اثر، حدون، سبب ۽ نتيجا
[/b]جيتوڻيڪ هر جنگ، بلڪ معمولي ڇڪتاڻ به لازمي طور تي اهي سمورا نتيجا پيدا ڪري وجهندي آهي، جن ڏانهن اسان گذريل صحبت ۾ سرسري اشارو ڪري چڪا آهيون، پر جنگ جي تيزي ۽ ڍرائي سان انهن نتيجن ۾ به لاهه چاڙهه ۽ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي. يعني جنگ جو حملو جيتري قوت سان جسم ۽ مادي تي ٿيندو، اوتري ئي شدت سان عقل ۽ روح پڻ ان کان متاثر ٿيندا. جيڪڏهن جنگ مٿي ۾ معمولي ٿڏو هڻي ڪڍيو ته دماغ ۾ به هلڪي جنبش ۽ رڦڻي پيدا ٿيندي. تنهن هوندي به جهڙي ريت هر جنگ ڪائنات جي چهري کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور گهائي ٿي، اهڙي ريت اسان جو دماغ به مڪمل طور تي ان کان محفوظ رهي نه ٿو سگهي.
ان ڪري جڏهن اسان پنهنجي مُلهه مهانگي رت ۽ رت کان به وڌيڪ پيارن ”سونن سِڪن“ جي تباهي ۽ بربادي تي ڳوڙها ڳاڙڻ لاءِ تڏو وڇائيندا آهيون، تڏهن اسان کي پنهنجي عقل ۽ هوش جي سرمائي جي تباهي جو ماتم ڪرڻ لاءِ پڻ پٿر تي ويهڻ گهرجي. نتيجا مجموعي طور تي اسان جي سامهون آهن ۽ اهي اسان جي اڳيان عقل، ادراڪ، سڌ ٻڌ ۽ روح جي بربادي جو هڪ حيران ڪندڙ ۽ عبرت ڀريو منظر پيش ڪن ٿا. رڻ گجڻ ۽ راڙو ٿيڻ سان ئي اسان جو عقل ايڏو انڌو ٿيو وڃي، جو ابتڻن ۽ ضدن جي چٽي ممانعت کي به ممڪن سمجهڻ لڳندو آهي.
جنگ ۽ ڇڪتاڻ لاءِ روايتون ۽ سمجهه جا سمورا اصول ڪڏهن فضول ۽ بيڪار ٿي ويندا آهن. ڪنهن ماڻهو کي سندس معمولي ڪوتاهي جي آڌار تي بدنام ڪيو ويندو آهي ته سندس سمورين فضيلتن ۽ سلڇڻائين کان اکيون ڦيريون وينديون آهن. ڪنهن ماڻهو کي مبالغي ۽ وڌاءَ کان ڪم وٺندي ايڏي وڏي شهرت ڏني ويندي آهي، جو کيس ڪڏهن فرشتو ته ڪڏهن ولي بنائي پيش ڪيو ويندو آهي. جنگ جي ميدان ۾ سموري اخلاقي نظام کي درهم برهم ڪري وحشت، ظلم ۽ انڌ جي تجديد ڪئي وڃي ٿي. جنگ ڪٿي ڪٿي ڦلدائڪ نتيجا پڻ پيدا ڪري ٿي، تاريخ کي محفوظ بنائي ٿي، ادب کي اُڀار ڏئي ٿي ۽ اهو ماڻهن کي ازبر ياد ٿيو وڃي، مئل دلين ۾ همٿ، دليري ۽ بهادري جو روح ڦوڪي ٿي. پر اهي خوبيون به شعوري، دائمي ۽ اختياري نه ٿيون هجن، فقط بيچيني، ذهني ڇڪ ۽ بيقراري مان جنم وٺن ٿيون ۽ انهن ۾ به اها اعتدال ۽ وچٿرائي جي حدن کان ٽپيو وڃي.
بهرحال جنگ اسان جي دماغن ۾ هڪڙي ڀونچال، هڪڙي طوفان ۽ وير جي اتار چڙهاءَ جو عالم پيدا ڪري ڇڏي ٿي. ان ڪري جيڪا شيءِ اسان کي ٺوڪر کان بچائي سگهي ٿي، اها پاڻ هڪ ٻئي پٺيان لڳاتار ٺوڪرون کائڻ لڳندي آهي. مطلب ته جنگ جي زماني ۾ اسان کي رڳو پنهنجي کيسي کي نه ڦلهورڻ کپي، پر دماغ جي جهڙتي پڻ وٺڻ گهرجي ته ان ۾ ڇا آيو ۽ ان مان ڇا ويو آهي.
جنگ جي زماني ۾ مال متاع ۽ جانين جو جيڪو نقصان ٿيندو آهي، اهو ايترو ته اڻٽر ۽ عام هوندو آهي جو ان جي سببن ۽ ڪارڻن جي ڳولا ۽ جانچ جونچ لاءِ اسان کي ڪنهن غور فڪر جي ضرورت ئي ڪانهي. پر دماغ جي حالت ان کان بلڪل مختلف آهي. اهو پنهنجو سمورو سرمايو وڃائي ويهي ٿو ۽ کيس ان جي ڀڻڪ به نه ٿي پئي. اسان جي اڳيان ئي اسان جي عقل جو خزانو لٽجي ٿو، پر اسان ان تباهي کي پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگهندا آهيون.
البت عقلي نقصانن جي فهرست ترتيب جي چڪي آهي ۽ اها اسان جي سامهون آهي. ان ڪري اسان کي انهن سببن جو پڻ پتو لڳائڻ گهرجي، جيڪي ان محفوظ سرمائي کي اک ڇنڀ ۾ ميڙي وٺن ٿا. ان ڪري اسان کي ڪجهه نقطا سهيڙي وٺڻ گهرجن. جن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.
[b]جماعت جي وصف ۽ ان جون امتيازي خاصيتون
[/b]عام طور تي ڪجهه ماڻهن جي ميڙ کي جماعت ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن وڏي ميدان يا ڪنهن ويڪري رستي تي ٻه ٽي سو ماڻهو گڏ ٿي وڃن ته عام خلق انهيءَ پيهه يا انبوهه کي جماعت يا تنظيم سمجهڻ لڳندي آهي. البت فلسفي جماعت يا تنظيم جي هڪڙي نئين ترتيب جوڙي آهي. تنظيم يا جماعت جي ترڪيب لاءِ ماڻهن جو ميڙ ضروري نه آهي، ان لاءِ فقط دماغ جو رابطو، اتحاد ۽ خيالن جي هم آهنگي ڪافي آهي. جيڪڏهن هڪ لک ماڻهن کي ڪنهن هوادار ميدان تي ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهاريو وڃي، پر منجهن ڪنهن قسم جي ذهني هم آهنگي نه هجي ته انهن کي جماعت نه ٿو ڪوٺي سگهجي. انهيءَ جي ابتڙ جيڪڏهن چار ماڻهو اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ، اتر جي هڪ هڪ ڪنڊ تي الڳ الڳ بيٺل هجن، پر منجهن خيالن جي هڪجهڙائي ۽ ساڳوڻي عقيدي رابطو ۽ اتحاد پيدا ڪري وڌو هجي، ته اهي هڪ حقيقي جماعت آهن.
مطلب ته جماعت کي فقط دماغ ئي ترتيب ڏئي سگهي ٿو. اهو ڪم هٿن پيرن جي وس جي ڳالهه ڪينهي. البت اهو دماغي اشتراڪ ڪڏهن ڪڏهن جسمن ۾ به اتحاد ۽ اختلاف پيدا ڪري وجهندو آهي. ان ڪري ساڳوڻن خيالن وارا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ به ٿي ويندا آهن. دنيا جون رنگين صحبتون، دنيا جا دلچسپ جلسا، دنيا جون مفيد ۽ لاڀائتيون ڪانفرنسون انهن هڪ جهڙن خيالن وارن ماڻهن جي گڏپ جو نتيجو هونديون آهن. پر اها گڏپ جماعت جي حقيقت ۾ داخل ناهي، البت بلڪل عارضي آهي؟ اهوئي ڪارڻ آهي ته جپان جو هڪڙو ساميوادي پنهنجو پاڻ کي روس جي ساميوادين جي جماعت ۾ داخل سمجهندو آهي. جيتوڻيڪ هن انهن ماڻهن جي صورت به نه ڏٺي آهي، تنهن هوندي به دماغي اشتراڪ ۽ جسماني اجتماع ۾ هڪ قسم جو اندروني رابطو ضرور آهي. ڪي ماڻهو هڪ جڳهه تي گڏ رهندي رهندي هم مذاق ۽ هم مزاج ٿي ويندا آهن. ٻئي طرف هم مزاج ماڻهو خودبخود هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن، انهن کي دماغي هم آهنگي گڏ ڪري ڇڏيندي آهي.
مختصر لفظن ۾ جماعت يا تنظيم چند دماغن، چند خيالن ۽ چند عقيدن جي عقلي مجموعي جو نالو آهي. جهڙيءَ ريت ڪجهه مادي جزن جي انضمام، ميلاپ ۽ ترڪيب سان هڪ نئين حقيقت وجود وٺي ظهور ۾ اچي ٿي ۽ انهن جزن جون اڳوڻيون سموريون خاصيتون ۽ ڪيفيتون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي پاڻ ۾ ملي هڪڙي نئين ڪيفيت ۾ پلٽجي وينديون آهن. آڪسيجن ۽ هائڊروجن ملي پاڻي جي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن ۽ الڳ الڳ حالت ۾ انهن جون جيڪي خاصيتون ۽ بيهڪون هيون، اهي هڪڙي نئين ڪيفيت ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. بلڪل اهڙي ريت چند دماغن جي ميلاپ، ترڪيب ۽ انضمام سان هڪڙو مستقل دماغ پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن جي عقل جون قوتون فرد جي دماغ کان بلڪل مختلف ٿينديون آهن. ترڪيب ۽ انضمام کان پهريائين انهن دماغن ۾ هڪڙو ارسطو جو دماغ هو، ٻيو افلاطون جو، ٽيون هڪڙي مجنون همراهه جو ۽ چوٿون هڪ نهايت ٻريل طبيعت ۽ ڏڏ ماڻهو جو. پر هاڻي اشتراڪ، اتحاد ۽ گڏپ انهن سڀني مختلف عقل دماغن کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سٿ ۾ شامل ٿي ارسطو ۽ افلاطون جا مختلف قوت رکندڙ دماغ بلڪل ناس ٿي ويا آهن. هاڻي اسان کي دماغن جي ان مجموعي ۾ ارسطو ۽ افلاطون جي ان مخصوص فڪري قوت جي ڳولا نه ڪرڻ کپي، جنهن فلسفي مثاليا ۽ فلسفي اشراقيا جي مستقل شاخن کي قائم ڪيو هو. اسان کي ان مجموعي ۾ ان مجنون ۽ ان ڏڏ شخص جي مشڪري جهڙن خيالن جو ڏس به نه ٿو ملي سگهي، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اسان لاءِ کل خوشي ۽ ظرافت جو سامان مهيا ڪندا هئا. هاڻي هڪ مستقل دماغ ۽ جديد خيالن جو سلسلو پيدا ٿي ويو آهي. اهوئي دماغ آهي جنهن کي جماعت جو دماغ ۽ اهي ئي خيال آهن جن کي جماعت جو علم ۽ عقيدو چيو ويندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ دماغ پنهنجي اندر مجني واريون ڪيفيتون پيدا ڪري ورتيون آهن ته سمجهڻ کپي ته ارسطو ۽ افلاطون به مجنا ٿي ويا آهن ۽ جيڪڏهن اهو دماغ ارسطو ۽ افلاطون جي عقلي قوت جو مرڪز آهي ته يقين ڪرڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي مجنا ۽ ڪي ڏڏ ماڻهو به ارسطو ۽ افلاطون ٿي ويندا آهن.
[b]اجتماعي ڍانچي جي دماغي بيقراري
[/b]چند دماغن جي ترڪيب سان جيڪو مستقل دماغ پيدا ٿيندو آهي، اهو جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ارسطو ۽ افلاطون جي فڪري نتيجن سان ٽٻٽار ٿي ويندو آهي، پر گهڻو تڻو ڊيڄهڙي ڀريا خواب ئي ڏسندو آهي. ان جا پرزا سندس گرفت ۾ نه رهندا آهن، بلڪ بيقراري وچان ڪنهن اندروني طاقت جي زور تي پاڻهي ڄاڻي هلندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن به ٿڪجي نه ٿڪجندا آهن. اهي نون اثرن لاءِ هميشه آماده ۽ اوسيئڙي ۾ رهندا آهن.
مادو ڪنهن صورت کي قبولڻ لاءِ جنهن حد تائين راضي هوندو، اوتري ئي سولائي سان اها شڪل صورت اختيار ڪري وٺندو. جماعت جو دماغ پڻ اثرن تاثيرن لاءِ منتظر ۽ چست رهندو آهي. ان ڪري اهو هر قسم جي غلط افواهن ۽ ناقص خبرن کي قبولي وٺندو آهي. هو نواڻ ۽ جدت جو ڳولائو هوندو آهي، کيس حقيقت سان ڪوبه مطلب ڪونه هوندو آهي. بک سٺي يا خراب غذا ۾ فرق ۽ امتياز نه ڪندي آهي. جماعت جو دماغ پڻ اشتها ۽ اوڳر وارڻ جي مرض ۾ مبتلا رهندو آهي، ان ڪري هر قسم جو کاڌو سولائي سان پيٽاري ويندو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو قديم ادب ۾ جيڪي عجيب غريب قصا ڪُٽيا ويا آهن، انهن کي جماعت جي دماغ ئي قبوليت جي حسن جو درجو عطا ڪيو آهي.
[b]بي مقصد سفر
[/b]انسان کي رڳو نتيجا ئي اعتدال جي پيچري تي وٺي ايندا آهن. جيڪڏهن توهان کي شاهي بازار مان سودو سلف ۽ سامان سڙو خريدڻو آهي، ته توهان اهو رستو ڳوليندا، جيڪو سڌو شاهي بازار ڏانهن ويندو هجي. پر جي توهان آوارا گردي يا محض هوا خوري ڪرڻ لاءِ نڪرو ٿا ته پوءِ توهان لاءِ سموريون سڙڪون هڪجهڙي حيثيت رکن ٿيون. البت تنظيم يا جماعت نهايت مختلف طبيعت ماڻهن جو مرڪب هوندي آهي، اها متحد ۽ هم خيال هوندي آهي، پر ان اتحاد ۽ اتفاق جو گهڻو ڪري ڪو حقيقي مقصد ڪونه هوندو آهي. ان ڪري ان جو دماغ اڻيهئي آواراگردي ڪندو، ڀٽڪندو رهندو آهي.
فِیْ کُلِّ وَادٍ یَّھِیْمُوْنَ (26: 225)
”اهي شاعر هر ماٿري ۾ حيران پريشان رلندا وتندا آهن.“ (1)
آوارا گرد ماڻهو هميشه تيزي سان قدم کڻندا آهن، ان ڪري جماعت جو دماغ به عام طورتي وڌاءُ، مبالغي، اجاين دٻن ۽ حد کان وڌيل هجڻ ڏانهن لڙيل هوندو آهي ۽ مٿان وري مختلف دماغن جي ترڪيب اهو سون تي سهاڳو هوندي آهي، جنهن سان اسان جي وڌاءَ پسندي واري قوت ۾ تهائين وڌيڪ واڌارو ٿي ويندو آهي. اها هر شيءِ ۾ مبالغو پيدا ڪندي آهي. خبرن جي اشاعت نهايت مبالغي انگيز انداز ۾ ڪندي آهي. ڪنهن ماڻهو جي واکاڻ ڪري ٿي ته زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي ٿي. چٿر تي لهي ٿي ته انسان کي حيوان کان به ڪيرايو ڇڏي. درستي ۽ اصلاح تي اچي ٿي ته ايڏي شدت سان اچي ٿي جو حسد ۽ ساڙ جي جذبن کي وساريو ويهي. دشمن ٿئي ٿي ته اهڙي، جو کيس پراڻي دوستي ۽ پيار ياد نه ٿو رهي. اهڙي حالت ۾ اها بداخلاق به ٿي ويندي آهي. رت سندس نظر ۾ پاڻي جي برابر هوندو آهي. مسجد ۽ بتخاني ۾ اها ڪوبه فرق روا نه ٿي رکي. ڪڏهن ڦُري ٿي، ڪڏهن باهيون ٿي ڏئي، ڪڏهن رت ٿي وهائي، ڪڏهن عظيم الشان عمارتن کي ڪيرايو پٽ ڪريو ڇڏي.
اهڙي حالت ۾ هن جي جسماني طاقت ۾ به اضافو ٿيو وڃي. پلين کي ڪيرائي ڇڏي ٿي، جبلن ۽ پهاڙن کي ڊاهي وجهي ٿي، اپار درياهن کي يڪساهيءَ ۾ اڪري وڃي ٿي.
[b]صورت ۽ فڪر جا بنياد ۽ بدل
[/b]ڪڏهن ان جي هيءَ مبالغي آفريني هڪ نئون قالب يا نئين صورت اختيار ڪندي آهي. يعني جڏهن اها واقعن ۾ وڌاءُ جو ڪوئي نئون پهلو پيدا نه ڪري سگهندي آهي، تڏهن انهن کي مسخ ڪري ڇڏيندي آهي. پراڻي زماني جي جنگجو قومن جا خوفناڪ چهرا، سندن زبردست هٿيار، انهن جي جنگي فن جي ڪرتبن جا عجيب غريب داستان- اهي سڀ اڄ اسان کي کلڻهاب لڳن ٿا؛ پر اصل ۾ اهي اصليت کان بلڪل خالي نه آهن. البت جماعت جي دماغ انهن کي مسخ ٿيل، بگڙيل صورت ۾ اسان جي اڳيان پيش ڪيو آهي. تنهن ڪري انهن جا اصلي منهن مهانڊا اسان جي نظرن کان لڪي ويا آهن.
اهو ممڪن هو ته ان زماني ۾ اهي مصنوعي پڙدا هٽائي ڇڏجن ها ۽ دنيا انهن واقعن کي اصلي صورت ۾ ڏسي سگهي ها. پر جماعت جنهن عالمگير مرض ۾ مبتلا ٿيندي آهي، اهو لاعلاج ٿي ويندو آهي. اها هڪڙي ڪن سان ٻڌندي آهي، هڪ اک سان ڏسندي آهي ۽ هڪ ئي دل سان يقين ڪندي آهي. ان ڪري هڪڙو ماڻهو جيڪي ڪجهه چوندو آهي، پوري جماعت جي زبان سان چوندو آهي ۽ هر شخص ان تي ايئن يقين ڪندو آهي جيئن چوندڙ پاڻ ان تي ايمان آندو هو.
[b]ٿورڙا مثال
[/b]ڪن واقعن مان ان جا ڪجهه مثال مهيا ڪري سگهجن ٿا. فرانس ۾ اتفاق سان ٻه ڇوڪريون ٻڏي ويون. جڏهن انهن جا لاش پاڻي مان ڪڍيا ويا ته ڪجهه ماڻهن انهن جي سڃاڻپ ڪئي. وڌيڪ پڪ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن کان پڇا ڪئي وئي ۽ هر ماڻهو ان جي تائيد ڪئي. پوليس انهن ماڻهن جي شاهدي تي ڪفن دفن جو بندوبست ڪري لاش دفنائي ڇڏيا. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پيئي ته ڄاڻايل ڇوڪريون جيئريون آهن. انهن ۾ ۽ ٻڏندڙ ڇوڪرين ۾ معمولي هڪ جهڙائي هئي، جنهن هڪ جماعت کي دوکي ۾ وجهي ڇڏيو.
اهڙي طرح هڪ ڇوڪري هڪ ٻئي ڇوڪري جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي هئي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان جي سڃاڻپ تي يقين ڪري ورتو هو. اهو واقعو جيئن ئي ٿورو مشهور ٿيو ته هڪ مائي روئندي پٽيندي آئي ته، ”اهو منهنجو ڇوڪرو هو.“ لاش مٿان ڪپڙو لاهي ڏٺو ويو ته ان جي پيشاني ۾ هڪڙو زخم هو، اهو ڏسي عورت وڌيڪ دانهون ڪيون: ”بيشڪ اهوئي منهنجو پٽ آهي، اهو مهينن کان گم هو، ڪي ماڻهو ان کي پڪڙي ويا هئا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو اٿئون.“ ان عورت جا ٻيا مٽ مائٽ به آيا. انهن به تصديق ڪئي ته بيشڪ اهو ساڳيو ڇوڪرو آهي. ڇوڪرو جنهن مدرسي ۾ پڙهندو هو، ان جي استاد کان به سڃاڻپ ڪرائي وئي. هن به ان جي ڳلي ۾ تعويذ ڏسي چيو ته، ”هي اهوئي ڇوڪرو آهي، آئون ان جي تعويذ کي خوب سڃاڻان ٿو.“
پر پوءِ معلوم ٿيو ته اهي سموريون شاهديون غلط هيون. اهو بورڊر شهر جي ڪنهن ٻئي شخص جو ڇوڪرو هو، جيڪو به قتل ٿيو هو. ان ميت جو هن مائي جي ڇوڪري سان ڪوبه تعلق ڪونه هو.
[b]خيالي هيجان
[/b]جماعت جي ان دماغي مرض جو نالو خيالن جو هيجان آهي. پهريائين هڪ دماغ ٻن شين جي باريڪ مشابهت مان غلط خيال پيدا ڪندو آهي. پوءِ سڄي جي سڄي جماعت انڌاڌنڌ ان تي يقين ڪري وٺندي آهي. درياهه ۾ پٿر اڇلائڻ سان هڪ ننڍو دائرو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو هوريان هوريان پکڙجندو پاڻي جي سڄي مٿاڇري تي ڇانئجي ويندو آهي. بلڪل اهڙي نموني جماعت ۾ هڪڙو ماڻهو هڪ خيال جوڙيندو آهي، جنهن کي جماعت جي دماغ جي ڪارروائي پکيڙي عام ڪري ڇڏيندي آهي. اهوئي ڪارڻ آهي ته جماعت جون سموريون روايتون غلط هونديون آهن. پر جي غلط نه به هجن، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ اخذ ڪرڻ، حوالا ڏيڻ يا قبولڻ جوڳيون نه هونديون آهن. خيالي هيجان جو اثر ضعيف العقل يا عقلي طور تي ڪمزور ماڻهن تي ڏاڍي سختي سان پيو. انفرادي طورتي ماڻهو عام طور وهمن ۾ مبتلا نظر ايندا آهن، پر جماعت عام طور تي ضعيف الدماغ ٿيندي آهي. جماعت ۾ شامل ٿي ارسطو پنهنجي بهترين دماغ جون خاصيتون وڃائي ويهندو آهي.
جماعت جي دماغي حالت بلڪل عورتن سان هڪجهڙائي رکي ٿي، اهوئي ڪارڻ آهي، جو اها ان قسم جي وهمن ۽ وسوسن ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي.(2) هي جو ماڻهو اڄڪلهه ڪلڪتي مان ڀڄي رهيا آهن، اها انهيءَ سريانِ خيال يا خيالي هيجان جي هڪڙي هلندڙ وهڪري جي مؤج آهي.(3)
[b]مخصوص وصفون
[/b]جماعت ۾ جيڪي مخصوص وصفون پيدا ٿي وينديون آهن، انهن جو بڻ بڻياد پڻ خيالي هيجان آهي. هڪڙو فرد جماعت ۾ شامل ٿي ٻين ماڻهن جي ساٿ سهڪار سان هڪ نئين طاقت حاصل ڪري وٺي ٿو. جهڙي طرح ترغيبي ڪيفيت (مسمريزم) جو عمل انسان جي اصل شعوري قوت کي فنا ڪري هڪڙي نئين شعوري قوت پيدا ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن سان عجيب غريب ڪم سرانجام جي ويندا آهن، اهڙي طرح فردن جي باهمي تاثير و تاثر سان هڪ برقي وهڪ پيدا ٿيندي آهي، جنهن کي خيالي هيجان چوندا آهن. اهوئي خيالي هيجان جماعت جي عقيدن، خيالن ۽ مقصدن کي متحد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان سان اهڙا عجيب غريب ڪم عمل ۾ اچڻ لڳندا آهن، جيڪي شخصي حالتن ۾ بنهه محال هوندا آهن. هن جا سمورا عقيدا بدلجي ويندا آهن، ان جو پراڻو اخلاقي نظام درهم برهم ٿي ويندو آهي، ان جون شخصي ڪمزوريون ختم ٿي وينديون آهن. جماعت ۾ شامل ٿي ڊڄڻو ۽ بزدل ماڻهو بهادر ٿي ويندو آهي. ڪنجوس فياض ۽ سخي بڻجي ويندو آهي. ڪمزور ۽ هيڻو غيرمعمولي طاقت حاصل ڪري وٺندو آهي. مادي اصول جي آڌار تي جيڪا شيءِ جنهن قوت مان اڀرندي آهي انهيءَ ئي قوت وسيلي دٻجندي به آهي. جنگ جي زماني ۾ مذهبي عقيدا، وطني جوش جذبا، اخلاقي قدر، افسانوي ادب، مطلب ته هر شيءِ ۾ اُڀار ۽ اتساهه پيدا ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم انهن کي دٻائي ڇڏيو، ته اهي هميشه لاءِ دٻجي ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اُڀار ڏنو ته اهي هميشه لاءِ اُڀري ايندا آهن. جنگ ۾ جيڪو عام انقلاب پيدا ٿي ويندو آهي، اهو انهيءَ ئي خيالي هيجان جو نتيجو آهي.
جيتوڻيڪ برقي وهڪ ۽ ترغيبي ڪيفيت جي عمل وانگر خيالن جي هيجان جي ڪابه توجيهه ۽ تعليل پيش نه ٿي ڪري سگهجي. تنهن هوندي به اها هڪ فطري شيءِ آهي ۽ انسانن کان وٺي حيوانن تائين مختلف جاندارن ۾ موجود آهي. ٻڪرين جي ڌڻ ۾ هڪڙو بگهڙ گهڙي ايندو آهي، هڪ ٻڪري ان کي ڏسي ڀڄي ٿي. ٻين ٻڪرين کي بگهڙ جي خبر ڪانه هوندي آهي، پر ڀڄڻ ۾ سڀ جون سڀ ان ٻڪريءَ جون ساٿياڻيون ٿي وينديون آهن. پاڻ وٽ بگهڙ ڪاهي پوڻ عام اصطلاح آهي. ڪنهن خطري جي حالت ۾ هڪڙو گهوڙو هڻڪاريندو آهي ته سڀني گهوڙن جا ڪن اُڀا ٿي ويندا آهن. انسان ۾ تقليد جو مادو به انهيءَ ئي خيالي هيجان پيدا ڪيو آهي، خيالي هيجان جسم تي به اثر وجهندو آهي. طبي تجربن ثابت ڪيو آهي ته جيڪي ڊاڪٽر پاڳلن جو علاج ڪندا آهن، اهي پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن پاڳل ۽ چريا ٿي ويندا آهن. (4)
خيالي هيجان جي لاءِ جماعت جو ڪنهن هڪ جڳهه تي گڏ هجڻ به ضروري نه آهي. سريان خيال هڪ ٻوڏ آهي، جيڪا خودبخود اسان تائين پهچي وڃي ٿي. سن 1848ع ۾ پئرس ۾ جيڪا انقلابي بغاوت ٿي، ان ٿورن ئي ڏينهن اندر سڄي يورپ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو.
جماعت لاءِ سمورن وحشياڻن عملن جو اهوئي بنياد ۽ جڙ آهي. انسان کي ڪنهن گندي عمل کان رڳو لعنت ملامت ۽ روڪ ٽوڪ جو خيال ئي باز رکندو آهي. پر خيالي هيجان جماعت کي اجتماعي انڪار جو پيڪر بنائي ڇڏيندو آهي، ان ڪري فقط ڪو هڪ ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهو کي روڪي ٽوڪي نه ٿو سگهي. انهيءَ جو ئي نتيجو آهي جو جماعت جيئن چاهيندي آهي، ڪري ڇڏيندي آهي ۽ کيس ڪنهن به قسم جو پڇتاءُ ڪونه ٿيندو آهي. ان دوران انهيءَ جي هر فرد جي اخلاقي قوت پڻ ناس ٿي ويندي آهي. ٻيا ماڻهو ان کي روڪي سگهيا ٿي، پر اهي به ان ساڳئي مرض ۾ ورتل آهن. اهڙي حالت ۾ انڌن کي رستو ڪير ڏيکاري سگهي ٿو؟
ڪن ڊاڪٽرن تجربن سان ثابت ڪيو آهي ته جنگ جي زماني ۾ سڄي قوم، خاص ڪري فوج هڪ قسم جي جنون ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي.(5) ٿي سگهي ٿو ته اها سريان خيال جي غلط تشريح هجي يا ان دماغي هيجان حقيقي جنون پيدا ڪري به وڌو هجي.
جيڪس ڪنهن کي اهو خيال ايندو هجي ته جماعت ڪيترائي فائديمند ۽ ڦلدائڪ ڪم پڻ ڪندي آهي. اها جديد مذهبن جو بنياد وجهندي آهي، قديم عقيدن کي محفوظ بنائيندي آهي، آزادي جي پيڙهه رکندي آهي، عزت جو جهنڊو اوچو ڪندي آهي، مظلومن جي حمايت ۾ جان ڏيڻ جي به پرواهه نه ٿي ڪري؛ اهي سمورا ڪم ڪنهن شعوري قوت سان سرانجام ڏئي نه ٿا سگهجن. انهن ۾ ته حياتي جو هڪڙو لازوال روح جرڪندو نظر اچي ٿو. پر حقيقت ۾ هي خيال درست نه آهي. ڪنهن ڪم جو فائديمند هجڻ ان ڳالهه جو دليل ٿي نه ٿو سگهي ته اهو ڪنهن سجاڳ ذهن جي فڪري قوت جو نتيجو آهي.
ڪائنات جو ساري جو سارو نظام غيرشعوري قاعدن قانونن تي هلي رهيو آهي. سج جي تپش، چنڊ جي روشني، درياهه جي رواني، هوا جا جهوٽا. اهي سڀ دنيا لاءِ ڪيڏا نه لاڀائتا آهن! پر ڇا اهي شعور ڀريون هستيون آهن؟ رت حياتي جو سرچشمو آهي، پر اهو اسان جي رڳن ۾ بي روڪ ڊوڙي ٿو. هاضمي جي عمل تي زندگي جو مدار آهي، پر قوتِ هضم ۾ خود ڪا ئي ادراڪ جي حس ناهي.
سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي ته قومي دماغن تي مسمريزيءَ يا ترغيبِ ڪيفيت جي عمل جو تمام گهڻو اثر ٿيندو آهي. جماعت پاڻ ته ڪمزور دماغ هوندي آهي ۽ ان ڪري خيالي هيجان جي وهڪري جي لپيٽ ۾ اچي ويندي آهي. البت ان جو اڳواڻ هڪڙو سجاڳ ذهن ۽ بيدار دماغ ماڻهو هوندو آهي. ان ڪري اهو پنهنجون حسون ۽ پنهنجو ادراڪ محفوظ رکندو آهي. جماعت کان اهي سمورا چڱا ۽ مفيد ڪم اهوئي وٺندو آهي.
جماعت رڳو ڪم ڪرڻ گهرندي آهي، ان کي نفعي نقصان سان ڪوبه سروڪار ڪونه هوندو آهي. اڀ ڇهندڙ عمارتن کي مزور اڏيندا آهن، پر عمارت جو نقشو ڪنهن ٻئي دماغ جو نتيجو هوندو آهي. مزور ان جي حسن، سونهن توڙي ڪو جهائپ کان اڻواقف هوندا آهن.
بهرحال جماعت دماغ رکندي آهي، پر اهو عقل ۽ شعور کان پالهو هوندو آهي. پر سوال هي آهي ته جماعت ۾ داخل ٿي فردن جي حالت ۾ اهڙي عجيب غريب تبديلي ڇو اچي ويندي آهي؟ ظاهري طور تي اها هڪڙي تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته ارسطو به ڪڏهن ڪڏهن مجنو ٿي ويندو آهي ۽ هڪڙو ڪُند ذهن ۽ ڏڏ شخص ارسطو جي ذهني خصوصيتن سان سينگارجي ويندو آهي. حضرت ابوبڪر صديق ؐ جي بردباري، پختائي، سنجيدگي، ٿڌائپ ۽ وقار ڏاڍو قابل المثال هو، پر صلح حديبيه دوران ان جي زبان مان به ڪي سخت جملا نڪري ويا هئا.
ڇا اهو دنيا جو ڪوئي استثنائي واقعو آهي؟ ڇا ان کي ڪنهن مادي اصول جي دائري ۾ داخل ڪري نه ٿو سگهجي؟ دنيا جن ٻاهرين اثرن سان ٽٻٽار آهي ۽ اهي جنهن طريقي سان دنيا مٿان جابراڻي حڪومت ڪري رهيا آهن، انهن کي اڳيان رکڻ کانپوءِ ان تبديلي کي به عقلي نظام جي پڪڙ ۾ آڻي سگهجي ٿو. اهو ڪيڏو ئي عجيب غريب ڇو نه هجي، پر ڪوئي معجزو ڪونهي، جنهن جي تعليل ۽ توجيهه نه ٿي سگهي، جنهن جا سبب ۽ ڪارڻ ڳولي ۽ بياني نه سگهجن. پاڻ پنهنجي ايندڙ ڪنهن ٻي صحبت ۾ انهن اهم سوالن جي اوک ڊوک ڪنداسين.
[b]جماعت جا ٻاهريان اثر
[/b]دنيا ۾ مختلف شيون ماڻهن تي اثر وجهنديون آهن: مذهب، قوم، سياست، رسمون ۽ رواج، زمانو. مطلب ته ان قسم جي ڪيترين ئي اثرانداز ٿيندڙ شين کان شخصي صورتن ۾ انسان متاثر ٿيندو رهندو آهي. هو مجلسن ۽ جلسن ۾ ويندو آهي، خطيبن ۽ مقررن جون تقريرون ٻڌندو آهي، ٿيٽرن ۾ شريڪ ٿيندو آهي، فلمن جا تماشا ڏسندو آهي ۽ انهن سمورين شين جا مٿس مختلف اثر پوندا آهن. هو زرق برق ويس وڳن، پوليس جي خاڪي وردين ۽ سلطنت جي جهنڊن جي ڦڙڪڻ منجهان به مرعوب ٿيندو آهي، هو اخبارون پڙهندو آهي ۽ هولناڪ خبرون سندس اعصابن ۾ جنبش پيدا ڪنديون آهن. هو گودڙي پوش ۽ خاڪ ۾لٿڙيل فقيرن جي معنوي روحانيت جي چرنن ۾ پنهنجو ڳاٽ جهڪائي ڇڏي ٿو. مقصد ته دنيا جي هر شيءِ مٿس پنهنجا اثر وجهندي آهي ۽ انساني وجود ٻاهرين اثرن جي لپيٽ ۽ وڪڙ ۾ اچڻ جو هڪ پيڪر ۽ مثال آهي.
اهي ئي چيزون جماعت تي پڻ پنهنجا اثر وجهنديون آهن، پر جماعت جو معنوي نظام گهڻو ڪري باريڪ، نرم ۽ لچڪيدار ٿيندو آهي، ان ڪري فرد جي ڀيٽ ۾ انهن مؤثراتن جو اثر ان تي اڃا وڌيڪ شدت سان پوندو آهي ۽ مسمريزيءَ وانگر اهو ان جي شعوري قوت کي ناس ڪري ڇڏيندو آهي.
ڪن شخصي حالتن ۾ به ڪمزور دماغ شخصن کي ڏٺو ويو آهي. اهي ٻاهرين اثرن جي شدت کي ڏسي بدحواس ٿي ويندا آهن. هڪ سڙيل لاش کي ڏسي يا ڪنهن رت ۾ لت پت ڳچيءَ تي نگاهه وجهي ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿي وينديون آهن.
البت جماعت عام طور تي ضعيف الدماغ ٿيندي آهي ۽ تمام گهٽ صورتن ۾، قسمتي، ورلي ئي، ان جو دماغ ڪنهن قوت جي نمائش ڪري سگهندو آهي. ان ڪري اهي ٻاهريان اثرات مٿس يڪسر ڇانئجي ويندا آهن ۽ سندس هر فرد کي هڪ قسم جي جنون ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن. اهوئي جنون جماعت جي عجيب غريب فعلن ۽ فڪرن جو تاڃي پيٽو بڻجي ويندو آهي.
جيتوڻيڪ جماعت دنيا جي سمورن مؤثراتن مان گهٽ وڌ هر شيءِ کان متاثر ٿيندي آهي، پر ڪجهه شين جو اثر بنهه گهڻو ۽ اڻ گُس، اڻٽر هوندو آهي. انهن مؤثراتن يا اثرانداز ٿيندڙ شين کي جماعت جي ”مخصوص مؤثراتن“ ۾ ڳڻڻ گهرجي. اسان هتي ٿورڙو تفصيل ۽ ترتيب سان انهن کي بيان ڪنداسين.
[b]اڻٽر شديد ۽ مخصوص مؤثرات
[/b]هر جماعت هڪڙي اڳواڻ جي اثر هيٺ هوندي آهي. پر اڳواڻ جنهن شيءِ سان جماعت تي حڪومت ڪندو آهي، اها هڪڙي مخفي قوت هوندي آهي، جنهن کي اثر، حڪم يا روحانيت چيو ويندو آهي. ڪوبه اڳواڻ ان طاقت کان سواءِ اڳواڻ نه ٿو بڻجي سگهي. البت ڪن شخصن ۾ اهو نفوذ يا اثر فطري طور تي سگهارو هوندو آهي. جهڙوڪ نيپولين، جيڪو رياست ۽ اقتدار لاءِ گهربل بلند خصلتون پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو يا اسلامي تاريخ ۾ امير معاويه، تيمور ۽ نادر وغيره، جن ۾ قدرتي طور تي دعويٰ جي قوت موجود هئي. ان قسم جو فطرتي اثر دنيا تي هڪ لازوال طاقت سان حڪمراني ڪندو آهي. سڪندر مٽجي ويو، نيپولين پنهنجا آخري ڏينهڙا ڏاڍي بدحالي ۽ ڪسمپرسي ۾ گهاريا، پر سندن شهرتن جي آڏو اسان جا ڳاٽ اڄ به جهڪي ٿا پون. سندن نالا ٻڌي اسين ڏڪي ٿا وڃون، ججهڪي ٿا پئون ۽ هڪ عجيب غريب عظمت جي مخفي اثر جو احساس ڀانپڻ لڳون ٿا.
البت گهڻين حالتن ۾ هي اثر خارجي سببن جو نتيجو پڻ ٿيندو آهي. دولت، طاقت، شان شوڪت، رنگ ڍنگ، لباس ۽ لقبن خطابن جي ذريعي ڪي ماڻهو قوم ۾ نشانبر ٿي ويندا آهن ۽ ان کي پنهنجو مطيع بڻائي وٺندا آهن. پوليس کي وردي ان ڪري پارائي ويندي آهي، جو ان جو دٻدٻو ۽ رعب ان ۾ لڪل هوندو آهي. عالمن جو عمامو ۽ جبو انهيءَ خارجي ۽ مصنوعي اثر جو هڪ خطرناڪ اهڃاڻ آهي. بادشاهن جي سواري جڏهن ڌام ڌوم سان نڪري ٿي ته رعب ۽ سعادت جو هڪڙو هنگامو برپا ٿي ويندو آهي. سلطنتون انهن ئي ماڻهن کي خطاب ڏينديون آهن، جن جي اثر کان اهي ڪم وٺڻ چاهينديون آهن.
عارضي اثرن ۽ فطري اثرن ۾ ڪو تضاد ڪونهي، بلڪ ٻئي هڪڙي ئي ذات ۾ جمع پڻ ٿي سگهن ٿا. نيپولين پنهنجي ذاتي اثر کي فوجي لباس سان اڃا وڌيڪ نمايان ڪري ڇڏيندو هو. البت ٻئي اثر الڳ الڳ وقتن تي پيدا ٿيندا آهن ۽ گهڻو ڪري ايئن ٿيندو آهي ته جتي ذاتي اثر نه هوندو آهي، اتي مصنوعي مؤثراتن کي پيدا ڪيو ويندو آهي. جنرل زر فري ۽ سر جان فرنچ جي صورت ڪيڏي نه سهڻي ۽ شاندار آهي، پر سندن دل جي آتشڪدي ۾ اثر ۽ نفوذ جي هڪڙي چڻنگ به نه آهي؛ نه ته يورپ جي جنگ هن وقت تائين پڄاڻي تي پهچي چڪي هجي ها.
انهيءَ عارضي اثر جي نمائش لاءِ اڳواڻن جون شاهاڻيون آجيائون ڪيون وينديون آهن. اهوئي مصنوعي اثر و نفوذ فوجن کي ويڙهائيندو آهي ۽ باهه ۽ رت جي درياهه ۾ ڌڪي ڇڏيندو آهي. جماعت انهيءَ مخفي اثر ۾ مدهوش هوندي آهي ۽ کيس پنهنجن عمل جي نتيجن جي ڪابه خبرچار ڪانه هوندي آهي.
البت هر نفوذ جماعت تي اثر وجهي نه سگهندو آهي. جماعت ۽ اڳواڻ جي عقيدن ۽ خيالن ۾ مناسبت هجڻ گهرجي. هڪڙو جرنيل عبادتگذار زاهدن تي ڪوبه اثر نه ٿو وجهي سگهي. انهن کي فقط واعظيءَ جون هدايتون ۽ نصيحتون ئي متاثر ڪري سگهن ٿيون. انبياءَ ڪرام عليهم الصلواة والسلام انهيءَ جي ڪري ئي امُتن جي پراڻن عقيدن ۽ خيالن جو لحاظ ڪندا هئا.
جڏهن آڳ جا اهي ٻئي شعلا پاڻ ۾ ملي ويندا آهن، تڏهن جماعت اهڙا عجيب غريب ۽ اڻٿيڻا ڪم ڪري ڏيکاريندي آهي، جيڪي عجائبن ۽ ڪرامتن ۾ ڳڻي سگهجن ٿا.
جماعت تي ڪنهن ڳالهه جي ور ور چوڻ جو به وڏو اثر پوندو آهي. نيپولين جو چوڻ آهي ته: ”دنيا ۾ اهوئي ماڻهو ڪامياب ٿي سگهندو آهي، جيڪو هڪڙي ئي ڳالهه بار بار چوندو آهي.“
قرآن حڪيم جي ورجايل آيتن جو اصلي فلسفو اهوئي آهي. البت ان ڳوڙهي ۽ نرالي نقطي کي تمام گهٽ ماڻهو سمجهن ٿا ۽ انهن کان به گهٽ ان جي پوئلڳي ڪري سگهن ٿا.
ڪي اڳواڻ يا ڄمار هڪڙي ئي موضوع تي تقرير پيا ڪندا آهن. اخبارن ۾ اشتهار بار بار ان ئي مقصد سان ڇپبا آهن.
البت هر تائيد مؤثر ڪانه هوندي آهي ۽ نه هر ورجاءُ ۽ ور ور چوڻ مفيد ٿي سگهي ٿو. اهو هڪ خاص اصول جو پابند آهي، تاڪيدي جملي کي سادو، مختصر ۽ دليل کان خالي هجڻ گهرجي. قرآن مجيد شراب بابت فقط ايترو چيو:
فَھَلْ اَنْتُمْ مُّنْتَھُوْنَ (5 :91)
”ٻڌايو ته توهان باز ايندؤ يا نه.“
حضرت عمر ؐ کان دانهن نڪري وئي:
اِنتھینا، اِنتھینا!
”اسان ڇڏي ڏنو، اسان ڇڏي ڏنو.“
پر جي ساڳي ڳالهه کي پاسا بدلائي چيو وڃي ته تاڪيد جو اهو اڃا وڌيڪ مؤثر طريقو آهي. هڪڙو سادو اشتهار جڏهن رنگين ڪاغذ تي ڇاپيو ويندو آهي ته ان جو اثر گهڻو وڌي ويندو آهي. ورجاءُ جو هر ماڻهو تي اثر ٿيندو آهي، پر جماعت جو معنوي نظام جيئن ته نهايت باريڪ ٿيندو آهي، تنهن ڪري ان تي ورجاءُ جي وسيلي جيڪو نقش جوڙبو آهي، اهو ڪڏهن به نه مٽجندو آهي.
انسان جڏهن ساڳي ڳالهه گهڻن ماڻهن کان ٻڌندو آهي ته ان تي يقين ڪري وٺندو آهي. اهڙي نموني جڏهن جماعت ساڳوڻي ڳالهه کي بار بار ۽ مختلف طريقن سان ٻڌندي آهي ته انهيءَ تي ان جو اهوئي اثر ٿيندو آهي، جيڪو هڪ شخص تي ڪنهن روايت جي مختلف وصفون رکندڙ مختلف راوين جو پوندو آهي. انهيءَ ورجاءُ جي ڪري جماعت ۾ يقين جي جيڪا پختي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي، اها انهيءَ سائلا قوت جي ڄمڻ جو سبب ٿيندي آهي. جنهن جو نالو ”سريانِ خيال“ يا خيالي هيجان آهي ۽ جيڪو جماعت کي فڪر و عمل جي وحدت جي رشتي ۾ ڪنهن مالها وانگر پوئي ڇڏيندو آهي.
جماعت ظاهري صورت کان وڌيڪ متاثر ٿيندي آهي، حقيقت جو اثر مٿس گهٽ پوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جماعت کي چيو وڃي ته فلاڻي پاڙي ۾ ڏهه ماڻهو وڏي کنگهه جي مرض ۾ وچڙي مري ويا آهن، ته ان ڳالهه جو اُن تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو. پر جي انهيءَ واقعي کي بدلائي هينئن ڪجي ته گهر ڪري پيو آهي ۽ پنج ماڻهو ان ۾ دٻجي مري ويا آهن، ته ان ڳالهه جو هوڪو گهر گهر پڄي ويندو.
هر سال لکين زندگيون طاعون وسيلي زيان ٿينديون آهن. پاڻ اخبارن ۾ ان جون رپوٽون پڙهون ٿا، پر ان کي هڪڙو معمولي واقعو سمجهون ٿا. پر جيڪڏهن ڪنهن اخبار ۾ هڪ سٽ جي خبر اسان جي نظرن مان گذري ٿي ته فلاڻو جهاز ٻڏي ويو ۽ ان جو هڪ مسافر به نه بچيو ته اسان جا اعصاب لڏي وڃن ٿا ۽ اسان جي اندر ۾ ڏک ۽ بيقراري پيدا ٿي ويندي آهي.
تقرير ۽ خطابت جو اثر جماعت تي رڳو ان ڪري پوندو آهي، جو اها ان جي ذهني صورتن کي ان جي سامهون آڻيو بيهاري. بلڪ خطيب جون حرڪتون، ان جي ڳالهائڻ جو انداز، ان جا مختلف اشارا خود کيس ان شيءِ جي تصوير بنائي ڇڏيندا آهن، جنهن جي هو اپٽار ڪري رهيو هوندو آهي. جماعت ڪنن سان هن جي تقرير ٻڌي ٿي ۽ اکين سان کيس ڏسي ٿي. ان ڪري اندر توڙي ٻاهر هن جو اصلي مقصد هڪ متحرڪ صورت ۾ چٽو پِٽو نظر ايندو آهي ۽ انهيءَ صورت جو هن تي اثر پوندو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو دنيا جي سمورن اڳواڻن دنيا کي هٿ کان وڌيڪ زبان سان فتح ڪيو آهي.
لفظن جون معنائون هر زماني ۾ بدلجنديون رهنديون آهن. آزادي جو جيڪو مفهوم اڄ آهي، اڳوڻي زماني ۾ اهو نه هو. ان ڪري هڪڙي مقرر کي لفظن جي وقتي اثر ۽ موجود مفهوم جو به لحاظ رکڻ کپي. جڏهن ڪا تقرير انهن شرطن تي پوري لهندي آهي ته اها جماعت کي ديوانو بنائي ڇڏيندي آهي.
لفظ جماعت جي اڳيان معنيٰ جو جيڪو مجسمو کڙو ڪري ڇڏيندا آهن، اهو وري به هڪ حد تائين ڌنڌلڙو هوندو آهي. پر ناٽڪ يا فلمون ان کي بلڪل بي نقاب ڪري ڇڏينديون آهن، اهوئي سبب آهي جو جماعت تي انهن جو اثر شدت سان پوندو آهي.
رومي قوم، جيڪا دنيا جي هڪڙي متحرڪ ۽ زندهه قوم هئي، ٿيٽرن کي هميشه پنهنجي ڪاميابي جو ماڳ سمجهندي هئي. اڄ پڻ ڪيترائي بغاوتي ۽ ويڙهاڪ خيال ان جي ذريعي پکيڙيا وڃن ٿا. شخصي حڪومتون يا آمريتون بغاوت پکيڙيندڙ مضمونن ۽ ڪتابن وانگر فلمن ۽ ۽ ناٽڪن تي به پابنديون وجهنديون آهن. پئرس ۾ هڪ اداڪار هڪڙي ڏوهاري جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هن جي ڏوهه جا مختلف منظر ڏيکاريا. تماشائي جوش ۾ ڀرجي ايڏا جذباتي ٿي ويا جو هر هڪ ڄڻو ان فرضي ڏوهاري تي حملو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. جيڪڏهن پوليس ان اداڪار کي پنهنجي دائري ۾ وٺي بچائي نه ها ته هو پنهنجي تمثيلي ڏوهه جي حقيقي سزا کائي وڃي ها.
ٿيٽر ۽ فلم جو اثر جماعت تي ان ڪري به گهڻو پوندو آهي، جو جماعت واقعن جا نتيجا تلاش نه ٿي ڪري. اها فقط واقعن جي اصلي صورت ڏسڻ چاهيندي آهي. اسان ٻڌندا آهيون ته جنگ ۾ پنج هزار ماڻهو مري ويا، پر سئنيما انهن جي جسمن جا زخم ۽ سندن ڳچين مان وهندڙ رت ڏيکاري ڇڏي ٿي. نتيجن جي لحاظ کان اخبار جي خبر ۽ سئنيما جي تماشي ۾ ڪو فرق ڪونهي، پر جماعت تي نتيجو ڪو اثر نٿو وجهي. موت کان وڌيڪ رت جو ڳاڙو ۽ زخم جي ڳاڙهاڻ هن جي جذباتن کي مشتعل ڪري ڇيڙي ڇڏي ٿي. هڪ مئل فلسفيءَ جو لاش جماعت لاءِ ڪا مؤثر شيءِ ناهي، پر هڪ جيئري سپاهي جي خون جو هڪ قطرو هن کي مَت مان ڪڍي بي قابو ڪري سگهي ٿو.
جماعت يا گروهه تي وهمن وسوسن جو به وڏو اثر پوي ٿو. جماعت يا گروهه حقيقت جي عبادت ۽ پوڄا نه ٿا ڪن، پر حقيقت جي ظاهري روپن ۽ وهمن جي پوڄا ۽ پرستش ٿا ڪن. بت پرستي جو رواج ان ڪري پيو، جو انسان خدا کي به انسان جي شڪل ۾ ئي ڏسڻ ٿي گهريو. بتن کي بتخانن ئي دوام ڏنو. جيڪر بتخانا نه هجن ها ته بتن جي طاقت جو خاتمو ٿي چڪو هجي ها. اسان عظيم الشان عمارتن تي ماتم ڪندا آهيون، پر سرن ۽ پٿرن جي انهن ڍيرن ڍڳن ۾ ڇا رکيو آهي؟ انهن ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جي گذريل عظمت جي وهمي حقيقت لڪل آهي. سموري دنيا ان وهم پرستي جي لاءِ پنهنجن رسمن ۽ پنهنجي پراڻن قدرن کي قائم رکي ٿي. عجائب گهر ان ڪري قائم ڪيا ويندا آهن ته اهي پراڻن يادگارن کي ڏيکاري اسان جي اندر ۾ اهائي تصوير اڀاريندا رهن ۽ اسان جي دل تي عظمن جو ٿڌو ڇنڊو هڻندا رهن. تهذيب ۽ تمدن جا ٿنڀا به ان وهمي حقيقت ئي قائم دائم رکيا آهن. جيڪڏهن اڄ اهي يادگار مِٽائي ڇڏجن ته دنيا جي پراڻي وحشت جيڪر وري زندهه ٿي پئي. هزارين لاش ميدان ۾ وڍجي ڪٽجي ڪِرن ٿا، پر انسان جي اک هڪ ڳوڙهي سان مس ٿي پُسي. البت جڏهن هڪڙو ڪتبخانو، هڪڙو عجائب گهر يا هڪ قلعو ڊاٺو ويندو آهي ته تهذيب و تمدن جون اکيون رت جو درياهه وهائڻ لڳنديون آهن. ڇا اهي شيون انسان جي رت کان به وڌيڪ عزيز آهن؟ ڇا انسان سان ئي سڀ ڪجهه آهي يا انسان رڳو سرن ۽ پٿرن جي ماتم لاءِ آهي!؟
پر جماعت يا گروهه انهن جي حفاظت لاءِ پنهنجو رت جو ريڄ ڏيو ڇڏي. ڇاڪاڻ ته اها رڳو وهمي اميد تي ئي زندگي گذاريندي آهي ۽ سندس اميدن جو مرڪز سندس دماغ نه ٿو هجي. هن پنهنجي شعور جي قوت وڃائي ڇڏي آهي. هن جي اميدن جو آشيانو هن جي قلعي جا برج هوندا آهن. جيستائين اهي اُڀا ۽ سالم آهن، جماعت به جيئري آهي؛ جيڪڏهن اهي ڪِريا ته سمجهڻ گهرجي ته جماعت جو شيرازو به وکري ويو.
جنگ جي ميدان تي بادشاهه جو تاج اوچتو پٽ تي ڪِري پئي ٿو. هڪ فلسفيءَ جي نظر ۾ اهو نهايت معمولي واقعو آهي؛ پر ان سان سڄي فوج جا پير اکڙي وڃن ٿا، ڇو ته بادشاهه ئي سندن اميدن جو قبلو هو.
جماعت تجربي کان به ڏاڍي متاثر ٿيندي آهي. جيڪڏهن تجربي مان بار بار ثابت ٿئي ته هڪ قوم يا هڪ سلطنت ظالم آهي ته ان جي مقابلي لاءِ جماعت کي آساني سان ڀڙڪائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن واقعا لاڳيتو ڪنهن قوم جي چڱائين ۽ خوبين کي چٽائي سان پڌرو ڪري چڪا هجن ته جماعت ڏاڍي ڦڙتي ۽ دل سان ان جي حمايت لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. اسلام جي مدني فضل جنگ جي موقعن تي اڪثر ان حقيقت کي نمايان ڪيو. مسلمانن جي مستقل همدرداڻي ۽ عادلاڻي طرز عمل ۽ فياضي واري ورتاءَ مختلف قومن کي خودبخود سندن هنج ۾ آڻي ڇڏيو. اسلام جي تاريخ ان جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهي ٿي.
[b]حاشيا ۽ حوالا
[/b]
1) مڪمل آيت هن طرح آهي:
اَلَمْ تَرَ اَنَّھُمْ فِیْ کُلِّ وَادٍ یَّھِیمُوْنَ۔
”تو ڏٺو ناهي ڇا ته اهي (شاعر) هر هڪ ماٿري ۾ حيران پريشان رلندا وتندا آهن ۽ (هر موضوع تي، ڀل ان بابت نه ڄاڻندا هجن، شعر چوندا آهن.)
اها قرآن ڪريم جي 26 هين سورت الشعراءَ (شاعر) جي 225هين آيت آهي. (سنڌيڪار)
2) جيتريقدر عورتن جي وهمي يا توهم پرست هجڻ جو تعلق آهي ته ان جو تعلق صنف يا ڪنهن جنس بدران انسان جي سماجي ارتقا سان آهي. ايشيا ۽ آفريقا جي پٺتي پيل سماجن ۾ جيڪي وهم وسوسا ۽ بيجا رسمون يا بدعتون اڃا موجود آهن، يورپ جو ماڻهو انهن جو اڄ تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي، جو اهي سماجي ۽ تاريخي ارتقا جي اڳئين ڏاڪي تي هليا ويا آهن. البت جاگيرداراڻن سماجن جي عورت اڄ به پراڻن وهمن ۾ ڦاٿل آهي. مولانا آزاد جو اشارو به اهڙي سماج جي عورت ڏانهن آهي. (سنڌيڪار)
3) ويهين صدي جي پهرئين اڌ جي آخر ۾ ننڍو کنڊ جنهن مذهبي منافرت جي ور چڙهي ويو هو، ان جي پهرين شڪارن ۾ بنگال شامل هو. هتي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ فسادن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ ڏانهن اشارو آهي. (سنڌيڪار)
4) سنڌ ۾ اهڙو هڪڙو مثال، جنهن کان شخصي طورتي آئون پاڻ واقف آهيان، نوجوان صحافي رابيل شر جو آهي. رابيل شر حيدرآباد جو گدو اسپتال ۾ غالبن مڙسالو نرس هو. صبح جو اسپتال ۾ ۽ شام جو اخبارن ۾ ڪم ڪندو هو. چرين سان گهڻو وقت گڏ گذارڻ ڪري هو دماغي توازن وڃائي ويٺو هو. اڄڪلهه خبر ناهي ته ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي. (سنڌيڪار)
5) ان جنون جا مثال ٻيءَ عالمي جنگ دوران ڏسي سگهجن ٿا. گڏوگڏ والار پسندي جي سوچ ۾ وڪوڙيل فوجن پاران بيٺڪيتن ۾ ڪيل ظلمن ۽ قتلام ۾ به اهو جنون نظر اچي ٿو. حاڪم ملڪن جي فوجن پاران بيٺڪيتن ۾ ڪيل قهري ڪاررواين تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. جن مان هڪڙو ڪتاب ”ايڪهتر جا اُهي ڏينهن“ به آهن، جيڪو بنگالڻ مائي جهان آرا امام لکيو آهي. ان ڪتاب ۾ فوجي جنون جا ظالماڻا ڏيک ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. (ن- خ- ز)