي رهي هئي. جيئن جيئن هي ڏينهن ويجهو ٿيندو ويو، هنري فورڊ سوچڻ لڳو، ته هو پنهنجي دوست ٿامس ايلوا ايڊيسن جي هڪ عظيم يادگار ٺهرائيندو، ان جو انڪشاف هو ان 50 ساله جشن جي تقريب /محفل ۾ ڪندو.
The year 1929 marked the golden Jubilee of Edison’s invention of the electric light.On the momentous day of October 21, 1929, at ten in the morning, President Hebert Hoover, Henry Ford and Thomas Edison arrived at Smiths Creek Depot in Greenfield on a steam powered locomotive, much like the one on which Edison sold newspapers as a youth.



Light's Golden Jubilee Medal, 1929
Medal
Henry Ford hosted the Light's Golden Jubilee in October 1929 to celebrate the 50th anniversary of the incandescent electric lamp and officially dedicate the Edison Institute of Technology (Ford's village and museum in Dearborn, Michigan) to his dear friend, Thomas Edison. This souvenir medal, designed by artist Julio Kilenyi, commemorates the gala and honors Edison and his revolutionary invention.