فلسفي جي ابتدائي اصولن جو سرسري مطالعو
[/b]فلسفي جي باري ۾ عام خيال اهو آهي ته اهو ڏاڍو ڏکيو ۽ ڳوڙهو مضمون آهي، جيڪو فقط ڪن خاص دماغن جي لاءِ ئي موزون آهي. هي هڪ اهڙو بي لاڀائتو ۽ بي نتيجي علم آهي، جنهن سان رڳو انهن ماڻهن کي ئي پنهنجا پاند اٽڪائڻ گهرجن، جيڪي ڪاروباري دنيا جي لائق نه هجن ۽ جيڪي هر وقت پنهنجن سوچن ۾ گم، وهمن وسوسن ۾ وڃايل ۽ شڪن شبهن ۾ غرق هجن؛ پر اهي خيال درست نه آهن. ايئن فرض ڪرڻ بنهه وڏي غلطي آهي.
[b]ساڃاهه ۽ تميز جي قوت
[/b]انسان اشرف المخلوقات آهي. ڇو؟ ان ڪري جو کيس عقل، ساڃاهه ۽ تميز جي قوت عطا ڪئي وئي آهي، جنهن جو وجود ٻين جانداران ۾ نه ٿو ملي. بيشڪ ٻيا حيوان ٻڌن، ڏسن ۽ ياد به رکن ٿا، پر انهن جون اهي قوتون فقط عين ضرورت مهل ئي استعمال ۾ اينديون آهن. انهيءَ جي برخلاف انسان ڪائنات جي مشاهدن جو مطالعو ڪري ٿو، انهن بابت پنهنجا خيال جوڙي ٿو. وري انهن خيالن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري انهن منجهه موجود باهمي ڳانڍاپو ۽ نسبتون ڳولي لهي ٿو ته جيئن انهن تي ڪل جي حيثيت ۾ نگاهه وجهي ۽ شين جي حقيقتن کان آگاهي ۽ سڌ ٻڌ حاصل ڪري.
اهو ئي فلسفياڻو عمل آهي.
اسان جڏهن ڪنهن شيءِ بابت خيال يا راءِ قائم ڪندا آهيون، انهيءَ جي قطع نظر ته اها شيءِ مادي آهي يا غير مادي، ته اسان جي ذهن ۾ هيٺيان سوال ضرور اُڀرندا آهن:
پهرين اهو ته جيڪا شيءِ اسان جي ذهن ۾ آهي، اها ڇا آهي؟ ٻيو اهو ته ان جي ابتدا، ان جي اٿڪ ڪٿان ٿي؟ ٽيون هي ته ان جو ٻين شين يا خيالن سان ڪهڙي نوعيت جو لاڳاپو آهي؟ مطلب ته اسين شين يا خيالن جي ڪيفيت، هيئيت، جوڙجڪ، سندن ابتدا ۽ انهن جي وچ ۾ باهمي اتحاد ۽ تناسب ڳولي لهڻ گهرون ٿا.
[b]فيلسوف[/b]
هر ماڻهو کي پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن سوچ ويچار ۽ فڪر جو ڪو نه ڪو اهڙو موقعو ضرور ملندو آهي، جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته گهٽ وڌ هر ماڻهو هڪڙو فڪر ۽ فلسفو ضرور رکي ٿو.
البت ان سان گڏ ايئن به آهي ته هر عقلمند ماڻهو کي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن غور فڪر، تجسس ۽ تلاش جو چاهڪ هجي ۽ پنهنجي راءِ پڻ قائم ڪري، صحيح معنيٰ ۾ فيلسوف نه ٿو چئي سگهجي. بلڪل ايئن جيئن لوهه جي اوزارن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو کي باقاعدي لوهار نه ٿو چئي سگهجي يا شيشن جي وقتي مرمت ڪري سگهندڙ ماڻهو کي شيشي ساز نه ٿو ڪوٺي سگهجي. پيشيور شيشي ساز يا لوهار اهوئي آهي جنهن پنهنجي ڪم کي پنهنجو ڌنڌو ڪري کنيو هجي، جنهن باقاعدي سکيا وٺڻ سان گڏوگڏ پنهنجي لڳاتار جدوجهد ۽ مان ڀري جاکوڙ سان ان ڪم ۾ ڪمال حاصل ڪيو هجي ۽ جيڪو هڪڙي نئين يا الڙ ماڻهو جي ڀيٽ ۾ پنهنجو ڪم گهٽ وقت ۾ وڌيڪ هنرمندي ۽ معيار سان سرانجام ڏئي سگهندو هجي.
اهو ئي مثال هڪڙي باقاعدي فلسفيدان يا فيلسوف لاءِ ڏئي سگهجي ٿو، جيڪو شين جي حقيقتن جي مطالعي ڪرڻ، انهن جي ڳولا ۽ جانچ ڪرڻ ۽ انهن جا سبب ۽ ڪارڻ دريافت ڪرڻ کي پنهنجي زندگي جو آدرش، مقصد ۽ منزل قرار ڏئي چڪو هوندو آهي. جهڙي نموني هڪڙي لوهار کي اوزارن جي ضرورت پوندي آهي، اهڙي طرح هڪڙي فيلسوف کي به ”هٿيارن پنهوارن“ جي گهرج هوندي آهي. هڪڙي فلسفيءَ جا هٿيار پنهوار سندس خيال ۽ ويچار آهن. لڳاتار مشق ۽ عمل جي ذريعي هو تمام جلد سندس مطالعي هيٺ آيل شيءِ جي جڙن ۽ روح ۾ لهي وڃي ٿو. جهڙي طرح مختلف پيشيور ماڻهن ۽ هٿ جي هنرمندن کي ان ڳالهه جي ضرورت هوندي آهي ته اهي پنهنجي ڪم جي سڀني ننڍن وڏن پاسن کان پوري ريت واقف هجن، ساڳئي وقت سندن فن بابت ٿيندڙ جديد انڪشافن ۽ ايجادن تي پڻ نظر رکن؛ اهڙي طرح هڪڙي باقاعدي فيلسوف لاءِ به لازمي آهي ته جيڪي شيون سندس مطالعي هيٺ آهن، تن بابت تحقيقات ڪري ته سندس پيشروئن انهن بابت اڳ ۾ ڪهڙا خيال ۽ رايا جوڙيا هئا.
[b]فلسفي جو مقصد
[/b]فلسفي جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ ان مان اسان کي ڪهڙو لاڀ ملي سگهي ٿو؟
ارسطو جي خيال موجب فلسفي جي ابتدا تعجب ۽ حيراني جي ڪري ٿي. جڏهن انسان انهيءَ عالم ۾ اچي ٿو ته تبديلين ۽ تغيراتن سان سندس پلاند اٽڪي ٿو. زندگي جون رنگارنگيون ۽ ڪائنات جا عجائب کيس حيرت جي ڪُن ۾ گهمراٽيون ٿا کارائين. ان ڪري اها فطرت جي اڻٽر تقاضا آهي ته هو هر شيءِ کي ڏسي ۽ انهيءَ بابت دل ئي دل ۾ سوال ڪري ته اها ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟ ڪڏهن کان آهي؟ ۽ ڪيستائين آهي؟ هي سمورو سرشتو، سموري ڪائنات انسان لاءِ هڪڙو ڳجهه آهي، اسرار ۽ معمو آهي. جنهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ جاکوڙ جو نانءُ ئي فلسفو آهي.
پهرين شيءِ جيڪا انسان کي حقيقتن جي تلاش ۽ کوجنا ڏانهن لاڙي ٿي، مفاد ۽ نفعو آهي. چيو وڃي ٿو ته ستارن ۽ زمين جي پيمائش جي علم جي ابتدا قديم مصرين ۾ ان سبب جي ڪري ٿي جو نيل نديءَ ۾ چاڙهه کان پوءِ کين پنهنجين ٻنين جي ماپ ڪرڻي ٿي پيئي. بيابان ۽ رڻ جهاڳيندڙ ڪلدانين ستارا شناسي ان ڪري سکي، جيئن پنهنجي ملڪن جي رهنمائي ڪري سگهن.
انسان زندگي جي رازن کي ڦلهورڻ جي ڪوشش به ان ڪري ڪندو آهي ته جيئن پنهنجن فائدن ۽ حقن جي حفاظت ڪري سگهي. پوءِ اهي فائدا ۽ حق مادي هجن يا غير مادي، ان سان ڪو فرق نه ٿو پئي. سندس انهن پيچيدا مامرن جي ڪابه حد، ڪا به ڀيڻي ڪانهي. زمين کان آسمان تائين سڀ ڪجهه انهن سان ئي ٽٻٽار آهي. انسان هر وقت ان فڪر ۽ ڳڻتي ۾ رهندو آهي ته فطرت جا اهي راز، جيڪي مدتن کان پنهنجي چهري کي اسرارن جي چنريءَ ۾ ڍڪيو لڪا پيا آهن، انهن کي هڪ ٻئي پٺيان دريافت ڪندو ظاهر ڪندو وڃي. ۽ هي عجيب ڳالهه آهي، ته هو علم جي درياهه مان سيراب ٿيندو پيو وڃي، پوءِ به سندس اُڃ لهي نه ٿي لهي، بلڪ اڃا به وڌندي ٿي وڃي.
ڳولا ڦولها، جانچ جونچ ۽ ووڙ وڙول جي عادت انسان ۾ فطري آهي. اها ڪهڙي به طرح کانئس الڳ ٿي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي مٽجي سگهي ٿي. ان جي ترقي عقل جي ترقي سان لاڳاپيل آهي. جيئن جيئن انسان جو عقل ترقي ڪندو ويندو، تيئن تيئن ڪائنات جي حقيقتن جي ڳولا ۽ تلاش پڻ وڌندي ويندي. جيئن عقل وڌي ٿو، هن کي پنهنجي لاعلمي جو علم ٿئي ٿو، هو پنهنجي ناواقفيتن کان واقف ٿئي ٿو، ۽ پوءِ هو حقيقتن کي فقط ڄاڻڻ ئي نه ٿو چاهي پر انهن تي عمل به ڪرڻ گهرندو آهي.
[b]فلسفي جي وصف
[/b]فلسفي جي مختصر وصف هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿي ته: ”فلسفو شين جي اندر ۾ لڪل ڳجهن سببن جي ڳولا جو علم آهي. جنهن جو مطلب ۽ مقصد هي آهي ته اسان جي فڪر ۽ عمل ۾ هڪڙو ڪامل ڳانڍاپو ۽ اتحاد پيدا ٿئي. فڪر ۽ عمل ۾ هڪجهڙائي مان مراد آهي ته جهڙا اسان جا خيال ۽ قول هجن، اسان جا فعل پڻ اهڙا ئي هجڻ گهرجن. جهالت کان پاسو ڪرڻ، حقيقتن جي ڳولا ڪرڻ ۽ غلطين کان باخبر هجڻ؛ اهي غلطيون جيڪي شايد حقيقت جي چهري تي پڙدو بڻيل هجن؛ اهوئي زندگي جو اصل مقصد آهي ۽ اهوئي فلسفي جو مقصد پڻ آهي.“
[b]لفظي تشريح
[/b]خود لفظ ”فلسفي“ جي شروعات ۽ تاريخ اسان جي هن دعويٰ جو دليل آهي. يوناني تاريخدان هيرو ڊوٽس لکي ٿو ته:
”سولن کي ڪوليس چيو هو:
مون ٻڌو آهي ته تون فيلسوفن وانگر (يعني علم جي ڳولا ۾) ملڪان ملڪ وڙولي رهيو آهين.“
پيريڪلس فلسفي جي هي معنيٰ ٻڌائي ٿو:
”نفس جي تهذيب ۽ سڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ.“
بهرحال، هن لفظ جي ابتدائي معنيٰ جهالت جي اعتراف ۽ علم جي ڳولا واري آهي. حڪيم فيثاغورث (ڪن جو خيال آهي ته سقراط) جو قول آهي ته:
”عقل فقط خداوند بزرگ و برتر جي واسطي آهي. انسان فقط ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. البت هو عقل جو عاشق ۽ علم ۽ حق جو گهورو ۽ مشتاق آهي.“
اها ئي لفظي معنيٰ ”فلاسافي“ ۽ ”فلاسافر“ جي پڻ آهي. جيڪو يوناني لفظ فيلوس (عاشق) ۽ سوفيا (عقل) جو مرڪب آهي. هي عجيب ڳالهه آهي ته شروع ۾ سوفاس (عاقل) اهڙي شخص کي ڪوٺيندا هئا، جيڪو ڪنهن هنر يا دستڪاري جو ماهرهجي. جهڙوڪ هڪ ڳائڻو يا بورچي، مهاڻو يا مستري. البت آهستي آهستي هي لفظ عقل علمن جي ماهرن واسطي ڪتب اچڻ لڳو. انهيءَ لفظ منجهان ئي ٻيو لفظ سوفسٽ (سوفسطائي) نڪتو آهي، جيڪو انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو هو، جيڪي بازاري وکر وڪڻندڙن وانگر مختلف علمن ۽ فنن کي به اگهه تي وڪڻندا هئا. تنهن ڪري سقراط پاڻ کي سوفسطائي نه، بلڪ فلسفي ڪوٺيو آهي.
[b]ورهاست ۽ ترتيب
[/b]ايئن ته فلسفو پوري ڪائنات جي مسئلن تي حاوي آهي، پر ترتيب کي سهنج ۽ سولو ڪرڻ جي خيال کان انهن سڀني مسئلن کي پنهنجي موضوع جي نسبت سان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
1. وحدت جو مسئلو، يعني اصل اصول. اها قادر ۽ هر جڳهه تي موجود هستي، جيڪا سموري ڪائنات جو روح آهي. ان سوال بابت ٿيندڙ بحثن مباحثن کي مابعدالطبعيات چيو وڃي ٿو.
2. ڪثرت جو مسئلو يا مشاهداتِ ڪائنات جي گهڻ رنگي. هن کي طبيعي فلسفو يا طبعيات چوندا آهن.
3. انساني فلسفو (Anthropology). هن جي ڏس ۾ علم البدن (فزيالاجي) ۽ علم من وديا (سائيڪالاجي) اچي وڃن ٿا. وري من وديا جي سلسلي ۾ منطق آهي، جنهن مان هي ڄاڻ ملي ٿي ته انسان ڇا جي لاءِ چونڊ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ۽ ڪيئن صحيح نتيجن تي پهچي ٿو. ان کان پوءِ وري جمالياتي فلسفو ۽ اخلاقي فلسفو آهي.
پروفيسر سيلي چئي ٿو:
”منطقي علم اسان جي عقل ۽ ذهانت جي آڌار تي جڙيو آهي. جيڪو انهن قاعدن بابت آهي، جن جي وسيلي اسين اهو ڏسي سگهون ٿا ته اسان جو خيال ۽ اسان جو بحث صحيح آهي. اهڙي ريت جمالياتي فلسفي جو بنياد اسان جي جذبن تي آهي، جن جي وسيلي اسين ان شيءِ لاءِ معيار ٺاهي سگهون ٿا، جيڪا اسان جي ذهن ۾ سهڻي ۽ ٻلهار ٿي وڃڻ جي لائق آهي.“
انساني عملن لاءِ ضروري آهي ته ڪي فرض ۽ ضابطا جوڙيا وڃن ته جيئن هو نيڪي تائين پهچي سگهي. فرضن لاءِ قانون لازمي آهن ۽ قانون يا ته فطري ٿيندا آهن يا انساني. انهن کان سواءِ ڪجهه اهڙا مسئلا به آهن، جيڪي ماڻهن جي باهمي رشتن سان لاڳاپيل آهن. انهن کي سماجيات يا عمرانيات جو علم (سوشيالاجي) چئبو آهي. ان ۾ تاريخ جو فلسفو پڻ شامل آهي.
انهيءَ آڌار تي هيٺينءَ ريت فلسفي جا اٺ قسم ٿين ٿا:
1. مابعدالطبعيات
2. طبيعي فلسفو
3. نفس يا من وديا جو فلسفو
4. منطق
5. جمالياتي فلسفو
6. اخلاقي فلسفو
7. قانون جو فلسفو
8. سماجيات ۽ تاريخ جو فلسفو.