لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جو مرتب رضوان گل آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختلف پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي ڪانفرنسن ۽ سلسليوار پروگرامن ۾ پڙهيل آهن
  • 4.5/5.0
  • 2882
  • 812
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

• موهن جي دڙي جون اڏاوتون : پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

صاحب! هن مٽيءَ جي دڙي کي ڇو ٿا کوٽايو؟ محمد ادريس صديقيءَ جنهن ”واديئي سنده کي تهذيب“ ڪتاب لکيو آ چوي ٿو ته؛ اهو سوال کانئس هڪ بلوچ مزدور ان وقت ڪيو، جڏهن اسان رياست مڪران جي شهر پنجگور کان 30 ميل پري، هڪ دڙي جي ڊاڪٽر هنري فيلڊ سان گڏ محڪمه آثارِ قديمه پاڪستان طرفان کوٽائي ڪرائي رهيا هئاسون. اها 1954ع جي ڳالهه آهي، اهو دڙو درياهه رخشان جي ڪناري تي واقع آهي، ان وقت درياهه جي پيٽ مان صرف واري اڏامي رهي هئي. شايد ان مزدور جي اها سوچ هئي ته کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺيڪراٽ مان ڇا حاصل ٿيندو. ادريس صديقي چوي ٿو ته مان چاهيو پئي ته ان مزدور کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏيان پر شايد منهنجو جواب ان اڻ پڙهيل مزدور کي مطمئن نه ڪري سگھي ها. ان ڪري مان ان مزدور کي کلي ٽاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اسان جڏهن ٻين دڙن تان ٺيڪراٽ گڏ پيا ڪيون ۽ ان وقت جي اسان کي ڪي انوکي وضع جا نادر ٿانون جا ٽڪرا ملن پيا ۽ اسان خوشيءَ ۾ نه پيا ماپئون ته اسان جي چوڌاري بيٺل ڌنار ۽ ٻيا ماڻهو اسان کي ڏسي کلن پيا، شايد هو اسان کي سِر ڦريو ۽ چريو پيا سمجهن. ان کان پوءِ ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته اسان بهاولپور هليا آياسون ۽ قديم هاڪڙي درياهه جي گذرگاه تان دڙن جي تلاش ڪئي سون ته اتي به ڪي اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل نوجوان اسان جي بي مصرف صحرانوردي تي تعجب پيا کائن.
ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته بهاولپور کان پوءِ اسان موهن جي دڙي تي آياسون ۽ جڏهن ستر فوٽ بلند اسٽوپا تي بيهي چوڌاري نظر ڦيرائي ته مان دل ۾ چوڻ لڳس ته ڪاش! اهي مٿيان سوال ڪندڙ پر تجسس ماڻهو جن سان منهنجو واسطو بلوچستان ۽ بهاولپور ۾ پيو هو هن اسٽوپا تي موجود هجن ها ته انهن جي سوالن جو جيئرو جاڳندو جواب ڏيان ها ته موهن جي دڙي جي ويرانين ۾ اسان جي شاندار ماضيءَ جي حسين تصوير ۽ اسان جي عظمت رفته جا نشان آهن جن کي متبرڪ سمجهي سنڌ جي مٽيءَ پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب برصغير جي تاريخ ۽ ثقافت جي پهرين سِرَ آهي. بدقسمتيءَ سان اردودان طبقي کي ان بابت گهٽ خبر آهي. ڪن غير سنڌي تاريخدانن سنڌو سڀيتا يا انڊس ويلي سولائيزيشن جي لفظ کي هٽائي پاڪستاني تهذيب جو اصطلاح ڪتب آندو آهي، جڏهن ته پاڪستان ان وقت وجود ۾ ئي ڪو نه آيو هو مثلاَ ابن حنيف پنهنجي ڪتاب ”سات دريائون ڪي سرزمين“ جي ٻي باب جي هڪ عنوان ۾ لکي ٿو ته ”پاڪستان اور عراق ڪه درميان هزارون سال پهلي تجارت اور چار هزار سال پهلي عراق مين پاڪستاني بستي...“ حالانڪه اهي ڳالهيون مهين جو دڙو ۽ سنڌو ماٿريءَ سان منسلڪ آهن. محمد طارق اسسٽنٽ پروفيسر آف هسٽري گورنمينٽ ديال سنگھ ڪاليج لاهور پنهنجي ڪتاب ”قديم رياستين ميدانِ جنگ مين“ ڏهين صفحي تي عنوان ڏنو آ پاڪستان 2000 سال ق.م“. حالانڪ ان وقت پاڪستان ته ڇا پر هندستان به بحيثيت ملڪ موجود نه هو.
تاريخدانن، جي خيال مطابق تهذيب جو گهوارو اهي علائقا رهيا آهن جن جي زمين زرخيز ۽ پاڻي جهجهي انداز ۾ دريائن جي صورت ۾ موجود هجي، اهڙن علائقن ۾ 5 کان 6 هزار سال ق.م جي درميان انساني تهذيب جو بنياد پيو، فرات ۽ دجله دريائن تي بابلي ۽ سميري تهذيب جنم ورتو، نيل نديءَ جي ڪناري تي مصري تهذيب ۽ سنڌو نديءَ تي سنڌو سڀيتا جو بنياد پيو، ”ائن مورا“ Ann Mora ته ائين به چيو آهي ته جنهن وقت مصر ۾ پهريون اهرام ٺهي رهيو هو، ان وقت سنڌو سڀيتا پنهنجي عروج تي هئي. مشهور حديث آهي ته نيل، دجله، فرات ۽ سنڌو درياهه جنت مان نڪرن ٿا. سنڌو درياهه لاءِ ته اها ڳالهه باوثوق حيثيت رکي ٿي، ڇو ته سنڌو درياهه ڪيلاش ماٿريءَ مان نڪري ٿو ۽ ڪيلاش لفظ جي لغوي معنيٰ جنت ئي آهي.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، قديم مصري، بابلي ۽ سميري تهذيب جي گڏيل دائره ڪار کان به وڏي هئي، مصري تهذيب ۾ بادشاهن جا مقبرا ۽ عبادت گاه ته بهتر آهن پر شهري ايريا نهايت سادي ۽ بغير نظم و نسق جي ٺهيل آهي. بابلي تهذيب جي صورت حال به ساڳي آهي جڏهن ته موهن جو دڙو جي شهري منصوبه بندي اعليٰ درجي جي هئي. موهن جي دڙي جي شهر جي بناوت ۽ عمارتن مان ان جي ترقيءَ جو پتو پوي ٿو ته هي شهر وڏي سليقي ۽ هنرمنديءَ سان آباد ڪيو ويو هو. پهريائين ان جو نقشو تيار ڪيو ويو هوندو ۽ پوءِ ان نقشي مطابق شهر کي آباد ڪيو ويو هوندو. ويڪريون سڙڪون، پڪيون جڳهون ترتيب ڏنل گهٽيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهواسي شهر آباد ڪرڻ جي طريقن کان پوريءَ ريت واقف هئا ۽ شهري ضرورتن جي انهن کي پوري ريت ڄاڻ هئي، ان مان ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار جي خبر پوي ٿي. گندي پاڻيءَ جي نيڪال خاطر ڍڪيل نالين جو هجڻ ٻڌائي ٿو ته مهين جي دڙي جا ماڻهو حفظانِ صحت جي اصولن کان پڻ واقف هئا. شهر جي کوٽائيءَ مان ڄاڻ ملي ٿي ته شهر هزارين سالن تائين آباد رهيو ۽ ڪن سببن جي ڪري ڪيترائي دفعا اجڙيو ۽ وري نئين سر آباد ٿيو ۽ هي خيال آهي ته هي شهر ست دفعا آباد ڪيو ويو. ڇو ته عمارتن جون سرون ۽ گارو ٻڌائي ٿو ته اهي مختلف دورن جا آهن ۽ هڪ عمارت جو بنياد ٻي عمارت جي بنياد تي رکيل آهي، اهڙيءَ ريت عمارتن جا ڪيترائي طبقا لڌا ويا آهن. موهن جي دڙي جا جيترا به آثار لڌا ويا آهن اهي پوري شهر جو صرف ٽيون حصو آهن ۽ شهر جا باقي ٻه حصا اڃا زيرِ زمين آهن.
قديم آثارن جي ماهرن ۽ محققن دنيا جي تهذيبن جو اڀياس ڪري ڀيٽا ڪئي آهي ۽ اهي سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته مهين جي دڙي جي گهرن جي اڏاوت ۾ ٽن مکيه ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويو آهي، پهريون اڏاوتن جي مظبوطي، ٻيو رهواسين جو آرام ۽ آسائش، ٽيون ٻوڏن کان بچاء، مهين جي دڙي جي شهر ۾ جن شين جا بنياد ڏسڻ ۾ آيا آهن سي آهن گهر، درسگاه، اناج جا گدام، وڏو حوض، پئنچائت هال، غسل خانه، زيرِزمين ناليون، رستا ۽ گهٽيون، سرن جون بٺيون، ٻي ماڙ تائني ويندڙ کوهه، پاڻيءَ جي سبيل، ننڍا ڪمرا ۽ اسٽوپا وغيره. عمارتن جي بنياد جون چريون وڌيڪ هيٺ کوٽيون وينديون هيون، ڪمرن کي ٿڌو رکڻ ۽ ڇت جو بار برداشت ڪرڻ خاطر ڀتين کي ٿلهو ڪري ٺاهيو ويندو هو، گهرن جا دروازا ويڪرا ۽ اهڙي نموني ٺاهيا ويندا هئا جو گهٽيءَ مان گهر ۾ نظر نه پوي. موهن جي دڙي جا رهواسي وهنجڻ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ممڪن آ ته غسل سندن مذهبي رسم ۾ شامل هجي Great Bath جي ڀرسان ڏکڻ طرف هڪ گهٽيءَ ۾ اٺ غسل خانا ٺهيل آهن، هر هڪ وهنجڻ جي ڪوٺي 6×10 فوٽن جي آهي هر ڪوٺيءَ ۾ ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن جو مقصد اهو ٿي سگھي ٿو ته مٿي ڪپڙا بدلائڻ يا وهنجڻ کان پوءِ اس تي ويهي سگھجي. غسل خانا ان انداز ۾ ٺهيل آهن ته جيئن هڪ غسل خاني مان ٻي غسل خاني ۾ نظر نه پوي. هر غسل خاني ۾ فرش بندي ٿيل آهي ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جو جوڳو بندوبست آهي. موهن جي دڙي جي رهواسين ۾ سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ ۽ چنڊ جي چوڏهين رات جو مرد ۽ عورتن ۾ وهنجڻ جو رواج هيو پر مرد Great Bath ۾ ۽ عورتون ڀرسان ئي ٺهيل ۽ ڍڪيل وهنجڻ وارين ڪوٺين کي استعمال ڪنديون هيون يعني عورتن ۽ مردن ۾ هڪ جڳهه تي وهنجڻ جو رواج نه هو، ان مان ماڻهن جي جسماني ۽ نفساني پاڪائيءَ جو اشارو ملي ٿو يعني جنسي ڇڙواڳي مڪروه عمل هئي.
اسٽوپا ۽ Great Bath جي وچ ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن کي ڌرمي گهٽي چيو وڃي ٿو، ان گهٽيءَ جي اولهه ۾ وڏو تلاءَ ٺهيل آهي، قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو تلاءَ ٻه هزار سال ق.م جو ٺهيل هوندو، اهو حوض اتر طرف 39 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو آهي تلاءَ جي چوگرد پڪين سرن جو هڪ ٿلهو ٺهيل آهي ۽ ان ٿلهي جي چوطرف وري ورانڊو آهي، حوض جي اندر پاڻيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ طرف کان ڏاڪڻ ٺهيل آهي. ان ڏاڪڻ تي قيمتي ڪاٺ جا تختا مختلف مصالحن ذريعي چنبڙيل آهن. حوض جي ڀتين ۽ فرش ۾ اعليٰ قسم جون پڪيون سرون لڳل آهن ته جيئن پاڻي پاسن يا تري مان نه سمي، سرن جي تهن ۽ دروازن جي وچ ۾ ڏامر ۽ چيروليءَ جو گچ استعمال ٿيل آهي، جنهن ڪري حوض جي پائيداري ۽ خوبصورتيءَ ۾ هن وقت تائين ڪو فرق نه آيو آهي. حوض جي پاڻيءَ جي نيڪال واسطي حوض جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ کان هڪ زيرِزمين نالو ٺهيل آهي جنهن جو منهن ساڍا ٽي فوٽ ويڪرو ٿيندو، نالو ٻه فوٽ ويڪرو ۽ ايترو اوچو آهي جو ماڻهو ان ۾ اندر داخل ٿي بيٺڙ صفائي ڪري سگھي ٿو، نالي جي شروعاتي منهن جي مٿان ڪاٺ جو تختو رکيل هوندو هيو، پاڻيءَ جي نيڪال واسطي ناليءَ جي مناسب ليول رکيل آهي. حوض جون ٻاهريون ڀتيون اٽڪل ڇهه فوٽ ٿلهيون آهن، حوض جي ڀرسان هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ وڏو کوهه ٺهيل آهي شايد اهو کوهه حوض ۾ پاڻي ڀرڻ واسطي ٺهيل هو.
موهن جي دڙي مان هن وقت تائين تقريبن ست سؤ کوهه لڌا ويا آهن، اهي الڳ الڳ ماپ ۽ شڪل وارا آهن گهڻا کوهه گولائي منهن وارا پر ڪجهه کوهه بيضوي شڪل وارا به آهن اهي سڀ کوهه گهرن ۾ اندر آهن پر ڪجهه کوهه اهڙا به مليا آهن جيڪي اڌ گهر ۾ اندر ته اڌ وري ٻاهر آهن، ٻاهر هجڻ جو سبب شايد اهو آهي ته جيئن انهن مان ٻاهران به پاڻي ڀري سگھجي. ڪافي کوهه گهر جي ٻي ماڙ جيترا اوچا به آهن، ان جو سبب اهو ٿي سگھي ٿو ته جيئن ٻي ماڙ تان به پاڻي آسانيءَ سان ڀري سگھجي، يا وري ان جو سبب زيرِ زمين پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ، سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي ٻوڏ ۽ گهرن جون هڪ ٻئي جي مٿان اڏاوتون آهن. شهر جي مٿين حصي مان صرف ڇهه کوهه مليا آهن، پئنچائت هال يا درسگاهه ۾ ڪو به کوهه نه مليو آهي وڏي حوض واري علائقي ۾ ٻٽين ڀتين وارو کوهه مليو آهي جنهن مان ان حوض کي پاڻي مهيا ڪيو ويندو هيو. جن گهرن ۾ کوهه مليو آ اتي غسل خانو به مليو آهي. موهن جي دڙي مان کوهه ايتري انداز ۾ مليا آهن جو موهن جي دڙي کي کوهن وارو شهر چئي سگھجي ٿو، جهڙي ريت موجوده حيدرآباد کي ڪنهن دور ۾ منگهن وارو شهر چيو ويندو هو. قرآن مجيد ۾ کوهن واري شهر يا ماڻهن جو ذڪر آهي اهو گمان ڪري سگھجي ٿو ته اهو اشارو موهن جي دڙي ڏانهن هجي. جن گهرن ۾ کوهه ۽ غسل خانا آهن انهن گهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪر لاءِ ناليون به ملن ٿيون، غسل خانن ۾ وهنجڻ جون دڪيون ۽ مٽڪن جا نشان ملن ٿا. بابلي ۽ سميري لوڪ پاڻيءَ جي مٿان کان هيٺ نيڪال ڪرڻ لاءِ سوراخ وارا مٽڪا استعمال ڪندا هئا ۽ اهي سوراخن وارن مٽڪن جو منارو ٺاهي مٿئن مٽ جي ذريعي پاڻي هيٺين مٽن مان نيڪال ڪندا هئا، پر موهن جي دڙي جا ماڻهو اهو ڪم پائيپ کان وٺندا هئا يعني ترقي يا فته طريقو استعمال ڪندا هئا.
تاج صحرائي لکي ٿو ته ”مون جنهن به سياح يا لوڪل ماڻهوءَ کان موهن جي دڙي جي تعريف پڇي آهي ته ان مان هر شخص جو اهوئي جواب هو ته اتان جا کوهه ۽ ڍڪيل ڊرينيج سسٽم موهن جي دڙي وارن کي صفائيءَ خاطر گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو وڏو اونو هو، هو انهن نالين کي سرن سان ڍڪيل رکندا هئا يا وري وڏا پٿر رکي نالين کي ڍڪيو ويندو هو، جيئن ته اهي پٿر موهن جي دڙي واري علائقي ۾ موجود نه هئا تنهن ڪري انهن کي شايد ٻيڙين رستي روهڙيءَ واري جابلو علائقي مان آندو ويندو هو. گهرن مان گندو پاڻي کڻي ايندڙ ننڍيون ناليون وڏين نالين ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، ڪٿي ڪٿي گندي پاڻيءَ جا حوض هوندا هئا جن ۾ مينهن جو پاڻي ڪٺو ٿيندو هيو، گهڻين جڳهن تي مٽيءَ جا پائيپ به استعمال ٿيل آهن جيڪي دنيا ۾ ٻي هنڌ ڪٿي به نه ملندا هئا. صفائي وارن حوضن ۾ ڏاڪڻيون هونديون هيون ته جيئن حوض جي تري تائين لهي انهن مان آٺريل گند صاف ڪري سگھجي، گند گڏ ڪرڻ لاءِ گند جا گُندڙا ٺهيل هئا جن مان جمع ٿيل گند ڪچرو ڪڍي مخصوص جڳهن تي اڇلايو ويندو هو.
سر مارٽيمر ويلر جي لکيت موجب Great Bath جي اتر اوڀر ۾ هڪ تمام وڏي ۽ ويڪري عمارت جا کنڊر مليا آهن، اها عمارت 230 فوٽ ڊگهي ۽ 78 فوٽ ويڪري آهي. عمارت جي اندر هڪ صحن مليو آهي جيڪو 33 فوٽ هم چورس آهي ان صحن جي ٽن پاسن کان ورانڊا آهن عمارت جي اندر ڪيترن ئي ڪمرن جا بنياد به نظر ٿا اچن، عمارت جي اڏاوت مان معلوم ٿو ٿئي ته عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دروازا هوندا ۽ عمارت ۾ اولهه طرف کان به دروازو هوندو، انهن سڀني دروازن جا بنياد ظاهر آهن.
عمارت ۾ ٻن ڏاڪڻين جا آثار پڻ آهن. سرمارٽيمر ويلر ان کي وڏي پادريءَ جي رهائش گاه ٿو سمجهي ۽ محمد ادريس صديقي ان کي هڪ درسگاهه قرار ڏنو آهي، تاج صحرائي جي چوڻ موجب اهو پئنچائت گهر هوندو جنهن ۾ مکي ۽ پئنچ رهندا هوندا. تاج صحرائي چوي ٿو ته ”مون ذاتي طور تي اڪيلي سر يا ڊاڪٽر لوئيس فليم، ڊاڪٽر جانسل ۽ پروفيسر ويرارڊي جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ خالص موهن جو دڙو جي تهذيب جا هڪ درجن کان به وڌيڪ ماڳ جهڙوڪ لوهم، جهڪر، چانهو وغيره گهميا آهن پر مون کي ڪنهن به هڪ ماڳ تان ڪو مندر يا ٻئي نموني جو عبادت گهر نه مليا آهن.“ هو چوي ٿو ته ”مان وڏي اعتماد ۽ يقين سان چوان ٿو ته سنڌو تهذيب جي اوائلي دور ۾ عياشي يا دهشتگردي پيدا ڪرڻ وارن ادارن جو ڪو وجود ڪو نه هو. موهن جي دڙي جي تهذيبي ماڳ مان ڪو به مندر يا مڙهي نه ملي آهي نه ڪي محل ۽ محلات.“ ادريس صديقي ان وڏي عمارت جي اندر ڪمرن کي شاگردن جي هاسٽل قرار ڏئي ٿو.
ادريس صديقي ”وادئي سنده ڪي تهذيب“ ۾ لکي ٿو ته اسٽوپا کان هڪ رستو ڏکڻ اوڀر طرف وڃي ٿو ٿوري مفاصلي کان پوءِ هي رستو اوڀر طرف موڙ کائي اوڀر واري شاهراه سان ملي ٿو، اوڀر واري هيءَ شاهي سڙڪ دڙي جي کوٽيل علائقي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي هي ٻئي سڙڪون هڪ ٻئي کي ڪپڻ وقت گوني ڪنڊ ٺاهن ٿيون. هن علائقي ۾ لاتعداد گهر ۽ گهٽيون آهن، هي گهر خصوصي ڍنگ جا ٺهيل آهن، ايڇ- آر-ايريا جو گهر نمبر 8 دلچسپ نموني جو ۽ موهن جي دڙي جي وچين دور ۾ ٺهيل آهي هن جي ڊيگهه 85 فوٽ ۽ ويڪر 97 فوٽ آهي ۽ ڀتيون 5-4 فوٽ ٿلهيون آهن ۽ دروازو 10 فوٽ ويڪرو آهي، هن گهر جي کٻي طرف 32 فوٽ هم چورس اڱڻ آهي، عجيب ڳالهه اها آهي ته هن گهر جي پاڻيءَ جو نيڪال ڪنهن به گهٽيءَ ۾ ناهي بلڪه ان مقصد لاءِ صحن ۾ هڪ مٽڪو پوريل آهي تان ته سڄو گندو پاڻي ان ۾ وڃي جمع ٿئي، پهرين سڙڪ جي ٻي طرف 35 فوٽ اونهو کوهه آهي جنهن جون سرون V شڪل جون آهن، کوهه کي وڏي سليقي سان ٺاهيو ويو آهي ان ۾ سرون نهايت مظبوطيءَ سان لڳايل آهن، انهيءَ کوهه جي گهاٽ تي پاڻي کي ڪڍڻ واسطي رسين ڇڪڻ جا نشان اڃا تائين ظاهر ۽ چٽا آهن ۽ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وقت هارجندڙ پاڻيءَ لاءِ هڪ حوض ٺهيل هيو. وي-ايس ايريا کان اتر ۾ ڊي- ڪي ايريا آهي ياد رهي ته انهن ايريائين جا نالا انهن جي کوٽائي ڪرائيندڙ ماڻهن جي نالن پٺيان رکيا ويا آهن، ڊي- ڪي ايريا ڊڪشٽ جي نالي پٺيان آهي، هيءَ ايريا غالبن امير طبقي جي رهائش هئي، ان وسيع ايريا ۾ وسيع عمارتون آهن، هتي 35 فوٽ گهري کوٽائي ڪرڻ سان ڪافي عمارتون ۽ گهٽيون ظاهر ٿيون آهن.
موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي Great Bath کان اولهه ۾ هڪ وڏي ۽ ويڪري عمارت جا بنياد ظاهر ٿيا آهن 1950ع تائين ان عمارت کي حمام سمجهيو ٿي ويو جيئن ادريس صديقي پنهنجي ڪتاب ”وادئي سنده ڪي تهذيب“۾ ائين لکيو آهي پر 1950ع کان پوءِ جڏهن عمارت ڪرڻ کان پوءِ نروار ٿي ته آثارِ قديمه جي ماهرن ان وڏي عمارت کي اناج جو گدام قرار ڏنو. هن گدام ۾ اناج گڏ ڪرڻ لاءِ سائنسي طريقا اختيار ڪيل آهن ته جيئن اناج کي خراب ٿيڻ کان بچائي سگھجي. هي گدام 150 فوٽ اوڀر کان اولهه ڊگهو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف 75 فوٽ هيو ۽ مستطيل شڪل ۾ ٺهيل هيو گدام ۾ اندر پڪين سرن جا ٿلها ٺهيل هئا، جيڪي 5 فوٽ اوچا هيا هي ٿلها مختلف ماپن جا آهن، پر ڏاڍو سليقه منديءَ سان ٺهيل آهن انهن ٿلهن تي اناج رکڻ لاءِ ڪاٺ جا تختا رکيل هئا ته جيئن اناج کي سيڪ کان بچائي سگھجي، انهن ٿلهن جي وچ ۾ اتر ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ لنگهه ٺاهيا ويا هئا ته جيئن هوا گدام جي اندر تري واري فرش تائين به پهچي سگھي ته جيئن گهِم جو تدارڪ ڪري سگھجي. گدام ۾ اندر اناج لاهڻ، سَٿِڻ، رکڻ ۽ کڻڻ جو مناسب بندوبست هوندو گدام جي ٻاهرين ڀتين کي پڪين سرن جا پشتا لڳل آهن، گدام ۾ اندر پهچڻ لاءِ ٻاويهه فوٽ ويڪري پڪين سرن جي ڏاڪڻ ٺهيل آهي ۽ گدام کان ٻاهر به اناج جي لاهڻ ۽ رکڻ جا دڪا ٺهيل آهن، اهو سڄو مناسب بندوبست موهن جي دڙي جي دور جي سنڌين جي سائنسي سوچ ۽ فن تعمير جا وزندار دليل ۽ ثبوت آهن. اناج هتان جي دولت جو معيار سمجهيو ويندو هو ۽ ڪاروباري ڏيتي ليتي ۾ سڪي جي جاءِ تي استعمال ٿيندو هو، مزدورن کي اجرت ۽ سرڪاري محصول به اناج جي صورت ۾ ادا ڪيو ويندو هو، اهڙا گدام اُر، دجله ماٿريءَ ۽ فرات ۾ به دريافت ٿيا آهن.
موهن جي دڙي مان ڪاريگرن جا ڪوارٽر به دريافت ٿيا آهن ۽ انهن ئي ڪوارٽرن جي ڀرسان سورنهن بٺيون مليون آهن جن ۾ ٻارڻ جي طور تي ڪوئلو ۽ ڇيڻو استعمال ڪيو ويندو هيو، گمان آهي ته انهن بٺين ۾ ٽامي کي ڳاريو ويندو هو.
اسٽوپا موهن جي دڙي جي ٻڌ دور جي عمارت آهي هن جي اوچائي ۽ ڪشش ماهرن کي گهڻو متوجه ڪيو آهي، هي اسٽوپا زمين کان ستر فوٽ بلند آهي، اسٽوپا جو منارو ڪري چڪو آهي، سندس ڍانچي جو صرف اڌ ئي بچيل حالت ۾ آهي، ڪنهن خزاني ڳولهيندڙ سون ۽ خزاني جي تلاش ۾ هن ۾ سورنهن فٽ گهرو کڏو کوٽيو هو، جنهن مان ان تلاش ڪندڙ کي سنگِ جراحت جو ٺهيل هڪ خاڪدان مليو، جيڪو ڀڳل حالت ۾ هو، اهو هن بيڪار سمجهي اڇلائي ڇڏيو هو، جيڪو بعد ۾ آثار قديمه جي ماهرن کي هٿ لڳو، انهيءَ اسٽوپا جي آثارن مان ئي ڪنول جي گل جي آسڻ تي ويٺل ٻڌ جي مورت جا ڪجهه ٽڪرا بر آمد ٿيا آهن. اسٽوپا جي عمارت موهن جي دڙي جي قديم عمارت جي ملبي مان تيار ٿيل آهي، کوٽائيءَ مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ٻڌ ڌرم وارن انهن اسٽوپا جي بنياد کي قديم عمارتن جي بنياد تي ئي رکيو آهي. ان ٻڌ ڌرم جي مندر جي چوڌاري ويڪرو اڱڻ آهي، جنهن جي چئني طرفان ڀڪشوئن جي رهڻ جي لاءِ پڪن سرن جا حجرا ٺهيل آهن، جيڪي ٻن حصن تي مشتمل آهن، اندروني حصو آرام ۽ سمهڻ لاءِ ۽ ٻاهريون حصو ٻين ضرورتن جي لاءِ هوندو. انهن حجرن مان چوڪنڊيارا سڪا مليا آهن جيڪي ڪشان دور جي راجا واسديو (173-156ع) جي دور جا آهن ۽ اهي سنڌ ۾ ئي تيار ڪيل آهن ڇو ته اهي جهڪر ۽ موهن جي دڙي کان سواءِ ڪٿي به نه مليا آهن.
بهرحال موهن جي دڙي متعلق آثار قديمه جي ماهرن جو رايو آهي ته سنڌو تهذيب ٽن مشهور تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌو تهذيب سنڌو ماٿري جي پنهنجي تهذيب آهي، اها ٻئي هنڌان ڪٿان به نه آئي هئي، موهن جو دڙو ان تهذيب جو مرڪز ۽ گاديءَ وارو شهر هيو، موهن جو دڙو پراچين دور جو عظيم الشان شهر هو، سندس ان دور ۾ آدم شماري اٽڪل 35000 هئي، ان شهر جون حدون اڄوڪن حدن کان ٻه ڪلوميٽر پري هيون. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ”سنڌ جي تاريخ عرب دور“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ايڇ- آر- هال جو چوڻ آهي ته سميري قوم سنڌو ماٿريءَ مان لڏ پلاڻ ڪري وڃي عراق وسايو، عراقي ڪتابن ۾ ان قوم کي انس سڏيو ويو آهي، اهو لفظ عربيءَ ۾ سڌريل انسان لاءِ ڪتب آيل آهي. تاج صحرائي چوي ٿو ته ”فونيشين يا فونيقي به سنڌو ماٿريءَ مان لڏ پلاڻ ڪري فلسطين ۾ آباد ٿيا، ڇو ته انهن جي ٺڪر جي ٿانون تي به هوبهو سنڌو تهذيب جي قديم ترين ٻوليءَ جهڙا اکر لکيل آهن، ان مان پڪي ثابتي ٿي ملي ته فونيقي به سنڌو لوڪ هئا ۽ سنڌ جي پڻين يا پڻي لوڪن جي اولاد هئا پڻي لفظ ئي بگڙي فونيقي ٿي ويو آهي، هونئن به پ، ف ۾ تبديل ٿيندي آهي جيئن پارسيءَ مان فارسي يا سپت مان هفت وغيره ۽ بابلي تهذيب ڪتبن ۾ سنڌو سڀيتا جي علائقن جانا لا ڏنل آهن، مڪران کي ماگان، ملتان کي ملوها ۽ سنڌ لاءِ دلمون جو نالو آيل آهي، هڪ سميري ڪهاڻيءَ ۾ دلمون يعني سنڌ جو ذڪر هيئن آيل آهي: دلمون جي سرزمين طلوع آفتاب جي جڳهه آ، دلمون پاڪ خطو آ، دلمون جي جڳهه تازي آ ۽ دلمون جي ڌرتي روشن آ، دلمون ۾ شينهن ڪنهن کي نه ڦاڙيندو آ، بگهڙ ڪنهن جانور کي ڌڻ مان نه کڻندو آ، پوڙهي عورت ۽ پوڙهو مرد ائين نه چوندا آهن ته پوڙها آهيون. مان مارٽيمر ويلر جي انهن جملن سان اختتام ڪندس ته انساني ڪوشش ۽ محنتن جي نتيجي ۾ اڏيل موهن جي دڙي وارو شهر دنيا جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ هڪ لاثاني يادگار جي حيثيت سان قائم ۽ دائم رهندو.