لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جو مرتب رضوان گل آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختلف پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي ڪانفرنسن ۽ سلسليوار پروگرامن ۾ پڙهيل آهن
  • 4.5/5.0
  • 2881
  • 812
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

• سگهڙ محمد ملوڪ عباسي : احمد سلطان کوسو

محمد ملوڪ عباسي جنهن جي نالي شامل ٿيڻ کان بغير شايد سنڌ جي سُگهڙن جي تاريخ نامڪمل رهجي وڃي. منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات مرحوم سان منهنجي دوست محمد حسن ڪلهوڙو ويٺل عثمان ڪلهوڙو تعلقو ڏوڪري جي توسط سان ڪافي عرصو پهريان ٿي هُئي ۽ ان کان پوءِ منهنجي بدنصيبي چئو جو اهڙي قابل ۽ لائق فائق هستيءَ سان ٻيهر ملي نه سگهيس. مان ته سچ پچ پهرين ئي ملاقات ۾ سندس گرويده ٿي ويو هيس. ڇا ته سندس شخصيت هُئي ڇا ته سندس ڳالهائڻ ۽ ڪچهريءَ جو اُسلوب هيو. سندس قد ڊگهو، ڏاڙهي چاپئين ۽ اکين ۾ هڪ زبردست چمڪ هئي ۽ سندس چهري ۾ وڏي حشمت هئي ۽ ائين کڻي چوان ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته شخصيت ۾ محمد ملوڪ مڪمل مڙس ماڻهو پئي لڳو. ايڏي وڏي شخصيت جو مالڪ هوندي به پاڻ پنهنجي نالي اڳيان فقير لکڻ کي پسند ڪندو هيو جيڪا ڳالهه سندس طبيعت جي عاجزيءَ جي نشاندهي هئي. سنڌ ۾ سُگهڙ، شاعر، ڀٽ ۽ ڀان ته قديم زماني کان هلندا پيا اچن پر سگهڙ واري شعبي کي جهڙي طرح مرحوم محمد ملوڪ عباسي اُجاگر ۽ روشناس ڪرايو شايد اڳ ائين نه هو. محمد ملوڪ عباسي هن فن کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي ۽ سگهڙائپ جي ميدان ۾ پاڻ کي زبردست مڃرايو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي هن پنهنجو فن ۽ شاعري پيش ڪئي ۽ پنهنجي حيثيت ان شعبي ۾ مڃرائي ۽ سڄي سنڌ ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. نه صرف ايترو پر محمد ملوڪ عباسي سنڌي ادب ۾ چئن خوبصورت ڪتابن جو اضافو پڻ ڪيو جيڪي اڄ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ بيش بها خزانو آهن.
محمد ملوڪ عباسيءَ جو پهريون ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“، سال 1989ع ۾ سنڌ سگھڙ سنگت ڀلائي تنظيم جي مدد سان ڇپجي پڌرو ٿيو، سندس ٻيو ڪتاب ”موتين مٺ ملوڪ جي“ ڇپيو جيڪو حاجي منور علي خان عباسي جي طرفان ڇپايو ويو جنهن لاءِ حاجي منور علي خان عباسي جس لهڻي. سندس ٽيون ڪتاب ”منهن مٿانهان جن جا“ پڻ عباسي خاندان طرفان ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جي ڪوشش سان ڇپيو ۽ سندن ڇوٿون ڪتاب ”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ پڻ حاجي منور علي خان عباسي صاحب جن ئي ڇپرايو. هتي سندس چوٿين ڪتاب ”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ جي حوالي سان طور ڄاڻ جي ونڊ ڪريون ٿا.
”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ ڪتاب جي ٽائيٽل تي محمد ملوڪ جي تصوير آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. مهاڳ تمام مختصر پر جامع آهي ڄڻ ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمنڊ کي ڪُپڙيءَ ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ محمد ملوڪ عباسي کي سنڌ جي سُگهڙن جو اڳواڻ ڪوٺيو آهي، جيڪا هڪ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مهاڳ ۾ رقمراز آهي ته ”هن ۾ مور ملوڪ اڳتي وک وڌائي آهي ۽ موضوع توڙي معنيٰ جي لحاظ کان نوان نوان شعر، نظم ۽ بيت پڻ نئين انداز ۾ شائقين جي آڏو آندا آهن.“ سندس شاعريءَ جا گهڻائي رنگ ۽ روپ آهن جنهن ڳالهه، جاءِ، شخصيت مطلب ته جنهن به جذبي کيس متاثر ڪيو ان تي طبع آزمائي ڪئي اٿائون. جئين حاجي منور علي خان عباسي جن لاءِ لکيو اٿن:

مون لکيو مارن مٺن لئه هي ڪتاب،
ٿو لِکان هاڻي انهيءَ جو هي انتساب.
هي ڪم نالي انهيءَ جي جيڪو صاحب،
آ علم ۽ حلم ۽ سخا ۾ ٿيو لاجواب.
نانءُ جنهن جو آهه منور ڄڻ مهتاب

يار وري ڪنهنجي اهنج ۽ سنڌي قوم کي ايذاءُ ۾ ڏسي ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان لکي ٿو۔

يا خدا ڪر تون ڪرم ڪالاباغ ڊيم جو گُمُ نامُ ڪر،
جي سُڪائن سنڌ کي سي تون بُرا بدنام ڪر
دير داتا ڪين گهرجي اڄ صبح جان شام ڪر،
منهنجي مارن واسطي آقا تون روزي عام ڪري

محمد ملڪ عباسي جي لکڻين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هڪ نعتِ رسول مقبول ﷺ ۾ ڪجهه هنيئن فرمايو اٿن.

اَلا اَلا سبحان الله حبيبي صلوعَليٰ،
نور محمد نور نبي يڪ برحق باني بسم الله
حڪم خدا ڪيو يار هلي آ ڪجي ولادت واهه ولي آ،
اول آخر شانُ علي آ احمد عربي اسدالله

محمد ملوڪ جي شاعري ۾ رواني غضب آهي ۽ تاثير به تمام گهڻو آهي جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي تي هاڪاري اثر ٿئي ٿو. هڪ هنڌ چئي ٿو:

مٺو نالو محمد جو عبادت آ خدا ڄاڻي،
اسان تي روز رهبر جي عنايت آ خدا ڄاڻي
ڪيا حاسد گهڻا حملا لکان ڇا مان لڪل ناهن،
مگر روضو محمد صه جو سلامت آ خدا ڄاڻي
نڪي زاهد نڪي ذاڪر نمازي نيڪ ڀي ناهيان،
مون لئه صلوات سرور صه جي غينمت آ خدا ڄاڻي
ڏسي روضو محمد صه جو ملوڪ موٽي مران سنڌ ۾،
اهڙي منهنجي ته مارن سان عقيدت آ خدا ڄاڻي

مٿيون بيت سندس ڌرتي ماءُ سان محبت جو چِٽو پٽو ثبوت آهي. محمد ملوڪ عباسي ظاهري طور سُگهڙ مگر اصل ۾ هو هڪ سچو انقلابي ۽ بي باڪ انسان هو. هڪڙي شعر ۾ ظالم وڏيري سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو.

ڏاڍا ڪيا ٿي ڏوهه وڏيرا ڏاڍا ڪيا ٿي ڏوهه،
سالَ وسَايئي سوٽا سِرَ تي، هي لِڱ اسان جا لوهه،
تنهنجي ٻنيءَ تي ٻچڙا ماريم، تتيءَ ٿڌي مان ڏونگر ڏاريم،
رَتُ سڙي ويو ٻوٽا ٻاريم، پوءِ به ڇنڊين پيو ڇوهه وڏيرا.
رات انڌيري وهندي وارا، سڀ لتاڙيم سارا ڪارا،
ٻاجهه ڌڻيءَ ڪيم ڀريم ٻارا، پوءِ به ڪري وئين ڊوهه وڏيرا.
هن کي ڪوڙا هُن کي گوليون، جيجل جون ڪيئي خالي جهوليون،
خون انهي مان ڇڇڪن ڇوليون، رت ڏنا تو روح وڏيرا.
توسان پنهنجو جهيڙو ناهي، راڄ اباڻا ڇڏ تون ٺاهي،
ملوڪَ جو به مولا آهي، آهي تُنهنجي توه وڏيرا.

محمد ملوڪ عباسي ڪمال جو ماڻهو ۽ بهترين سگھڙ هيو. هو پنهنجي فن جي ميدان ۾ پنهنجي سنڌ جي سڀني سگهڙن کان مٿاهون بيٺل نظر اچي ٿو نه صرف پاڻ اُتاهون بيٺل آهي مگر هو سنڌ جي هر ضلعي ۾ پنهنجا شاگرد به پئدا ڪري ويو آهي جيڪي سندس نالو روشن ڪندا رهن ٿا. سندس شاگردن ۾ محمد لقمان کوکر، محمد مٺل جهتيال، روشن علي ڪوري، عبدالحليم سومرو، محمد سومر سومرو، قائم الدين سهتو ميان، پيربخش مڱريو، الله ڏنو ابڙو، شبن خان کوکر، محمود حسين شر، رحمت الله عباسي، حاجي اقبال جوڻيجو، عبدالعزيز بلوچ، محمد حسن ماڇي، گلاب ڪلهوڙو، منظور علي سوهو ۽ محمد صالح عباسي کان علاوه سندس ٻه فرزند ممتاز علي عباسي ۽ غلام شبير عباسي پڻ سندس شاگردن جي فهرست ۾ شامل آهن.
مرحوم استاد محمد ملوڪ عباسي سُگهڙن جي آسمان تي هڪ روشن ۽ چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جو نالو سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ قيامت تائين زنده رهندو.