شخصيتون ۽ خاڪا

ٿامس ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

ٿامس ايڊيسن ننڍي ماڻهوءَ مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ هن هزارين ايجادون ڪيئن ڪيون؟ هن ڪهڙي عمر کان وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟ هن جون ايجادون ڇا آمريڪي ماڻهن تائين محدود هيون؟ هن پنهنجو نالو ڪيئن بيهاريو؟ هن پنهنجي ملڪ جو نالو ڪيئن روشن ڪيو؟ هن وٽ آخر ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي جنهن جي ذريعي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان پنهنجي زندگي جا رخ ڪيئن ٿو موڙي سگهي، ۽ ڪاڏي ٿو موڙي سگهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب هن ڪتاب ۾ موجود آهن.
Title Cover of book ٿامس  ايڊيسن (عظيم سائنسدان جي دلچسپ ڪهاڻي)

نوان آباد ڳوٺ

(1)

ڊسمبر 1837ع جي هي ڳالهه آهي. جڏهن رات جا ڏهه ٿيا هئا، ڪناڊاڪاـ ننڍڙو ڳوٺ برف جي سفيد چادر ويڙهي گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو. آسمان ۾ تارا هيرن جيان چمڪي ۽ ٻهڪي رهيا هئا ۽ هڪڙو ماڻهو اوندهه ۾ غرق ٿيل گهرن جي پاسي کان برف تي هلندو پئي ويو. پگ اسٽريٽ جي ڪنڊ کان هو مُڙي پيو، هن تيز ٻرانگهون کڻڻ شروع ڪيون. ٻي لمحي وري هو هڪ هوٽل جون ڏاڪڻون چڙ هندي نظر آيو. هي هوٽل ان ڳوٺ ۾ هڪڙو ئي سهي پر نهايت خوبصورت ۽ دلفريب هو. دروازي تي پهچي، هن پنهنجي پيرن کي زور سان زمين تي مٿي ڪري هيٺ هنيو، ته جيئن هن جي جوتن ۾ ڄميل برف ڇڻي هيٺ ڪِري پوي.
پيرن جي آواز سان ئي، هڪدم هن جي پاسي وارو دروازو کلي پيو. دروازي مان روشني ٻاهر اچي رهي هئي. ۽ اُتي هڪ عورت بيٺي هئي. عورت چيو. ”سام“ جلدي سان اندر اچ، توکي ٿڌ لڳي وئي هوندي. هن شخص پنهنجن پيرن کي آخري دفعو جهٽڪو ڏنو، ۽ پنهنجي گهرواريءَ جي پويان پويان چمڪندڙ ڪمري ۾ داخل ٿيو ويو. اندر داخل ٿي هن دروازو بند ڪري ڇڏيو. ۽ پنهنجي مٿي تان لوهه واري وزني ٽوپي لاهي ڇڏي. ليمپ جي روشني ۾ هن جا وار چاندي جي تارن جيان چمڪي پيا. سيموئل ايڊسن جونيئر جي عمر اڃان 33 سال هئي. پر هن جا وار 21 سالن جي عمر ۾ اڇا ٿي ويا هئا. هن جو قد 6 فوٽ ۽ 2 انچ هيو. هو پنهنجي گهرواري کان ڪافي ڊگهو لڳندو هو.
مسز ايڊسن چيو،
”اچ اندر ڪمري ۾ هٿ سيڪ، توکي ايڏي دير ڇو ٿي وئي“؟.
هو ڊگهو، ٿلهو متارو، ڪشادي ڪلهن وارو شخص هڪ ڪرسي ۾ ويهي رهيو. هن پنهنجا پير ڊگهيڙيا ۽ چيو، ”ڪلاڪ کن اڳ ۾ هڪ پيامبر آيو هو، ڪيپٽن ميڪسنزي چاهي ٿو ته اسان فورن ٽورنٽو پهچي، هن سان ملون. اسان جي ونيا جا رضاڪار اڄ آڌي رات جو هتان نڪري ويندا“
نينسي Nancy ايڊسن جو، حيرت منجهان وات پٽجي ويو . هن کي خبر هئي ته هن جو مڙس ۽ ونيا جا ٻيا ماڻهو ڪيترن ئي مهينن کان رات جو خفيه اجلاس ڪري رهيا آهن. هن کي اها به خبر هئي ته هنن خفيه طور تي آمريڪا کان هٿيار ۽ بارود به گهرائي ورتو آهي. هؤ ڄاڻي پئي ته وليم ليون ميڪسنزي ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو ڪناڊا ۾ جمهوري حڪومت جا خواهشمند هئا. ڪناڊا جي حڪومت جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو منصوبو تيار ٿي چڪو هو.
”جيئن جيئن اسان جهنگلن مان ٿيندا اڳتي وڌندا هلنداسين، ته ٻيا رضاڪار اسان سان ملندا ويندا“. هن جو مڙس چوندو رهيو.
هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ اسان ٽورنٽو پهچي وينداسين. جڏهن به ڪيپٽن ميڪسنزي جو اشارو ٿيندو، اسان ٽورنٽو تي قبضو ڪري، ليفٽيننٽ گورنر کي قيد ڪري ڇڏينداسين. پوءِ اسان اهو مطالبو ڪري سگهنداسين ته اسان جا ٽيڪس گهٽ ڪيا وڃن، ۽ برطانوي حاڪم ان ڳالهه جو يقين ڪرائين ته اسان جا حق اسان کي ملي ويندا“.
مسز ايڊيسن کي ڳڻتي وٺي وئي، فڪرمند ٿيندي چيائين ”پر حڪومت ڪيڏي مضبوط آهي، ۽ ميڪسنزي جا ماڻهو ڪيڏا ڪمزور ۽ تمام ٿوري تعداد ۾ آهن.
مون کي ڊپ ٿو لڳي ته ڪٿي ڪجهه توکي ٿي نه وڃي“.
چري! تنهنجو ڏاڏو به انقلابي فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو. ۽ ان وقت تائين انگريزن جي خلاف وڙهندو رهيو هو. جيستائين آمريڪا کي قومي آزادي نه ملي هئي. ڪيڏا سٺا آمريڪا جا ماڻهو هيا. اسين ميڪسنزي جا سپاهي به ظلم جي خلاف اهڙي جنگ جوٽڻ پيا وڃون. اسان چاهيون ٿا ته برطانوي حڪومت اسان کي اهي سڀ حق ڏيئي ڇڏي. جيڪي پيدائشي طور تي آزاد فرد جي حيثيت سان اسان کي ملڻ کپن ۽ مان چاهيان ٿو ته ان حقن جي حاصلات لاءِ مان به مدد ڪيان“.
نينسي Nancy فڪرمند ضرور هئي، تاهم هن جي چپن تي مسڪراهٽ اچي وئي“ انگريز حڪومت جي خلاف تنهنجي واتان جنگ جون ڳالهيون ڪرڻ ڏاڍو پُرلطف لڳي ٿو. ڇا توکان اها ڳالهه وسري وئي آ ته تون ڪيپٽن سيموئل Samuelايڊيسن جو پُٽ آهين، جنهن 1812ع واري جنگ ۾ اونيٿريو کي آمريڪي حملي کان بچائڻ ۽ انگريزن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪناڊا جي رضاڪارن جو هڪ گروهه منظم ڪيو هو“.
”نه، نه!،“ هُن مسڪرائي چيو. مون بابا کي نه وساريو، مون کان ته اها ڳالهه به نه وسري ته پوڙهو ”ٽوڊي جون“ جيئن ته سڀ ماڻهو منهنجي ڏاڏي کي ان نالي سان سڏيندا آهن، هڪ اهڙو آمريڪي آهي، جنهن آمريڪا جي آزادي واري جنگ ۾ انگلستان جي شاهه جارج جو ساٿ ڏنو هو، اونيٿريو جي اڌ کان مٿي آبادي ان ڳالهه کان واقف آهي ته ٽوڊي جون نيو جرسي ۾ ان وقت تائين قيدي رهيو، جيسين هو جنرل جارج واشنگٽن جي فوجن کي ان ڄار مان ڪڍي ڪناڊا پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ويو هجي. منهنجي بابا ۽ ڏاڏي ٻنهي کي خبر آهي ته مان ڇا ڪري رهيو آهيان. انهن جو چوڻ آهي ته مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جنهن / جيڪو مان صحيح سمجهان ٿو. شايد اهي ماڻهو به هاڻي نئين ملڪه وڪٽوريا کي پسند ايترو نه ٿا ڪن. جيترو ڪڏهن شاهه جارج کي پسند ڪندا هئا.
ٿورو اڳتي وڌي هن پنهنجي گهرواري جو هٿ پنهنجي مُٺ ۾ پڪڙي، ڀڪوڙيندي چيو ته، ”آخر مان ڪناڊين جي نسبت آمريڪي ٿورو وڌيڪ آهيان. کڻي ڇا به ٿي پوي، مان ڪناڊين ۾ جمهوريت جي قيام ۾ حصو/بهرو وٺڻ وڃان پيو، چاهي ان ڪري مون کي وڙهڻو به ڇو نه پوي. هاڻي هڪڙي ڳالهه غور سان ٻُڌ! منهنجي وڃڻ کان پوءِ به تون اهڙي ساڳي ريت هوٽل هلائيندي رهجانءِ، جيئن هيل تائين هوٽل هلندي آئي آهين“.
”پياري! ٿورو ليمپ ته هيڏي/اورتي آڻ. مان وليم ۽ ٽينسي کي الوداع چوڻ چاهيان ٿو“. مسز ايڊسن تيل جي ليمپ/ڏيئي کي هٿ ڏيئي (وسامجڻ کان بچائڻ لاءِ) پنهنجي ور جي پويان پويان ان ڪمري ۾ پهتي، جتي هن جا ٻارڙا سُتا پيا هئا. هڪڙي هنڌ ۾ ڇهن سالن جو ڇوڪرو ڪنمبل تاڻي سُتل هو. ان جا فقط مٿي وارا ڀورا وار نظر اچي رهيا هئا. ڊگهي قدآور مڙس جهڪي، آهستي هن جي وارڙن کي چُمي ڏني. ٻئي هنڌ ۾ 5 سالن جي ميسني ستل هئي. جيئن هن جو پي هن جي چهري ڏانهن جهڪيو، هُن ننڊڙي نينگر پنهنجي سر/ڳاٽي/مٿي کي ٿورڙو لوڏيو. ۽ اهڙي ريت هن جو معصوم چهرو ڪنمبل مان ٻاهر نڪري آيو. سيموئل ايڊيسن آهستي هن جي پيشاني تي چمي ڏني، پوءِ وري آهستي آهستي ٻاهر نڪري آيو.
ايڊيسن پنهنجو وزني/ڳرو ڪوٽ ۽ لوهه واري ٽوپي پائي ئي رهيو هو ته هن جي گهرواري پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وئي ۽ اتان گدو/فوم مٿي ڪري ۽ هن جي هيٺان کان هڪ بندوق ڪڍي، جيڪا آمريڪا مان ڪناڊا لڪائي آندي وئي هئي. هوٽل جي ٻاهرئين دروازي وٽ پهچي، مسز ايڊسن اُها بندوق پنهنجي گهرواري/مڙس جي هٿ ۾ ڏني. ۽ هُن کي بوسو ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو منهن مٿي اُڀو ڪري بيهي رهي. جڏهن هن جو مڙس هليو ويو. ته هن دروازي کي اندران تالو هڻي ڇڏيو. سام ان برفاني رات ۾ اڳتي وڌندو رهيو ۽ ڪجهه ئي دير کان پوءِ اکين کان اوجهل ٿي ويو.
سيموئل ايڊسن ٽورنٽو نه پهچي سگهيو، هن جي اُتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪيپٽن وليم ليون ميڪسنزي، پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏجي شهر تي قبضو ڪرڻ ۽ ليفٽيننٽ گورنر کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ جيڪا ويڙهه ٿي، ان ۾ آزاديءَ جي مجاهدن کي شڪست ٿي ۽ انهن کي ڀڄڻو پئجي ويو. انهن مان ڪجهه ماڻهو سيموئل ايڊيسن کي جهنگ ۾ مليا. ڪجهه ماڻهن جو اهو چوڻ هو ته ميڪسنزي لڙائي جو ميدان ڇڏي، ڀڄي وڃي، نياگر درياءَ جي هڪ جزيري ۾ پناهه ورتي آهي. ڪجهه ماڻهن جو وري اهو خيال هو ته هو سر/جان بچائي آمريڪا ڀڄي ويو. اها ڳالهه سڀني کي خبر هئي ته حڪومت 400 انگريز سپاهين، سو ڪناڊين رضاڪارن، ۽ سو مقامي ماڻهن جي هڪ فوج تيار ڪري ڇڏي آهي. اها فوج ڪرنل ميڪ نيب جي سربراهي/اڳواڻيءَ ۾ برينڊ فورڊ پهچي چڪي هئي. ۽ هاڻي دنيا ڏي وڌي رهي هئي.
شڪست کاڌل/هارايل ماڻهن هن کي اها صلاح ڏني ته، ”هڪدم گهر موٽ، ۽ ايستائين اتي لڪي ويهي رهه، جيستائين تلاش جاري آهي ۽ پوءِ تيستائين لڪي ويهي رهه ، جيستائين اسان انقلاب لاءِ هڪ دفعو ٻيهر گڏ ٿي ڪا حڪمت عملي نه ٺاهيون. سيموئل ايڊيسن هڪدم پنهنجي گهر ڏي روانو ٿيو.
”مان هتي نه ٿو رهي سگهان، ڇو ته اهو طئي آهي ته هوٽل جي تلاشي ٿيندي“. سام پنهنجي گهرواري نينسي کي چيو. ”مان پنهنجي بابا ڏي وڃان پيو. ۽ ان جي فارم ۾ لڪي ويندس. بابا يا منهنجي ماٽيلي ماءُ توکي منهنجو اطلاع ڏيندا رهندا.“
سام تڪڙي نڪري پيو ۽ وينا کان ٻاهر تقريبن هڪ ميل پري ڪيپٽن سيموئل ايڊيسن جي فارم ۾ وڃي نڪتو.
ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ، ڪرنل ميڪ نيب جي مختصر فوج وينا ۾ داخل ٿي ۽ هوٽل ۾ به آئي. سپاهي هوٽل جي هيٺان کان مٿي تائين تلاشي وٺندا رهيا. ۽ گول گول اکين وارو وليم، ۽ ڊنل ٽيني پنهنجي ماءُ جو چولو پڪڙي، هن سان چُهٽيا رهيا. فوجين جي هوٽل ۾ داخل ٿيڻ واري هُٻڙ ڌٻڙ ۽ افراتفري ۾ هوٽل جي هڪ ملازم کي موقعو ملي ويو ۽ هو پاسو وٺي، اتان کسڪي، ڪيپٽن سيموئل ايڊيسن جي ٻني ڏي ڊُڪ پاتي. ته جيئن هو سام کي اها خبر پهچائي سگهي ته. ٿوري دير کان پوءِ سپاهي ٻنيءَ تائين به اچي نڪرندا.
سام ڀاڄين واري فصل ۾ لڪل هو. هو ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي پيءَ کي چيائين، ”بابا! اهو مناسب ٿيندو جو مان هتان نڪري جهنگل ۾ وڃي لڪان، ۽ پوءِ آمريڪا پهچڻ جي ڪوشش ڪيان. مون کي انهن فوجين جي پهچ کان ڀڄي وڃڻ ۾ موقعو فراهم ڪيو. ۽ توهان انهن فوجين کي جيترو ٿي سگهي ڳالهين ۾ محو ڪيو ۽ منجهايو. سپاهي شايد ڏاڏا سائين جي گهر جي به تلاشي وٺندا، ۽ ان کي به چورائي موڪليو ته هو به هؤ به جيتري دير ممڪن هجي سپاهين کي هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ محو رکن، منجهائي مصروف رکن. مان هتان کان ”ڊٽرا“ “Detroit’ڏي رُخ ڪندس. ۽ پوءِ جيئن ئي مون لاءِ خط لکڻ ممڪن ٿيو مان توهان ڏي خط لکندس“.
هن ڪوٽ جي کيسن ۾ ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون وجهي ڇڏيون ۽ پوءِ شڪاري بندوق کڻي جهنگ جو رُخ ڪيو. ۽ جنوبي سرحدن ڏي وڌڻ لڳو. ڪيپٽن ايڊيسن هڪدم پنهنجي پوڙهي پيءَ ”ٽوڊي“ ڏي روانو ٿي ويو، ته جيئن هن کي صورتحال کان آگاهه ڪري سگهي.
هوڏانهن ڪيپٽن ايڊيسن جي ماٽيلي ماءُ مسز ايڊيسن ملازمن کي هدايتون ڏنيون ته هو وڃي پنهنجو ڪم ائين شروع ڪن، جاري رکن/لڳي وڃن ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي ۽ فارم وري پر سڪون ٿي ويو.
ٿوري دير کان پوءِ مسز ايڊيسن جي ڪنن ۾ فوجي ڪڙڪيدار، رڙين جو آواز پيو. هو اڱڻ تي در وٽ آئي، اتي ڪرنل ميڪ نيب بيٺو هو، هن جيڪو ڪجهه چيو، هي اهو سڀ ڪجهه ڌيان سان ٻڌندي رهي.
”منهنجو مڙس ڪيپٽن ايڊيسن گهر ۾ موجود ڪونهي“
هُن چيو.
مان هتي پنهنجن ٻارن ۽ ملازمن سان اڪيلي رهندي آهيان. مون کي سيموئل ايڊيسن جونيئر جي ڪا خبر ناهي“.
ڪرنل چيو، ”مون کي حڪم آهي ته تنهنجي گهر جي تلاشي وٺان“. مسز ايڊيسن ڪاوڙ ڪندي، ڪمري ۾ اندر هلي وئي، ۽ چيائين:
”جيڪڏهن توکي منهنجي ڳالهه تي شڪ آهي ته اچ، اندر اچي تلاشي وٺ. ڪرنل ميڪ نيپ تلاشي وٺڻ جو حڪم ڏنو. سپاهي گهر ۾ گهڙي پيا. پر جنهن شخص کي هو ڳولڻ چاهن پيا، ان جو هنن کي نالو نشان نه مليو. گهر جي تلاشي کان پوءِ سپاهي مرغي خانو، هر فصل ۽ اصطبل (گهوڙن جي ٻڌڻ واري جاءِ) ويندي ڀاڄين جو فصل به نه ڇڏيائون. جتي ٿورو وقت اڳ ۾ نوجوان سام لڪل هو.
جڏهن سپاهي پريشان ٿي ٻيهر قطار ٺاهي بيهڻ لڳا ۽ واپسي جي ڪرڻ لڳا ته مسز ايڊيسن لڪي لڪي گهر کان ٻاهر نڪري پئي. هُن اهو ڏٺو ته سپاهين هن کي ڏسي ورتو آهي. ۽ اهو ظاهر ڪندي ته هو هن کان اک وٺي نڪري وڃڻ چاهي ٿي. اصطبل کان ٿيندي مرغي خاني ۽ مرغي خاني کان وٺي سبزي جي ٻنيءَ ڏانهن وئي. اُتي هُو هڪ اونداهي ۽ ويران عمارت ۾ داخل ٿي وئي. ڪجهه گهڙيون هُو اتي ترسي پئي، ۽ ان کان پوءِ ٻاهر نڪري آئي. جڏهن سپاهي به هن جو پيڇو ڪندا هن جي ويجهو پهتا ته هن ڇرڪ ڀريو، ٻه ٽي قدم اڳتي وڌائي ۽ وري واپس ٻنيءَ ڏانهن لڙي پئي. هن دروازو بند ڪري ڇڏيو. ۽ ان جي اڳيان مضبوط ٿي بيهي رهي.
هڪ سپاهيءَ چيو: ”مادام، معاف ڪجو اسان کي هڪ دفعو ٻيهر ان واڙي جي تلاشي وٺڻي آهي.“
مسز ايڊيسن جواب ڏنو، ”جناب! توهان ٿوري دير اڳ ۾ هن جي تلاشي ته وٺي چڪا آهيو“.
”اسان کي ان جي ٻيهر تلاشي وٺڻي آهي، مهرباني ڪري دروازي کان پري ٿي وڃو.“
”مان هتان بلڪل نه هٽنديس“، هن وڏي آواز سان رڙ ڪندي چيو. ”توهان هڪ عورت سان زبردستي نه ٿا ڪري سگهو“. ۽ هؤ دروازي تي مضبوطي سان ڄمي بيٺي رهي.
سارجنٽ/سپاهي حيران ۽ پريشاني جي عالم ۾ مبتلا ٿي ويا. هُن هڪدم مسز ايڊيسن جي ان رويي جي خبر ڪرنل ميڪ نيپ تائين هڪ سپاهي ذريعي پهچائي.
ڪرنل هڪدم اُتي پهچي ويو. هن مسز ايڊيسن سان اصرار ڪيو ته هوءَ دروازي کان پري هٽي بيهي. پر نه هوءَ اتان هٽي ۽ نه ئي وري هن ڪرنل کي ڪو جواب ڏنو.
پوءِ ڪرنل ٻن سپاهين کي حڪم ڪيو ته هن کي پڪڙي هتان/دروازي کان هٽائي بيهاريو.
پر جڏهن هوءَ دروازي کان پري ٿي ته هن جي چپن تي هلڪي ٽوڪ واري انداز ۾ مسڪراهٽ اچي وئي. سپاهين دل تي ان واڙي جي تلاشي ورتي، جڏهن اهي ٻاهر نڪتا، مسز ايڊيسن کلي ڏنو. سپاهين سمجهيو ته هوءَ ان ڪري کلي پئي ته اهي هُن جي ماٽيلي/ويڳي پٽ کي لڪڻ واري جاءِ ۾ ڳولهڻ ۾ ناڪام ويا. ان ڪري هُنن وري به سبزين واري واڙي جي هڪ دفعي ٻيهر تلاشي ورتي. نيٺ انهن کي پڪ ٿي وئي ته مفرور سيموئل ايڊيسن اتي موجود ناهي. ته ڪرنل ميڪ نيب پنهنجن سپاهين کي اُتان وٺي نڪري ويو. هن ويل مسز ايڊيسن واقعي ئي دل کولي کِلي ڇو ته هن مفرور سام کي سپاهين جي دسترس کان پري نڪري وڃڻ لاءِ 15 قيمتي منٽ حاصل ڪري ورتا هئا.
ايڊيسن جي فارم جي تلاشي وٺڻ کان پوءِ سپاهي پوڙهي ٽوڊي جون جي فارم ۾ پهچي ويا. هن پوڙهي ماڻهو به، جنهن جي عمر 87 سال هئي، سپاهين کي ٿوري دير لاءِ منجهائي وڌو. آخر جڏهن ڪرنل ميڪ نيپ به ڳالهه کي سمجهي ويو ته سيموئل ايڊيسن وينا کان ڀڄي ويو آهي ته ۽ هو پنهنجي ڪنهن مٽ مائٽ جي گهر ۾ ترسيل لڪل نه آهي. اوڏي مهل اوندهه ٿي چڪي هئي. اهو سوچي ڪري ته سام سڌو ڏکڻ واري سرحد ڏي ويو هوندو، ڪرنل ميڪ نيپ پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته اهي سام جو جهنگل ۾ پيڇو ڪن. ۽ پاڻ باضابطو فوج جا سپاهي وٺي سام کي رستي ۾ ئي سوگهو ڪرڻ لاءِ هر رستي روڊ تي نڪري پيو.
ان کان پوءِ پنهنجي سفر جي دوران، رونما ٿيندڙ واقعن کي سام ايڊيسن ڪڏهن به نه وساري سگهيو. ڪيترن سالن کان پوءِ، پنهنجن ٻارڙن کي هِن 180 ميل سفر جو حال ٻڌائيندي تمام گهڻو مزو ايندو هو. جيڪو سفر مشڪل ترين رستن ۽ خطرناڪ جهنگل مان ٿيو ۽ اهو به ان وقت جڏهن هر پاسي برف ڄميل هجي. ڪيترن ڏينهن تائين هن کي تازو کاڌو نصيب نه ٿيو هو. ڇو ته هو ان خوف کان باهه ٻاري نه پئي سگهيو ته ڪٿي گِدهه/ڳجهه جيان تيز نظر رکندڙ سپاهي دونهين کي ڏسي، اندازو نه ڪري وڃن/وٺن ته هو ڪٿي آهي.
ڏينهن جو هو برف جي وزن کان جُهڪيل وڻن جي هيٺان ڪجهه ڪلاڪ آرام ڪندو هو. هن کي انهن گهرن جي ماڻهن تي اعتبار نه هوندو هو،“ جيڪي سفر دوران ماڻهن جا گهر رستي ۾ ايندا هيا. رات جو وري هو آهستي آهستي ڏکڻ ڏي وڌندو رهيو. سپاهي هن جي پويان هئا. هن جو پيڇو ڪندا پئي آيا. ڪڏهن ڪڏهن ته اُهي هِن جي بلڪل ويجهو اچي نڪرندا هئا. آخر ڪيترن ڏينهن جي ان خطرناڪ سفر کان پوءِ سام ايڊيسن سرحد پار ڪري ورتي. ۽ مچي گن Michiganپهچي ويو. هاڻي هو بلڪل محفوظ هو. ڪيترن ڏينهن تائين هو ڊٽراءِ Detroit ۾ ترسيل رهيو. هن کي اميد هئي ته ميڪسنزي جا پيروڪار وري هڪ دفعو ٻيهر متحد ٿي، ڪناڊا جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندا. پر باغين جي حالت ڏاڍي ابتر هئي ۽ ٻيهر منظم ٿيڻ ممڪن ڪونه هو. سام ايڊيسن ڪوشش ڪئي ته آمريڪا جا ماڻهو ڪناڊا جي بغاوت ۾ دلچسپي ڏيکارين پر هن کي اتان ڪابه مدد نه ملي سگهي. هو وينام پنهنجي گهر واپس نه پيو وڃي سگهي. ڇو ته ڪناڊا جي حڪومت ميڪسنزي جي باغي ساٿين کي سياسي قيدين جي حيثيت سان ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو هو. حڪومت سام جي وينا ۾ موجود سڄي جائداد ضبط ڪري ڇڏي هئي. ان ڪري هاڻي هن کي آمريڪا ۾ ئي پنهنجو گهر ٺاهڻو هو.
جيئن ئي هن کي موقعو مليو ته هن پنهنجن گهر وارن ڏي پيغام موڪليو ته هو بلڪل خيريت سان آهي. مچي گن ۾ ڪجهه عرصو ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي گذاريو. ۽ آخر هو اوهيو Ohio رياست جي شهر ميلان Milan اچي نڪتو.


(2)

ميلان , Milan هورون Huron درياءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍڙو شهر هو. ۽ ايري ڍنڍ کان چند ميل پري هو، هڪڙي ننڍڙي ندي هن ڳوٺ کان ٿيندي درياءَ هورن جي ان حصي تائين پهچندي هئي، جتي جهاز ۽ ٻيڙيون هلنديون هيون. ان درياءَ جي ذريعي ميلان کان اناج ڀاڄيون، ڪاٺ ۽ ٻي سامان سان ڀريل ٻيڙيون ايري ڍنڍ جي بندرگاهن تان وينديون هيون. سيموئل ايڊيسن ميلان ۾ ”آرو مشين“ لڳائي ۽ اُتي ڇتن ۾ وجهڻ واريون پٽيون ٺاهڻ لڳو. هن کي ان ڪاروبار ۾ وڏو فائدو پيو.
نديءَ کان ٿورو پري گهٽيءَ ۾ ڳاڙهين سرن سان ٺهيل هڪڙو گهر هو. جنهن جي ڇت ڪاٺ جي پٽين جي هئي. ان جي اڳيان اڱڻ ڪونه هو. بلڪ ٻن ڏاڪن کان پوءِ ڪاٺ جو وڏو دروازو اچي پئي ويو. جنهن جي مٿان ٽيڏي انداز سان ئي شيشه جڙيل هئا. هن دروازي جي ٻنهي پاسن کان دريون هيون. جن جي ڪمري ۾ سج جي روشني ايندي هئي.
ڇت ۾ مٿان کان ڪوبه روشندان نه هو. پر سمهڻ واري ڪمري ۾ ڪاٺ جي پٽين واري ڇت جي هيٺان روشندان موجود هئا. ان ڪمري ۾ ننڍين درين مان روشني جو گذر ٿيندو هو. گهر جي هر ٽڪنڊي ڪُنڊ تي ٻه دريچا ٺاهيا ويا هئا. گهر جي ننڍڙي تهه خاني ۾ رڌڻو ۽ ماني کائڻ جو الڳ ڪمرو ٺهيل هو. سيموئل ايڊيسن اهو گهر پنهنجي رهائش لاءِ خريد ڪري ڇڏيو هو.
ميلان ۾ 25 سالن جي عمر جو ڪپتال ڊيلوي ابريڊي رهندو هو، جيڪو بحري جهاز هلائيندو هو. هن جو جهاز ايري ڍنڍ جي پرار تائين ايندو ويندو هو. پهريان هو ڪناڊا جي بندرگاهن ۾ بيهندو هو، ۽ ان کان پوءِ آمريڪا جي بندرگاهن ڏي ويندو هو. سيموئل ايڊيسن ان نوجوان سان دوستي جو هٿ وڌايو ۽ هن کي پنهنجو دوست بڻائي ڇڏيو. هي رحمدل ڪپتان سام جا پيغام سنيها وغيره ڪناڊا ۾ هن جي خاندان تائين پهچائيندو هو.
نيٺ ڪيپٽن ابريڊي، نينسي ايڊيسن کي سيموئل ايڊيسن جو اهو منصوبو ٻڌائي ڇڏيو ته ايڊيسن هن کي ميلان گهرائڻ جو منصوبو تيار ڪري چڪو آهي.
سن 1839ع جي بهار جي موسم جي آخري ڏينهن ۾ نينسي پنهنجن سڀني ٻارن سان ميلان پهچي وئي. ۽ هاڻي هي سڀ ان ڳاڙهن سرن واري گهر ۾ گڏجي رهڻ لڳا. اهڙي ريت ايڊيسن آمريڪا جي رياست ۾ پنهنجو هڪ نئون گهر آباد ڪري ڇڏيو.


(3)

1847ع جي فيبروري مهيني جي ڳالهه آهي. سيءَ چوي پيو ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان.
سام ايڊيسن پنهنجي بيٺڪ ۾ ٻرندڙ ڪوئلن سان ڀريل آتشدان جي اڳيان هيڏي هوڏي ٽهلي، چهل قدمي ڪري رهيو هو. هو دري تائين ويو ۽ ٻاهر ندي ڏانهن ڏسڻ لڳو. برف جي هڪ وڏي ڇپ ندي جي پاڻي کي ڍڪي ڇڏيو هو، ۽ جنهن رستي تي هلندي خچر ٻيڙين کي ڇڪيندا هئا، اهو ان وقت ترڪندڙ ۽ وڏين برفاني ڇٻن جي هيٺان دٻيل هئا. دروازي کلڻ جي آواز تي هن لؤنڻو هنيو. ڊاڪٽر مسڪرائيندي هن ڏي وڌيو ۽ چيو، ”مبارڪ هجي، توکي پٽ ڄائو آ“.
”مهرباني ڊاڪٽر مهرباني.... هن گهر ۾ اسان جو پهريون ٻار پيدا ٿيو آهي، مان ٿورو اندر وڃي ان کي ڏسان.“
ڊاڪٽر ڪافي جو ڪپ پيتو ۽ پوءِ ٻاهر گهٽي ۾ هليو ويو جنهن گهٽي جي ٻنهي پاسن کان ايليم جا وڻ بيٺا هئا، سام ٻي ماڙ پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ پهتو. هن جي گهرواريءَ هن کي ڏسي مسڪرائي ڏنو. هلڪي آواز ۾ هن چيو، ”اچ پنهنجي پٽ کي ڏسي وٺ“ هُن ڪمبل جو هڪڙو پاسو هٽايو، جنهن جي هيٺان هڪڙو ڳاڙهي رنگ وارو ٻارڙو ستل هيو.
”هن جي نڪ گواهي ڏيئي رهي آهي ته هي ايڊيسن خاندان جو ٻار آهي“ سام چيو.
”جي هان“، گهرواري اتفاق ڪندي چيو، ”هن جون هلڪيون نيريون اکيون به اهوئي ٻڌائن ٿيون پر هن جا ڀورا وار مون تي ويا آهن. چڱو- هن جو نالو ڇا رکون“.
هن جا ٻه نالا هئڻ گهرجن. هڪڙي نالي جي چونڊ تون ڪر ۽ ٻي نالي جي چونڊ مان ٿو ڪيان“. مڙس جواب ڏنو.
نينسي ايڊيسن پل کن لاءِ سوچيو ۽ پوءِ چيو.
ڪيپٽن ايلوا بريڊي اسان جو سڀني کان گهرو دوست آهي. جڏهن اسان هڪٻئي کان پري هئاسين ته هي ئي اهو شخص هو جيڪو اسان جا خط هڪ ٻئي تائين پهچائيندو هو. ۽ هي ئي شخص آهي. جنهن پنهنجي جهاز ۾ مون کي ۽ ٻارن کي هتي ميلان ۾ تو وٽ وٺي آيو آهي. ان جي نالي تي مان پنهنجي پٽ جو نالو ”ايلوا“ رکڻ چاهيان ٿي.
”ان سان هُو وڏو خوش ٿيندو“ سام چيو.
”مان هن جو ٻيو نالو ٿامس رکڻ چاهيان ٿو. ڇو ته مان پنهنجي خاندان جي جون ۽ سيموئل جهڙن نالن کان عاجز ٿي چڪو آهيان“.
”ايلوا ٿامس ايڊيسن“ , Alva Thomas Edison نينسي آهستي هلڪي آواز ۾ دهرايو. ”ڏس سام انهن لفظن کان اڳ ۾ حرف ملي ڪجهه عجيب بي ڍنگو لڳن ٿا. سٺا نه ٿا لڳن“.
سام کان کِل نڪري وئي. هن چيو، ”ٺيڪ آهي. انهن لفظن کي اڳتي پوئتي ٿا ڪيون. اسان پنهنجي پٽ جو نالو ٿامس ايلوا ايڊسن Thomas Alva Edison رکنداسين“.
”ها اهو صحيح آ“. ماءُ به ها ۾ ها ملائيندي چيو. ”اسان هن کي ايلوا چئي سڏ ڪنداسين. خانداني انجيل کڻي آ. ۽ ان ۾ اڄ جي تاريخ ۽ پٽ جو نالو لکي ڇڏ“.
سام اُٿي اندر ويو ۽ خانداني انجيل جو ڪتاب کڻي آيو. پنهنجي گهرواريءَ جي ڀر سان ويهي هن ڪتاب ۾ لڳل آخر ۾ خالي صفحن مان هڪڙو صفحو کوليو، ۽ ان ۾ لکيو. ٿامس ايلوا ايڊيسن! يومِ پيدائش 11 فيبروري 1847ع!
ايلوا، يا ايل ALسڀ هُن کي ايل جي نالي سان سڏيندا هئا. هو تيزي سان وڌڻ لڳو.
شروع کان ئي هو وڏو تجسس وارو ٻار هو. جيئن هو پنڌ ڪرڻ جهڙو ٿيو. هن آسپاس جي ماحول جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جڏهن هو لفظن کي ملائي جملو ٺاهڻ ۽ ڳالهائڻ جي قابل ٿيو. ته هن جو هر ٻيون ٽيون جملو ڇو يا ڇا سان شروع ٿيندو هو. هو هر ڳالهه جي ڇو کي ڄاڻڻ چاهي پيو.

He was a very curious child and had questions about everything that he encountered. He would shoot a barrage of questions at every adult that he met and woe betides them if they failed to answer his questions. He would fix thme with his vivid blue grey eyes and ask yet another question “why”?
ايل جي وڏي ڀيڻ Eliza انهن ڏينهن ۾ جواني جي دنيا ۾ پير پاتو هو. جنهن جو عاشق هن جي گهر ۾ ايندو ويندو هو. ان ڪري هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ لاءِ گهڻو وقت نه ڪڍي سگهندي هئي. مسز ايڊيسن جو سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪار ۾ گذري ويندو هو. اتفاق سان ميلان ۾ نينسي ايڊيسن جي هڪ 13 سالن واري ڀائٽي رهندي هئي. ان جو نالو به ان جي چاچي جي نالي سان نينسي ئي رکيو ويو هو، پنهنجي هن سوٽ جي سارسنڀار جي زميواري هن ڇوڪري نينسي تي اچي ڪڙڪي. هن کي ايل جي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا هئا. هن ويچاري کي مرغي جي ان شوخ چوزن کان ايل کي بچائڻو پوندو هو، جيڪي ايل کي ان ڪري ٺنگا مارڻ شروع ڪري ڇڏيندا هئا، جو هي انهن جا کنڀڙاٽيون پٽي ڇڏيندو هو. ۽ هُو اهو ڏسڻ چاهيندو هو ته اهي پر/کنڀ هنن جي جسمن سان ڪيئن جڙيل/چهٽيل رهن ٿا. جڏهن ايل اهو ڏسڻ لاءِ ته بدڪن جا جهلي دار چنهنب ڪيئن ٺهيل آهن. ان ڪري هو بدڪ پڪڙي وٺندو هو ته ويچاري نينسيءَ کي انهن بدڪن کي آزاد ڪرائڻو پوندو هو.
1850ع جڏهن ايل جي عمر تقريبن 4 سال هئي ته هڪ ڏينهن ميلان ۾ ئي ٽي وڏيون وڏيون گاڏيون اچي بيٺيون، اهي گاڏيون ايڊيسن خاندان جي گهر جي پاسي ۾ موجود ٻنيءَ ۾ اچي بيٺيون. انهن گاڏي ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجي سامان سميت ڪيليفورنيا وڃي رهيا هئا. ته جيئن اتي موجود سون، حاصل ڪري سگهن. اهڙن ماڻهن کي ”پريري سڪونرس“ چوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ايل ايترو ننڍو هو جو هو سون يا سون جي حاصل لاءِ مهم جو مطلب نه پيو سمجهي سگهي پر هن کي وڏين وڏين اڇين/سفيد گاڏين ڏاڍو متاثر ڪيو هو. انهن گاڏين مان لهندڙ ماڻهن جي ڳالهين ۾ هن وڏي عجيب ۽ غريب جادو سان ڀريل لفظ ٻڌا. ”روڪي جبلن جي قطار“، ”ڀيسني“ ”مقامي ماڻهو“ ۽ ”اولهه ڏانهن سفر“ وغيره.
ايل نون لفظن جي باري ۾ سوالن جي بوڇاڙ ڪري، پنهنجي پيءَ کي پريشان ڪري وڌو. سام ايڊيسن محسوس ڪيو ته پنهنجي ننڍي پٽ کي ايڊيسن خاندان جي تاريخ ٻڌائڻ جو هي سٺو موقعو/مهل آهي. هن ايل کي ٻڌايو ته ڪهڙي ريت ايڊيسن خاندان جي بزرگن 1730ع ۾ هالينڊ کان آمريڪا آيا هئا. آمريڪا اچي ايڊيسن خاندان جا ماڻهو پهريان نيو جرسي ۾ پوءِ اورنيج جبلن جي قطار جي وچان وهندڙ درياءُ پيسٽلي جي ڪناري اچي آباد ٿيا هئا. ايل حيرت مان اکيون ڦاڙي، اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. هن کي دريائن جي باري ۾ گهڻي معلومات هئي. هورون درياءَ ته هن جي گهر جي پويان وهندو هو.
”جبل“ ڇا ٿيندو/هوندو آهي بابا سائين؟“ هن پڇيو ، ان جي باري ۾ ٻڌائڻ کان پوءِ سام آمريڪا جي انقلابي جنگ جو حال ٻڌايو. جنهن ۾ ايل جو پڙ ڏاڏو جون ايڊيسن، شاهه جارج ٽئين جو وفادار رهيو هو. ۽ ان وفاداري جي ڪري جارج واشنگٽن جي سپاهين هن کي نيو جرسي ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، ايل وچ ۾ ٽوڪيندي چيو، ”شاهه ڇا ٿيندو آهي، ۽ لفظ ”قيد“ جي ڇا معنيٰ آهي.
تنهنجي ڏاڏي کي ماڻهو پوڙهو ٽوڊي جون چوندا هيا. هو ڪجهه سالن تائين لودا سپوٽيا ۾ رهيو. آخر ڪناڊا جي حڪومت هن کي ڇهه سو ايڪڙ زمين ڏني. هي زمين شهر کان تقريباً هڪ هزار ميل پري هئي. جتي ايڊيسن خاندان انهن ڏينهن ۾ رهندو هو. تنهنجو ڏاڏو سڄو سامان ڏاندگاڏيءَ تي لڏي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن سميت اولهه ڏي نڪري پيو. هُو ڏاند گاڏيون انهن پريري سڪونرون سان گهڻو ملندڙ جلندڙ هيون، جيڪي اتي روڊ جي پاسي ۾ بيٺيون هيون“.
سام ايڊيسن ڏاند گاڏي ۾ ڪيل اولهه ڏانهن سفر جو هن کي حال احوال ٻڌايو. ان کان پوءِ هن ڪناڊا ۾ انهن مقامي ماڻهن سان جيڪي جهيڙا ٿيا ۽ انهي گهر جو به احوال ٻڌايو جيڪو پوڙهي ٽوڊي جهنگل ۾ ٺاهيو هو.
”اتي ڪناڊا ۾ انهن ماڻهن به اُتي نئين سر سان پنهنجي زندگي جي شروعات ڪئي هئي. جهڙي طرح اڄ ڪلهه هتي اوهيو ۾ آمريڪي ماڻهو رهن پيا“.
ايل جي پيءُ چيو.
”ڇو بابا سائين، ڇا توهان به ڪڏهن مقامي ماڻهن سان وڙهيا هيو“؟.
”ائين باقاعدي نموني سان ته مان انهن سان نه وڙهيوم“، سام ايڊيسن جواب ڏنو. ليڪن هڪ دفعي مقامي ماڻهن منهنجو 200 ميل تائين پيڇو ضرور ڪيو هو“.
”اڇا، ڀلا اهو ڪيئن“؟ ”مون کي ان جو سربستو حال ٻڌايو“. پيءُ پنهنجي پٽ کي مشهور ميڪسنزي بغاوت جي باري ۾ ٻڌايو. جنهن ۾ هن حصو ورتو هو، ۽ ڪهڙي ريت مقامي سپاهين کان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.
”پيارا پٽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسين سڀ اڄ هتي اوهيو ۾ رهون پيا. تنهنجو پڙ ڏاڏو هاڻي ڪيناڊا ۾ رهائش پذير آهي. ڪڏهن مان توکي هن سان ملائڻ لاءِ وٺي هلندس.
ايل هڪ اهڙي شخص سان ملڻ لاٰءِ بيقرار ٿي ويو، جنهن ڏاندگاڏي تي هڪ هزار ميلن جو وڏو سفر ڪيو هو.
پوءِ هن جي پيءُ هن کي چيو ته، ”هاڻي تون هڪدم سمهي پؤ ۽ هو بغير ڪنهن حيل حجت جي، آرام سان سمهي پيو.
ميلان ۾ جهڙي ريت ماڻهو رهندا هئا. اُتي هن وڌندڙ/وڏي ٿيندڙ ٻار لاءِ ڪافي دلچسپي جو سامان موجود هو. نديءَ جي ڪناري سان ٺهيل/موجود رستا هئا، جتي خچر آهستي آهستي ٻيڙين کي ڇڪيندا ويندا هئا. ملاح پنهنجين ٻيڙين ۾ ويهي مزي سان گانا ڳائي لطف اندوز ٿيندا هئا. ايل اهي گانا ياد ڪري ڇڏيا هئا. ڪاٺيون ڪرڻ وارا ۽ آري مشين جا مزدور به پراڻا لوڪ گيت ڳائيندا هئا. اهي گيت به ايل جي لاءِ نوان هئا. هِن انهن سڀني گيتن جون ڌنون ۽ اهي سڀ گيت ياد ڪري ڇڏيا هئا. ۽ هن کي سڄي زندگي پر لطف گيت ڳائڻ جو شوق رهيو. ايل جي اصرار تي هن جو پيءُ هن لاءِ آرا مشين کان ڪاٺ جا ڇوڏا، ڪاٺ جون بيڪار پٽيون، ۽ ٽڪرا کڻي ايندو هو. ان مان هي ڪاٺ جون پلون، گهر، رستا ۽ ندي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ٺاهي وقت گذاريندو هو. جڏهن منجهند جو وقت ٿيندو هو ته ايل پنهنجي پيءَ جي گهر اچڻ جي انتظار ۾ هوندو هو. ۽ هو اڪثر پنهنجي پيءَ کان پڇندو هو، ته ”اسان پنهنجي پڙ ڏاڏي سان ملڻ ڪڏهن هلنداسين“.
آخرڪار 1852ع جڏهن ا يل پنجن سالن جو ٿيو، سام ايڊيسن پنهنجو واعدو پورو ڪيو. ايڊيسن سموري ساز و سامان سان، ۽ پنهنجي پيءَ، ماءُ، وليم ۽ ايل سان پنهنجو سفر شروع ڪيو. ندي کان ٿيندا اهي هورون درياءَ ۽ ايري ڍنڍ پهچي ويا. اتان اُهي ڪپتان ايلوا بريڊ جي جهاز ۾ چڙهي پيا. هن رحمدل ڪپتان پنهنجي نالي ڀائي ڇوڪري کي جهاز جو هينڊل هلائڻ لاءِ ڏنو. ۽ جهاز کي ڪناڊا جي ساحلي پٽي ڏانهن ڪاهي هلڻ جي اجازت ڏني. ڪناڊا ۾ برويل بندرگاهه پهچي، ايڊيسن پنهنجي دوست ڪپتان کان اجازت ورتي ۽ هي ماڻهو گاڏي تي چڙهي وينا طرف روانا ٿي ويا.
ڪناڊا پهچي هي نو عمر پنهنجي ڏاڏي ڪپتان ايڊيسن سيموئل سان مليو ۽ ان کان پوءِ وري وينا کان ٻاهر نڪري، گاڏيءَ تي چڙهي پنهنجي پڙ ڏاڏي وٽ اچي نڪتو. ان وقت پوڙهي ٽوڊي جي عمر 100 سال کان مٿي هئي. هُن پنهنجي پڙ پوٽي کي جهوليءَ ۾ ويهاريو ۽ وڏي توجهه سان هن ڏي نهاريندي چيو، ”ٺيڪ آ“. هُن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”هي ڇوڪرو بلڪل ايڊيسن خاندان جو آهي“ پوڙهي هن جي اچارن کي اڃان مٿي ڇڪيندي ۽ لفظن کي چٻاڙيندي چيو. ايل هن جو ڪن پڪڙي چيو، ”توهان منهنجو نالو اهڙي عجيب ڍنگ سان ڇو ٿا وٺو“. پوڙهي ٽوڊي چيو، ” اسان پنهنجو نالو هميشه اهڙي ريت ئي وٺندا/پڪاريندا آيا آهيون.“ ننڍڙي جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا ۽ گهٻراهٽ ۾ چوڻ لڳو، ”مان ايلوا ايڊيسن ناهيان، منهنجو نالو ايل وا ايڊيسن آهي“ هن لفظن کي آهستي آهستي پڪاريو“. ان تي گهر ۾ موجود سڀ ڀاتي کلڻ لڳا.
”ٻچا! هيڏي آ“ هن جي پيءُ هن کي پڪاريو. ٻارڙي کي هن جهوليءَ ۾ ويهاريندي ٻيهر چيو،
”هالينڊ ۾ هن کي ايڊيسن چئي پڪاريو ويندو آهي. ڏاڏا سائين ۽ بابا سائين هتي ڪناڊا ۾ اچي ڪري به هنن جو اهو پراڻو لهجو رهندو آيو آهي. پر تون ۽ مان آمريڪي آهيون. اسان پنهنجا نالا امريڪن انداز ۾ اچاريندا ۽ پڪاريندا آهيون.“
”ٺيڪ آ‘ هن جو پيءَ هن سان متفق ٿيو.
”اسان آمريڪي ضرور آهيون. پر اسان کي پنهنجن بزرگن تي فخر آهي“.
هاڻي سام پڙ ڏاڏي ڏي مڙيو ۽ چيو، ”ڏاڏا سائين توهان اجازت ڏيو ته مان، ايل کي پنهنجو اهو خانداني ورثو ڏيکاريان جيڪو توهان هالينڊ کان کڻي آيا هئو“.
”مان پاڻ هلي هن کي اهي سڀ شيون ڏيکارڻ چاهيان ٿو“ بزرگ شخص جواب ڏنو. هو ڪرسي تان اٿيو، ۽ ايل جو هٿ وٺي ايل کي سڄو گهر گهمائڻ لاءِ هليو. ايل کي هالينڊ مان آندل سفيد مٽيءَ جي وڏين نالين وارا حقا تمام گهڻو پسند آيا. پر ڏاڏي هن کي هڪ پراڻو شيري جو مرتبان / گهگهي ڏيکاري جنهن کي هي خاندان هالينڊ مان 125 سال پهريان/اڳ ۾ کڻي آيو هو. هڪ نهايت ئي اهم تحفي جي طور تي پڙ ڏاڏي هن کي اهو شير جو ٿورڙو مقدار ڊبل روٽيءَ جي ٽڪري تي هڻي هن کي کائڻ لاءِ ڏنو. ايل اهو ڊبل روٽي جو ٽڪرو ورتو ۽ پڙ ڏاڏي سان آهستي آهستي ڏاڪڻ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو. مٿي وڃي ايل اها پراڻي صندوق/پيتي ۽ ٻيو گهڻو قيمتي سامان ڏٺو. جيڪو ايڊيسن خاندان پاڻ سان سمونڊ پار ڪري کڻي آيو هو.
ڪناڊا جي هن سفر ايل جي دل تي وڏو اثر وڌو- ۽ هن پنهنجي پڙ ڏاڏي ۽ ڏاڏي کي ڪڏهن به نه وساريو. جيڪي هِن کي ننڍپڻ جي سفر ۾ هِن سان مليا هئا. انهن وانگي ٿامس ايلوا کي به وڏي ڄمار حاصل ڪرڻي هئي.

(4)

ميلان موٽي اچڻ کانپوءِ ايل جو جسم جيتري تيزي سان وڌڻ لڳو، اوترو هن جو تجسس ۽ اشتياق به هن کان وڌيڪ تيزي سان وڌڻ لڳو. هن جي سوالن جي جواب ۾ وڏا ماڻهو جيڪي ڳالهيون ڪندا هئا. انهن کي هي اکيون بند ڪري قبول نه ڪندو هو. عام طور تي هي پاڻ انهن ڳالهين کي پنهنجا تجربا ڪري، ثابت ڪري ڏسڻ چاهيندو هو. هڪ ڏينهن هن جي نظر مرغيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن چوزن تي پئجي وئي. هن کي هي ڄاڻڻ جي تمنا ٿي ته اهي چوزا آيا ڪٿان کان؟ هن جي آيا ”نان“ هن کي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان سمجهايو ته، مرغيون انڊا ڏينديون آهن ۽ انهن انڊن تي اوسيتائين ويٺيون هونديون آهن جيستائين انهن مان چوزا ڦٽي نه پون.
ڪجهه دير کان پوءِ ايل کي موقعو ملي ويو ۽ هوءَ گهروارن کان پاڻ بچائيندي، اک وٺي، وڃي مرغي خاني ۾ پهتو. هن ڪيترائي انڊا کڻي پنهنجي ٽوپ ۽ کيسن ۾ ڀريا. ان کانپوءِ هو ان واڙي / ڀانڊي ۾ اچي نڪتو جتي پلال رکيو ويندو هو. هن ان پلال مان هڪڙو آکيرو ٺاهيو، ۽ انهن سڀني انڊن کي ترتيب سان گول ڪري هڪ ٻئي سان ملائي رکيو. ۽ ان کانپوءِ هو وڏي احتياط سان انهن انڊن جي مٿان ويهي رهيو. هي اهو تجربو ڪري ڏسڻ چاهي پيو ته واقعي ئي چوزا انڊن مان ويهڻ کانپوءِ نڪرن ٿا.

He was still patiently waiting for the chickens to hatch, when his family saw him.
تقريبن ڪلاڪ کانپوءِ ايل جي آيا ’نان‘ کي خيال آيو ته هي ڇوڪرو ويو ڪاڏي آهي ؟ ڪافي دير کان هو نظر ڪونه ٿو اچي. هُن ايل کي ڪيترائي دفعا سڏ ڪيو. جڏهن هن کي سڏ جو جواب نه مليو ته هن ايل کي ڳولهڻ شروع ڪيو. آخر هن ڏٺو ته ايل پلال واري ڀانڊي ۾ بلڪل بت بڻيو ويٺو آهي. نه چري ٿو، نه ڪو پري ٿو. ۽ خاموشيءَ سان ڇپ هنيو ويٺو آهي. ”تو منهنجو سڏ ڇو نه ورنائيو“ هُن پڇيو. ” ۽ هتي چا پيو ڪرين“ مان انڊن مان چوزا ٺاهيان پيو- ايل وڏي فخر سان جواب ڏنو.
’نان‘ کان هلڪي رڙ نڪري وئي. ماڻهو انڊن تي آرو نه ٿا ڪري سگهن. تو ته بيڪار ۾ پنهنجا ڪپڙا به خراب ڪري ڇڏيا اٿئي“. هُن ايل کي دڙڪا ڏيندي چيو.
’نان‘ هن کي ٻانهن کان وٺي ۽ هن کي جهٽڪو ڏيئي پلال جي ان ڍڳ کان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. اُتي ٽٽل ڦٽل انڊن جو ڪچو مر ٺهيل هو. ايل روئڻ لڳو. ”مان توکي هينئر ئي تنهنجي ماءُ ڏي وٺي ٿي هلان“. هن کي ڌمڪائيندي چيو.
ايل ان ڪري نه رنو هو ته هن جي پتلون خراب ٿي وئي هئي پر هن جي لاءِ روئڻ جو سبب اهو هو ته هُن جو اهو تجربو ڏاڍو بُري نموني سان ناڪام ٿي ويو هو. جڏهن هن جي ماءُ کي اها خبر پئي ته ايل انڊن جي مٿان ڇو ويٺو هو ته هُن ايل کي سمجهايو ته انڊن مان چوزا نڪرندا آهن. پر ان کي ٽي هفتا لڳندا آهن. ۽ ڪڪڙ ئي فقط انهن نازڪ انڊن تي اهڙي ريت ويهي سگهندي آهي جو اهي نه ٽٽندا آهن. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ايل جي ماءُ هن کي مرغي خاني/ڪڪڙن واري واڙي ۾ وٺي آئي. انهن مان هُن هڪڙي مرغي کي آري مان اٿاريو. ۽ ايل کي اهي انڊا جيڪي ڪڪڙ جي آري ۾ هئا، سي ڏيکاريا. جن ۾ هڪڙو ننڍڙو چوزو، جيڪو نرم ملائم ۽ ڦڪي رنگ جو هو، نڪري آيو. ته پوءِ ضرور چوزا انڊن مان ئي نڪرن ٿا. تجربي جي ذريعي ئي اهي ڳالهيون ثابت ڪري سگهجن ٿيون پر ان جي لاءِ ضروري آهي ته تجربو صحيح نموني سان ڪيو وڃي.
جيئن جيئن ا يل ايڊيسن پنهنجن تجربن مان سکندو ويو تيئن تيئن مضبوط ۽ وڏو ٿيندو ويو ۽ هن جي نظر ۾ ميلان جو ننڍو شهر اڃان به ننڍڙو بلڪه پتڪڙو ۽ قريب ٿيندو ويو . ايل جي پيدائش کان ڪجهه عرصو پوءِ اوهيو Ohio جي اُترئين حصن ۾ هڪ ريلوي لائين/پٽڙي وڇائي وئي هئي. پر اها لائين ميلان مان ٿيندي ٻاهر نه پئي وڃي. هن لائين جي لڳڻ سان ئي اهو اناج ۽ ڪاٺ جيڪو ميلان کان ٿيندو ايري ڍنڍ ۽ هن جي بندرگاهه تائين پهچندو هو. هاڻي اهو ميلان ۾ اچڻ بند ٿي ويو هو. هاڻي هي سامان سڌو ريل جي اسٽيشنن تي پهچندو هو. ۽ ان کان پوءِ هن شهر جي رونقن ۽ خوشين ۾ کوٽ ۽ ڦوٽ پئجي وئي.
هاڻي جيئن ته سام ايڊيسن جي ڪارخاني ۾ ڇتن جون ڪاٺ واريون پٽيون روز روز ٺهڻ گهٽ ٿينديون ويون. ان ڪري هن اهڙي جاءِ ڏي وڃڻ/لڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ريلوي لائين جي ويجهو هجي. ۽ جتي مستقل آمدني جي پڪ هجي.
1854ع ۾ جڏهن ايل جي عمر ست سال هئي، ايڊيسن خاندان رياست ميلان جي شهر کي ڇڏي، اتان لڏي مچي گن Michigan جي شهر پورٽ هورون Port Huron ۾ منتقل ٿي ويا.