در محمد جا دستانا
سوا لک پيرَ.
سامهون بيٺل سنڌوءَ ڪناري،
ڪيسوڦل ۽ نيرَ.
واڻيا وڪڻن واٽ تي،
پڪوڙا ۽ پيڙا.
راڄ گهاٽ تي بيٺل ڀرسان،
هنداڻن جا ٻيڙا،
سنگ مرمر جو ساڌو ٻيلو،
مٿان اڏرن مور.
بکر تنهنجي قلعي ۾،
چانڊوڪي ۽ چور.
جن ڏينهن ڪچي مان ٻيڙا هنداڻن سان ڀرجي بکر اڳيان لنگهي راڄ گهاٽ وٽ بيهندا هيا تن ڏينهن بکر جي قلعي کي اهڙا ته مضبوط دروازا هوندا هيا جيئن پهلوان لنگ ورائي ڀتين جي وچ تي بيٺل هجن. درياهه گجگوڙ ڪندو دروازن اڳيان وهندو هيو ۽ ان جون ڇوليون سمنڊ جيان ٻاهرين ڀت سان ٽڪرائبيون هيون. ڪچي جي چيڪي مٽي سدائين آلي هوندي هئي. پري پري تائين پٽ تي هنداڻا جنگ جي ميدان ۾ ڪٺل شهيدن جي منڍين جيان وکريل هوندا هيا. جڏهن بسنت ۾ پهريون بوندون پٽ تي پونديون هيون ته ڪيسوڦل جا ٻوٽا هر هنڌ هوا ۾ هڳاءُ ڪندا هيا. نير جا ٻوٽا نکري نروار ٿيندا هيا، هڪ طرف ڪيسوڦل جون ٻاريون سوين ايڪڙن تي ڦهليل هونديون هيون ته ٻئي طرف نير جا ٻوٽا نظر جي اڻ کٽ حد تائين وکريل هوندا هيا.
بکر جي مضبوط قلعي اندر پنج هزار گهر هيا، جيڪي انهن ڪڙمين جا هيا جيڪي ڪچي جي علائقي ۾ ڪيسوڦل ۽ نير پوکي پنهنجو گذر سفر ڪندا هيا. قلعي جي ڏاکڻي در وٽ بيٺل غورابن تي مزودر نير ۽ ڪيسوڦل کانسواءِ ميندي، آئوٻير، منڊيري، ڇمڪڻيون، پنير ۽ ڪرن ڦلن سان ڀريل سڻيءَ جون ٻوريون پيا چاڙهيندا هيا. ڏيسارو مان ججهو ناڻو سنڌ ۾ ايندو هيو. ميرن جو دور هيو ڪڙمي خاصو پئسو آبياني طور حڪومت کي ڏيندا هيا، پوءِ به انهن جو وقت سکيو گذرندو هيو.
ولي محمد جيڪو زندگيءَ جا سٺ سانوڻ ان زمين تي گذاري چڪو هيو، ان جا هڏا اڃا هيڻا نه ٿيا هيا. هن جي ڏاڙهيءَ جا اڇا وار ڪلراٺي ڌرتيءَ جهڙا هوندا هيا. هن جو بدن جهوني بڙ جيان سگهارو هيو. هو پنهنجين ٻانهن ۾ ساڳي طاقت محسوس ڪندو هيو جيئن ڪنهن جوان جي جسم ۾ هوندي آهي. هو پنهنجي وقت جو ملهه هيو. هن جوانيءَ ۾ ڪيترا ميدان ماريا هيا ۽ هاڻي به هو پاڻ کي صحتمند سمجهي رهيو هيو. بکر جي دارا چوڪ وٽ هن جو گهر هيو جيڪو اروڙي سنهين سرن جو ٺهيل هيو. هن جي پوڙهي زال هئي ۽ نوجوان پٽ هيو جنهن جو نالو در محمد هيو.
ولي محمد جو اڪثر وقت بستر تي گذرندو هيو. هو هڪ ٿڪيل هاري هيو جنهن پنهنجي عمر جو گهڻو حصو محنت ڪندي گذاريو هيو، پٽ جي جوان ٿيڻ کان پوءِ هو ٻنين ٻارن مان هٿ ڪڍي آرام ۽ سڪون سان گذارڻ لڳو.
پيءُ جي پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ در محمد اسر جي آذانن کان اڳ اٿندو هيو ۽ هن جو سڄو ڏينهن ٻنين تي ڪم ڪندي گذرندو هيو. سياري ۾ سخت پارا پوندا هيا. ڪوهيڙي ۾ ستين جي آستان جا ڪتبا ائين ڏسبا هيا جيئن اڇين ڏاڙهين وارا بزرگ ڪلهن تي ناسي ٽوال رکي بيٺل هجن. پاڻي يخ ٿڌو هوندو هيو ۽ ماڻهن جون کاڏيون پيون ڏڪنديون هيون.
سخت سيءَ ۾ در محمد کي ٻنين جي سار سنڀال لاءِ سوير گهران نڪرڻو پوندو هيو. سيءَ کان بچاءَ لاءِ پوڙهي ماءُ هن کي رڍ جي اڇن وارن مان اوني دستانا ٺاهي ڏنا. هو صبح جو جڏهن به گهران نڪرندو هيو ته هن جا ڪن ٽوپ سان ڍڪيل هوندا هيا ۽ اوني دستانا هٿن تي چڙهيل هوندا هيا. در محمد جي ڪچي ۾ ويهه ايڪڙ زمين هئي جنهن ۾ ڪيسوڦل پوکيل هيا، جڏهن فصل پچي راس ٿيندو هيو ته اس تي ڳوڻيون وڇائي ڪيسوڦلن کي خشڪ ڪيو ويندو هيو. در محمد پنهنجا دستانا لاهي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيندو هيو ۽ پوءِ هو پنهنجن هٿن سان ڪيسوڦل جي خشڪ گلن کي ڪپڙي جي ٿيلهين ۾ ڀري سبندو ويندو هيو. هن جا هٿ ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ ۾ واسيل هوندا هيا. ان ڪري هن جا دستانا پوري بکر ۾ مشهور هيا. دستانن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪندي هرڪو ائين چوندو هيو ته اهي در محمد جا دستانا آهن. هو هڪ دفعي وڻ ۾ دستانا اٽڪائي ڪم ۾ مصروف هيو ته ڪو پکي پنهنجن چنبن ۾ اهي دستانا کڻي ڀڙڪو ڏئي وٺي اڏاميو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهي دستانا کرڙيءَ جي هڪ آرتيءَ کي هٿ آيا جيڪو ڪپڙي مان ٺهيل ٿيلهين جو واپار ڪندو هيو. ان جڏهن دستانا هٿن ۾ کنيا ته هن کي انهن مان ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ آئي. هو سمجهي ويو ته اهي دستانا بکر جي در محمد جا آهن. هو هڪ ڏينهن بکر پهتو.
“مونکي تنهنجا دستانا هٿ آيا آهن.” هن در محمد سان ملاقات کانپوءِ ٻڌايو. “مون جڏهن اهي دستانا پنهنجن هٿن ۾ پاتا ته منهنجا هٿ ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ سان واسجي ويا، مان سمجهي ويس ته اهي در محمد جا دستانا آهن.”
وقت سدائين ساڳيو نه ٿو رهي، دٻي جي ويڙهه ۾ ميرن کي انگريزن هٿان شڪست آئي، انگريز مست اٺ وانگر واريءَ تي چپ لڙڪائيندا ڊڪندا پئي آيا، ڪا ويرم ئي نه لڳي ته اتر جا سڀ سردار اچي انهن جي قدمن ۾ ڪريا، پنهنجيون وفاداريون آڇيائون، لشڪرن جون واڳون انهن حوالي ڪيائون ۽ وڏا خرچ باسيائون، انگريز سرڪار خوش ٿي ڪيترا پرڳڻا انهن حوالي ڪيا. ڪچي جو پورو پرڳڻو رمضان موتيار جي حصي ۾ آيو. جنهن انگريزن سان واعدو ڪيو ته هو انهن جو وفادار ٿي رهندو. وقت پوڻ تي هڪ هزار فوجي انهن جي لشڪر ۾ شامل ڪندو ۽ پرڳڻي جي آمدنيءَ مان خراج جمع ڪرائيندو رهندو. رمضان موتيار پرڳڻي جي مالڪيءَ کان پوءِ ڪچي ۾ ٿيندڙ هر فصل تي آبياري ۾ سئوڻو اضافو ڪري ڇڏيو. ڪڙمين جي چيلهه ڀڄي پئي ۽ اهي آبياني کان معزوري واري ويٺا.
در محمد لاءِ اهو دردناڪ دور هيو، ايڏو وڏو آبيانو ڏيڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. سکيا ڏينهن موڪلائي ويا ۽ بک جي باهه ٻرڻ لڳي، در محمد ڪجهه ڪڙمي ڪٺا ڪري رمضان موتيار خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪائي، انهن آبيانو ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
رمضان موتيار ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري گهوڙي تي چڙهي بندوق ڪلهي ۾ پائي اچي در محمد مٿان بيٺو، ڪافي ماڻهو ڪٺا ٿي ويا. ڪجهه چڱن مڙسن ۽ ملن مولوين وچ ۾ اچي ڳالهه ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي.
“اڙي ابا در محمد تون ئي کڻي ماٺ ڪر.” هڪ چڱي مڙس چيو.
ڪاوڙ کان در محمد جون اوني دستانن واريون مٺيون ڀيڪوڙجي ويون.
“اسان آبياني ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو آهي، پر بار ايترو رکيو ويڃي جيترو برداشت ڪري سگهون.” هن ڪاوڙ کي ضبط ڪندي چيو.
ڪافي ڪڙمين در محمد جي ها ۾ ها ملائي پر ڳالهه نه ٺهي، رمضان موتيار جي سپاهين جون تلوارون مياڻن مان ٻاهر نڪري آيون.
“اڄ کان پوءِ هي زمينون توهان جي نه پر انگريز سرڪار جي ملڪيت آهن، پنهنجن اختيارن جو استعمال ڪندي توهان کي زمينن تان دستبردار ڪريان ٿو. اڄ کان پوءِ توهان مان ڪو به هت نظر آيو ته اهو سزا جو مستحق هوندو.” هن چيو ۽ پوءِ هو سپاهين سان گهوڙا ڊوڙائيندو هليو ويو.
در محمد زمين تان دستبردار نه پئي ٿيڻ چاهيو، هو رمضان موتيار جي ڌمڪيءَ کان پوءِ به زمينن تي ڪم ڪندو رهيو.
ان ڏينهن صبح جو هلڪو مينهن وسيو هيو، رستا آلا هيا ۽ پاڻيءَ جون بوندون وڻن جي شاخن مان ڳوڙهن جيان پئي ٽميون، در محمد گهران نڪري ٿورو اڳتي وڌيو ته چئن ماڻهن هن تي خنجرن سان حملو ڪيو. هن ڪيترا وار گسايا ۽ مڙس ٿي وڙهيو، پر پريان بيٺل رمضان موتيار ڊگهي نليءَ واري بندوق کولي سوئر جي چرٻيءَ ۾ ويڙهيل ڪارتوس وات سان ڇلي وجهي فائر ڪيو. گولي سڌي وڃي در محمد جي سيني ۾ لڳي، در محمد پاسيرو ٿي ڪري پيو. گولي هلڻ جو آواز ٻڌي ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. پوڙهو ولي محمد به ڊڪندو آيو، پٽ کي اونڌي منهن هيٺ ڪريل ڏسي هن جي دل دهلجي وئي، ڏڪندڙ هٿن سان هن کي سڌو ڪري ڏٺائين، هو مري چڪو هيو، ولي محمد پٽ جي لاش کي سيني سان لائي رڙيون ڪري روئندو رهيو.
پٽ جي موت کانپوءِ ولي محمد انصاف جو در کڙڪايو، هن جي ڪنهن نه ٻڌي، سڀني در محمد کي ڏوهي قرار ڏنو، ولي محمد پٽ جي وڇوڙي جو ڏک دل ۾ سانڍي هڪ ڪمري ۾ قيد ٿي ويو، هن پٽ جا اوني دستانا سامهون ڀت ۾ لڳ ڪليءَ ۾ لڙڪائي ڇڏيا، هو ڪارا ڪپڙا پائي، هيٺ پاٿاريءَ تي ليٽي انهن دستانا کي پيو ڏسندو هيو، ڀرسان ٻئي ڪمري ۾ پوڙهي ماءُ پٽ جي وڇوڙي کان پوءِ ڄڻ موت جي وڌيڪ ويجهو ٿي وئي. ان جون اکيون ڦاٽل هونديون هيون ۽ اها ڇت کي پئي گهوريندي هئي. هارين پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا، اهي زمينن تان بي دخل ٿي گهرن ۾ ويهي رهيا. بکر جي قلعي جي آبادي گهٽجي وئي، ڪيئي گهراڻا لڏي ويا، ڪيسوڦل ۽ نير جا فصل ختم ٿي ويا. اتي وري ڪنهن ڪجهه پوکڻ جي جرئت نه ڪئي. سنڌوءَ جا ڪنارا ٺوٺ ٿي ويا. جتي رنگن ۽ گلن جي خوشبوءِ هوندي هئي اتي واري اڏامڻ لڳي.
ڪيسوڦل نه رهيا پر پاٿاريءَ تي پيل پوڙهي ولي محمد جي سامهون ٽنگيل اوني دستانن ۾ ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ رهجي وئي. پٽ جي وڇوڙي کان پوءِ ان ڪراڙي پيءُ ماءُ جا آخري ڏينهن چڙي ويل ململ جي جوڙي جهڙا هيا. پوڙهو ولي محمد صبح جي آذان سان اٿي وضو ڪري نماز پڙهي پاٿاريءَ وٽ ٽيڪ ڏئي سامهون لڙڪندڙ دستانن کي پيو ڏسندو هيو. هن کي پٽ سان بي حد پيار هيو. اهو هن جي حياتيءَ جو وڏو سهارو هيو. ان جي وڇوڙي هن کي ماري وڌو هيو. پٽ جون ڳالهيون ياد ڪري هو اکين تي هٿ رکي پيو سڏڪندو هيو. ان جي فرمانبردارين کي ياد ڪري هو پاڻ کي سخت تڪليف ۾ محسوس ڪندو هيو.
اها سرءُ جي رات هئي، پوڙهو ولي محمد پاٿاريءَ تي ڪَرَ بدلائي رهيو هيو، هن کي سخت بخار هيو، سور کان هن جا لڱ پئي ڀڳا، هن ۾ اٿڻ جي سڪت نه هئي، ٻئي ڪمري ۾ پوڙهي نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ اکيون ڦاڙي ڇت کي ڏسي رهي هئي. ولي محمد جسم جي سور کان چنگهيو پئي، بخار کان هن جو دماغ مائوف ٿي چڪو هيو. ان رات هن خواب پئي ڏٺو، سامهون ڀت ۾ ٽنگيل هن جي پٽ جا دستانا ڪنهن ڪوريئڙي جي ڊگهين ڄنگهين جيان آڱرين سان ڀت تي هلندا هيٺ لهي فرش تي گهمندا هن جي ڀرسان آيا هجن. پوءِ ٻئي دستانا هن جي جسم کي زور ڏيڻ لڳا. اهي ڪڏهن هن جي ڄنگهن کي دٻائڻ لڳا ته ڪڏهن ٻانهن کي، پوءِ دستانا هن جي مٿي کي زور ڏيڻ لڳا. ولي محمد وڏو سڪون ۽ اطمينان محسوس ڪيو. هن کي لڳو هن جو پٽ جيئرو ٿي هن وٽ پهتو هجي. ان احساس کان ته هن جو پٽ هن وٽ موجود آهي هو مرڪڻ لڳو.
“منهنجا ٻچا” هن ڳوڙهن کي وڏي ضبط سان روڪيندي چيو “توسان وڏو ظلم ٿيو، توکي بي ڏوهي ماريو ويو... مڙس ٿجانءِ ۽ ان ظلم جو بدلو ضرور وٺجانءِ.”
هو خواب ۾ ڪيتري دير دستانن سان ڳالهائيندو رهيو، جڏهن صبح جو جاڳيو ته هن پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو. هن جو بخار ختم ٿي چڪو هيو، هن سامهون ڀت تي ڏٺو ڪليءَ ۾ اوني دستانا ائين ٽنگيل هيا جيئن ڏهه آڱريون چمڪندڙ ڏندن سان هن ڏي ڏسي کلنديون هجن.
ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ کان هن جي اکين مان ٻه ڳوڙها ڇڻي پٽ تي پيا.
هڪ رات جڏهن رمضان موتيار حويليءَ اندر گهڙي ننڊ ۾ هيو، هن محسوس ڪيو ڪو هن جي نڙيءَ تي هٿ رکي زور سان دٻائيندو هجي. هن جو ساهه منجهڻ لڳو. خوف کان هن جي اک کلي وئي، هن ڏٺو اهي ٻه دستانا هيا جيڪي هن جي نڙيءَ کي چنبڙيل هيا، انهن ۾ ايڏي طاقت هئي جو انهن جي دٻاءَ کان هن جو ساهه ذري گهٽ بند ٿيڻ وارو هيو. هن پنهنجن هٿن سان دستانن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر دستانا شينهن جي چنبن جيان هن جي نڙيءَ ۾ وچڙيل هيا. هن وٺي رڙيون ڪيون، ٻاهران سپاهي ڀڄندا آندر آيا. انهن ڏٺو ته ٻه دستانا جيڪي انهن جي اتي پهچڻ کان پوءِ هڪ دريءَ مان ٻاهر نڪري پري اوندهه ۾ گم ٿي ويا. رمضان موتيار نيم بي هوش بستر تي ليٽيل هيو. ٿوري دير کان پوءِ هو جڏهن هوش ۾ آيو ته خوف کان هن جون اکيون ڦاٽل هيون. هن ڪاوڙ ۾ سپاهين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“توهان پنهنجو فرض سٺي نموني نه نڀائي رهيا آهيو.” هن چيو. “مان توهان کي حڪم ٿو ڪيان ته اهو ڪير به هيو، ان کي گرفتار ڪري منهنجي سامهون پيش ڪريو.”
سپاهي هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيا.
“سائين اهو ڪو غيبي پاڇو هيو.” انهن مان هڪ سپاهيءَ چيو. “اسان ته جاڳي حويليءَ چوڌاري پهرو پئي ڏنو، خبر نه آهي اهو حويليءَ ۾ ڪيئن داخل ٿيو.”
حيرت ۽ خوف مان سڀ سوچ ۾ پئجي ويا.
“مونکي خبر آهي” انهن مان هڪ پوڙهي سپاهي چيو. “اهي در محمد جا دستانا هيا.”
ان ڏينهن کان پوءِ بکر جي گهٽين ۾ حراس ڇائنجي ويو، هر ڪنهن جي چپن تي در محمد جي دستانن جي ڳالهه هوندي هئي، شهر ۾ افواهن جي بازار گرم هئي.
ڪو چوڻ لڳو “مون دستانن کي درياهه ڪناري ڌرتيءَ تي هلندي ڏٺو.”
ڪنهن چيو “چانڊوڪي رات ۾ دستانا قلعي جي ٻاهرين ڀت تي ڪنهن کي اشارن سان سڏي رهيا هيا.”
سرمد چوڪ جي جامع مسجد ۾ جمعي جي خطبي ۾ مولويءَ پڻ انهن جو ذڪر ڪيو.
“اهي دستانا اسان جي اعمالن جو عذاب آهن.” هن چيو “خدا در محمد تي رحم ڪري ۽ هن کي ڇوٽڪارو عطا فرمائي.”
ڪنهن نماز کان پوءِ ٻاهر ماڻهن جي ميڙ ۾ چيو “اهي شهيد جا دستانا آهن ۽ شهيد ڪڏهن نه مرندا آهن.”
پنهنجي گهر جي پاٿاريءَ تي ليٽيل ولي محمد کي ماڻهن واتان سڀ خبرون پهچنديون هيون، هو آلين اکين سان سامهون ڀت تي لڳل ان ڪليءَ کي پيو ڏسندو هيو جنهن ۾ ڪنهن وقت دستانا لڙڪندا هيا، هاڻي اها خالي هئي، اتي دستانا ٽنگيل نه هيا.
ان رات هوا بند هئي، وڻ هڪ هنڌ ڄمي پٿر جا ٿي ويا هيا. رمضان موتيار پنهنجن ڪجهه سپاهين سان ستين جي آستان تي ابوالقاسم نمڪين جي قبر ڀرسان چهل قدمي ڪري رهيو هيو. اوندهه ايڏي ته گهري هئي جو سڄو اڀ چمڪندڙ ستارن سان سٿيو پيو هيو. ڪا خبر نه پئي ته ڪنهن ڪتبي پويان ٻه دستانا ظاهر ٿيا ۽ اهي تيزيءَ سان وڌندا اچي رمضان موتيار جي جسم سان ٽڪرايا. رمضان موتيار پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ مٿان ستين جي آستان کان اونڌو ٿي هيٺ اچي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪريو. دستانا ائين گم ٿي ويا جيئن هيا ئي ڪونه. هيٺ پاڻيءَ ۾ رمضان موتيار ٻانهون هڻي ڦتڪيو پئي. هو ڪڏهن هيٺ گهري پاڻيءَ ۾ هليو پئي ويو ته ڪڏهن مٿي ظاهر پئي ٿيو. سپاهي ڊڪندا هيٺ لٿا ۽ ڪناري سان بيٺل ٻيڙيءَ تي چڙهي هن وٽ پهچي گهلي ٻاهر ڪڍيائون، رمضان موتيار اونڌو ٿي ٻيڙيءَ ۾ ڪريو، پاڻي هن جي ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويو هيو. جڏهن کنگهي سامت ۾ آيو ته خوف ۽ ڪاوڙ کان هن جو جسم ڏڪي رهيو هيو.
ٻئي ڏينهن رمضان موتيار قلعي ۾ اهو پڙهو ڏياريو ته جيڪو به اهي دستانا هٿ ڪري هن کي پيش ڪندو، ان کي زرخيز زمين جا پنجاهه ايڪڙ انعام ۾ ڏيندو. پر ڪنهن کي اها همت نه ٿي ته اهو دستانا حاصل ڪري حويليءَ ۾ پيش ڪري، ائين پئي لڳو ڄڻ قلعي جا سڀ رهاڪو بند دروازن جي وٿين مان رڳو ٻاهر ٿيندڙ تماشو ڏسي رهيا هيا.
هڪ ڏينهن انگريز فوج جو جٿو سکر جي گرم گوديءَ واري علائقي ۾ پهتل هيو. علائقي ۾ امن ۽ امان جي حوالي سان گڏجاڻي هئي، رمضان موتيار ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري اوڏانهن روانو ٿيو. جڏهن گڏجاڻي ختم ٿي ته اوندهه ٿيڻ واري هئي. واپسيءَ ۾ هو سپاهين سان گهوڙن تي ڌوڙ اڏائيندو پئي آيو. هو جڏهن چن جي پهاڙن هيٺان کجين جي باغ ۾ پهتو ته اوچتو هڪ ڊگهي کجي ٽڙڪاٽ ڪندي اچي هن جي رستي ۾ ڪري، ڀڄندڙ گهوڙي جون اڳيون ڄنگهون کجيءَ جي ٿڙ ۾ اٽڪيون ۽ اهو ڪلٽي کائي اونڌو ٿي ڪريو. رمضان موتيار گهوڙي هيٺان اچي ويو ۽ هن جي چيلهه ڀڄي پئي. پويان سپاهين جا گهوڙا بيهجي ويا ۽ اهي وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳا. ڪا خبر نه پئي ته ٻه دستانا اوندهه ۾ پٽ تي پيل زخمي رمضان موتيار جي ڪلهن ۾ پيا ۽ باز جيان کنڀي کجين جي باغ ۾ گم ٿي ويا. سپاهي کجين جي باغ ۾ رمضان موتيار کي ڳولهيندا رهيا. پر اهو انهن کي ڪٿي نظر نه آيو. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ سپاهيءَ جي نظر مٿي کجيءَ جي وڻ تي پئي. ان ڏٺو اتي رمضان موتيار جو لاش رسي ۾ لڙڪي رهيو هيو. هڪ ڄڻو مٿي چڙهيو ۽ ان لاش هيٺ لاهي ان جي ڳچيءَ مان رسو ڇڏايو. رمضان موتيار مري چڪو هيو. وات مان وهندڙ رت ڪري هن جي ڏاڙهي خون ۾ ڄمي چڪي هئي. سپاهين هن جو لاش گهوڙي تي رکيو ۽ قلعي ڏانهن روانا ٿيا. بکر جي قلعي ۾ اها ڳالهه جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي وئي ته رمضان موتيار قتل ٿي چڪو آهي. در محمد جي دستانن ان جو انت آڻي ڇڏيو.
پوڙهو ولي محمد خوشيءَ مان مرڪندو زال جي ڪمري ۾ آيو ۽ هن کي مبارڪ ڏنائين.
“تنهنجي پٽ قاتل کان بدلو وٺي ڇڏيو.” هن زال ڀرسان ويهندي چيو “رمضان موتيار قتل ٿي ويو، حويليءَ ۾ هن جو لاش پيو آهي.”
خبر ٻڌڻ سان ڄڻ پوڙهيءَ جي مرجهايل منهن ۾ رونق موٽي آئي، هوءَ همت ڪري اٿي ويٺي ۽ وڏي تجسس مان مڙس جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳي.
“رمضان موتيار پنهنجي انجام کي پهچي چڪو آهي.” ولي محمد وري ڳالهائيندي چيو. “ظالم کي پنهنجي ظلم جي سزا ملي وئي.”
خوشي ۽ ڏک جي مليل احساس کان هن جي زال جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. پوڙهي ولي محمد پنهنجا هٿ وڌائي جڏهن جي ڳوڙهن اگهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوڙهيءَ جو ڇرڪ نڪري ويو. ولي محمد جي هٿن ۾ ڪيسوڦل جي خوشبوءِ هئي. خوشبوءِ محسوس ڪري هوءَ ڪنهن سوچ ۾ پئجي وئي. پوءِ هن جذبات ۾ اچي ولي محمد جا ٻئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺي چمڻ شروع ڪيا. هوءَ روئندي رهي پر هن جي ڀڪ ۾ ويٺل ولي محمد جون اکيون چمڪي رهيون هيون.
o
(هن خيالي خاڪي جي ماحولياتي پس منظر جو ڪجهه حصو جيمز ميڪ مرڊو جي ڪتاب ”آن اڪائونٽ آف سنڌ“ تان ورتل آهي.)