ٻه ڪڻيون
“ابا... مينهن وٺو، نه وٺو؟”
“ڏاڏا، جهڙ ايندو ته مينهن وسندو، آسمان خالي هجي ته مينهن ڪيئن وسندو؟” اڱڻ ۾ بيٺل گلابيو کيس ساڳيو جواب ڏئي رهيو هيو.
پوڙهي گڻيشيو جي اکين جون ماڻڪيون اڇيون ٿي چڪيون هيون، هو لٺ سهاري هلي رهيو هيو، کيس مينهن جو اوسيئڙو هيو، پريان اڱڻ ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان املا ويٺل هئي، سندس معصوم ابهم جهول ۾ سيني سان ائين لڳل هيو جيئن ماءُ جي سيني مان ساهه کڻندو هجي.
جڏهن مينهن نه وسندا آهن ته ڇاتيون سڪي وينديون آهن، کوهه کارا ٿي نڙيون ساڙيندا آهن، ڪنڊين جا پاڇا اٺڻيءَ جي جهاري جيان ڇڊا ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن خدا ٻاجهه ڪندو آهي ته ٻاجهر ٿيندي آهي. کنڀين سان ڌرتي کنڀجي ويندي آهي، گوار ڳنوارن جو ڀاڳ بنجي پوندي آهي.
مينهن نه وٺو، املا جا ٿڻ خالي هيا پر دل ڀريل هئي، سندس جهول ۾ جهليل ابهم ڪنگيءَ ڪري ڍانچو ٿي چڪو هيو. ان جي منهن جا هڏا کوپڙي ٿي چڪا هيا. پاسيريون ائين هيون جيئن ڳيرو اس تي پر سڪائيندو هجي. سندس بي جان ڄنگهن جو ماس بک کائي چڪي هئي.
ٻار جي حالت ڏسي املا جي اندر ۾ گجگوڙ پئي ٿيا، وڄ پئي چمڪي. ٿر اندر گذريل ٽن مهينن ۾ ست سوَ ٻار مري چڪا هيا. ڪٿان به واهر نه ٿي. بکايل کي انَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ڊَاول کي پئسي جي. ٻاهران آيل امداد سرنديءَ وارن ۾ ورهائجي وئي. دوائون اسٽورن تي وڪامي ويون ۽ منرل واٽر جون وسري ويل بوتلون اس ۾ خراب ٿي ويون.
سوڪهڙي ۾ سڄو ٿر سڃون پر مٺيءَ ۾ رونق وڌي ويندي آهي. وزير، مشير، پريس، اينجيو، طنبو، دعوتون، تقريرون، راشن وٺندي وڙهي مرندڙ مرد، عورتون،ٻار، ليڊرن جون امداد ڏيندي بک ۽ افلاس ختم ڪرڻ جون بلند ٻانگ دعوائون، سول اسپتال جا ڪنگي ورتل ٻارن سان ڀريل بسترا، بجلي بند، رئي جي پاند سان مکيون هڪليندڙ عورتون، نڪ ۾ اٺ جي ناڪيليءَ جيان پيل نٿون ۽ عاج نما ٺوٺ تائين اڇي پلاسٽڪ جون چوڙيون، موهن جي دڙي جون ناريون، ترقي يافته سائنسي دور ۾ موهن جي دڙي کان بدتر زندگي گذاريندڙ، قرض جي ٻوجهه هيٺان بيگر وهندڙ عورتون.
ولهه وڌي وئي ۽ انڌڙو گڻيشيو وري چونئري کان ٻاهر نڪري آيو.
“ابا... مينهن وٺو، نه وٺو؟”
“ڏاڏا، وسندو... وسندو” کيس گلابيي تسلي ڏني.
پريان ڪنڊيءَ هيٺان ويٺل املا جي اندر ۾ گاج ٿي. هن جو من ڦاٽو ٿي ويو. هنج ۾ جهليل ابهم کي ڏسي اکين ۾ وڄ پئي چمڪي. سندس مڙس نانڪو، ٽنڊي باگي ۾ ترسيل هيو. هندستان جي اترين علائقن ۾ مينهن جام وسيا هيا جنهن ڪري انهن ڊيمن جا در کولي ڇڏيا ته پنجاب جي ڊيمن تي زور پئجي ويو. ان کان اڳ جو ڊيم ڀڄن، پاڻي ڀڄندو، سنڌوءَ ۾ پڇڙيءَ تائين پهتو ۽ سمنڊ سان ملي پنهنجي اڃ اجهائي.
مٺو پاڻي کارو پاڻي پيئندو آهي ۽ کارو پاڻي مٺو پاڻي پيئندو آهي. کاري پاڻيءَ کي مٺو پاڻي نه ملي ته اهو خشڪيءَ تي چڙهي مٺو پاڻي ڳولهيندو آهي.
ٽنڊي باگي ۾ ان سال رونبا ٿيا ۽ گهڻي وقت کانپوءِ ٽٻڻي پاڻيءَ ۾ گهت هڻي مڇي چهنب جهلي اڏاڻي. املا کي پڪ هئي ته نانڪو موٽندو ۽ ڀري ان جي ساڻ ڪري سڻائي ڪندو. پر نانڪو نه موٽيو، ساريالو فصل جوان ٿي ته جيڏيون چهنبون ايڏا چڪ. نئين ڪوٽ کان اڳتي بيٺل فصلن تي ٿر جي بکايل جهرڪين اهڙو حملو ڪيو جيئن اهي جهرڪيون نه، پر بک وگهي مري ويل ٻارن جا روح هجن. نانڪو جهار هڪلي ٿڪجي پيو ۽ املا انتظار ڪندي. هن جي ابهم جي حالت اهڙي ٿي وئي جو کارو پاڻي وات ۾ وڃي اکين مان پئي وهيو. املا مايوس ٿي وئي. سندس من ۾ گجگوڙ ٿيو، اندر ۾ تيز هوا لڳي ۽ سيني ۾ دل سڪل سڱريءَ جيان ڇڻي پئي.
پوڙهو گڻيشيو لٺ سهاري هٿ هڻندو چونئري کان وري ٻاهر نڪتو ۽ پڇيائين
“ابا... مينهن وٺو، نه وٺو؟”
هن دفعي گلابيي ڪو جواب نه ڏنو.
ٻه ڪڻيون املا جي هنج ۾ جهليل بي سڌ ابهم جي منهن تي ڪري پيون.
o