تاريخي تناظر ۾ يونان ۽ هندستان
لاَتَقُل دَارُھَا بِشَرقِ نَجُد
کُلُّ نَجْدٍ لِلْعَا مِرِیَۃِ دَار
”ايئن نه چئو ته هن جو گهر نجد جي اوڀر ۾ آهي، سڄو نجد ئي بنوعامر جو ماڳ مڪان آهي.“
[b]عالمي فلسفو
[/b]هن کان پهريائين ٻين سڀني سببن سوڌو آئون ان خاص سبب جي وضاحت ڪري چڪو آهيان، جيڪو هن املهه ماڻڪ قسم جي تاليف جي جمع، ترتيب ۽ سهيڙ جو ڪارڻ بڻيو آهي. هڪڙو ٻيو سبب به آهي، جيڪو پڻ ايترو ئي اهم آهي. هن وقت تائين اسان فلسفياڻن مسئلن جو عالمي نقطي نظر کان صحيح معنيٰ ۾ احاطو ان ڪري نه ڪري سگهيا آهيون جو فلسفو سڌو وڇايل، غير مرڪب، هڪ ڪَرو ۽ يڪ ڌاتوئي شيءِ نه هو، بلڪ اهو مختلف جزن جو مرڪب هو. فلسفي جون اهڙيون تاريخون ته موجود آهن، جيڪي ڪنهن هڪ ملڪ يا ڪنهن هڪ دؤر جي فلسفي تي روشني وجهن ٿيون. پر هڪڙي به اهڙي تاريخ نه ٿي ملي، جنهن مان هر هڪ ۽ هر دؤر جي فڪري اڳڀرائي ۽ ذهني ارتقا جو حال معلوم ٿي سگهي. هاڻي اهو مناسب وقت اچي ويو آهي ته فلسفي جي اهڙي تاريخ سهيڙي وڃي، جنهن جي ذريعي اسان کي هندستان، چين ۽ يونان جي علمي افاديت جي ڄاڻ سان گڏوگڏ پراڻي، وچئين ۽ جديد دور جي فڪري انداز کان به آگاهي ٿي سگهي.
قدرت جي ڪارستانين تي قبضي ۽ اختيار جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ صلاحيتن مختلف خطن ۾ رهندڙ انسانن کي هڪ ٻئي جي تمام گهڻو ويجهو آڻي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت مختلف ثقافتون پڻ هڪ ٻئي سان رلي ملي ويون آهن. قريبي رابطن ۽ ويجهن تعلقاتن اهڙيون حالتون پيدا ڪري وڌيون آهن، جو انهن جي هوندي جيڪڏهن مختلف قومن جي علمي خدمتن جو مقصد هڪ ئي هجي ته ڪا ڳالهه ٺهي سگهي ٿي. مختلف تهذيبن جي مطمع نظر جي ماتحت جيڪي اصول ملن ٿا، انهن ۾ هم آهنگي ۽ پنهنجائپ جا سُر پيدا ڪرڻ لاءِ فلسفي کي جن محرڪن جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي، اُهي اِهي رابطا ئي ته آهن. عالمي فلسفي جي ارتقا جو مسئلو نه فقط نظرياتي لحاظ کان اهميت رکي ٿو، بلڪ علمي بنيادن تي به ان جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي.
فلسفي جي تاريخ پڻ انهيءَ زاويه نگاه کان مرتب ٿيڻ گهرجي. مختلف قومن ۽ مختلف دورن جي علمي واڌارن جو نه فقط کُليءَ دل سان اعتراف ڪيو وڃي، بلڪ عالمي تاريخ جي ارتقا ۾ انهن کي مناسب جڳهه ڏيڻ گهرجي. مثال طور علمي مسئلن جو مطالعو ڪرڻ ۾ اسان هيستائين يا ته هندستاني مفڪرن جي خيالن ۽ فڪر تي غور ويچار ڪيو آهي يا وري انساني علم جي يوناني ماهرن يا وري عرب فلسفين جي نظرين کي سامهون رکيو اٿئون. مطلب ته اسان فلسفياڻن مسئلن تي جڏهن به غور ويچار ڪيو آهي، انهن جي اصل نوعيت اسان جي نگاهن کان ڳجهي ئي رهي آهي. اسان قومي يا جاگرافيائي چشمو چاڙهي صورتحال تي نظر وڌي آهي. اسان کي هاڻي مسئلي جو اهڙو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيڪو مختلف فڪري نظامن مان حاصل ڪيل ادراڪن کي هڪڙي سڳي ۾ پوئي ڇڏي. فقط اهوئي هڪ رستو آهي، جنهن تي هلي اسان فلسفي جي مسئلن تي خالص فلسفياڻي نقطي نظر سان غور ڪري سگهون ٿا.
هن موجوده ڪتاب (3) ۾ فلسفياڻن مسئلن جو صرف ڪنهن قدر اختصار سان گهيراءُ نه ڪيو ويو آهي، بلڪ هتي ته هي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مختلف دؤرن جي، مختلف قومن جي علمي نتيجن کي يڪجا ڪيو وڃي. مون کي اميد آهي ته مختلف فڪرن جو هي مجموعو عالمي فلسفي جي تاريخ جي سهيڙ جي سلسلي جي پهرين ڪوشش ثابت ٿيندو ۽ اهڙي ڪوشش جنهن سان موجوده دؤر ۾ بني نوع انسان جي ضرورتن جو پورائو ٿي سگهندو.
[b]پڇاڙڪا لفظ
[/b]اسان هن مهاڳ (4) جي شروعات هڪڙي ايراني شاعر جي هن شعر سان ڪئي هئي:
ما ز آغاز و انجام جہاں بے خبریم،
اول و آخر ایں کہنہ کتاب افتاد است۔
”نه هن ڪائنات جي ابتدا جو پتو آهي ۽ نه ته ان جي انتها ڪير لهي سگهي ٿو. هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جا پهريان ۽ پويان پنا ڦاٽل آهن.“
فلسفو حقيقت ۾ نالو ئي آهي انهن ڦاٽل ۽ گم ٿيل پنن جي ڳولا جو. انهيءَ ڳولا ۾ ڪي ٽي هزار سال وهامي ويا آهن، پر اڃا تائين انهن جو ڪو اتو پتو ڪونهي. اها به اميد ڪينهي ته ڪو اڳتي هلي انهن جي ڪا خبر چار ملي سگهي ٿي. فلسفي جي تاريخ انهيءَ ڳولا جو داستان آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ڳولا جي نتيجي ۾ منزل مقصود جو پرو پاند ته اسان جي هٿ نه اچي سگهيو، تنهن هوندي به سفر جي عجيب روئداد ۽ تحقيق و دريافت جو دلچسپ داستان اسان جي علم ۾ ضرور آيو آهي ۽ ان سان ڪيترن ئي رازن ۽ اسرارن جا انڪشاف ٿيا آهن.
فلسفي جي منزل جا واٽهڙو پنهنجي مقصد جي حاصلات ۾ ته ڪامياب ٿي نه سگهيا، پر هي ڳالهه ضرور آهي ته سفر دوران هڪڙي املهه ۽ بي بها شيءِ سندن هٿ چڙهي آهي ۽ اها شيءِ آهي سائنس. سائنس انسانن کي نوان نوان اختيار عطا ڪيا آهن، پر انسان انهن جي وسيلي امن ۽ سڪون جا خزانا ماڻي نه سگهيو. اول اول جڏهن سائنس جو ظهور ٿيو ته ان سان ڪائنات جي سڌاري ۽ تعمير جون اميدون وابسته ڪيون ويون. پر اڄ حالت هيءُ آهي ته دنيا ۾ تباهي ۽ تخريب جو ٻيو ڪو به وڏو هٿيار نه آهي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسفي کي پنهنجو ڌيان امن ۽ سلامتي جي مسئلي تي ڌرڻ گهرجي. جيڪڏهن فلسفي کي ان مهم ۾ ڪاميابي ملي ٿي وڃي ۽ اهو امن ۽ سلامتي جي وڃائجي ويل متاع جي سُڻس حاصل ڪري ٿو وٺي ته پوءِ، جيتوڻيڪ گم ٿيل پنن کي ڳولي لهڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي، اهو انسانذات لاءِ هڪ نئون ڪتاب ضرور ترتيب ڏئي سگهي ٿو. پوءِ هڪ ٻئي ايراني شاعر جي لفظن ۾ فلسفو اهو چوڻ ۾ حق بجانب هوندو:
رہروان را خستگی را ہ نیست،
عشق ھم راہست و ہم خود منزل است.
”جيڪي ماڻهو عشق جي راهه جا پانڌيئڙا هوندا آهن، انهن جا پير ڪڏهن به نه ٿڪجندا آهن. ڇو ته عشق راهه به پاڻ آهي ته منزل مقصود ۽ ماڳ به پاڻ آهي.“
[b]حاشيا ۽ حوالا
[/b]
1) افلاطون جو اهو ڪتاب ريپبلڪ (جمهوريت) سنڌيءَ ۾ ”رعيتي راڄ“ جي نالي سان ترجمو ڪيو وويو آهي. (ن-خ- ر)
2) سڪندراعظم جي هندستاني فيلسوفن سان جنهن ڳالهه ٻولهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، اها اصل ۾ ان سنڌي فيلسوفن ۽ ڏاهن سان ڪئي آهي. اها مختصر گفتگو مختلف هنڌن تي ملي ٿي. سڪندر مختلف سوال ڪيا آهن ۽ فيلسوفن انهن جا ڏاڍا دلچسپ ۽ گهرا جواب ڏنا آهن. (سنڌيڪار)
3) راڌا ڪرشنا جي ڪتاب ”اوڀر ۽ اولهه جو فلسفو“ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.
4) هي ليک اصل ۾ هندستاني ڏاهي پروفيسر ايس. راڌا ڪرشن جي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ”اوڀر ۽ اولهه جو فلسفو“ تي لکيل مهاڳ آهي. مهاڳ ۾ تفصيلي جائزي کان پوءِ مولانا آخر ۾ پنهنجي ڳالهه کي هتي اچي سهيڙي ٿو، ان ڪري ”پڇاڙڪا لفظ“ لکي ٿو.