فلسفو ۽ عملي زندگي
لاتاس علي مافات.
”جيڪي ڪجهه وڃائجي ويو آهي، ان جو ڏک نه ڪر!“
پر ڇا ڪجهه وڃائڻ سان گڏ ڪجهه حاصل به ڪرڻو آهي؟ انهيءَ بابت اهو اسان کي ڪجهه نه ٿو ٻڌائي. ڇو ته ڪجهه ٻڌائي سگهي ئي نه ٿو؛ ۽ ان ڪري زندگي جي سختين کي منهن ڏيڻ لاءِ فقط ان جو سهارو ڪافي نه ٿيو.
سائنس اسان کي مادي دنيا جي ثابت ٿيل حقيقتن جي ساڃاهه عطا ڪري ٿي. اها مادي زندگي جي بيرحم جبريت (Physical Determinism) جي آگاهي ڏئي ٿي. تنهنڪري عقيدي جي تسڪين سائنس جي بازار مان به نه ٿي ملي سگهي. اها يقين ۽ اميد جا اڳوڻا سمورا ڏيئا گل ڪري ڇڏيندي، پر ڪائي نئين چمني روشن نه ٿي ڪري.
پوءِ جيڪڏهن اسين زندگي جي تڪليفن ۽ ڏکين موڙن تي ڪنهن سهاري لاءِ اکڙيون کڻون ته ڪيڏانهن کڻون؟
کون ایسا ہے جسے دست ہو دل سازی میں،
شیشہ ٹوٹے تو کریں لاکھ ہنر سے پیوند۔(2)
اتي اسان کي مذهب ڏانهن ئي واجهائڻو پوي ٿو. اها ئي هڪڙي ٿڌي ڀت آهي، جنهن تي هڪڙي ٻرندڙ پٺي ٽيڪ ڏيئي سگهي ٿي:
دل شکستہ دراں کوچہ می کنند درست،
چنانکہ خود نشناسی کہ از کجا بشکست۔(3)
”هن وسنديءَ ۾ ٽٽل دلين جي مسيحائي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جي ٽڪر ٽڪر ٿي ويل ذرن کي ڳنڍيو وڃي ٿو. پر توکي ته پتو ئي ڪونهي ته اسان جي دل ڪٿان ڪٿان ٽٽي آهي.“
بيشڪ مذهب جي اها پراڻي دنيا، جنهن جي مافوق الفطرت ڪارگذارين جو يقين اسان جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل رهندو هو، هاڻي اسان جي لاءِ موجود نه رهي آهي. اڄوڪي زماني ۾ مذهب به عقل ۽ منطق جي هڪ سادي ۽ بي رنگ چادر ويڙهي اسان جي سامهون اچي ٿو ۽ اسان جي دلين کان وڌيڪ اسان جي دماغن سان مخاطب ٿيڻ گهرندو آهي. تنهن هوندي به جيڪر تسڪين ۽ يقين جو ٽيڪو ملي سگهي ٿو ته اڄ به اِتان ئي ملي سگهي ٿو:
در دیگرے بنما کہ بکجا روم چو برانیم؟(4)
”جيڪڏهن تون ئي اسان کي ڌڪارين، ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته اسين ٻئي ڪنهن جو در کڙڪايون!؟“
فلسفو شڪ جو در کولي ڇڏيندو ۽ پوءِ ان کي بند ڪري نه سگهندو. سائنس ثبوت ڏيندي، پر عقيدو ڏيئي نه سگهندي. البت مذهب اسان کي عقيدو ڏئي ڇڏيندو، جيتوڻيڪ ثبوت نه ٿو ڏئي، ۽ هتي زندگي جا ڏينهڙا گهارڻ لاءِ فقط چٽين پٽين حقيقتن جي ئي گهرج ناهي، بلڪ عقيدو پڻ کپي ٿو. اسان فقط انهن ڳالهين تي قناعت ڪري نه ٿا سگهون، جيڪي ثابت ڪري سگهجن ٿيون ۽ ان ڪري مڃي وٺجن ٿيون. اسان کي ڪي ڳالهيون اهڙيون پڻ کپن ٿيون، جن کي ڀل کڻي ثابت ڪري نه سگهجي، پر پوءِ به مڃڻو پوندو آهي:
By faith and faith alone embrace
Believing where we can not prove. (5)
”فقط عقيدي ۽ عقيدي وسيلي ئي اسان انهن شين تي ايمان آڻيون ٿا، جيڪي ثابت ڪري نه ٿيون سگهجن.“
عام حالتن ۾ مذهب انسان کي سندس خانداني ورثي سان گڏ ملندو آهي ۽ اهڙي نموني مون کي به مليو. البت آئون موروثي عقيدن تي گذارو ڪري نه سگهيس. جنهن حد تائين اهي ريج ڏئي سگهيا ٿي، منهنجي اُڃ ۽ اُساٽ ان کان اَپار هئي. جنهن ڪري مون کي پراڻن گسن کي ڇڏي نيون واٽون ووڙڻيون پيون. زندگي جا اڃا پندرنهن ورهيه به ڪونه وهاميا هئا، نه مڇن جي ساول آئي هئي ۽ نه ڏاڙهي جي رِهه لٿي هئي، جو طبيعت نين خلشن ۽ نين جستجوئن سان ساڃاهجي وئي هئي ۽ موروثي عقيدا جنهن شڪل صورت ۾ اڳيان اچي بيٺا هئا، انهن تي مطمئن ٿيڻ کان ناڪار ڪرڻ لڳي هئي. پهريائين اسلام جي اندروني فرقن جا اختلاف اڳيان آيا ۽ انهن جي هڪ ٻئي مٿان اعتراضن ڀرين دعوائن ۽ ٽڪرائجندڙ فيصلن حيران پريشان ڪري ڇڏيو. پوءِ جڏهن پير ٿورو اڳتي وڌيا ته اک مذهبن جي عالمگير ڏيک تي وڃي اٽڪي، جنهن حيراني کي شڪ ۽ شڪ کي انڪار جي حد تائين پهچائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ وري مذهب ۽ علم جي باهمي اختلافن جو ميدان سامهون آيو، جنهن اعتقاد جو رهيو کهيو سوجهرو پڻ چٽ ڪري ڇڏيو. زندگي جا اهي بنيادي سوال، جيڪي عام حالتن ۾ اسان کي ورلي ياد ايندا آهن، هڪ هڪ ڪري اڀريا ۽ دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويا. حقيقت ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي؟ آهي به ڪِ نه؟ جيڪڏهن آهي ته هڪ ئي آهي، ڇو ته هڪ کان وڌيڪ حقيقتون ٿي نه ٿيون سگهن، ته پوءِ دڳ جدا ڇو ٿيا؟ نه فقط جدا، پر هڪ ٻئي کي رد قد ڏيندڙ ۽ ٽڪرائجندڙ ڇو ٿيا؟ ۽ پوءِ اهو ڇا آهي ته اختلاف ۽ ٽڪراءَ جي انهن سڀني سامهون ٿيندڙ دڳن جي اڳيان علم پنهنجن بي لچڪ فيصلن ۽ ٺوس حقيقتن جو ڏيئو هٿ ۾ اُڀو جهليو بيٺو آهي ۽ ان جي بيرحم روشنيءَ ۾ قدامت ۽ روايت جون اهي سموريون پراسرار اونداهيون، جن کي انسانذات عظمت ۽ تقدس جي نگاهن سان ڏسڻ جي هيراڪ ٿي وئي هئي، هڪ هڪ ٿي ڀسم ٿي رهيون آهن.
هي راهه هميشه شڪ کان شروع ٿئي ٿي ۽ انڪار تي ختم ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن قدم ان تي رڪجي وڃن ته پوءِ مايوسي ۽ نراسائي ڌاران ٻيو ڪجهه به پلئه نه ٿو پئي:
تھک تھک کے ہر مقام پہ دو چار رہ گئے،
تیرا پتا نہ پائیں تو ناچار کیا کریں!(6)
مون کي به انهن منزلن وٽان لنگهڻو پيو، پر آئون ڪٿي به بيٺس ڪونه. منهنجي اُڃ نااميدي ۽ مايوسي تي گذارو ڪرڻ نه ٿي گهريو. آخرڪار حيرانين ۽ رولاڪين جا اڻڳڻيا رڻ پار ڪرڻ کان پوءِ جيڪو ماڳ ظاهر ٿيو، تنهن هڪڙي ٻئي ئي جهان ۾ پڄائي ڇڏيو. معلوم ٿيو ته اختلافن ۽ جهڳڙن جي انهن ٽڪرجندڙ دڳن ۽ وهمن ۽ خيالن جي انهن گهرين اونداهين جي اندر هڪڙي روشن ۽ مڪمل راهه پڻ موجود آهي، جيڪا يقين ۽ اعتقاد جي منزل مقصود تائين هلي وئي آهي ۽ جيڪڏهن سڪون ۽ اطمينان جي سرچشمي جو ڏس پتو ڪٿان ملي سگهي ٿو ته اِتان ئي ملي سگهي ٿو. مون جيڪو اعتقاد حقيقت جي ڳولا ۾ وڃايو هو، اهو انهيءَ ئي ساڳي جستجو ۽ ڳولا جي هٿان وري واپس ملي ويو. منهنجي بيماري جو جيڪو ڪارڻ هو، اهوئي آخرڪار ان لاءِ دارونءَ دوا ثابت ٿيو:
تَداوَیَتُ مِنْ لَیلیٰ بِلَیْلیٰ عَنِ لھَویٰ
کَمَا یَتَداوَی شارِبُ الْخَمْرِ بِاالْخَمْر۔(7)
”مون کي ليليٰ جي وڇوڙي ۾ هي جيڪو غم جو عارضو وڪوڙي ويو آهي، انهيءَ جو علاج ليليٰ جي ميلاپ ۾ لڪل آهي؛ ايئن جيئن هڪڙي رند جو علاج شراب آهي.“
البت جيڪو عقيدو وڃايم، اهو رڳو تقليدي هو ۽ جيڪو عقيدو پاتم، اهو تحقيقي هو:
راہے کہ خضر داشت ز سرچشمہ دور بود،
لب تشنگی ز راہِ دگر بردہ ایم ما!(8)
”خضر آبحيات جي چشمي تائين پڄڻ لاءِ اڻانگو رستو اختيار ڪيو آهي. اسان جي اُڃ اساٽ ٻئي ويجهڙائي واري رستي ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي.“
جيستائين موروثي عقيدن جي جمود ۽ تقليدي ايمان جي انڌ جون پٽيون اسان جي اکين تي ٻڌل هونديون آهن، اسان ان راهه جي سڌ ٻڌ حاصل ڪري نه ٿا سگهون. پر جيئن ئي اهي پٽيون کلڻ لڳن ٿيون، صاف ڏسجڻ ۾ ايندو آهي ته راهه نڪي پري هئي ۽ نه ئي وڃايل هئي. اها فقط اسان جي ئي اک پور هئي، جيڪا روشني ۾ به ان کي ڏسي نه پئي سگهي:
در دشت آرزو نہ بود بیم دام و دد،
راہے ست ایں کہ ہم ز توخیزد بلائے تو ۔(9)
”آرزوئن جي رڻ ۾ اسان کي جان جي ڪا پرواهه ڪانه هئي، ڇو جو تو تائين پهچڻ جو اهو رستو هو ۽ اهڙي رستي تي ئي جوکا هوندا آهن.“
هاڻي خبر پيئي ته اسان اڄ توڻي جنهن کي مذهب سمجهندا آيا هئاسين، اهو مذهب ڪٿي هو؟ اها ته خود اسان جي ئي وهم پرستين ۽ وسوسن جي هڪڙي گهڙيل صورت هئي:
تابغایت ما ہنر پندا شتیم،
عاشقی ہم ننگ و عارے بودہ ست۔(10)
”اسين آخر تائين ان کي هڪڙي خوبي سمجهندا رهياسين، پر هي عاشقي به ٺلهي ننگ ۽ عار ئي ثابت ٿي.“
هڪ مذهب ته موروثي مذهب آهي، ته ابا ڏاڏا جيڪي ڪجهه مڃيندا رهيا آهن، اوهان به اهوئي مڃيندا رهو. هڪڙو جاگرافيائي مذهب آهي، ته زمين جي ڪنهن خاص ٽڪري ۾ هڪڙي عام شاهراهه بڻجي پيئي آهي، سڀ ان تي هلن ٿا، اوهين به هلندا رهو. هڪ مردم شماري جو مذهب آهي ته آدم شماري جي ڪاڳرن ۾ هڪ خانو مذهب جو به رکيل هوندو آهي، ان ۾ اسلام لکرائي ڇڏيو. هڪ مذهب رسمي مذهب آهي، ته ريتن رسمن، رواجن ۽ تهوارن جو هڪڙو سانچو ٺهي ويو آهي، ان سان ڪا ڇيڙڇاڙ نه ڪريو ۽ ان سان ٺهڪيل رهو. پر انهن سڀني مذهبن کان علاوه به مذهب جي هڪڙي حقيقت بچي پوي ٿي. سڃاڻپ ۽ امتياز لاءِ ان کي حقيقي مذهب جي نالي سان سڏڻو پوندو آهي ۽ انهيءَ جي راهه وڃائجي ويندي آهي:
ہمیں ورق کہ سیہ گشت، مدعا ایں جا ست۔ (11)
”هي ئي اهو ڪاڳر آهي، جنهن تي مس پکڙجي چڪي آهي. مقصد جون سڀ ڳالهيون ان ۾ ئي لڪل آهن.“
انهيءَ ڏاڪي تي پهچي هيءَ حقيقت پڻ پڌري ٿي ته علم ۽ مذهب جي وچ ۾ جيڪي به ٽڪراءَ آهن، اهي حقيقت ۾ علم ۽ مذهب جا نه آهن، بلڪ اهي علم جي دعويدارن جي اوڻائين ۽ مذهب جي دعويدارن جي ظاهر پرستين ۽ قاعدي سازين جا آهن. حقيقي علم ۽ حقيقي مذهب کڻي جو الڳ الڳ رستن جا مسافر آهن، پر آخر ۾ پهچن هڪڙي ئي منزل تي ٿا:
عِبارَاتُنَا شَتّٰی وَحُسْنُکَ وَاحِدُ
وکُلُّ اِلیٰ ذاک الجَمَالِ یُشِیْرُ.
”اسين عشق جي ترجماني انيڪ طريقن سان ڪريون ٿا، تنهنجو حُسن يڪتا آهي. اسين سڀ پنهنجي پنهنجي زاويي کان تنهنجي سونهن ۽ حسن ڏانهن ئي اشارو ڪري رهيا آهيون.“
علم محسوسات جي دنيا سان واسطو رکي ٿو. مذهب محسوسات کان ماورا جي ڄاڻ سڃاڻ ڏئي ٿو. ٻنهي ۾ دائرن جي هيڪاندائي ٿئي ٿي، پر منجهن ڇڪتاڻ نه ٿي ٿئي. جيڪو ڪجهه محسوسات کان ماورا ۽ مٿڀرو آهي، اسين ان کي مادي دنيا سان ٽڪراءُ ۾ سمجهون ٿا ۽ اتان کان ئي اسان جي ڌنڌ ۾ لڙاٽيل نگاهن جي نڪمائي شروع ٿي وڃي ٿي:
ہر چہرہ حقیقت اگر ماند پردہ،
جر مِ نگاہِ دیدہ صورت پرست ماست۔ (12)
”جيڪڏهن حقيقت نگاهن کان لڪل رهي ته ان ۾ نگاهون ئي ڏوهي آهن، ڇو ته اسان جون اکيون اڳ ئي تراشيل پيڪر جون هيراڪ ٿي ويون آهن.“
بهرحال زندگي جي ناگوارين ۽ ڏکيائين ۾ مذهب جي تسڪين فقط هڪڙي روحاني تسڪين ئي نه ٿي ٿئي، بلڪ اها مادي تسڪين به ٿئي ٿي. ڇو ته اهو اسان کي عملن جي اخلاقي قدرن (Moral values) جي پڪ ڏياري ٿو ۽ اهائي پڪ، اهو ئي يقين آهي جنهن جي روشني ڪنهن ٻئي هنڌ نه ٿي ملي سگهي. اهو يقين اسان کي ٻڌائي ٿو ته زندگي هڪڙو اتم فرض آهي، جنهن کي نڀائڻ گهرجي؛ هڪ بار آهي، جيڪو کڻڻ گهرجي:
جلوہ کاروانِ مانیست بہ نالہ جرس،
عشق تو راہ می برد، شوقِ تو زاد می دہد۔ (13)
”اسان جو قافلو بهار جي سڏن سان منزل ڳولي نه ٿو لهي، اهو تنهنجي عشق جو اعجاز آهي جيڪو راهه ڏيکاري ٿو ۽ تنهنجو پيار اسان جي سفر جو ثمر آهي.“
پر ڇا هيءَ بار ڪنڊن تي هلڻ ڌاران نه ٿو کڻي سگهجي؟
بلڪل نٿو کڻي سگهجي. ڇو ته هتي خود زندگي جون تقاضائون آهن، جن جو اسان کي جواب ڏيڻو آهي ۽ خود زندگي جا مقصد آهن، جن جي پويان اجهل انداز ۾ ڊوڙڻو آهي. جن ڳالهين کي اسين زندگي جون راحتون ۽ لذتون سمجهون ٿا، اهي اسان لاءِ راحتون ۽ لذتون ئي ڪٿي رهنديون، جي اسين انهن تقاضائن ۽ مقصدن کان منهن موڙي ڇڏيون. بيشڪ هتي زندگي جو بار کڻي ڪنڊن جي فرش تي ڊوڙڻو پيو، پر ان لاءِ ڊوڙڻو پيو جو ديبا ۽ مخمل جي فرش تي هلي انهن تقاضائن جو جواب ڏيڻ ممڪن نه هو. ڪنڊا ڪڏهن پلاند سان اٽڪندا، ڪڏهن پيرن جي ترين ۾ چڀندا، پر مقصد جي جيڪا خلش دل جي ڪنڊ ۾ چڀندي رهندي، اها نه ليڙ ليڙ ٿيل پلاند جو احساس ٿيڻ ڏيندي، نڪي زخمي ۽ رتو رت پٻن جو.
معشوق درمیانئہ جاں، مدعی کجاست،
گل در دماغ می دہد، آسیب خار چیست؟ (14)
”منهنجو پرين منهنجي دل ۾ اوطاقون ڪري رهيو پيو آهي. جڏهن گل اندر ۾ سڳنڌيون پيو پکيڙي ته پوءِ ڪنڊن جو ڀئُه ڇو ٿيندو.“
وري زندگي جي جن حالتن کي پاڻ راحت ۽ ڏک سمجهون ٿا، انهن جي حقيقت به ان کان وڌيڪ ڪهڙي آهي ته اضافت جي ڪرشمن جي هڪ صورت آهن. هتي نه مڪمل راحت آهي ۽ نه مڪمل ڏک. اسان جا سمورا احساس ننهن کان چوٽيءَ تائين سراسر اضافي آهن:
دویدن، رفتن، استادن، نشستن، خفتن، مردن(15)
”ڊوڙڻ ڊڪڻ، گهمڻ ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ، سمهڻ جاڳڻ ۽ موت جي ماٿري ۾ لهي وڃڻ اهي سڀ زندگي جا مختلف مرحلا آهن.“
اضافتون بدلائيندا وڃو، راحت ۽ رنج جون نوعيتون بدلجنديون وينديون. هتي هڪڙي ئي ساهمي کڻي هر طبيعت ۽ هر حالت جي احساس کي ان ۾ توري نه ٿو سگهجي. هڪ هاري جي راحت ۽ رنج جي تور تڪ لاءِ اسان جنهن ساهمي کان ڪم وٺون ٿا، ان سان فن لطيف جي ڪنهن ماهر جي راحت ۽ رنج جي معيار کي توري نه سگهنداسين. هڪ رياضيدان کي رياضي جو ڪو منڌل مسئلو حل ڪري جيڪا لذت ملي ٿي، اها هڪڙي حوس پرست کي رات جي ريشمي پڙدن ۾ ويڙهيل مزن ۽ مستين ۾ ڪٿي ملي سگهندي؟ ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته گلن جي سيج تي سمهون ٿا ۽ قرار نه ٿا ماڻيون. ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ڪنڊن تي ڊوڙندا آهيون ۽ انهن جي هر چُڀاءُ ۾ راحت ۽ سرور جو هڪڙو نئون مزو ماڻڻ لڳون ٿا:
بہر یک گل، زحمت صد خار می باید کشید۔ (16)
”هڪڙي گل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪنڊن جي تڪليف کڻڻي پوندي آهي.“
رنج راحت ۽ ڏک درد جو احساس اسان کي ڪير به ٻاهران آڻي نه ٿو ڏئي. هي خود اسان جي پنهنجي اندر جو احساس آهي، جيڪو ڪڏهن گهاءُ ٿو ڏئي ته ڪڏهن ملم بنجي ٿو پوي. طلب ۽ جاکوڙ جي زندگي بذات خود حياتي جي سڀ کان وڏي لذت ۽ سرهائي آهي، شرط رڳو اهو آهي ته ڪنهن بلند ۽ اعليٰ آدرش جي راهه ۾ هجي:
رہرواں را خستگی راہ نیست،
عشق ہم راہ ست وہم خود منزل ست۔ (17)
”عشق جا مسافر رستي جي ٿَڪ ۾ ساڻا نه ٿا ٿين، عشق پنهنجي ذات ۾ خود واٽ به آهي ته منزل به آهي.“
۽ هي جيڪي ڪجهه آئون چئي رهيو آهيان، اهو فلسفو نه آهي، بلڪ زندگي جون عام رمزون آهن. هتي آئون عشق ۽ محبت جي واردات جو حوالو نه ٿو ڏيان، ڇو جو اها هر ماڻهو جي حصي ۾ نه ٿي اچي. البت رندي، مڌ پياڪي ۽ حوسناڪي جي وستين جي خبرچار رکڻ وارا ڪيترائي ملي ويندا. اهي پاڻ پنهنجي دل کان پڇي ڏسن ته ڪنهن جي پريت جي راهه ۾ دکن دردن جي ڪڙاڻ ڪڏهن خوشگوارين جا مزا به ڏنا هئا ڪِ نه؟
حريف کاوش مزگانِ خونریزش نہ ای ناصح،
بدست آور رگ جانے و نستر را تماشا کن۔ (18)
”اي نصيحت ڪندڙ! تون هن جي رتو رت ڪندڙ پنبڻين جي وڍ کان اڻواقف آهين. ٿورو هٿن سان پنهنجي شهه رڳ هن جي ويجهو ڪري پنبڻين جي وڍ جو مزو ته وٺي ڏس!“
زندگي بنان مقصد جي نه ٿي گذاري سگهجي. ڪوئي اٽڪاءُ، ڪوئي لڳاءُ، ڪوئي ٻاروچاڻو ٻنڌڻ ضرور هجڻ گهرجي، جنهن جي لاءِ زندگي جا ڏينهنڙا ڪاٽيا وڃن. اهو مقصد مختلف طبيعتن جي اڳيان مختلف صورتن ۾ سامهون اچي ٿو:
زاہد بہ نماز و روزہ ضبطے دارد
سرمد بہ مئے و پیالہ ربطے دارد۔ (19)
”عبادت گذار جو تعلق نماز ۽ روزي سان آهي. سرمد مڌ ۽ پيالي سان پريتڙي رکي ٿو.“
ڪو ماڻهو زندگي جي عام ڪاروهنوار کي ئي زندگي جو مقصد سمجهي ان تي قناعت ڪري ٿو، ڪوئي ان تي قانع نه ٿو ٿي سگهي. جيڪي ان تي قانع ٿي نه ٿا سگهن، انهن جون حالتون به مختلف ٿين ٿيون. گهڻن جي اُڃ اهڙن مقصدن سان لهي ٿي وڃي، جيڪي کين مشغول رکي سگهن؛ پر اهڙيون طبيعتون پڻ ٿين ٿيون، جن لاءِ فقط مشغولي ڪافي ٿي نه ٿي سگهي، اهي زندگي جو اضطراب پڻ چاهين ٿيون:
نہ داغ تازہ می کارد، نہ زخم کہنہ می خارد،
بدہ یا رب! دلے کیں صورت بے جاں نمی خواہم۔ (20)
”نه ڪو نئون زخم ڪم ڏيکاري ٿو، نه پراڻا گهاءَ خلش ڏين ٿا. اي منهنجا رب! هاڻي مون کي هڪڙي نئين دل عطا ڪر، ڇو ته هي ڦڪي زندگي مون کي قبول نه آهي.“
پهرين لاءِ جيڪا دلربائي مشغولين ۾ لڪل آهي، ٻين لاءِ اُها ان ۾ آهي ته بيچين، بيقرار ۽ مضطرب رهن:
دریں چمن کہ ہوا داغِ شبنم آرائی ست،
تسلیے بہ ہزار اضطراب می بافند! (21)
”باغ ۾ واءُ ماڪ جي ڦڙن تي جيڪي داغ اُڀاري رهي آهي، ايئن اصل ۾ اها سندس بيچينين جي تسڪين جو سامان پئي مهيا ڪري.“
هڪ ٿڌي ۽ هنگامن کان پرانهين مقصد سان سندن اُڃ ٻجهي نه ٿي سگهي. کين اهڙو مقصد گهرجي جيڪو بيچيني ۽ اضطراب جي ٽانڊن سان تپي رهيو هجي، جيڪو سندن اندر ۾ ڇڪتاڻ، بيقراري ۽ سرمستي جا ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏي، جنهن جي ناز ڀريي پاند کي پڪڙڻ لاءِ هو پنهنجي وحشت جا ڳلا چيريندا رهن:
دامن اس کا تو بھلا دور ہے، اے دست جنوں،
کیوں ہے بے کار، گریباں تو مرا دور نہیں! (22)
هڪڙو اهڙو دل گهريو مقصد- جنهن جي پويان کين ديوانن وانگر ڊوڙڻو پوي، جيڪو ڊوڙندڙن کي هميشه ويجهڙو ڏسڻ ۾ اچي ۽ هميشه پرڀرو پڻ ٿيندو رهي. ويجهڙو ايترو جو جڏهن چاهين هٿ وڌائي ان کي پڪڙي وٺن، پرانهون ايترو جو ان جي راهه جي ڌوڙ جو ذرو به لهي نه سگهن.
بامن آویزش او الفت موج ست و کنار،
دمبدم بامن و ہر لحظہ گریزاں از من۔ (23)
”مون سان هن جو لاڳاپو ڪجهه اهڙو آهي، جيئن درياهه جي ڇوليءَ جو ڪناري سان هوندو آهي. هڪ پل هو مون سان گڏ آهي، ته ٻئي پل مون کان پري هليو ويندو آهي.“
وري جي نفسياتي نقطي نگاهه سان ڏسجي ته معاملي جو ٻيو پاسو پڻ آهي، جنهن کي رڳو اونهي ۾ لهندڙ اکيون ئي ڏسي سگهن ٿيون. يڪسانيت ڀل کڻي راحت ۽ سڪون جي هجي، يڪسانيت ئي ٿي، ۽ يڪسانيت بذات خود زندگي جي سڀ کان وڏي ڦِڪاڻ آهي. تبديلي ڀل کڻي سڪون ۽ قرار کان اضطراب ۽ بيچيني ڏانهن وٺي ويندڙ هجي، پر پوءِ به تبديلي آهي؛ ۽ تبديلي بذات خود زندگي جي هڪڙي وڏي لذت آهي. عربيءَ ۾ چوندا آهن:
حمضوا مجالسکم!
”پنهنجي مجلسن جو ذائقو مٽائيندا رهو.“
سو هتي زندگيءَ جو مزو به انهن کي ئي ملي سگهندو آهي، جيڪي ان جي مٺاس ۽ شيرينين سان گڏ ڪوڙاڻ جون سُرڪيون پڻ ڀريندا رهندا آهن ۽ اهڙي ريت پنهنجي زندگي جو ذائقو بدلائيندا رهن ٿا. نه ته اها حياتي ئي ڪهڙي جيڪا هڪجهڙن صبحن ۽ هڪ رنگ جي شامن ۾ بسر ٿيندي رهي. خواجا درد ڇا ته خوب چئي ويو آهي:
آجائے ایسے جینے سے اپنا تو جی تنگ،
آخر جیے گا کب تلک، اے خضر! مر کہیں۔ (24)
هتي ماڻڻ جو مزو انهن کي ئي ملي سگهندو آهي، جيڪي وڃائڻ ڄاڻندا آهن. جن ڪڏهن ڪجهه وڃايو ئي ڪونهي، انهن کي ڪهڙي خبر ته حاصلات ۽ ماڻڻ جي معنيٰ ڇا ٿيندي آهي؟ نظيري جي نگاهه انهيءَ حقيقت تي پيئي هئي.
آنکہ او در کلبہ احزاں پسر گم کردہ یافت،
تو کہ چیزے گم نہ کردی، از کجا پیدا شود! (25)
”جنهن انسان جي غمگين دل پنهنجي جگر جو ٽڪرو وڃايو هو، تنهن نيٺ ان کي ڳولي ورتو. پر تو ته ڪا شيءِ وڃائي ڪينهي ته پوءِ ڳولا ڇا جي؟“
جيڪڏهن وري غور فڪر جو هڪڙو قدم اڃا اڳتي وڌائجي ته خود اسان جي زندگي جي حقيقت به حرڪت ۽ اضطراب جي هڪڙي تسلسل کان سواءِ ڀلا ٻي ڇا آهي؟ جنهن حالت کي اسين سڪون ٿا سڏيون، جيڪڏهن چاهيون ته ان کي موت به چئي سگهون ٿا. لهر جيستائين مضطرب ۽ بيقرار آهي، جيئري آهي، سڪوت ۽ قرار ماڻيائين ته فنا ٿي وئي. فارسي زبان جي هڪ شاعر ٻن مصراعن اندر زندگي جو سڄو سارو فلسفو سموئي ڇڏيو هو:
موجیم کہ آسودگی ما عدم ماست،
ما زندہ ازانیم کہ آرام نگیریم۔ (26)
”اسان جو حال سمنڊ جي ڇولين جهڙو آهي. سڪون سان آشنا ٿيون ته فنا ٿي ويون. اسين ان ڪري جيئرا آهيون، جو سڪوت جو شڪار نه ٿا ٿيون.“
مٿان وري اهو ته هي سفر ان انداز سان به نه ٿو ڪٽي سگهجي ته ان جي ٻنڌڻ سان گڏ دل سان ٻيا لڳاءَ به جوڙي رکجن. مقصد جي راهه جي خاڪ ڏاڍي غيور ٿيندي آهي. اها مسافر جي نياز وند پيشاني جا سمورا سجدا پاڻ ڏانهن ايئن ڇڪي ٿي وٺي، جو پوءِ ڪنهن ٻئي چانئٺ لاءِ ڪجهه به باقي نه ٿو بچي. ڏسو! مون اها ڀيٽ غالب کان اڌاري ورتي آهي:
خاک کویش خود پسند افتاد در جذب سجود،
سجدہ از بہر حرم نہ گزاشت در سیمائے من۔ (27)
”هن نگري جي خود پسند مٽي منهنجي پيشاني جا سڀ سجدا ايئن روڙي ورتا آهن، جو حرم ۾ ادا ڪرڻ لاءِ هڪڙو سجدو به نه بچيو آهي.“
هن سڄي ساري ڊيگهه پٽاڙ جو مقصد هي هو ته پنهنجي فڪر جي ڇڙوڇڙ ۽ منڌل ورقن جو هڪ صفحو اڄ توهان جي اڳيان کولي رکان:
لختے ز حال خویش بہ سیما نوشتہ ایم۔ (28)
”اسان پنهنجي زندگي جي حالتن جو وستار پنهنجي نراڙ تي لکي ڇڏيو آهي.“
هن هزارين رنگ مڌ شالا ۾ تخيل جي ونگن ۾ ونگيل هر جيءَ پنهنجي سار وِسار لاءِ سرشاري ۽ مستيءَ جو ڪو نه ڪو جام اڳيان رکيو آهي ۽ ان ۾ سرمست و بيخود رهي ٿو:
ساقی بہ ہمہ بادہ ز یک خم دہد، اما،
در مجلس او مستی ہر یک ز شرابے ست۔
”ساقي ته هر ڪنهن کي ساڳي صراحي مان شراب پياريو آهي، پر محفل جو رنگ ڪجهه اهڙو آهي، جو هر ڪنهن جي مستي ڪنهن ٻئي شراب جو ڏس ڏئي ٿي.“
ڪو پنهنجي جهولي گلن سان ڀرڻ گهري ٿو، ته ڪوئي ڪنڊن سان ۽ ٻنهي منجهان ڪير به اها ڳالهه پسند نه ٿو ڪري ته سندس پاند خالي رهي. جڏهن ٻيا ماڻهو خوشين، مسرتن ۽ دلبرين جا رتا گل روڙي رهيا هئا، تڏهن اسان جي حصي ۾ تمنائن ۽ حسرتن جا ڪنڊا آيا. هنن گل چونڊي ورتا ۽ ڪنڊا ڇڏي ڏنا. اسان ڪنڊا چونڊي جهولي ڀري ورتي ۽ گلڙن کي ڇڏي ڏنو.
ز خار زار محبت دل ترا چہ خبر،
کہ گل بجیب نہ گنجد قبائے تنگ ترا۔ (29)
”تنهنجي دل جي دنيا کي ڪنڊن ڀري محبت جي ڪهڙي خبر؟ تنهنجو لباس ايترو سوڙهو آهي، جو ان جي پاند ۾ گل سمائجي نه ٿا سگهجن.“
[b]حاشيا ۽ حوالا
[/b]
1) ڪليلا ۽ دمنا عربي جو مشهور ڪتاب آهي، جيڪو اصل ۾ سنسڪرت جي ڪتاب ”پنج تنتر“ جو ترجمو آهي. پهرين ان جو ترجمو پهلوي زبان ۾ ٿيو. پوءِ ان مان عبدالله ابن مقفعيٰ ٻئين عباسي خليفي ابو جعفرعبدالله منصور جي زماني ۾ ان جو عربي ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
2) ڪليات سودا، ص: 54
3) ديوان نظيري، ص: 71. ڇپيل نسخي ۾ پهرين مصراع ۾ ”کوچه“ جي جاءِ تي ”کوئے“ آهي.
4) بيدل جي مطلع جي مصراع آهي. پورو شعر هينئن آهي:
تو کریم مطلق و من گرا، چکنی جز ایں کہ نخوانیم،
در دیگرم بنما کہ من بکجا روم، چو برانیم۔
(ڪليات، ڀاڱو پهريون- ص: 878)
5) هي انگريز شاعر لارڊ ٽيني سن جي نظم ان ميموريم (In Memorium) جي پهرئين بند جون ٻه مصراعون آهن. جيڪي حضرت عيسيٰ عليه السلام کي مخاطب ٿي چيل آهن. سڄو بند هن طرح آهي:
Strong son of God, Immortal Love whome we,
That have not seen thy Face,
By Faith and Faith alone embrace,
Believing where we can not prove
(The Poems and Plays of Tenny son. P-23)
6) ديوان غالب، ص: 130
7) هن شعر جي شاعر جو نالو نه ٿو ملي. ثعالبي ”التمثيل و المحاضره“ ۾ صفحي 204 تي اهو نقل ڪيو آهي ۽ ڪنهن جو به نالو نه ڏنو اٿس. ”الحماسته البصريه“ ڀاڱو ٻيو، ص: 174 تي به ملي ٿو. اتي به شاعر جو نالو ڄاڻايل ناهي.
8) ڪليات عرفي، ص: 277.
9) ڪليات فيضي، ص: 492. هن شعر جي هڪ ٻي روايت ۾ هيٺينءَ مصراع ۾ ” راہے ست“ جي جڳهه تي ”راہست“ ملي ٿو. پر ” راہے ست“ وڌيڪ بهتر آهي.
10) ديوان وحشي بافقي، ص: 20. ديوان جو ڇپيل شعر آهي:
تابغایت ماہنر پندا شتیم،
عاشقی خود عیب و عارے بودہ است۔
ان کان پوءِ ساڳيو غزل صفحي 28 تي ٻيهر ڇپيل ملي ٿو، اتي هيٺين مصراع ۾ ”خود عيب“ جي جڳهه تي ”خود ننگ“ لکيل آهي.
11) ديوان نظيري، ص : 46. شعر جي پهرين مصراع هيءَ آهي.
بغیر دل ہمہ نقش و نگار بے معنی ست۔
12) نظيري نيشاپوري جو شعر آهي. (ديوان، ص: 47).ڪن هنڌن تي مٿينءَ مصراع هينئن به ڏٺي وئي آهي:
بر چہرہ حقیقت ما ماند پردہ۔
13) فيضي، ص: 376. صحيح شعر هينئن آهي:
جلوہ کاروانِ ما نیست بناقہ و جرس،
شوقِ تو راہ می برد، درد تو زاد می دہد۔
14) گهڻو ڪري عرفي جو شعر آهي. (شعرالعجم، ڀاڱو ٽيون، ص: 131). ذڪر جوڳي ڳالهه هي آهي ته ڪليات جي ايران ۾ ڇپيل نسخي ۾ ان زمين ۾ غزل ته موجود آهي، پر ان ۾ اهو شعر نه ٿو ملي.
15) مرزا خاضعا، مرزا صائب جو شاگرد ۽ سيد عبدالجليل بلگرامي جو همنشين هو، ان ٻڌايو ته هڪڙي ڏينهن مون مرزا صائب جي اڳيان هي مصراع پڙهي:
دویدن، رفتن، استادن، نشستن، خفتن و مردن.
مصراع بلڪل بي معنيٰ هئي، چند اڻ لاڳاپيل ۽ ڇڙوڇڙ شيون گڏي ڇڏيون ويون هيون. مرزا ان تي ٻي مصراع چئي هڪڙو عجيب فلسفياڻو مضمون ۽ معنيٰ پيدا ڪري ڇڏي (يدبيضا، ص: 106)
دویدن، رفتن، استادن، نشستن، خفتن و مردن،
بقدر ہر سکون راحت بود، بنگر تفاوت را۔
مولانا شبلي نقل ۾ مصراعن جي ترتيب بدلائي ڇڏي آهي. (شعرالعجم، ڀاڱو ٽيون، ص: 179)
16) هن مصراع جي باري ۾ جهانگير هڪ عجيب واقعو لکيو آهي. هو لکي ٿو ته هڪ ڏينهن ڪنهن چيو ته سپهه سالار خان خانان هن مصراع:
بہر یک گل زحمت صد خار می باید کشید
تي غزل لکيو آهي ۽ درٻار جي ڪن ٻين شاعرن به ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان تي في البديهه هي شعر منهنجي ذهن تي آيو:
ساغر مئے بر رخ گلزار می باید کشید
ابر بسیار است، مے بسیار می باید کشید۔
بعد ۾ ته ڪيترن ئي ماڻهن ان زمين ۾ غزل چيا. خبر پئي ته اها مصراع مولانا جامي جي آهي. سڄو غزل پڻ اکين اڳيان گذريو، جنهن ۾ سواءِ ان هڪڙي مصراع جي، جيڪا خاص توڙي عام ماڻهن جي زبان تي چڙهيل هئي، سڄي غزل ۾ ٻي ڪا ڪم جي شيءِ نه هئي. (تُزڪ جهانگيري، ص: 232، 233). دلچسپ ڳالهه هي آهي ته ڇپيل ديوان ۾ نه اها مصراع ٿي ملي ۽ نه ان زمين ۾ غزل ٿو ملي.
17) نشاط اصفهاني جو شعر آهي. (رياض العارفين، ص: 535). ڇپيل شعر هن طرح آهي:
طالباں راخستگی در راہ نیست
عشق خود راہ ست و ہم خود منزل ست
18) شيخ علي حزين جو شعر آهي. (ڪليات، ص: 603). ڇپيل ڪليات ۾ پهرين مصراع ۾ ”ناصح“ جي جڳهه تي ”زاهد“ آهي.
19) ٻي مصراع ۾ سرمد گهڻو ڪري غلط آهي. هي سرمد جي به ڪنهن مجموعي ۾ شامل ناهي. هي رباعي ڪيترن هنڌن تي بيدل جي نالي سان هينئن ڏنل آهي:
زاہد بہ نماز و روزہ ضبطے دا رد،
صوفی مے شبانہ ربطے دارد،
بیدل ہمہ را بحال خود می بینم،
ہر کس بخیال خویش خبطے دارد۔
البت ڪليات بيدل ۾ به ڳولڻ سان نه ٿي ملي.
20) ڪليات عرفي شيرازي، ص: 32. (واڌارا) ديوان ۾ شعر هينئن آهي:
نہ داغ تازہ می خارد، نہ زخم کہنہ می کارد،
بدہ یا رب! وے کاین صورت بیجان نمی خواہم۔
21) ڪليات بيدل، ڀاڱو پهريون، ص: 610
22) مفتي صدرالدين خان آزردا جو شعر آهي (خم خانا جاويد، ص: 59).
23) ديوان ڪليم، ص: 294. ڇپيل ديوان ۾ پهرين مصراع ۾ آويزش جي جڳهه تي آميزش آهي ۽ ٻي مصراع هن ريت آهي:
روز و شب بامن و پیوستہ گریزاں ا زمن
24) ديوان درد، ص: 53. ٻي مصراع بلڪل هن ريت آهي:
جیتا رہے گا کب تئیں، اے خضر! مر کہیں
25) ديوان نظيري، ص:139
26) ڪليم ڪاشاني جو شعر آهي. (ديوان، ص: 326)
27) ڪليات غالب (فارسي)، ص: 343.
28) نظيري جي مصراع آهي، تفاوت هي اٿس ته ”لختے“ جي جاءِ تي ”حرفے“ هجڻ کپي. (ديوان نظيري، ص: 308) پهرين مصراع اٿس:
تحقیق حال ما زنگہ می تواں نمود
29) ديوان نظيري، ڏهون صفحو.