سنڌيڪار پاران : فلسفي جي وڃايل تندن جي ڳولا
مولانا آزاد رڳو تخليقي ادب نه سرجيو، پر علم، فلسفي ۽ تحقيق جي ڏِس ۾ پڻ پنهنجو نور نچوئيو. مذهبي مامرا هجن يا فلسفي جا دقيق ۽ ڳوڙها مسئلا، مولانا جي قلم جي ڪُميت انهن ميدانن ۾ پڻ ٽاپوليون هنيون ۽ بنان شڪ جي نتيجن جون نيون دنيائون دريافت ڪيون. مولانا جو هيءُ زير نظر ڪتاب فلسفي جي اڻ گهڙيل ميدان تي وڌايل وکون آهن. جنهن بحث ۾ هو ايئن سوڀارو ٿيو آهي، جو پڙهندڙ جي اڳيان سڄي ڳالهه ڪپڙي جي ٿان وانگر کلندي ٿي وڃي ۽ هو سولائيءَ سان ان کي سمجهي وٺي ٿو.
بنان شڪ جي اهو فلسفو ئي آهي، جنهن انساني ذهن ۾ عقل ۽ شعور جون نيون ڏياٽيون ٻاريون ۽ هو غارن گڦائن جي اونداهي دنيا مان نڪري علم ۽ تهذيب جي روشني ۾ آيو. انسان ۽ حيوان کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندڙ جيڪا اهم ڳالهه آهي، اها سوچ، عقل ۽ شعور آهي. جبلت ۽ محسوسات کان ڇلانگون ۽ ٻِڌَ هڻندي انسان جڏهن سوچ ۽ شعور جي دنيا ۾ داخل ٿيو، تڏهن هُن ڪائناتي مظهرن ۽ لقائن تي سوچڻ شروع ڪيو. سج ڪيئن ٿو اُڀري، ڪيئن ٿو لهي، ڪٿان ٿو اُڀري ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ سج جي اُلهڻ سان ئي سموري روشني غائب ٿيو وڃي ۽ هر شيءِ اونداهي جي چادر ۾ ڍڪجيو ٿي وڃي. پوءِ وري آسمان جي عظيم ڇت ۾ ستارن جا فانوس ٻرڻ ٿا لڳن، چنڊ پرينءَ جي پيشاني وانگر جرڪڻ ٿو لڳي، مندون مٽجن ٿيون، ڪڏهن هاڙهه سندس هينئين تي هوراکورا ۽ هيهات ٿي لٿو ٿي، ته ڪڏهن سياري جي پارن سندس لڱن ۾ ڏڪڻي ۽ رڦڻي ٿي پيدا ڪئي، ڪڏهن سرءُ وڻن کي سندس اکين اڳيان ٺوڙهو ٿي ڪري ڇڏيو، ته ڪڏهن بهار انهن ۾ نوان گؤنچ ۽ گل ڦل ٿي ڦلاريا. مُندن جو مٽجڻ کيس وڻيو به ٿي ته کيس پريشان به ڪيائين ٿي. ڄَمُ کيس خوشي ٿي ڏني ۽ مَرتيي کيس ڏک ٿي ڏنا. فطرت جا انيڪ ڏيک سندس سَرهائي جا ڪارڻ هئا، ته ڪڏهن هو فطرت جي نامهربانين جي ڪَنڊن ۾ وچڙي رتورت به ٿي پئي پيو. هن فطرت، پنهنجي آسپاس جي ماحول ۽ شين توڙي جاندارن مان ئي پنهنجو قوُت ٿي حاصل ڪيو ۽ ڪڏهن وري پاڻ ئي انهن جو بک بڻجي ٿي ويو. هو فطرت جي وشالتا جي آڏو ڏاڍو هيڻو هو. کيس سگهه جي ضرورت هئي. هن ان هيڻائي مان جان آجي ڪرڻ ٿي گهري. ان مرحلي تي سندس سوچڻ جي صلاحيت ئي هئي، جيڪا سندس ڏڍ ۽ سهارو بڻي. فلسفي جا بنياد ان ڏينهن ئي رکجي چڪا، جنهن ڏينهن پهرئين ماڻهو سوچ جي ساگر ۾ پهرين ٽٻي هڻندي، مظهرِ ڪائنات جي باري ۾ پهريون اندازو هنيو. ايئن ڌُڪا هڻندي، اندازا لڳائيندي، مفروضا قائم ڪندي، شين کي ڀيٽيندي، رد قد ڏيندي، قبوليندي، بحث ڪندي هو انهيءَ پيچري تي نڪري آيو، جيڪو اڄ هڪڙي وڏي، وسيع ۽ عالمي شاهراهه ۾ بدلجي چڪو آهي ۽ جنهن کي فلسفو چيو وڃي ٿو.
مولانا آزاد هن ڪتاب ۾ فلسفي جي بڻ بڻياد، واڌويجهه، ارتقا ۽ اصولن تي به بحث ڪيو آهي، ته ان جي تاريخ جا ڍيرا پڻ ڦلهوريا آهن. هن يوناني ۽ هندستاني فلسفي جي تاريخ جا پڻ پيرا کنيا آهن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي انهن جي قدامت ۽ هڪ ٻئي تي سندن اثرن جو جائزو ورتو آهي. هو انهيءَ جو جائزو وٺندي رڳو تاريخي پيرا ٿو کڻي ۽ تاريخ جي درستي ڪرڻ ٿو گهري؛ البته هو ان ڳالهه کي ڪنهن جي ڪنهن تي سبقت ۽ مٿڀرائي طور سامهون نه ٿو آڻي. هو ان سڄي سفر کي انسانذات جو گڏيل ورثو ٿو سمجهي.
البت هتي هڪ ٻي ڳالهه به آهي، جيڪا تاريخي حساب سان چِٽائي چاهي ٿي. اها هيءَ ته جنهن کي مولانا هندستان جو فلسفو ٿو سمجهي يا چئي، انهيءَ کي هندستان جو فلسفو سڏڻ بدران درست هينئن ٿيندو ته هند سنڌ جو فلسفو سڏيو وڃي. مثال طور ويدن جي اندر جيڪو به فلسفو ملي ٿو، اهو سنڌ جو فلسفو آهي. ٻوڌي، جيني ۽ اپنشدن جو فلسفو هند جو فلسفو آهي. ننڍي کنڊ هند سنڌ جي اندر فلسفو ڪنهن هڪ ماڳ تي پيدا ڪونه ٿيو آهي. انهيءَ جا پيرا سنڌوءَ جي ڪنارن کان وٺي برهمپترا جي ڪنڌين تائين پکڙيل آهن . انهيءَ ڪري انهن کي انهيءَ تناظر ۾ ڏسندي ننڍي کنڊ جي سرجيل فلسفي جي علائقي وار درجي بندي ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي اها وڏي بدقسمتي آهي ته اها پنهنجي، علم، ادب، دانش ۽ ڏاهپ جي ڦلواڙين جي حفاظت نه ڪري سگهي. اهو ڪڻو ڪڻو ٿي وقت جي وير ۾ لڙهي ناپيد ٿي ويو يا وري زماني جي اوڀارين لهوارين جي ور چڙهي ٻين جو مرهون منت رهجي ويو. ٻيو هيءَ به آهي ته مولانا جنهن زماني ۾ هي تحريرون لکيون آهن، اهو زمانو انگريزن جي هٿ هيٺ ننڍي کنڊ جي گڏ هجڻ جو زمانو آهي. خود مولانا صاحب ڪُل هند سوچ جو مالڪ هو تنهن ڪري هو ان ۾ ڪو فرق روا نه ٿو رکي. جواهر لال نهرو به ”هند جي ڳولا“ ۾ موهن جي دڙي کي (سنڌ جو حوالو ڏيندي به) هندستاني تهذيب جو ورثو قرار ڏئي ٿو؛ جنهن جي پٺيان ساڳي ڪل هند سوچ بيٺل آهي. هونئن توڙي جو علم ۽ تهذيب سڄي دنيا جو گڏيل ورثو آهي، پر انهن جي سڃاڻپ قومن ۽ ملڪن سان ٿئي ٿي. تنهن ڪري سنڌ جي تهذيب ۽ فلسفي جي سڃاڻپ پڻ تاريخي تناظر ۾ سنڌ ملڪ جي حوالي سان ئي ٿيڻ گهرجي. آئون ڀانيان ٿو ته هاڻي سنڌ شناسي جنهن مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، ان مرحلي تي اها اميد جاڳي پئي آهي ته سنڌ جي فلسفي تي پڻ تحقيقي پورهيو ڪيو ويندو. انهيءَ سلسلي ۾ جتي مغربي محققن جا ڪتاب، ليک ۽ حوالا گهڻا مددگار ثابت ٿيندا، اُتي هي ڪتاب پڻ ان ڏس ۾ وڏي سهائتا ۽ مدارت ڪندو.
سنڌيءَ ۾ نه فقط اهو ته فلسفي تي ڪتاب نه لکيا ويا آهن، پر فلسفي جي ڪا مستند تاريخ پڻ موجود نه آهي. البت فلسفي جي ڪن شاخن يا ڪجهه مخصوص پاسن تي ڪي ڪتاب ضرور موجود آهن. خاص طور تي جدلياتي فلسفي بابت سنڌيءَ ۾ ڪجهه موچارا ڪتاب ملي وڃن ٿا. انهن ۾ ڪجهه ترجما پڻ شامل آهن. اهڙي صورتحال ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جو هي ڪتاب هند سنڌ ۽ يونان، ايران توڙي عرب ۽ چين جي فلسفي جو بهترين ۽ تفصيلي تعارف ٿو ڪرائي، پر فلسفي جي تاريخ جي پڻ چٽائي ٿو ڪري. گڏوگڏ مذهب ۽ فلسفي جي گڏوچڙ ٿيڻ ۽ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيڻ جي به ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو. اهڙو ڪتاب هن صورتحال ۾ هڪڙو شاندار واڌارو آهي. جنهن سان هڪ پاسي سنڌيءَ ۾ فلسفي تي لکيل ڪتابن جي کوٽ جو پورائو ٿيندو، ته ٻئي پاسي سنڌي ادب ۽ ٻولي جو پاند ڀربو.
مولانا ابوالڪلام آزاد جو هي ڪتاب هند سنڌ ۽ يونان جي فلسفي جي جامع ۽ مستند تاريخ آهي. هي ڪتاب تاريخ جي اوک ڊوک ڪرڻ سان گڏ فلسفي جا نوان رخ پڻ پسائي ٿو ۽ فلسفن جو تقابلي جائزو وٺي نوان نتيجا سامهون آڻي ٿو. فلسفي تي هي هڪڙو نهايت ئي جامع ۽ وزنائتو ڪتاب آهي.
هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ مون کي چونڊڻ تي آئون سنڌيڪا اڪيڊمي جي روح روان محترم نور احمد ميمڻ جو ٿورائتو آهيان. آئون هن ڪتاب جو ترجمو پاڻ لاءِ هڪڙي سعادت سمجهان ٿو. مون هيءُ ترجمو نائين جولاءِ جي سڀاڳي تاريخ تي شروع ڪري ساڳئي سال جي يعني 2014ع جي اوڻيهين آڪٽوبر تي پورو ڪيو. هن کان اڳ ۾ آئون مولانا ابوالڪلام آزاد جي هڪ ٻئي ڪتاب ”غبار خاطر“ جو ترجمو ”دل جو غبار“ جي نالي سان ڪري چڪو آهيان، جيڪو شايع پڻ ٿي چڪو آهي. هي مولانا ابوالڪلام آزاد جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو مون ترجمو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ هڪ اڌ ليک ”غبار خاطر“ تان کڻي شامل ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ فلسفي تي ئي غور ويچار ڪيل آهي. تنهن هوندي به، جو اهي اڳئين ڪتاب ۾ اڳ ۾ ئي مون ترجمو ڪيا هئا، هتي اهي مون ٻيهر ترجمو ڪيا آهن، ته جيئن انهن ۾ گهڻي ادبي چاشني بدران فلسفي واري ڳوڙهائي ۽ سنجيدگي اتم رهي. بنان ڪنهن شڪ جي هڪڙي ادبي ڪتاب ۽ هڪڙي فلسفي جي ڪتاب جي ٻولي، انداز بيان، اصطلاحن ۽ اسلوب ۾ هڪڙو خاص فرق رهي ٿو. اها الڳ ڳالهه آهي ته مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙي عالم ۽ اديب جو قلم هر ميدان ۾ پنهنجي رواني ۽ خوبصورتي شاندار نموني برقرار رکي ٿو. مون فلسفي جي ڳوڙهن اصطلاحن کي سولو سنڌي ويس پارائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به جتي ناگزير هو اُتي مون اصطلاح جيئن جو تيئن پڻ رکيو آهي. ان هوندي به مون جام ڪوشش ڪئي آهي ته ترجمي ۾ سهنج ۽ سرلتا پيدا ڪجي ته جيئن پڙهندڙ ڏکي ڳالهه کي به سولائي سان سمجهي وڃي. پڪ سان ترجمي جون خوبيون مولانا آزاد جي قلم جي رواني ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪمال جو ڪرشمو آهن ۽ ان جون هيڻايون ۽ لانئڻايون منهنجي بي پهچي ۽ نارسائي جو نتيجو آهن. اها جدا ڳالهه آهي ته جڏهن من ۾ محبت رکي ڦورا ڦلهوربا آهن ته پوءِ ٿُلهو ڪَتيل به اڻتوريو اگهائجي ويندو آهي. سو هن ڪم ۾ به محبت ۽ خلوص شامل آهي.
نواز خان زئور
26 آڪٽوبر 2014ع
ميرپور بٺورو، سنڌ