لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جو مرتب رضوان گل آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختلف پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي ڪانفرنسن ۽ سلسليوار پروگرامن ۾ پڙهيل آهن
  • 4.5/5.0
  • 2881
  • 812
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

• تعليم جو ارتقائي سفر ۽ لاڙڪاڻي ۾ جديد تعليم جي شروعات : مختيار سمون

آڳاٽي زماني ۾ موجوده دور جيان ڪي با ضابطه طور تي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون يا ٻيا پيشه ورانه تعليم ۽ سکيا جا ادارا ڪو نه هوندا هيا پر تڏهن به ٻار کي ڪامياب شهري ٿيڻ ۽ کيس زندگي کي سڦلي طريقي سان گذارڻ لائق بڻائڻ لاءِ، ان جي تربيت ۽ سنوارت ڪرڻ ۽کيس ڄاڻ ڏيڻ ضروري سمجهيو ويندو هيو. اُن تربيت ۽ تعليم جو گهڻومقصد اِهو هوندو هيو ته جيئن ٻار وڏو ٿي پنهنجي ماحول ۾ موجود چئلينجز سان مقابلو ڪري سگهي ۽ پنهنجي بقا لاءِ کاڌو پيتو حاصل ڪرڻ ۽ رهڻ ڪَهڻ جو بندوبست ڪرڻ جي لائق بڻجي سگهي. ان مقصد لاءِ قديم دور جي ٻار کي قدرتي آفتن ۽ جهنگلي جانورن کان پاڻ بچائيندي کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ ۽ محفوظ طريقي سان جيئڻ جي تربيت ۽ ڄاڻ پڻ ڏني ويندي هئي.
زندگيءَ جي ٻين شعبن سميت تعليم ۽ تربيت جي ابتدا پڻ قديم يونان جي ڪريڊٽ ۾ اچي ٿي. قديم دور ۾ اسپارٽا ۽ اٿينس يونان جون اهڙيون ٻه رياستون هيون جتي ڪيترن ئي ٻين ڳالهين سان گڏ اتان جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جا طريقا ۽ انداز به هڪ ٻئي کان جدا جدا ۽ مختلف هيا. مثال طور اسپارٽا نسبتن ننڍي رياست هئي جنهن ڪري ان کي هميشه حملي آورن جو خطرو رهندو هيو، تنههڪري اتان جي تعليم جو مقصد چاڪ ، چوبند ۽ چست قسم جا ويرهاڪ پيدا ڪرڻ هوندو هيو جيئن اهي وقت ضرورت پنهنجي وطن جي حفاظت ڪري سگهن. ان لاءِ اهو ضروري هيو ته رياست اندر هر نئين ڄاول ٻار کي ستن سالن جي عمر ۾ رياست جي تحويل ۾ ورتو ويندو هيو ۽ انهن کي سخت جسماني تربيت هيٺ رکيو ويندو هيو. اهڙي تربيت دوران ٻار کي اڪثر ڪري اڃيو ۽ بکيو رکيو ويندو هيو ۽کيس هميشه خطرن سان کيڏڻ لاءِ آماده ڪيو ويندو هيو. هر ڏهين ڏينهن ٻآر کي سخت جسماني تشدد جو شڪار بڻايو ويندو هيو ته جيئن منجهس برداشت جي قوت ۾ اضافو اچي اهڙي عمل دوران ڪيترا ٻار مري به ويندا هيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ نوجوانن کي هٿيارن سيکارڻ جي سکيا ڏئي انهن کي رياست جي سرحدن کي سنڀالڻ ۽ حڪومتي ڪاروبار جي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو هيو. ملڪ جو حڪمران به ان کي ئي مقرر ڪيو ويندو هيو جيڪو وڌيڪ سخت جان ۽ ويڙهاڪ هجي.
ايٿينس ۾ پڻ تعليم جو مقصد ٻارن جي جسماني تربيت ڪرڻ هيو پر ان سان گڏوگڏ ٻار جي ذهني، اخلاقي ۽ جسماني نشونما لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون وينديون هيون. ٻارن کي پڙهائڻ وارو ڪم زياده تر غلامن کان ورتو ويندو هيو جن کي پيڊاگاگ سڏيو ويندو هيو. اهڙي طرح قديم زماني ۾ دنيا جي ملڪن ۽ علائقن ۾ تعليم جو ڪو هڪ جهڙوڪ باضابطه انتظام ڪونه هيو پر هر هنڌ اتان جي حالتن ۽ ضرورتن آهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي ويندي هئي.
برِصغير انڊيا ۾ مذهبي تعليم جو عام رواج هوندو هيو ان لاءِ عبادتگاهن ۾ اهڙي تعليم جو بندوبست ٿيل هوندو هيو جتي اتان جا پنڊت، پادري ۽ ملان پنهنجي پنهنجي عقيدي موجب ٻارن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهندا هيا.
جيتوڻيڪ اٽڪل ٽي سئو سال اڳ يا تاريخ جي ڪتاب ” تحفته الڪرام “ جي پڌري ٿيڻ کان پهريان ” لاڙڪاڻي“ جو نالو يا ان نالي سان قائم ڪنهن ڳوٺ يا شهر جو پتو کرو ڪو نه ٿو ملي، البته ان وقت به هن علائقي جنهنکي ” چانڊڪو“ سڏيو ويندو هيو، ۾ قائم ننڍن وڏن آبادين ۾ مذهبي تعليم جو عام رواج هوندو هيو. لاڙڪاڻي جي ٻه ٽي صديون اڳ واري سفر ۾ يا ان کان به اڳي واري هتان جي تعليمي منظرنامي تي نظر وجهبي ته هن علائقي ۾ آباديءَ جي مطابقت سان منظم ۽ دنوي تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ سنجيده ڪوششون ٿيندي نطر اينديون پر اهي زياده تر مذهبي تعليم لاءِ ئي هيون. مٿال طور ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي واري ايراضيءَ ۾ چار مدرسه قائم هيا. ٽالپرن جي دور ۾ ضلعي لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ نون مدرسه هيا. انگريزين جي ابتدائي دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنجانوي مدرسا هيا پر پوءِ جيئن ئي انگريزي سرڪار هتي مضبوطي سان پنهنجا قدم ڄمائيندي وئي ته ان نظام ۾ تعليم ۾ پڻ تبديلي آڻي باضابطه طور دنوي ۽ جديد تعليم جي ڦهلاءَ جو بندوبست ٿيڻ لڳو. انهي حوالي سان باضابطه طور تي اسڪول متعارف ڪرايا ويا ۽ انگريزي تعليم کي زور وٺرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اهڙي طرح لاڙڪاڻي اندر جديد تعليم جي شروعات ٿي. هن مضمون جي طوالت ۽ وقت جي قلت جي مدِنطر ڳالهين کي سميٽي هتي صرف اهڙين ڪوششن جو نمونو پيش ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي ٽن اسڪولن جو ذڪر ڪبو جتان ڪيترن ئي شاگردن علم جو فيض حاصل ڪري لاڙڪاڻي جي جديد تاريخ رقم ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ا. گورنمنٽ پراونشل ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو

هن اسڪول جو پهريان نالو ” مدرسته السلام“ هيو جيڪو سن 1900ع ۾ ان وقت جي لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر جَي.ايڇ.وِي ٽپر لاڙڪاڻي جي زميندارن کان چندو ڪٺو ڪري بيڪر روڊ تي سِوِل اسپتال جي سامهون قائم ڪيو هو، جتي هاڻي ان ئي عمارت ۾ گورنمنٽ گرلس ڪاليج قا.ئم آهي. هي عمارت ٻه ماڙ هئي، هيٺئين حصي ۾ اسڪول جا ڪلاس هلندا هيا جڏهن ته مٿئين طبقي ۾ ٻارن جي رهائش جو بندوبست ٿيل هوندو هيو. هتي سنڌي ۽ انگريزي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. سال 1915_16 ۾ هن اسڪول ۾ ڪل ڇهاسي شاگرد هيا جن مان اڻونجاهه ٻار سنڌي ۾ ۽ ستٽيهه ٻار انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪندا هيا. ٻارن کان سندن مالي حالت مطابق هڪ روپيو، چار روپيا يا اڍائي روپيا ماهانه فيس ورتي ويندي هئي. سال 1915_16 ۾ مدرسه اسڪول جو ڪل خرچ اٺ هزار ست سئو ڇهاسي روپيا ٿيا. ان مد ۾ اسڪول کي جيڪو چندو وصول ٿيو ان جو وچور هيٺئين ريت آهي.
حڪومت طرفان فنڊ 1875 روپيا
لاڙڪاڻو ميونسپالٽي طرفان فنڊ 500 روپيا
ضلعي لوڪل باڊي طرفان فنڊ 2500 روپيا
فيس ۽ جرماني جي اڳاڙي 707 روپيا
چندو 200 روپيا
مختلف مد مان 695 روپيا
مدرسه اسڪول جو انتظام ضلعي ڪائونسل جي بورڊ هلائيندي هئي جنهن جو ضلعي جو ڪليڪٽر صدر ۽اسڪول جو پرنسپال سيڪريٽري هيا. اپريل 1948ع ۾ مدرسه اسڪول کي بند ڪري هتان جي شاگردن ۽ استادن کي گورنمنٽ هاءِ اسڪول موڪليو ويو ۽ هي بلڊنگ صرف بورڊنگ هاسٽل طور استعمال ٿيڻ لڳي. 1963ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي هن اسڪول ڊي سي هاءِ اسڪول جي نالي سان کي ٻيهر کولي ڊگري ڪاليج ڀرسان رائيس ڪئنال جي اوڀارين پاسي قائم نئين بلڊنگ ۾ شروع ڪيو جتي هيئنر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج آهي. هن جو پهريون هيڊ ماستر محترم غلام رسول ڪلهوڙو صاحب مقرر ٿيو. مان پڻ هن اسڪول ۾ شاگرد جي حيثيت سان ڪلاس ستين ۾ اتي ئي داخل ٿيس ۽ بعد ۾جڏهن پهرين جون 1970ع تي سنڌ سرڪار سنڌ جي پنهجن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪولن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ته پوءِ هن اسڪول تي گورنمنٽ پراونشلائيزڊ ڊي سي هاءِ اسڪول جو نالو پيو. 1974ع ۾ هن اسڪول جي بلڊنگ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج حوالي ڪري هن کي اتان شفٽ ڪري سندس موجوده بلنڊنگ لڳ ميونسپالٽي لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيو ويو. اها بلڊنگ اڳ سرلا جي اسپتال جي نالي سان مشهور هئي . اسڪول جي انهيءَ شفٽنگ ۾ هن اسڪول جا شاگرد به سامان جي ڍوئي ۾ مددگار ٿيا هيا جن ۾ مان به شامل هيس ۽ 1976ع تائين ان ئي اسڪول ۾ پڙهيس جتان ميٽرڪ پاس ڪري فارغ ٿيس. اڄڪلهه هن اسڪول ۾ اٽڪل اسي استاد ۽ يارنهن سئو کن شاگرد آهن. مدرسه اسڪول مان پڙهي ويل شاگردن بعد ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي وڏو نالو ڪمايو انهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جو اڳوڻو گورنر اَي جِي اين قاضي، علامه عمر بن دائود پوٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو قابل ذڪر آهن.

2. ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو گزيٽر 1919ع مطابق لاڙڪاڻو ميونسپل اسڪول 1867ع ۾ قائم ڪيو ويو جتي ڇهين جماعت تائين تعليم ڏني ويندي هئي. 1915ع ۾ هن اسڪول ۾ ٻه سئو اٺ ٻار پڙهندا هيا جن ۾ گهڻائي هندن جي هوندي هئي. سال 1915_16 ۾ هن اسڪول جي ڪل خرچ جو تخمينو نو هزار چار سئو ڏهه روپيا آهي جنهن ۾ حڪومت طرفان صرف ويهه هزار اڻياسي روپيا ڏنا ويا. ميونسپل هاءِ اسڪول جي پراسپيڪٽ مطابق ڊاڪ بنگلو لاڙڪاڻو جنهن ۾ هيئنر ميونسپل هاءِ اسڪول قائم آهي اتي ايجوڪيشن سوسائٽي هڪ اسڪول قائم ڪيو هو جنهن کي بعد ۾ 1926ع کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ميونسپالٽي پنهنجي تحويل ۾ وٺي هلائڻ شروع ڪيو هيو ۽ اهڙي طرح هن تي ميونسپل اسڪول جو نالو پيو. 1948ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي مڊل اسڪول ڪيو ويو جتي خاص طور تي هندوستان کان هجرت ڪري آيل اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي داخل ڪيو ويندو هيو. 1954ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي هاءِ اسڪول ڪيو ويو. 1972ع ۾ هن اسڪول کي پڻ حڪومت سنڌ پنهنجي تحويل ۾ ورتو. هن اسڪول کي 1995ع ۾ هائير سيڪنڊري بڻايو ويو. هن وقت اسڪول ۾ اٽڪل هڪ سئو استاد ۽ اٽڪل تيرنهن سئو کن شاگرد آهن. هن اسڪول مان پڙهي نڪتل شاگرد جيڪي اعليٰ عهدن تي پهتا آهن انهن ۾ زبير احمد قدوائي سابقه چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ قربان علي عباسي سابقه تعلقه ناظم لاڙڪاڻو کان علاوه ٻيا ڪي ئي شامل آهن.

3. گورنمنٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو

گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو 1919ع ۾ قائم ٿيو. هي اسڪول سڀ کان پهريان موجوده ميونسپل هاءِ اسڪول جي موجوده بلڊنگ جيڪا اڳ ڊاڪ بنگلو طور مشهور هئي ۾ قائم ٿيو هيو. پهريان هي اسڪول اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جي نالي سان شروع ٿيو جنهن کان بعد ۾ هن کي ترقي ڏئي 1924ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول جو نالو ڏنو ويو. هن اسڪول جي موجوده بلڊنگ 1926ع ۾ ٺهي تيار ٿي ته اسڪول کي ان ۾ شفٽ ڪيو ويو جتي اڃا تائين هي اسڪول علم جو فيض عام ڪندو رهي ٿو. 1964ع ۾ اسڪولن ۾ ووڪيشنل ٽريڊ جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ٿيو تڏهن هن اسڪول جو به نالو تبديل ڪري گورنمنٽ پائليٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول رکيو ويو. 1994ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي هائير سيڪنڊري مقرر ڪيو ويو. 1919ع ۾ اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر جناب ڊي وي مرچنداڻي هيو ۽ هاڻ موجوده پرنسپال محترم ديدار علي مغيري آهي. هن اسڪول ۾ اٽڪل هڪ سئو چاليهه استاد ۽ اٽڪل چار هزار ٽي سئو ارڙهن شاگرد آهن. هن اسڪول مان پڙهي ويل شاگردن ۾ پاڪستان جي نيشنل اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سميت اٽڳڻيا نالا موجود آهن جن پنهنجي ڪارڪردگي جي ڪري وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي.
لاڙڪاڻي ۾ موجوده دور ۾ جديد تعليم جي بندو بست جي صورتحال جو اندازو هيٺ ڏنل انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ هن وقت نه رڳو سرڪاري تعليمي ادارا موجود آهن پر وڏي تعداد ۾ خانگي تعليمي ادارا پڻ وجود ۾ اچي چڪا آهن جتي پڻ شاگردن جو وڏو تعداد زير تعليم رهي ٿو. اڄڪلهه لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سرڪاري اسڪولن جو ڪل تعدا يارنهن سئو ارڙهن آهي، جن مان هڪ هزار ٻٽيهه پرائمري اسڪول، ڇاهٺ مڊل اسڪول ۽ پندرنهن هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. انهيءَ کان علاوه لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ ڪيڊٽ ڪاليج سميت پروفيشنل ايجوڪيشن لاءِ هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي، هڪ انجنيئرنگ ڪاليج، هڪ ميڊيڪل ڪاليج، هڪ زرعي ڪاليج، هڪ ڪامرس ڪاليج ۽ ٻيا به ڏهه کن ڪاليج ۽ ٻيا ننڍا وڏا انسٽيٽوٽ ۽ ادارا موجود آهن. ساڳي طرح خانگي شعبي جا پڻ سوين اسڪول لاڙڪاڻي ضلعي جي شاگردن لاءِ جديد تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.