روزگار جي ڳولا ۾
1859ع ۾ ريلوي جا ملازم جيڪي هن جا دوست بڻجي ويا هئا. انهن هن کي صلاح ڏني ته هي شڪاگو ، ڊٽراءِ ۽ ڪناڊا گرانڊ ٽرنڪ ريلوي اسٽيشن تي ۽ ان گاڏي ۾ اخبار ۽ ميوا/فروٽ کپائڻ جو ڪم شروع ڪري، جيڪا هر روز صبح جو ستين وڳي پورن هورون کان ڊٽراءِ ڏانهن ويندي هئي. ۽ رات جو ساڍي نوين وڳي وري واپس اچي ويندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ريل گاڏي ۾ ماني پهچائڻ/ڏيڻ وارا ڊٻا لڳل نه هئا، ان ڪري انهن ڏينهن ۾ ٿوري گهڻي ڪاروباري سوچ رکندڙ ڇوڪرو ڦل فروٽ، مٺائي، ڪيڪ، سنبوسه کپائي ڪافي ڪجهه ڪمائي سگهي پيو. ڇو ته پورٽ هورون کان ڊٽراءِ 63 ڪلوميٽر هو. ۽ رستي ۾ کائڻ پيئڻ جو ڪوبه بندوبست نه هو.
ايل کي ڏوڪڙن جي سخت ضرورت هئي، هو ڊٽراءِ وڃي سائنسي تجربن جي لاءِ نوان نوان اوزار ٺهرائي سگهي پيو. انهن اوزارن جون تصويرون هن پاڻ تيار ڪيون هيون. ۽ ان کان علاوه ڪافي مهانگيون ڪيميائي شيون به خريد ڪري سگهي پيو. جيڪو هن جي ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ تجربن جي لاءِ نهايت ضروري هو.
ايل گرانڊ ٽرنڪ ريلوي تي اخبارون ۽ ميوا کپائڻ واري ڪم لاءِ پنهنجي پيءُ سان صلاح و ثواب ڪيو. ماءُ ۽ پيءُ ٻنهين هنجي ان ڳالهه/ڪاروبار تي اعتراض ڪيو. انهن جو خيال هو ته ان ڪاروبار لاءِ ايل جي عمر تمام ننڍي آهي. ۽ جيڪڏهن هي صبح ست وڳي کان وٺي رات ساڍي نائين وڳي تائين گهر کان ٻاهر رهيو ته هن جي پڙهائي خراب ٿي ويندي. هن نئين ڪم مان هن کي ڇا ملندو، الٽو هي پنهنجي تجربيگاهه کان پري هليو ويندو.
ايل کي خبر هئي ته هن جي ان ڪاروبار ۾ هن جا پيءُ ماءُ ڪهڙو/ڪهڙا اعتراض ڪري سگهن ٿا، ۽ هن انهن جا حل/جواب به سوچي ڇڏيا هئا.
هن جو قد ڪافي ڊگهو هو ۽ هن جو وزن هڪ مڻ پنج سير هو. هن کي ڪم ۾ گهڻي محنت نه ڪرڻي پوندي هئي، ريل گاڏي جي ڊٻن ۾ سامان کپائڻ کانپوءِ وچ وچ واري وقفي ۾ ماڻهو آرام ڪري سگهندو ۽ پڙهائي به ڪندو رهندو. 12 سالن جو ٻارڙو کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ اخبارون کپائڻ جو ڪم بخوبي سولائي سان سرانجام ڏئي سگهيو پئي. هن جي پڙهائي جو به خرچ نه هوندو هو. پورٽ هورن ۾ جيترا ڪتاب ملي سگهيا پئي هن اهي سڀ ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئا. ڊٽراءِ پهچي هن وٽ هر ڏينهن ۾ 6 ڪلا ڪ فرصت جا ملندا هئا. اتي پبلڪ لائبريري ۾ وڃي هو اهي سڀ ڪتاب پڙهي سگهي پيو ، جيڪي هورون لائبريري ۾ موجود نه هئا. رات جو هڪ يا ٻه ڪلاڪ هو پنهنجي تجربيگاهه ۾ به ڪم ڪندو رهندو هو. هو گهر ۾ ئي پيو رهندو هو ۽ اتي ئي سمهي پوندو هو. ايل اهڙا دليل سچي دل سان ڏنا جو هن جا والدين هن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
هڪ ڏينهن صبح سوير ايل پنهنجو ڪم ڪرڻ پورٽ هورون ويو. هن وٽ سموسا، مٺايون، فروٽ کان علاوه ’يوٿ ڪمپنين‘ ۽ ’هارس‘ ٻئي نوان ماهوار ميگزين جهڙن سامان جو هن تي وڏو وزن/بوج هيو. ستين وڳي کان اڳ ۾ ريل گاڏي اسٽيشن تي پهچي چڪي هئي. لوهه جي ڪاري انجڻ ۾ ڳاڙهي رنگ جا وڏا وڏا ڦيٿا هئا. انجڻ جي مٿان پتل جون وڏيون وڏيون پٽيون لڳل هيون. ان کي پالش سان چمڪايو ويو هو. ان شاندار انجڻ جي پٺيان مسافرن جي ويهڻ جا گاڏا لڳل هئا. جن کي چمڪندڙ رنگ جو شيڊ ڏنو ويو هو. هن تي خوبصورت موهيندڙ تصويرون ٺهيل هيون. هر گاڏي تي درين کان هيٺ ڳاڙهي، نيري ۽ سائي رنگن ۾ ويناگر جي خوبصورت آبشارن گريٽ ليڪ (ڍنڍ) جا منظر ۽ ٻيا من موهيندڙ منظر نقش هيا.
هن تصويرن واري ڪتاب جهڙي خوبصورت ريل گاڏيءَ مان هڪ ڪنڊڪٽر هيٺ لٿو. ايل هُن ڏي وڌيو ۽ وڏي فخر سان هن کي چيو، ”مان اخبار فروش آهيان ٻڌايو ته مان پنهنجو سامان ڪٿي رکان“ ؟
”عام طور تي سڀئي ڇوڪرا پنهنجو سامان مال گاڏي ۾ رکندا آهن“ ڪنڊڪٽر هن کي جواب ڏنو.
ايل پنهنجو سامان کنيو ۽ مال گاڏي وٽ اچي نڪتو. انهن ڏينهن ۾ مال جا ڊٻا ٽن حصن ۾ ورهايل هوندا هئا. هڪڙي حصي ۾ وڏيون پيتيون ۽ بسترا وغيره هوندا هئا. ٻئي حصي ۾ آمريڪي رياست جي ڊاڪ (خط وغيره) هوندي هئي ۽ ٽيون حصو انهن ماڻهن لاءِ مخصوص هوندو هو جيڪي سگريٽ جا موالي هئا. هن گاڏي ۾ ويهي ماڻهو سگريٽ ڇڪي سگهندا هئا. ڇو ته هن حصي ۾ هوا جي داخل ٿيڻ جو مناسب بندوبست به ٿيل هو. ايل پنهنجي سامان جو ڍير هن گاڏي ۾ هيٺ رکي ڇڏيو.
ايل ڪاٺ جي هڪڙي وڏي ٽوڪري کنئي. جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان چمڙي جا وڏا پٽا لڳائي، ان ٽوڪري کي پنهنجي ڳاٽي ۾ ڪلهن کان لٽڪائي ڇڏيو. ۽ ان ۾ وڏي صفائي سان فروٽ مٺايون ۽ ٻيون شيون سجائي رکيون. جيئن ئي گاڏي ڊٽراءِ لاءِ رواني ٿي، ايل پنهنجو سامان کپائڻ لاءِ ڊٻي/گاڏي ۾ پهريون چڪر لڳايو. ڊٽراءِ اتان کان 63 ميل پري هو. بکايل مسافرن ايل کان گهڻو سامان خريد ڪيو.
ايل کي پهرئين ڏينهن سامان کپائڻ جو اهو تجربو ٿيو ته هر ڊٻي ۾ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ چڪر لڳائڻ ضروري آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هر دفعي سامان کپائڻ کان پوءِ هن کي اڌ ڪلاڪ جو وقفو ملي ويندو هو. پنهنجي ان فرصت واري وقت کي يا ته هو پڙهائي ڪري يا وري ٻيو ڪو ڪم ڪري گذاري سگهي پيو. هن اهو به ڏٺو ته سڄي سفر ۾ سگريٽ جو ڪو به موالي نه پئي آيو. ان ڪري هو اهو چاهي پيو ته اهو ڊٻو/گاڏو پنهنجي استعمال ۾ آڻي. پهرئين ڏينهن ايل کي جيترو منافع/نفعو/فائدو مليو هو. ان مان هن اندازو لڳايو ته هو هر روز گهٽ ۾ گهٽ پنج ڊالر ڪمائي سگهي ٿو. 12 سالن جي عمر واري ٻار لاءِ اها وڏي رقم هئي.
اُن رات واپس اچي ايل پنهنجي پيءُ ماءُ سان پنهنجو پهريون تجربو بيان ڪيو. پنهنجي سڄي ڪهاڻي/حال احوال ڏيڻ کان پوءِ، هو پنهنجي ماءُ ڏي مڙيو ۽ هن کي چيو، ”امان! گهر جي خرچ ۾ مدد جي لاءِ مان توکي هڪ ڊالر ڏيان ٿو ۽ اڄ کان پوءِ هر شام جو مان توکي پنهنجي ڪمائي مان هڪ ڊالر پيو ڏيندو رهندس“. هن پنهنجو اهو واعدو واقعي ئي نڀائي/وفا ڪري ڏيکاريو. جيترو عرصو هي اخبار کپائيندو رهيو، هر شام جو پنهنجي ماءُ کي هڪ ڊالر ڏيندو رهندو هو.
هن اخبار فروش ڇوڪري کي پنهنجو ڪم ڏاڍو پسند آيو. جيتري دير گاڏي ڊٽراءِ ۾ بيٺل هوندي هئي، تيستائين ايل بغير وقت ضايع ڪرڻ جي پبلڪ لائبريري هليو ويندو هو. ڳاڙهي رنگ جي سِرن جي ٺهيل هن عمارت ۾، هن تمام گهڻا ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئا. هن پنهنجي مطالعي جي شروعات ان پڪي ارادي سان ڪيو هو ته پهرين هو انهن ليکڪن جا سڀ ڪتاب پڙهندو جن جا نالا (الف) (A) سان شروع ٿين ٿا ۽ ان کان پوءِ ’ب‘ سان ۽ پوءِ باقي الفابيٽ جي نالن سان اهڙي ريت سڀ ڪتاب پڙهي ڇڏيندو. پر جلد ئي هن کي خبر پئجي وئي ته اهو ڪم ڪڏهن به نه ختم ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري هن موضوع جي حساب سان ڪتاب چونڊي پڙهڻ شروع ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن هن کي موقعو ملندو هو ته هو ڊٽراءِ موٽو ورڪس انجڻن جي ڪارخانن ۽ شهر جي ٻين ڪارخانن ۾ ۽ مشينن جي دڪانن ۾ گهڙي ويندو هو ۽ اتي مختلف شين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو هميشھ تمام سستي هوٽلن ۾ ماني کائيندو هو.
انهن مڙني ڪمن جي ڪري ايل تمام گهڻو مصروف رهندو هو، هن جا والدين ان ڳالهه تي هن سان ناراض رهندا هئا، ته هو رات جو دير تائين جاڳي پنهنجي ڪيميائي تجربيگاهه ۾ ايڏو ڇو ٿو ڪم ڪري. اهي هن کي گهڻو چوندا هئا ته هن کي ڪافي حد تائين/گهڻي ننڊ ڪرڻ کپي، پر ايل ڄاڻي پيو ته هن کي ننڊ جي نه پر پنهنجي ڪيميائي تجربن کي جاري رکڻو آ. هن کي خبر هئي ته مال گاڏي ۾ جيڪو موالين لاءِ سگريٽ ڇڪڻ وارو ڊٻو آهي، اهو اڪثر ڪري خالي رهندو آهي، ڇو نه ان کي مان تجربي گاهه بڻائي ڇڏيان، جيڪڏهن هن جون ڪيميائي شيون ۽ اوزار ان گاڏيءَ ۾ ئي موجود هجن، ته هو واندڪائي جي وقت به پنهنجا تجربا ڪري سگهي ٿو. ۽ خاص ڪري ان وقت به جڏهن هڪ ته گاڏي هلندي هجي ۽ ٻيو ته ان وقت جڏهن گاڏي ڊٽراءِ اسٽيسن تي بيٺي هجي. هن پنهنجو اهڙو خيال ريل گاڏي جي ڪنڊيڪٽر/انچارج جي اڳيان رکيو. ۽ هُن کان اجازت گهري.
”مون کي ڪو اعتراض ڪونهي“ ڪنڊيڪٽر چيو. ،” پر اُتي تون جيڪو گند ڪچرو ڦهلائيندين، اهو صاف به تون پاڻ ڪندين ۽ ڏس ان ڳالهه جو به خيال رکجانءِ ته اتي ڪڏهن به باهه وغيره نه لڳي“.
ايل سگريٽ نوشي واري ڪمري/گاڏي ۾ موٽي آيو ۽ ان ڊٻي جو جائزو وٺڻ لڳو. هڪڙي پاسي جي ديوار سان گڏ ڪاٺ جا شيلف لڳائي سگهجن ٿا ۽ ان جي هيٺان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ٿانءَ به رکي سگهجي ٿو. ۽ فرش تي هڪ سوراخ به ڪڍي سگهجي ٿو، هن ڪاٺ جي الماڙين ۽ شيلفن جون تصويرون ٺاهيون، جن جي هن کي ضرورت هئي ۽ ان کان پوءِ اهڙي سمجهدار واڍي جي ڳولا ڪرڻ لڳو، جيڪو هن لاءِ سڀ سامان تيار ڪري سگهي. ريل گاڏي ۾ ڪم ڪندڙ ، ماڻهن هن کي ٻڌايو ته جارج فورٽمر پُل تي هڪ ماهر واڍو آهي، جيڪو نيون شيون ٺاهيندو/تخليقار به آهي. هن پراڻي ريل گاڏي جي ڊٻن کي نيئن طرز ۾ تبديل ڪري شهرت ماڻي هئي. جنهن سان ڏورانهون سفر به نهايت آرامده ٿي ويو هو.
ايل پُل مين جي دڪان تي اچي نڪتو. پل مين جي عمر تقريبن 28 سال کن هئي. هو هِن ٻارڙي جي لاءِ ريل گاڏي جي اُن سموڪنگ واري ڊٻي ۾ شيلف لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
ڪجهه ڏينهن ۾ پل مين ايل جي لاءِ الماڙيون تيار ڪري ڇڏيون. جڏهن ايل هن کي ٻڌايو ته هو ريل گاڏي ۾ ڪم ڪندو آهي ته پُل مين هن سان ريل گاڏي جي باري ۾ تمام گهڻي ڪچهري ڪئي. هُن ٻڌايو ته هِن مسافرن جي ويهڻ لاءِ نون ڊٻن ۾ ڪهڙيون ترميمون/تبديليون آنديون.
پل مين چيو ته ”ريل جي سفر کي وڌ کان وڌ آرامده بنائڻ گهرجي. ڇا ضروري آهي ته ماڻهو سڄي رات جاڳي/ويهي سفر ڪن. هڪ ڏينهن ضرور ايندو جنهن ۾ ڪونه ڪو سرجڻهار/ تخليقار اهڙو ڊٻو ٺاهيندو. جنهن ۾ رات جو سفر ڪندڙ مسافر آرام سان ننڊ ڪندي پنهنجو سفر ڪندا. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اهڙي قسم جو پلنگ ٺاهيو وڃي، جيڪو رات جو وڇائي ڇڏجي ۽ وري ڏينهن جو ان کي فولڊ ڪري ڪرسي بڻائي ڇڏجي.“
”توهان پاڻ اهڙي قسم جو پلنگ ڇونه ٿا ٺاهي وٺو“ ايل هن کان پڇيو.
پُل مين هن اخبار فروش ڇوڪري لاءِ، ريل گاڏي جي ڊٻي ۾ تجربيگاهه جي لاءِ ، هڪ ريڪ ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪيندو چيو، ”ممڪن آهي ڪو اهڙو ڏينهن اچي جو مان ئي اهو ڪم سرانجام ڏيان“.
ان کان پنج سال بعد، مارٽر پل مين پنهنجي پهرئين گاڏي تيار ڪئي، جيڪا جديد نموني جي پهرئين ”خواب گاڏي“ هئي اُن وقت تائين ايل ايڊيسن ٽيلي گراف آپريٽر (تار جو ميمبر) بڻجي چڪو هو ۽ آمريڪا ۾ پنهنجي شهرت جو بنياد رکندي، هيڏي هوڏي سفر ڪري رهيو هو. پر اهو سڀ مستقبل جي ڳالهه هئي.
سن 1859ع ۾ ايل ايڊيسن کي صرف پنهنجي ان وقت جو ئي انتظار هو، جڏهن پل مين ڪاٺ جو سڄو سامان تيار ڪري ڏنو ۽ ايل اهو سامان مال گاڏي ۾ کڻي ويو. هاڻي هو ڪيميائي ۽ بجليءَ جي باري ۾ پنهنجا تجربا ڪري سگهي پيو. جڏهن ريل گاڏي پورٽ هورون کان ڊٽراءِ لاءِ رواني ٿيندي هئي يا وري جڏهن ڊٽراءِ ريلوي اسٽيشن تي اهائي ساڳي گاڏي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺي هوندي هئي.
آهستي آهستي ايل پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي پيءُ جي باغ مان تازا ميوا ۽ سائين ڀاڄين جا ٽوڪرا خريد ڪندو هو. ۽ اُهي مال ڊٻي ۾ رکي ڊٽراءِ کڻي ويندو هو. اتي اهو سڄو سامان هٿ و هٿ سٺي اگهه تي کپائي ايندو هو.
(2)
جنهن گاڏيءَ ۾ ايڊيسن ميوون ۽ اخبارن کپائڻ جو ڪم ڪندو هو. اها ريل گاڏي اصل ۾ مال گاڏيءَ ۽ گاڏيءَ ٻنهي جو ڪم ڪندي هئي. پورٽ هورون ۽ ڊٽراءِ جي وچ واري مفاصلي ۾ گهڻن جاين تي اسٽاپ ڪندي هئي، جتان مسافر نه فقط لهندا هئا پر چڙهندا پڻ هئا. پر ان سان گڏ مال گاڏي ۾ اهو مال لاهيندا ۽ چاڙهيندا پڻ هئا. ڪٿي ڪٿي ته وري مال گاڏي جي ڊٻن کي انجڻ کان ڌار ڪري الڳ ڪري بيهاريو ويندو هو. ۽ وري ڪٿي ڪٿي انجڻ ۾ ڪوئلو ۽ پاڻي به وجهندا هئا. ايل اهو فيصلو ڪيو هو ته گاڏيءَ ۾ اخبار کپائڻ سان گڏ هاڻي هو ننڍين ننڍين اسٽيشنن تي، جتي گاڏي اسٽاپ ڪندي، اتي به اخبارون ۽ ميووا فروخت ڪندو ڊٽراءِ ٽيپهري جيڪا اخبار ڇپجندي هئي، هي اها اخبار وڏي تعداد ۾ وٺي ڇڏيندو هو ۽ ان کان پوءِ تڪڙي تڪڙي ان جون سرخيون پڙهي وٺندو هو. ۽ پوءِ ان ڏينهن جي مڙني خبرن جي هڪڙي بليٽن، ٺاهي/تيار ڪري وٺندو هو. اُن بُليٽن کي هو رستي ۾ ايندڙ مڙني اسٽيشنن تي تار ذريعي اڳ ۾ ئي موڪلي ڇڏيندو هو. هن جا دوست، تار گهر جا ڪارڪن، اُن بُليٽن کي ٿلهن اکرن ۾ لکي وٺندا هئا. ۽ اسٽيشن جي ٻاهر اتي لڳائي ڇڏيندا هئا جتي ڪاٺ جي ٽڪڙن تي ٽائيم ٽيبل لڳل هوندا هئا. اُتي آس پاس جا رهندڙ ماڻهو اُها بليٽن پڙهي وٺندا هئا. ۽ جيڪڏهن انهن جي ڪنهن خبر ۾ دلچسپي هوندي هئي ته اُهي ايل جي اچڻ جو انتظار ڪندا هئا. ته جيئن ايل کان اخبار خريد ڪري سگهن. اسٽيشن ماسترن ۽ اخبار فروشن جي وچ ۾ ايل جي اهڙي تعاون ۾ هن کي وڏو نفعو ٿيو.
1861ع ۾ آمريڪا ۾ خانه جنگي (Civil war) شروع ٿي وئي. جنهن رستي مان ايل جي ريل گاڏي گذرندي هئي. ان جي آس پاس جيڪي ڳوٺن ۽ شهرن جا ماڻهو هن جا دوست ۽ واقف هئا. اهي آمريڪا جي فوج ۾ ملازم هئا. ۽ ماڻهو ٻهراڙي جي حالتن جي باري ۾ هر وقت هر خبر ڄاڻڻ لاءِ بيتاب هوندا هئا. ايل جيڪا پنهنجي بُليٽن جي ذريعي سُرخي/خبر موڪليندو هو. اها ڏينهون ڏينهن مشهور ٿيندي وئي ۽ نتيجي ۾ا يل جي منافع ۾ ڪافي اضافو ٿيو. جڏهن اپريل 1862ع ۾ شلوا جي پهرئين جنگ لڳي ته ايل کي اها خبر هٿ اچي وئي. هن ڊٽراءِ جي اخبار جون هڪ هزار ڪاپيون خريد ڪيون ۽ ان رڳ ڪانڊاريندڙ خبر کي پنهنجي بُليٽن جي ذريعي وچ ۾ ايندڙ مڙني اسٽاپن، اسٽيشنن ڏي تار ذريعي موڪلي ڇڏي. هر اسٽيشن تي اخبار وٺڻ وارن جي لائين لڳل هئي. ماڻهن جو انبوهه هن جي انتظار ۾ هو ته جيئن ئي هي اچي ته هن کان اخبار خريد ڪيون. پر اسٽيشن تي هن پنج سينٽ ۾ هڪڙي اخبار فروخت ڪئي. ان کان علاوه اڳين/ايندڙ اسٽيشنن ۾ رش وڌندي وئي. ان ڪري ايل اخبار جي قيمت پنج سينٽ کان وڌائي ڏهه سينٽ ڪري ڇڏي ۽ آخري اسٽيشن ۾ اخبار 25 سينٽ تي کپائي. ان هڪڙي ڏينهن ۾ ايل هزار ڪاپيون اخبار جون فروخت ڪيون ۽ هن هڪ سو کان به مٿي ڊالر ڪمايا. هن جيترو عرصو اِن گرانٽ ريلوي اسٽيشن تي ڪم ڪيو هو هڪڙي ڏينهن ۾ ان کان وڌيڪ نفعو ڪمايو.
اخبار جي ان ڌنڌي مان هن سوچيو ته ڇونه هو پنهنجي هفتيوار اخبار ڪڍي. ڊٽراءِ ۾ هن کي هڪ ننڍي ۽ پراڻي پريس ملي وئي. جيڪا پريس هوٽلن ۾ کاڌن جي فهرست ڇاپڻ جو ڪم ڪندي هئي. هن اها پريس خريد ڪري ڇڏي، ان سان گڏ هن ڪجهه ٽائيپ ۽ ڪاغذ به خريد ڪري ڇڏيا. ان سڄي سامان کي هن اچي ان مال ڊٻي ۾ رکي ڇڏيو، جتي هن جي ڪيميائي تجربگاهه اڳ ۾ ئي موجود هئي. هفتي ۾ هڪ دفعو هو پنهنجي اخبار ”هفتيوار هيرالڊ ڪڍندو هو. ان اخبار جي قيمت 3 سينٽ في ڪاپي هوندي هئي. ۽ هر مهيني لاءِ انجي قيمت 8 سينٽ هن اڳواٽ وٺڻ لاءِ رکي ڇڏي. جلد ئي هن جي پڙهندڙن جو تعداد چار سو تائين وڃي پهتو. ايل پنهنجي اخبار جو ايڊيٽر به هو ۽ رپورٽر به. ڪمپوزر به پاڻ هو ته ناشر به. ۽ وڏي ڳالهه ته کپائيندو به پاڻ هو. هڪ انگريز ايل جي هن هفتوار اخبار جي ڪاپي خريد ڪئي ۽ هو ان کان ايترو متاثر ٿيو جو هن هڪ مختصر مضمون لکي لنڊن جي اخبار ”لنڊن ٽائيمز“ وارن ڏانهن موڪلي ڇڏيو. لنڊن ٽائيمز ان مضمون کي شايع ڪيو ۽ اهڙي نموني سان ايلوا ايڊيسن جي تعريف ڪئي ته هي اهڙي اخبار جو مالڪ آهي جيڪا هلندڙ گاڏي ۾ ڇپجي ٿي ۽ هلندڙ گاڏيءَ ۾ ئي وڪامجي ٿي. انگريزي اخبار ۾ پهريون دفعو ايڊيسن جو نالو ڇپيو هو. پوءِ ان اخبار ڪيترائي دفعا ايڊيسن جو نالو شروع ڪيو.
(3)
1962ع جو سال هو ۽ آگسٽ مهينو هو. گرانڊ ٽرنڪ ريلوي تي هلندڙ ريل گاڏي، مال ڊٻن کي هڪڙي پاسي ڇڏي اچڻ لاءِ مائونٽ ڪليمز اسٽيشن تي بيٺي. انجڻ، گاڏيءَ جي ڊٻن کي ٻي پٽڙي تي ڇڏي اچڻ لاءِ رواني ٿي وئي. ٿوري دير کان پوءِ ايل به مال ڊٻي مان لهي ٻاهر نڪري آيو. اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ تار کاتي جي هڪ ملازم جو پنجن سالن جو ٻارڙو نالي جمي ميڪنزي هن عمارت کان ٻاهر واري ريل جي پٽڙي جي ويجهو راند ڪري رهيو هو. ان عمارت ۾ هن جو پيءَ ڪم ڪري رهيو هو. جمي پٽڙي ۽ ڪنڪرين جي گهر ٺاهڻ ۾ مگن هو.
”اڙي جمي“ ايل سڏ ڪري هن کي پڪاريو. پر راند ۾ مصروف هن ٻارڙي ان سڏ کي نه ورنايو ۽ پنهنجي ڌن ۾ مگن رهيو. جمي جي پي ميڪنزي سان ڪجهه دير گفتگو ڪرڻ کان پوءِ، ايل اسٽيشن کان ٻاهر اچي ويو. مال گاڏيءَ جا ڪجهه ڊٻا ريل جي پٽڙي تي ڀڄندي اچي رهيا هئا. جمي جيڪو پٿرين جو گهر ٺاهي رهيو هو. ان کي ڪجهه پٿرين جي کوٽ محسوس ٿي. ان ڪري هو ڪجهه پٿريون ميڙڻ لاءِ ريل جي پٽڙي ڏي وڌيو جيڏي مهل هو ٻنهي ريل جي پٽڙي جي وچ ۾ پٿريون ڳولڻ ۾ مصروف هو ان وقت مال گاڏيءَ جا ڊٻا، هِن ڏي ڏاڍي تيزي سان وڌي رهيا هئا. پر هن جو ڌيان ان ڏي نه هو.
ايل هن کي خبردار ڪرڻ لاءِ رڙ ڪئي. ان وقت ڊٻي کي بريڪ هڻڻ واري شخص ٻارڙي کي ريل جي پٽڙين ۾ ڏٺو. خوف جي ڪري هن جي چهري جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. ڊٻي جي ڇت سان لڳل لوهه جي ڦيٿن کي هن تيزي سان ڦيرائڻ شروع ڪيو. ان زماني ۾ پراڻي ڍنگ جا بريڪ اهڙي ريت لڳايا ويندا هئا. ايل هڪ گهڙي جي به دير نه ڪئي ۽ هڪدم پٽڙي ڏي ڀڳو. هن ڊڄندي ٻارڙي کي جهپ هڻي، پٽڙين جي ٻي پاسي ٽپو ڏنو. ۽ اهڙي ريت ٽپو ڏيڻ ڪري، هو پٿرن تي وڃي لڳو ۽ ڪِري پيو ۽ پوءِ وري پاڻ نه سنڀاليندي ويجهي کاهي ۾ وڃي ڪريو. اهڙي ريت مال گاڏي جا گاڏا ريل تي گسڪندا، گهلنجندا، اڳتي وڌي ويا.
پٿرن تي ڪِري پوڻ سان جمي جا گوڏا رهڙجي پيا هئا. ۽ ان ڌڪ جي ڪري هن جو مٿي به سڄي ويو هو. ايل پاڻ کي سنڀالي اٿي کڙو ٿيو. ايڊيسن پٿرن سان ٽڪرائجي وڃڻ جي ڪري هن جي ڪوٽ جون ٻانهون ڦاٽي پيون هيون. بريڪ لڳائيندڙ جي رڙ تي مڪينزي پنهنجي تار جي مشين کان منهن هٽائي هن ڏي ڏٺو. هو ڀڄندو ٻاهر نڪري آيو. ۽ پنهنجي ٻارڙي کي سيني سان کڻي لاتو. هن جي اکين ۾ ٿورا مڃڻ وارا ڳوڙها ڀرجي آيا. ايل جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڏيئي هن چيو. ”خدا جو شڪر آهي تو منهنجي ٻچي جي جان بچائي. مان غريب ماڻهو آهيان توکي انعام ۾ ڏيڻ لاءِ مون وٽ پئسا ڪونه آهن.
پر مون کي تار موڪلڻ جو هنر چڱي طرح اچي ٿو، جيڪڏهن تون چاهين ته مان توکي اهو هنر سيکاري سگهان ٿو. ۽ هن لائين تي سڀ کان اعليٰ درجي جي تار موڪلڻ ۽ حاصل ڪرڻ وارو ڪارڪن ڪري سگهان ٿو.
ايل ميڪنزي جي ان پيشڪش کي قبول ڪري ورتو. جمي جي پيءُ کان تار جو ڪم سکي وٺڻ لاءِ هن پنهنجي روز مرهه جي معمول واري ڪم ۾ ٿوري تبديلي ڪئي. هاڻي هو پورٽ هورون کان مائونٽ ڪليمز تائين گاڏي ۾ حسب معمول ڪم ڪندو هو. پر مائونٽ ڪليمز پهچي هو گاڏيءَ مان لهي ايندو هو ۽ هن ماهر استاد کان تار موڪلڻ جو طريقو سکندو هو. جڏهن منجهند کان پوءِ واپس ايندڙ گاڏي مائونٽ ڪليمنز پهچندي هئي ته پوءِ وري هي گاڏي ۾ چڙهي پوندو هو ۽ اتان کان پورٽ هورون تائين بدستور پنهنجو ڪم ڪندو رهندو هو.
مڪينزي جي فني تربيت ۽ رهنمائي جي ڪري، ايل تمام جلدي هڪڙو ڪامياب ۽ تيز رفتار ٽيليگرافر بڻجي ويو. جڏهن هن مائونٽ ڪليمنز ۾ ميڪنزي Mackenzie کان تار جي باري ۾ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ورتو جيڪو هُو سيکاري سگهي پيو ته پوءِ. هو وري گرانٽ ريلوي تي پنهنجي مال ڊٻي ۾ سڄو وقت گذارڻ لڳو. هاڻي هي اڳ کان وڌيڪ مصروف ٿي ويو هو، ڇو ته هي اخبار کپائيندو هو. اخبار شايع به ڪندو هو. ۽ ان سان گڏ هي ڪيميائي تجربا ۽ تار موڪلڻ وارو ڪم پڻ ڪندو هو، دنيا جي تاريخ ۾ ايترا ڪم انجڻ جي پويان تيزي سان ڊوڙ پائيندڙ ريل گاڏيءَ ۾ نه ٿيا.
هڪ ڏينهن فريز اسٽيشن تي ايل گاڏي مان لٿو ۽ پليٽ فارم تي اخبار کپائڻ لاءِ گهمندو ڦرندو رهيو. هن کي خبر ئي نه پئي ته ڪا هن کان گاڏي ڇُٽي وئي آهي. ايل گاڏي ۾ چڙهڻ جي لاءِ، ريل گاڏي جي پويان ڊڪ پاتي. جيئن تيئن ڪري هن ريل گاڏي جي دروازي واري هينڊل/هٿئي ۾ هٿ وڌو. ٻي هٿ ۾ هن وٽ اخبارن جو ڍير هو. تيز ڀچڻ جي ڪري هن کي سهڪو ٿيو. هن ۾ ايتري طاقت نه هئي جو هو زور لڳائي گاڏي ۾ چڙهي پوي. هو اهڙي طرح هٿيي سان چُهٽيل رهيو پر دل ئي دل ۾ هن کي ڊپ ورتل هو ته ڪٿي هن جون ٽنگون ڦيٿن ۾ نه اچي وڃن ۽ هو جهٽڪي سان گاڏيءَ جي هيٺان نه اچي وڃي. ڊٻي جي اندر ويٺل، بريڪ لڳائيندڙ شخص ايڊيسن جي خراب حالت ڏٺي. هو ايڊيسن تائين اچي نڪتو ۽ هن کي ٻنهي ڪنن کان پڪڙي ڇڪي مٿي ڪيو ۽ گاڏيءَ ۾ اندر آندو.
جڏهن بريڪ لڳائيندڙ هن کي ڪنن کان وٺي ڇڪي رهيو هو. ان وقت ايل کي پنهنجي دماغ ۾ ڪا شي ڦاٽي پوڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، اهڙي ريت هڪ دم زور پوڻ جي ڪري ڪنن جي نازڪ پردن تي اهڙي چوٽ لڳي هئي، جنهن جو اثر هن تي مستقل/هميشھ لاءِ رهيو. ان جي ڪجهه عرصي کان پوءِ ايڊيسن جي ٻڌڻ واري صلاحيت ڪمزور ٿيندي وئي. ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو. هن جي ٻڌڻ واري صلاحيت ويتر ڪمزور ٿيندي وئي. ۽ آخرڪار ايڊيسن مڪمل طور تي ٻوڙو ٿي .
سن 1859ع کان 1862ع تائين ايل هڪ گرانڊ ٽرنڪ ريلوي ۾ اخبار فروش، ڪيميائي سائنسدان، ناشر، ٽيليگراف آپريٽر ۽ بجلي جي سائنسدان جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. هاڻي هن جي 15 هين سالگراهه اچي پهتي هئي. نوان نوان همٿائيندڙ واقعا هن جو انتظار ڪري رهيا هئا. ۽ اهي اهڙي نموني سان ظاهر پئي ٿيا، جن جو اڳ ۾ ظاهر ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه هو.