تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فلسفو: اصول، حدون، تاريخ ۽ ارتقا

هي ڪتاب ھند جي نامياري عالم، اديب ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل آھي جنھن جو سنڌيڪار نواز خان زئور آھي.
مولانا آزاد هن ڪتاب ۾ فلسفي جي بڻ بڻياد، واڌويجهه، ارتقا ۽ اصولن تي به بحث ڪيو آهي، ته ان جي تاريخ جا ڍيرا پڻ ڦلهوريا آهن. هن يوناني ۽ هندستاني فلسفي جي تاريخ جا پڻ پيرا کنيا آهن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي انهن جي قدامت ۽ هڪ ٻئي تي سندن اثرن جو جائزو ورتو آهي. هو انهيءَ جو جائزو وٺندي رڳو تاريخي پيرا ٿو کڻي ۽ تاريخ جي درستي ڪرڻ ٿو گهري؛ البته هو ان ڳالهه کي ڪنهن جي ڪنهن تي سبقت ۽ مٿڀرائي طور سامهون نه ٿو آڻي. هو ان سڄي سفر کي انسانذات جو گڏيل ورثو ٿو سمجهي.

Title Cover of book Philsipho Usool Hadoon Tarekh & Irteqa

حقيقت کان اکٻوٽ

هن راهه ۾ انسان جي سڄي بيوسي هيءَ آهي ته هو الله جو تصور پنهنجي خيال جي معيار موجب جوڙڻ ٿو گهري ۽ ان لاءِ مثال گهڙي ٿو. جيتوڻيڪ هن جا سمورا تصور، هن جا سڀئي اندازا ۽ سندس سمورا مثال ان ڪري ٿاٻن مٿان ٿاٻا کائين ٿا ۽ گمراهي مٿان گمراهي ٿي وڃن ٿا، جو هو پنهنجن سوچيل مثالن ۾ جيترو اڳتي وڌندو ويندو آهي، اوترو ئي حقيقت ڪنان پري ٿيندو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو جيترا به مثال گهڙي ٿو، ادراڪ ۽ احساسن جي اندر رهي گهڙي ٿو ۽ ذات مطلق ان دائري جي پهچ کان ماورا آهي:
اے برون از وہم و قال و قیل من،
خاکِ بر فرق من و بر تمثیل من۔

”هجر فراق ۾ آئون جيڪي به دانهون ڪريان ٿو ۽ هن تائين پهچڻ جا جتن ڪريان ٿو، تن مان کڙتيل نه ٿو نڪري، ڇو جو منهنجي ۽ منهنجي عمل جي وچ ۾ وڏا سَنڌا آهن.“
جيستائين تصور الاهي جي تنزيهه جو تعلق آهي، قرآن جي ٻن صفا ننڍڙين آيتن ۾ سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو ويو آهي. جن مان هڪ آيت هي آهي: فَلَا تَضۡرِبُوۡا لِلّٰہِ الۡاَمۡثَالَ (16: 74) ”الله لاءِ پنهنجي تخيل مان مثال نه گهڙيو.“ ٻي آيت آهي: لَیۡسَ کَمِثۡلِہٖ شَیۡءٌ (42: 11) ”هو بيمثال آهي.“ تنزيهه جي باري ۾ توهان جيڪي ڪجهه به چئو، هن کان وڌيڪ نه ٿا چئي سگهو ته: هن لاءِ تمثيلون نه گهڙيو، انهن سمورين شين مان ڪير به هن جي مثل نه آهي، جن جو توهين تصور ڪري سگهو ٿا.
پر جي قرآن جي الاهياتي تصور جي تنزيهه جو اهو حال آهي ته پوءِ ان صفتن جو اثبات ڇو ڪيو؟ صفتن جي اثبات جو لازمي نتيجو تشخص(1) آهي ۽ تشخص پيدا ٿيو ته اطلاق باقي نه رهيو ۽ اطلاق موجود نه رهيو ته تنزيهه به پنهنجي بلندي کان هيٺ لهي آئي.
انهيءَ ڪري جيڪڏهن تنزيهه جو مطلب فقط اهوئي سمجهيو وڃي ته انسان جي تصور لاءِ ڪجهه به باقي نه ٿو بچي. خدا جو تصور پوءِ محض هڪڙو سلبي (2) تصور ٿي وڃي ٿو ۽ سلبي تصور سان خدا پرستي جي زندگي پيدا ٿي نٿي سگهي. خدا جو اهڙو تصور انساني فطرت لاءِ هڪڙو نه سهڻ جوڳو بار ٿي پوندو. هو وجداني طور تي هڪ خالق ۽ پروردگار هستيءَ جو يقين رکي ٿو ته لازمي آهي ته ان جو تصور به ڪندو ۽ جڏهن تصور ڪندو ته تشخص سان گڏ ئي ڪندو. غيرشخصي ۽ سلبي حقيقت جو تصور هن جي فطري طاقت کان ٻاهر آهي ۽ جيڪڏهن تڪلف وچان هو اهڙو ڪو تصور پيدا ڪري به وجهي، تڏهن به اهو ان لاءِ زندگي سان ڀرپور تصور نه ٿو ٿي سگهي.
هيءَ ڳالهه ته هن جي فطرت ۾ هڪ اهڙي هستيءَ جو وجداني اعتقاد موجود آهي، هن ڳالهه جو به فطري ثبوت آهي ته کيس ان جو تصور ڪرڻ کپي. يعني فطرت جي تقاضا آهي ته هو تصور ڪري، هو وجداني طور تي مجبور آهي ته تصور ڪري؛ پر جڏهن هو تصور ڪندو ته اهو هڪ انسان جو ئي تصور هوندو، ماوراءِ انسانيت تصور نه هوندو ۽ انساني تصور تشخص جي ڀاڇن کان بچي نه سگهندو.
ان تصور جو ولولو انسان جي فطرت ۾ ڇو اٻڙڪي رهيو آهي؟ انهيءَ ڪري جو هن جي معنوي ارتقا لاءِ هڪڙي نصب العين جي ضرورت هئي ۽ اهو نصب العين خدا جي هستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ٿي نه ٿو سگهي. مخلوقات ۾ جيتريون چيزون آهن، سڀ ان کان پست ۽ هيٺئين درجي جون آهن. هو بلند ٿيڻ لاءِ انهن ڏانهن ڏسي نه ٿو سگهي. هن کي ضرورت هڪ اهڙي هستي جي آهي، جيڪا سڀ کان بلند هجي ۽ کيس گهڻي کان گهڻين، وڏي کان وڏين بلندين تي وٺي وڃي. اهو فقط الله جو تصور آهي. اهوئي تصور آهي، جيڪو هن لاءِ اڏامڻ ۽ بلند ٿيڻ جو هڪڙو نصب العين موجود ڪري ٿو ڏئي، جنهن کان ٻيو ڪوبه نصب العين بلند تر ٿي نٿو سگهي ۽ هتي جيڪو ڪجهه به آهي هن کان گهٽ ۽ ڪمتر آهي. هيءَ سندس اڳيان مقام انسانيت جي لامحدود ترقين جي شاهراهه کولي ٿو ڇڏي. ان ڪري لازم آهي ته هو پنهنجي اڳيان هڪڙو تصور رکي ۽ تصور رکي ته هي هڪڙو ايجابي تصور هجي، محض نفي ۽ سلب نه هجي. نفي ۽ سلب کيس ڪجهه نه ٿو ڏئي سگهي ۽ سندس وجدان هڪڙي اهڙي هستيءَ لاءِ اُڃارو آهي، جيڪا ڏيڻ واري هجي، سڏڻ واري هجي، ڇڪڻ واري هجي، حسن ۽ جمال جي صفتن جي اندران جهاتيون پائڻ واري هجي.
هن جي اُڃ رڳو ان سان نه ٿي ٻُجهي سگهي ته کيس ٻڌايو وڃي ته خدا جي ذات اهڙي ناهي، اُهڙي ناهي. هن جي طلب ۽ اُڃ ته ڪنهن اهڙي هستيءَ کي ڳولي رهي آهي، جيڪا کيس ٻڌائي ته آئون اِهڙو آهيان ۽ مون ۾ هِهِڙيون ههِڙيون صفتون آهن.
وري سڄي ڪائنات هستي جي پڪار ڇا آهي، جيڪا انسان جي چئني پاسن پکڙي پيئي آهي؟ ۽ خود هن جي هستي جو هڪ هڪ لمحو ڇا چئي رهيو آهي؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته انسان ان ڏانهن پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏي؟ ڇا ٿي سگهي ٿو ته هو اکيون پَٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏي؟ هتي جي هر شيءِ گواهي ڏئي رهي آهي ته ڪنهن ٺاهڻ واري ۾ ٺاهڻ ۽ سنوارڻ جون صفتون آهن ۽ اسان سندس صفتن جا نقش و نگار آهيون. انسان اهي سڀ نقش نگار ڏسي ٿو ۽ انهن ۾ حقيقتون لهي ٿو. بس انهن جو تصور هن کي ڪرڻو ئي پوندو. هو ڏسي ٿو ته هتي حسن و جمال آهي، هو ڏسي ٿو ته هتي پروردگاري آهي، ان ڪري کيس تصور ڪرڻو ئي پوندو ته هو پروردگار آهي.
ان لحاظ کان هن راهه جو ٿاٻو صفتن جي اثبات ۾ نه ٿيو، ان ۾ ٿيو ته صفتون ڪهڙيون هئڻ گهرجن؟ انساني ذهن جڏهن به انهن جو نقشو ٺاهڻ گهريو ته پنهنجي فڪر جي پهچ موجب تشبيهون ٺاهيون ۽ انهن ۾ گمراهه ٿيو. نبين سڳورن جي دعوت جو مقصد هي رهيو ته دنيا کي ان گمراهي کان ڇوٽڪارو ڏيارين ۽ الاهي صفتن جو صحيح تصور پيدا ڪن. قرآن جو الاهي تصور انهيءَ ڪري ان تصور جي تڪميل آهي جو ان تنزيهه جو مقصد به پورو ڪري ڇڏيو ۽ الاهي صفتن جو ڪامل نقشو به ڪڍي ڇڏيو. ان هڪ پاسي ته هر قسم جي تمثيل ۽ تجسيم جو در بند ڪري ڇڏيو ته ”فَلَا تَضۡرِبُوۡا لِلّٰہِ الۡاَمۡثَالَ “ (16: 74) ۽ ” لَیۡسَ کَمِثۡلِہٖ شَیۡءٌ“ (42: 11) ۽ ٻئي پاسي اسان کي هن جي صفتن کان پڻ واقف ڪري ڇڏيو، جيڪي سڀ جون سڀ ”حُسني“ آهن. يعني حسن ۽ خوبي جون صفتون آهن، حسناڪ صفتون آهن ۽ جن کي اسين هن ڪائنات رنگ و بوءِ جي ذري ذري ۾ ڏسي سگهون ٿا، ذري ذري کان انهن جو پڇي سگهون ٿا ۽ هڪ هڪ ذري جي واتان ٻُڌي سگهون ٿا:
شَہِدَ اللّٰہُ اَنَّہٗ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ۙ وَ الۡمَلٰٓئِکَۃُ وَ اُولُوا الۡعِلۡمِ قَآئِمًۢا بِالۡقِسۡطِ ؕ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ الۡعَزِیۡزُ الۡحَکِیۡمُ ﴿ؕ۱۸﴾ (3: 18)
”الله تعاليٰ هن ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، هو يگانو آهي، عدل ۽ انتظام رکڻ وارو آهي؛ فرشتا به اهڙي گواهي ڏين ٿا ۽ علم وارا به اهڙي شاهدي ٿا ڏين. بيشڪ هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، هو طاقت ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.“
ان جي تنزيهه پڻ ڪامل آهي، ڇو جو تشبيهه ۽ تجسيم جا پاڇا به نه ٿي سهي سگهي؛ ان جون ٻڌايل صفتون به اعليٰ آهن، ڇو ته سراسر سونهن، سراسر ڪبريائي، سراسر عظمت ۽ جلال آهن:
لِلَّذِیۡنَ لَا یُؤۡمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ مَثَلُ السَّوۡءِ ۚ وَ لِلّٰہِ الۡمَثَلُ الۡاَعۡلٰی
(16: 60)
”جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نه ٿا رکن اهي برو ئي تصور ڪندا، خدا صفتون ئي ڳوليندا. جڏهن ته الله تعاليٰ اعليٰ ۽ بلند صفتن وارو آهي.“
افسوس آهي ته ان آيت جو مطلب ماڻهن نه سمجهيو. ان ۾ به اهائي حقيقت چٽي ڪئي وئي آهي. قرآن ان کان نٿو روڪي ته خدا جي تصور لاءِ انسان ڪا ڳالهه ڌيان ۾ آڻي. پر اها ڳالهه ڪهڙي هجڻ گهرجي؟ اتي ئي هن اڻيهئي ٿاٻو کاڌو. هو اها نه ڳولي سگهيو. اها حسن و جمال، ڪبريائي و ڪمال ۽ فصاحت و عظمت جي ڳالهه هئي. پر هن فڪري گمراهي جي ڪري بريون ڳالهيون، ڪِريل ڳالهيون ۽ اڍنگيون ڳالهيون گهڙي ورتيون. يعني ”مثل السُو ءَ“ کان ڪم ورتو، ”مثل الاعلیٰ“ جي تند تاڻي نه سگهيو. جڏهن ته الله جي لاءِ جيڪا به ڳالهه ٿيندي ” مثل الاعلیٰ“ جي ئي ٿيندي، ” مثل السُو ءَ“ جي نه ٿيندي. قرآن انهيءَ ” مثل الاعلیٰ“ جو جمال پڌرو ۽ مٿڀرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي ئي ” مثل الاعلیٰ“ آهي، جنهن کي سورت اعراف ۾ ”الاسماءَ الحُسْنیٰ“ قرار ڏنو آهي ۽ ” مثل السُو ءَ“ جي لاءِ ”الحاد فی الاسماءِ“ جي ترڪيب اختيار ڪئي:
وَ لِلّٰہِ الۡاَسۡمَآءُ الۡحُسۡنٰی فَادۡعُوۡہُ بِہَا ۪ وَ ذَرُوا الَّذِیۡنَ یُلۡحِدُوۡنَ فِیۡۤ اَسۡمَآئِہٖ ؕ سَیُجۡزَوۡنَ مَا کَانُوۡا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿۱۸۰﴾ (الاعراف: 180)
”حسن ۽ خوبي جا نالا ۽ سڀ چڱيون صفتون الله لاءِ آهن. تنهن ڪري توهان کيس انهن نالن سان سڏيو. ۽ جيڪي ماڻهو سندس نالن ۾ ڏنگايون ڦڏايون ۽ ناپاڪيون گڏائين ٿا، انهن کي ڇڏي ڏيو.“
هڪ ٻيءَ جڳهه تي فرمايو آهي:
لَہُ الۡاَسۡمَآءُ الۡحُسۡنٰی ؕ یُسَبِّحُ لَہٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ۚ وَ ہُوَ الۡعَزِیۡزُ الۡحَکِیۡمُ
(الحشر: 24)
”ان جا سڀ چڱا نالا ۽ صفتون آهن، جيڪو ڪجهه زمينن ۽ آسمانن ۾ آهي، سندس عظمت جي شاهدي ڏئي ٿو ۽ هو ئي زبردست حڪمت وارو آهي.“
هن لاءِ حسن ۽ خوبي جون صفتون آهن ۽ آسمانن ۾ ۽ زمين تي جيتريون مخلوقاتون آهن، سڀ سندس تسبيح ڪري رهيون آهن، يعني ڪائنات جي پوري هستي انهن صفتن جي شاهدي ڏئي رهي آهي. آسمان ۽ زمين جي هر شيءِ انهن صفتن جي مڃوتي آهي، اعتراف آهي، انهن صفتن جي نمائش آهي، سندس پاڪائي ۽ ڪبريائي جي اعلان ۾ تسبيح جي زبان آهي، تقدس جي صدا آهي.
بهرحال صفتن جو اثبات هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن جي وجداني طلب انساني فطرت ۾ موجود آهي ۽ ان ڪري انهيءَ حد تائين تشخص جو هجڻ فطري مطالبي ۽ گهرج جو پورائو آهي. جيڪڏهن ان کان لنوائجي ته اها غيرفطري ڳالهه ٿي ويندي ۽ انسان جي وجداني اُڃ ڪڏهن به لهي ڪانه سگهندي. هندستان جي ويدانتي فلسفي نفي صفتن جي مسلڪ اختيار ڪئي ۽ تشخص کي مٽائڻ گهريو، پر عملي نتيجو ڇا نڪتو؟ نتيجو اهو نڪتو ته نه صرف تشخص جي، پر تجسيم تائين ماڻهن کي موڪل ڏيڻي پئجي وئي. ڇو جو انهن محسوس ڪيو ته غير شخصي تصور سان خدا پرستي جي اُڃ اجهائي نه ٿي سگهي ۽ ضروري آهي ته انساني فڪر اڳيان هڪ شيءِ آندي وڃي. هن جو وجدان ان ڌاران مطمئن ٿي نٿو سگهي ته ڪانه ڪا شيءِ سامهون ڏسي. جيڪڏهن صفتن جي صورت نه هوندي ته پٿر جي مورتي تراشيندو.
کرے کیا کعبے میں جو سر بتخانہ سے آگاہ ہے؟
یہاں تو کوئی صورت بھی ہے، واہ اللہ ہی اللہ ہے!

يا ته تنزيهه ۾ ايتريقدر بلند ٿيڻ گهريو هو، جو صفتن جي اثبات به کيس صدمو ٿي رسايو. ويندي ان ڳالهه جا به روادار نه ٿيا جو هن ڏانهن ”هُو“ چئي اشارو ڪن؛ ڇو جو اسان جو ”هو“ چوڻ به تشخص جي گدلاڻ کان پاڪ ٿي نٿو سگهي. يا وري تجسيم جي پستيءَ ۾ ڪِريا ته اهڙا ڪِريا جو نه فقط تشخص کي سندس سمورين تمثيلن ۽ جسمانيتن سان جائز ڪري ڇڏيو، بلڪ ان جي سڀ کان ادنا ۽ اسفل درجي جي به اجازت ڏئي ڇڏي يعني مورتيءَ پوڄا جي. تنهن ڪري اسين ڏسون ٿا ته ويدانت جي وجودي توحيد جو مسلڪ فلسفي جو هڪڙو مذهب بڻجي ويو، پر انسانن جو عملي مذهب بڻجي نه سگهيو. عملي مذهب لاءِ پٿر پوڄا، بت پرستي يا صنم پرستي ئي اختيار ڪرڻي پيئي.
نفي صفات ۽ استغراق اطلاق جو مسلڪ اهوئي آهي، جيڪو حديث جي صاحبن ”تعطيل“ قرار ڏنو آهي. قرآن جي توحيد تنزيهه تي ٻڌل آهي، تعطيل تي نه آهي.
اسلام جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريائين صفتن جي نفي جي صدا جَهَم بن صفوان بلند ڪئي، جنهن ڏانهن جهيميا منسوب آهن، پوءِ متڪلم ۽ نظار جا مختلف گروهه ان کان گهٽ وڌ متاثر ٿيا. باطنيا جو مذهب اثبات و نفي پڻ انهيءَ تي مبني هو، يعني اهي اثبات سان گڏ نفي پڻ ڪري وجهندا هئا ۽ چوندا هئا ”النور لا نور“ ۽ ”الحڪيم لا حڪيم“. توجيهه يا جواز ان جو اهو ڄاڻائيندا هئا ته اثبات صفتن جي حقيقت لاءِ آهي ۽ نفي تشبيهه جي لاءِ.

[b]حاشيا ۽ حوالا
[/b]
1. ”تشخص“ مان هتي مراد تصور جي اها نوعيت آهي، جنهن کي انگريزي ۾ پرنسل گارڊ (Personal God) يا شخصي خدا چيو ويندو آهي.
2. سلبي تصور مان مقصود هي آهي ته فقط نفي ڪئي وڃي ۽ اثبات نه هجي. يعني چيو وڃي ته هو اهڙو ناهي، اهڙو ناهي، اهڙو ناهي. پر ايئن نه چيو وڃي ته هن ۾ هي هي صفون آهن، جهڙوڪ هو رحيم آهي، عليم آهي، پروردگار آهي.