• لاڙڪاڻي ضلعي جا گذريل 25 سالن کان شاعري ڪندڙ چند ناميارا شاعر : رياضت ٻرڙو
لاڙڪاڻي کي هونءَ ته ٻين گھڻن ئي پيارن لقبن سان سڃاتو ويندو آهي، پر ان کي شاعرن جو آکيرو پڻ سڏيو وڃي ٿو. هتان جا ماکيءَ جهڙا مٺڙا ۽ رنگارنگي گلن جي شوخ ۽ ٿـڌن رنگن ۽ انهن جِي من کي معطر ڪندڙ انيڪ خوشبوئن جهڙا موهيندڙ سٻاجها ۽ سپورنج شاعرَ پنهنجن شعرن سان حَسين ۽ موهيندڙ آکيرا اڏيندا رهيا آهن، جن هن خطي سُوڌو هر ان هنڌ کي فيضياب ڪيو آهي، جتي جتي سنڌي ٻولي ۽ ان جا ترجما پهتا آهن. گذريل ويهين صديءَ ۾ ته سنڌي ادب ۽ شعر جي جيڪا خدمت لاڙڪاڻي ضلعي (جنهن ۾ موجوده نئين ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ جو علائقو به شامل هو) جي شاعرن ڪئي آهي، ان جو اظهار هتي ٿيل ”سنڌ ادبي ڪانفرنسن“ توڙي ڇپيل رسالن، ڪتابن ۽ ڊاڪٽريٽ جي مقالن سميت ادبي جماعتن جي رجسٽرن جي داخلا مان سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته سنڌ ۾ لاڙڪاڻو ئي اهو ساهه سيباڻو شهر آهي جتان مشاعرن جو آغاز ٿيو. ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جا نالا کڻجن! چؤڏسا لاڙڪاڻي جي زرخيز ڌرتيءَ تي انهن شاعراڻن آکيرن ۾ ڏات جا ڏيئا ٻري روشنيون پکيڙيندا رهيا آهن. انهن شاعرن جو ڳاڻيٽو ڪبو، ته اهو انگ سوَن ۾ وڃي بيهندو. انهن مان ڪيترن ئي شاعرن جو ذڪر لاڙڪاڻي بابت اڳ ڇپيل ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي. هن مضمون ۾ انهن شاعرن جو ذڪر ڪجي ٿو جن، جيتوڻيڪ 1987-88ع ڌاري شآعريءَ جي شروعات ڪئي، پر 1990ع جي ڏهاڪي کان وٺي باقاعدگيءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعري جي آسمان تي اڀري آيا. هڪ ڳالهه واضح ڪجي ته انهن سڀني شاعرن جو ذڪر هن مضمون ۾ اچڻ ناممڪن آهي جن سنڌي يا اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، ڇو ته اهو تمام وڏو موضوع آهي جنهن تي پورو ڪتاب لکي سگھجي ٿو. ان ڪري هتي، فقط سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندڙ چند شاعرن جا تعارف پيش ڪجن ٿا، رهجي ويل شاعرن کي ٻئي مضمون ۾ شامل ڪيو ويندو. پڌرو هجي ته هن مضمون ۾ شامل شاعرن جي ترتيب سندن ڄم جي تاريخ موجب رکي وئي آهي.
عنايت ميمڻ
عنايت ميمڻ سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر هجڻ سميت ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، مضمون نويس، ڪمپيئر ۽ منتظم آهي. سندس پورو نالو عنايت اللھ ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هو 3 مارچ 1957ع تي، لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪئي آهي ۽ واپڊا ۾ ملازم آهي.
عنايت ميمڻ لکڻ جي شروعات ڪهاڻيءَ سان 1985-86ع ڌاري ڪئي، جنهن کان پوءِ شاعري پڻ ڪرڻ لڳو. 1990ع م سندس شاعريءَ جو مجموعو ”محبتون ۽ فاصلا“ اِي بڪ جي روپ ۾ انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو. سندس ادبي لاڳاپو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو شاخ ۽ رائيٽر ڪلب سان خاص طور رهيو آهي. هن جي هڪ اهم سرگرمي هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مشاعرو منعقد ڪرائڻ آهي، جنهن سلسلي هيٺ 81 ماهوار مشاعرا منعقد ٿي چڪا آهن. سندس شاعري ڳائي پڻ وئي آهي. سندس رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
فڪر، فهم ۽ ادراڪ کي ڇهي ئي نه ٿو،
رڳو ٿو يار کي تڪي شاعر.
سِڪ، سونهن ۽ پيار جا ڪري سودا،
هي ڪهڙي واٽ ٿو وٺي شآعر.
مختيار سمون
مختيار سمون سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ نامور استاد آهي، جيڪو پيار ڀرين داخلي ڪيفيتن تي سهڻا شعر لکڻ سوڌو سماج جي خرابين کي به پڌرو ڪندڙ شاعري ڪري ٿو. هن وڏن سميت ٻارن لاءِ پڻ شاعري سرجي آهي.
مختيار احمد ولد حڪيم يار محمد سمون 18 آگسٽ 1960ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1986ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو 1987ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1991ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائي رهيو آهي. هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تعليمي اداري ناليج سينٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو ڊائريڪٽر آهي.
مختيار سمي 1974ع ۾ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سان شروعات ڪئي، پر وڏن جي شاعر طور 1990ع جي ڏهاڪي ۾ آڳيان آيو. هن نثر ۾ ڪالم ۽ مضمون، ۽ شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم سرجيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”دنيا آهي گول“ (شاعري-1983ع)، ”ڌرتي روشن ٿيندي“ (شاعري-1990ع)، ”وفائون منتظر آهن“ (شاعري-1997ع) ۽ ”عورت: حق، حيثيت ۽ تشدد“ (ترتيب ڏنل مضمون-2008ع) شامل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري به رهيو، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو پڻ هُو ڪيتري ئي وقت کان سرگرم سيڪريٽري آهي. سندس رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
ماڻھن جو رجحان بدلجي آھي ويو،
ڳالھين جو عنوان بدلجي آھي ويو.
گوليءَ جي ٻولي ٿو سڀ ڪو ڳالھائي،
دردن جــــو درمـــان بــدلجي آھـي ويــــــو.
زخمي چانڊيو
زخمي چانڊيو مشهور قومي شاعر هو. هُو جوانيءَ ۾ ئي شهيد ٿي ويو، نه ته سنڌ جو ناليوارو قومي ۽ مزاحمتي شاعر هجي ها، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ديس سان پيار، ماروئڙن سان محبت ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز ڀرپوريت سان سمايل آهي. هُو سماج سڌارڪ، قومي ۽ ادبي ڪارڪن پڻ هو.
زخميءَ جو پورو نالو ڄام خان ولد مولا بخش چانڊيو هو. هُو پهرين مئي 1961ع تي، تعلقي ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي شهر ڊکڻ ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڊکڻ ۽ شڪارپور مان پِرائي، ايم.اَي. (اسلامڪ ڪلچر)، پِي.ٽِي.سِي ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي. هُو 1996ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هو 1979ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، پوءِ سپروائيزر به رهيو، جنهن کان پوءِ ترقي ماڻي هاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿيو.
هن لکڻ جي شروعات 1984ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي. سندس ادبي رهنمائي نالي وارن شاعرن نثار بزميءَ ۽ سرڪش سنڌيءَ ڪئي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ڪالم لکيا. مٿس بغاوت جو ڪيس به داخل ٿيو. هن 1991ع ۾ س.ا.س ڊکڻ شاخ جو بنياد وڌو. هو س.ا.س ضلعي شڪارپور جو متحرڪ رابطا سيڪريٽري به رهيو ۽ سچوا سنڌ، آل سنڌ رسورس پرسن، گسٽا، جسقم ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن جو اڳواڻ رهيو. کيس استاد بخاري ايوارڊ، سچوا ايوارڊ ۽ س.ا.س سنڌ پاران ”شهيد فهيم فاروق عباسي ايوارڊ“ ۽ ٻيا ڪيئي سرٽيفيڪيٽ مليا.
زخميءَ جي شهادت 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. کيس آبائي قبرستان ۾، ملان جي ڳوٺ، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ دفنايو ويو. زخميءَ جي شهادت کان پوءِ، سندس ٻه ڪتاب ”شهر شهر زخمي“ (2001ع) ۽ ”ڏاڍو ساريندين“ (2006ع) ڇپيا آهن.
سنڌُ سان آزار آ، ڏَس ڇا ڪجي!
قوم سان تڪرار آ، ڏَس ڇا ڪجي!
ڪيئن غيرن کي ڏجي مُنهن ۾ لغامُ؟
پنهنجو ئي غدار آ ، ڏَس ڇا ڪجي!
جواد جعفري
جواد جعفريءَ جو شمار نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن وٽ پنهنجو مخصوص محبتي شاعراڻو انداز آهي. هن جا لفظ زندگي، پيار، وڇوڙي، ڏک ۽ درد جا نغما ڳائيندي نظر اچن ٿا، جن ۾ احساس ۽ اُڌما سمايل آهن ۽ پرينءَ پياري سان ملڻ جي تـڙپ موجود آهي.
جواد حسين ولد انور حسين 6 ڊسمبر 1963ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرائڻ کان پوءِ، ايم اَي سياسيات (1993ع ۾) سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم ايڊ 1999ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ڪئي. هُو 1988ع ۾ هاءِ اسڪول بنگل ديري ۾ جَي ايس ٽي مقرر ٿيو، 1995ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1998ع ۾ ايڇ ايس ٽِي طور ترقي ماڻي.
جواد جعفريءَ جو نانو نواز علي ”نياز“ جعفري پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو. جواد جعفري ان نسبت سان گهريلو ماحول ۽ شاعر دوستن جي صحبت ۾ 1987ع کان شاعري ڪرڻ لڳو. سندس ادبي رهنمائي س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿي، جنهن جو 88-1987ع کان ميمبر آهي. هن شاعريءَ ۾ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر غزل ۽ نوحه وڌيڪ سرجيا آهن. سندس غزلن جو مجموعو ”توکي چاهيوسي“ ڇپيل آهي. کيس سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ”بهترين شاعر“ ۽ ٻيا ايوارڊ مليا آهن. هُو انجمن حسيني مرڪزي امام بارگاهه جعفريه لاڙڪاڻي جو سالار ماتمي دسته به آهي. سندس ناموريءَ جو ٻيو سبب ڪرڪيٽ به آهي، جنهن ۾ هُو لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ جو ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ۽ ماسٽرس ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جو ڪئپٽن رهيو آهي. سندس رهائش جعفري پاڙي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
زندگيءَ ۾ آ ڪَمِي رهجي وئي،
ڪا ته جيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.
عڪسُ پنهنجو هُوءَ کڻي وئي پاڻ سان،
آرســـيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.
سميع ساجد جوڻيجو
سميع ساجد غزل ۽ چَوسٽن جو شاعر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جيتوڻيڪ هن ٻين صنفن ۾ به سٺو لکيو آهي.
سميع احمد ولد علام سرور ’حاذق‘ جوڻيجو (شاعر) 1 اپريل 1963ع تي شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ نم شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق رتيديري شهر سان گھڻو رهيو آهي، جتي هو 2003ع ۾ لڏي اچي ويٺو. هن ايم.اَي، ايم ايڊ ۽ پِي.ٽِي.سِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ تعليم کاتي ۾ استاد آهي.
سميع ساجد لکڻ جي شروعات 1978ع ۾ ٻاراڻي شاعريءَ سان ڪئي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي مشهور شاعرن نثار بزمي ۽ مقصود گل ڪئي آهي. هن نثر ۽ نظم ۾ لکيو آهي. سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جا پوپٽ“، 2007ع ۾ ڇپيو. سندس تعلق س.ا.س. رتوديرو سميت ڪيترين ئي تنظيمن سان رهيو آهي. کيس س.ا.س پاران ڪتاب تي مڃتا ايوارڊ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفيڪيٽ مليل آهن. هو ادبي خبرنامي ”سنگت نامو“ ۽ ماهوار ”پوپٽ“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي. سندس رهائش رتيديري ۾ آهي.
منهنجي تو سان محبت ساڳي،
تنهنجي مون سان نفرت ساڳي.
قائم رهندي دل ۾ ’ساجد‘!
سنڌ امڙ جي عظمت ساڳي.
عبدالحق ساريو
عبدالحق ساريي جي شاعريءَ ۾ محبت جِي حسناڪيءَ، وڇوڙي جِي تڙپ ۽ ميلاپ جِي تمنا جو ڀرپور اظهار نثري نظمن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
عبدالحق ولد فقير راڻو 9 جولاءِ 1966ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٻِنڊي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي (اردو)، ايم اي (اڪنامڪس) ۽ بِي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي. هُو 1997ع ۾ اردو جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 2011ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سندس مقرري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ رهي.
عبدالحق ساريي لکڻ جي شروعات نالي واري ڪهاڻيڪار رزاق مهر جي رهنمائيءَ هيٺ 1991ع ۾ ڪئي. هن ڪالم، ڪهاڻيون ۽ نثري نظم لکيا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جو ميمبر ۽ 2006ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو. سندس وفات 14 فيبروري 2015ع تي ٿي.
سهڻيءَ جو پيار (نثري نظم)
جي، سُهڻيءَ جو پيار،
پَڪو نه هجي ها،
ته هُوءَ،
ڪَچو گھڙو کڻي،
ڪُنن ۾ ڪاهي نه پوي ها!
مختيار جاگيراڻي
مختيار جاگيراڻي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر آهي. مختيار احمد ولد عبدالرزاق خان جاگيراڻي 17 سيپٽمبر 1966ع تي، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. 1981ع ۾ سندس ڪٽنب لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي جي تعليم حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته صحت کاتي ۾، چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي اڪائونٽس برانچ ۾ اڪائونٽنٽ طور مقرر آهي.
مختيار جاگيراڻيءَ شاعريءَ جي شروعات 1998ع ڌاري ڪئي. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي گڏجاڻين مان رهنمائي حاصل ڪندو رهيو آهي. هن غزل، نظم، گيت، ٽيڙو، ڪهاڻيون، خاڪا ۽ مضمون لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”سڀ فريب آ“ 2012ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس رهائش، نور ٽائون شپ، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
وفا ڪجهه به ناهي،
جفا ڪجهه به ناهي.
قبر ڏي ڪَنايم،
پُڇا ڪجهه به ناهي.
اياز جاني
اياز جاني سنڌ جي بهترين شاعرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فڪري ۽ فني خوبيون نمايان آهن. سنڌي شاعريءَ جو نئون لهجو هن جي تخليقن ۾ محسوس ٿئي ٿو. هو انهن شاعرن مان آهي جن نئين ٽهيءَ کي متاثر ڪيو آهي.
اياز جانيءَ جو پورو نالو اياز حسين آهي. هو قربان علي ميمڻ جي گهر ۾ 4 آڪٽوبر 1967ع تي، لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ پيدا ٿيو. پر پاڻ ٻڌائي ٿو ته سرڪاري رڪارڊ ۾، ذات ’چنا‘ لکي وئي اٿس. اياز جانيءَ جو اباڻو ڳوٺُ خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري آهي. سندس والد 1965ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان 1970ع ۾ ڪوٽڙي لڏي ويا ۽ پوءِ نئين ديري اچي ويٺا، جتي هن ابتدائي تعليم پرائڻ کان پوءِ ايم اي سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي. هينئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر جي تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ ۾ ’ٻانهن ٻيلي‘ طور مقرر آهي. جڏهن ته ادبي رسالا ”سارس“، ”لهرون“ ۽ ”همرچو“ ايڊٽ ڪيا اٿائين. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ 2016ع ۾ ڇپيو آهي.
اياز جانيءَ لکڻ جي شروعات 1981ع ۾ ڪئي جڏهن سندس ڪهاڻي ماهوار ”گل ڦل“ ۾ ڇپي. سندس رهنمائي نالي وارن شاعرن مقصود گل ۽ آثم ناٿن شاهيءَ ڪئي آهي. پاڻ س.ا.س شاخ گلشن حديد سان سلهاڙيل آهي. کيس حضرت شهباز قلندر بهترين شاعر ايوارڊ مليل آهي. سندس رهائش، ڪراچيءَ جي گلشن حديد ٽائون ۾ آهي.
خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو، ڳالهائي ٿو،
’دمُ ٿو گهٽجي، کوليو،‘ ڪمرو ڳالهائي ٿو.
جانيءَ جو جوڀنُ تاسارو آهي، تڏهين،
حق بخشايــل نــاريءَ جهڙو ڳالهائــي ٿـــو!
سعيد ميمڻ
سعيد ميمڻ سنڌ جي نالي وارن شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي سونهن پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪشش رکي ٿي. سندس شاعريءَ کي سنڌ ۾ بيحد پسند ڪيو ويو آهي. هن جا ڊگھن رديفن وارا غزل خاص طور بيحد پسند ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته هن پنجڪڙي تي به سٺي طبع آزمائي ڪئي آهي.
سعيد 8 نومبر 1968ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي. (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ 1990ع ۾، پِي.ٽِي.سِي ۽ بِي. ايڊ ڪئي آهي. سعيد ميمڻ 1988ع کان پرائمري استاد طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
سعيد کي شاعريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي آهي. 1988ع ۾ سندس پهرين وائي ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول استادَ محمد هارون بلوچ ۽ نالي واري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ نثر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون، مضمونَ، خاڪا ۽ مهاڳ لکيا آهن. سندس 5 شعري مجموعا ڇپيا آهن: 1. نيڻ سفر ۾، 2. ڪاري بَر ۾ چنڊ، 3. خواب-چارا، 4. درد جون آيتون، 5. اسان جو عشق اڻپُورو، 6. آنءُ لهر سمنڊ جي، 7. ازل جو آڏاڻو.
سعيد جو 1990ع کان وٺي س.ا.س لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو ڪائونسلر به رهيو آهي. کيس ”ڪينجهر“ رسالي پاران ”ڪينجهر شاعر ايوارڊ“، س.ا.س ڄامشوري شاخ پاران ”علڻ فقير ايوارڊ“ ۽ س.ا.س محراب پور شاخ پاران ”استاد محبوب جوکيو ۽ استاد بخاري ايوارڊ“ مليا آهن. سندس مستقل رهائش ڳوٺ عاقل ۾ آهي.
ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهري؟
دل وري هلڻ جا حوصلا ٿي گهري.
ڪئن وفا جون حدون ’سعيد‘ اورانگهيون؟
هوءَ اســـان کـان رکــڻ فـاصلا ٿــي گهـري.
سرتاج جاگيراڻي
سرتاج جاگيراڻي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو ۽ احساساتي شاعر آهي، جنهنڪري ئي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ باوجود خوبصورت شعر سرجيندو رهي ٿو. سرتاج احمد ولد محمد نواز جاگيراڻي 15 نومبر 1967ع تي، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. 1981ع ۾ سندس ڪٽنب لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن بِي اي تائين تعليم حاصل ڪئي آهي.
سرتاج جاگيراڻي شاعريءَ سان مسلسل نڀائيندو اچي پيو. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ”سپني ۾ سنسار“ (2002ع)، ”اکين جي شهر ۾“ (2010ع) ۽ ”هجوم جو درد“ (2013ع) ڇپجي چڪا آهن. سندس تعلق سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان رهيو آهي. سندس مستقل رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.
پري توکان پرين هاڻي رهڻ جو شوق ڪونهي ڪو،
حياتي تو بنا گذري، جيئڻ جو شوق ڪونهي ڪو.
ڏٺو توکي، پڙهيو توکي، ڇهيو توکي، چميو توکي،
سوا تنهنجي پرين ٻئي در جهڪڻ جو شوق ڪونهي ڪو.
پرهه سڪينا گاد
پرهه سڪينا سنڌ جي سٺي شاعره آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي عورت شاعرائن ۾ سندس نالو اهميت وارو آهي. سندس نظم ۽ نثري نظم جاندار آهن.
پرهه سڪينا ولد گل محمد گاد 26 جُون 1968ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. سندس والد لاڙڪاڻي بابت مشهور ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جو مرتب آهي. پرهه سڪينا ايم.بِي.،بِي.ايس. ۽ بِي.اَي جي تعليم حاصل ڪئي آهي.
ڊاڪٽر پرهه سڪينا لکڻ جي شروعات نائين درجي ۾ پڙهائي دوران ڪئي. سندس لکڻ ۾ رهنمائي والد ۽ سندس ڀاءُ نسيم پارس گاد ۽ ايوب گاد ڪئي. هن نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. پاڻ سياسي حوالي سان پڻ ڪافي سجاڳ رهي آهي، عورتن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ هن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻ ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻي سان پڻ لاڳاپيل آهي. کيس سيد الهندو شاهه ايوارڊ ملي چڪو آهي. سندس رهائش محلا قافلا سراءِ لاڙڪاڻي ۾ آهي.
خواب ڏسڻ،
مون ڇڏي ڏنا آهن
جنهن جي ساڀيان ملڻي ناهي!
جنهن جو انت ٿيڻو ناهي
اهڙا خواب،
ڀلا ڇو ڏسجن!!
عزيز منگي
عزيز منگي پنهنجي والدَ، سنڌ جي معروف اديب، صحافي ۽ ڪمپيئر هدايت منگيءَ جي نقشِ قدم تي هلندي، ادبي سفر طَي ڪري رهيو آهي. عزيز جي سڃاڻ جا مختلف حوالا آهن جن ۾ نيوز رپورٽنگ، ريڊيو ڪمپيئرنگ ۽ ادبي سرگرميون نمايان آهن، پر هن جذبن، احساسن ۽ امنگن کي اظهاريندڙ شاعريءَ سان به جيءُ سلهاڙيو آهي.
عزيز 18 نومبر 1968ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي (سنڌي)، بِي ايڊ ۽ پِي ٽِي سِي ڪئي آهي. هُو نومبر 1990ع کان وٺي استاد طور سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو.
عزيز لکڻ جي شروعات هدايت منگيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ 1984ع ۾ ڪئي. سندس پهريون نظم ماهوار ”گل ڦل“ ۾ 1984ع ۾ ڇپيو. هن لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. هُو 1984ع ۾ سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) شاخ بگي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ س.ا.س شاخ ڏوڪريءَ سان وابسته ٿيو ۽ 1994ع کان س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽنهي شاخن ۾ مختلف عهدن تي سرگرم ادبي ڪارڪن رهيو آهي. کيس س.ا.س ڏوڪري شاخ پاران بهترين ڪارڪن ۽ بهترين شاعر جي شيلڊ ملي ۽ س.ا.س مرڪز پاران ضلعي لاڙڪاڻي جي بهترين شاخ طور س.ا.س ڏوڪريءَ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ايوارڊ وصول ڪيو. عزيز ”ساٿي ٻارڙا سنگت“ تعلقي ڏوڪريءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي ۽ مُهين جو دڙو اڪيڊميءَ جو 2007ع کان باني ميمبر ۽ چيئرمئن طور سلهاڙيل آهي.
عزيز 1991ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش ايئر پورٽ روڊ تي واقع مينهل آباد ڪالونيءَ ۾ آهي.
رات به ڪـيـڏا سـورَ انـدر جـا جـاڳـي پـيـا،
ڇرڪ ڀري سڀ منظر گھر جا جاڳـي پـيـا.
شايد ڪـو انـيـاءُ ٿـيــو آ ڀـُــونءِ مــٿــان،
جو ھِن ٻيھر گھنڊ مـنـدر جـا جـاڳــي پـيـا.
مدهوش ڀٽو
مدهوش جو شمار سنڌ جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي شاعري ڇپي گھٽ آهي پر ڳائي گھڻي وئي آهي، جنهنڪري عوام تائين گھڻو پهتل آهي. هو مشهور نوحه ۽ قصيده لکندڙ به آهي. هُو صحيح معنى ۾ غزل جو شاعر آهي. سندس غزلن ۾ تغزل ڀرپوريت سان موجزن آهي.
مدهوش ڀُٽي جو ڇٺيءَ نانءُ الطاف حسين آهي. هُو 6 نومبر 1969ع تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ بنگل ديري ۾، عبدالرحمان ڀُٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن انٽر سائنس تائين تعليم حاصل ڪئي، پوءِ والد جي وفات سبب اعلى تعليم پِرائي نه سگھيو. هُو 1995ع کان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (PTCL) ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري رهيو آهي. هن وقت ٽيڪنيشن جي عهدي تي فائز آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات 84-1983ع ۾ ڪئي. سندس ادبي رهنمائي اسڪولي استاد، غلام نبي ”راهڪ“ ڀُٽي ڪئي. سندس سرجيل قصيده، نوحه ۽ غزل گھڻو مشهور آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت رتي ديري شاخ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سندس رهائش بنگل ديري ۾ آهي.
حالتن کان هارجي ٿي وئي نيلام دل.
ڇا ڪُڇي ڪنهن جي اڳيان گونگــڙي گگدام دل.
ياد جا اوٿـر اٿن، درد جا محشر مچن،
ســـور سيني ۾ لڇــن، ڪيئن ڪــري آرام دل.
عادل عباسي
عادل عباسيءَ جو شمار سنڌ جي سڄاڻ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. هُو شاعر توڙي نثر نويس آهي. سندس شاعريءَ ۾ جديد رنگ ڀرپور سمايل آهي، جنهن ۾ فڪري ۽ فني رُخ ڌيان لهڻن ٿا.
عادل عباسيءَ جو ڇٺيءَ نانءُ عبدالحق آهي. هُو محمد آچر ’مجاهد‘ عباسي جي گھر ۾ 2 جنوري 1970ع تي، ڳوٺ لعلو رائنڪ (تعلقي وارهه) ۾ پيدا ٿيو، جتي سندن رهائش هئي. سندس والد جي ڪراچيءَ بدلي ٿيڻ سبب هُو ڪراچيءَ لڏي ويا، جتي عادل عباسيءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پِرائي. هن ايم اَي سنڌي ادب ۾ 2000ع ۾ ڪئي. هُن 1989ع ۾ بهبود آبادي کاتي ڪراچيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 1993ع ۾ سندس بدلي باڊهه ٿي، جتي مستقل طور رهڻ لڳو. 2006ع کان هُو لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي، جتي رهائش اٿس. هُو ريڊيو ڪمپيئر طور، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي مختلف پروگرام پڻ ڪندو رهيو آهي.
عادل عباسيءَ کي ادبي ماحول گهر ۾ مليو. هن 1992ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي والد محمد آچر ’مجاهد‘ ڪئي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ لکيو آهي، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ، ڪهاڻيون ۽ مهاڳ لکيا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) ڪراچي شاخ ۽ س.ا.س باڊهه شاخ سان لاڳاپيل رهيو، ۽ سيڪريٽري، ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي پڻ رهيو. هُو جاڳرتا لٽرري فورم باڊهه سان پڻ سلهاڙيل رهيو ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. کيس سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ڪراچي پاران 2000ع ۾ شاعر-ايوارڊ ڏنو ويو. هُو سياست ۾ به سرگرم رهيو آهي. سندس رهائش پراڻي ٽئنڪ چوڪ ويجھو لاڙڪاڻي ۾ آهي.
خوشبو ڇو نه کڻي آئي آ تنهنجي ساهن جِي،
ڪيڏي ڀاسي ٿي اڄ ظالم ۽ بيدرد هوا.
رَتُ جي ڌَپ گُهلي ٿي پيئي اڄ به ڪراچيءَ ۾،
ٿي پئي آهي شهر سڄي جي دهشت گــرد هـــوا.
رياضت ٻرڙو
سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ (شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس)، مترجم، پبلشر ۽ ايڊيٽر آهيان. 27 فيبروري 1970ع تي، شوڪت علي ”شوق“ جي گهر ۾، قنبر ۾ پيدا ٿيس. ابتدائي تعليم قنبر ۾ پرائڻ کان پوءِ ايم.ايس سِي. (فزڪس، 1995ع)، ايم.اي. (سنڌي، 2000ع) ۽ ايم.ايڊ. (2000ع) جون ڊگريون حاصل ڪيون اٿم. 2014ع کان وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ”سنڌي زبان ۾ لغت نويسيءَ جو تحقيقي مطالعو“ عنوان تحت پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهيان. 2001ع ۾ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قنبر ۾ فزڪس جو ليڪچرر ٿيس، جتان بدلي ٿي، نومبر 2008ع کان، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس پڙهايان پيو.
88-1987ع ۾ ترجمن وسيلي ادبي دنيا جي آڳنڌ تي پير ڌريم. گهر ۾ ادبي ماحول مليو. نثر ۾ رهبري نالي واري اديب ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ رهنمائي مشهور شاعر سرمد چانڊيي ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر جي تنقيدي گڏجاڻين ڪئي.
تخليقي ڪتابن ۾ هڪ ڪهاڻي-ڪتاب ”پيار جي ڪهاڻي“ (1994)، ٻن شعري ڪتابن ”شام جي هوا“ (2004) ۽ ”ديوانِ رياضت“ (2005) ۽ ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“ (2012ع)، ايڊٽ ڪيل ۽ سهيڙيل تاريخي ڪتاب ”قنبر: هڪ اڀياس“ (2006) سميت ٻين سهيڙيل ڪتابن ”گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم“ (2003ع)، ”تحفو“ (2006ع)، ”چانڊوڻا چمڪن“ (2007)، ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ (2010ع) ۽ ”مون ڏات انوکي آندي آ“ (2012ع) سميت، ڊاڪٽر محبت جا 16 اهم ڪتاب، سندس وفات کان پوءِ سهيڙي ڇپرايا اٿم. ماهوار ”سائنس“، ”سائنسي سوچ“ پبليڪيشن، ”لکڻهار“، ”اڪيڊميڪا“، ”باک“، ”سنگت خبرنامي“ ۽ ”سنگت مخزن“ پرچن ۾ مختلف ذميواريون نڀايون اٿم.
2009ع کان ماهوار ”سائنسي سوچ“ جو ايڊيٽر آهيان. 1989ع ۾ س.ا.س. قنبر ۾ پهرين شرڪت ڪيم، جنهن جو 5 ڀيرا سيڪريٽري رهڻ سميت ٻين عهدن تي مقرر رهيو آهيان. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 05-2004ع دوران مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهيس. سائنسي، تعليمي ۽ سماجي طور ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ قنبر کان وٺي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ تائين مختلف عهدن تي سرگرم رهيو آهيان. پبلشنگ جي شعبي ۾ ”ڏاهپ پبليڪيشن قنبر“، ”ڏاهپ اڪيڊمي قنبر“، ”سنڌي ادبي سنگت قنبر“، ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ ۽ ”ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي“ پاران 50 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرايا اٿم. لاڙڪاڻي ۾، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ آرڪائيوز شعبي جو چيئرمين (2015-2016)، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي بورڊ آف مينيجمينٽ جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ انڊس لٽرري فورم (الف) جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ آهيان. فيبروري 2009ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيم. هاڻ مستقل رهائش پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
ٿڌِي اُس اکين تي پوي ٿِي پرين!
چُمي ياد تنهنجي اچي ٿِي پرين!
ڏِسِي نيٺ رهبو ته ’رياضت‘ جي دل،
ڪڏهن تنهنجي دل سان ملي ٿِي پـرين!
منور سولنگي
منور سولنگي نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ شاعر آهي. منور جي شاعريءَ ۾ سٺي موضوعي پيشڪش نظر اچي ٿي ۽ فني نڀاءُ پڻ وڻندڙ اٿس.
منور علي ولد روشن علي سولنگي 2 جُون 1971ع تي لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ئي پِرائي جنهن کان پوءِ 1996ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه ڪئمپس مان اليڪٽريڪل ۾ بِي.اِي ڪئي. هن پرائيويٽ گريجوئيشن (B.A) پڻ ڪئي آهي. هن ڪجهه وقت خانگي ادارن ۾ ملازمت ڪئي ۽ بورڊ آفيس (BISE) لاڙڪاڻي ۾ ڪئليگرافر طور نوڪري پڻ ڪئي. هو 2009ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سينئر براڊ ڪاسٽنگ انجنيئر ٿيو ۽ 2010ع کان لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي.
منور لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي، جنهن کان پوءِ نثر ۾ پڻ لکيو ۽ ترجمو ڪيو آهي. سندس هڪ ترجمو ڪيل ناول ”مريم“ (ليکڪ وحشي محمود آبادي) ڇپيل آهي. هو س.ا.س نوابشاهه جو سيڪريٽري رهيو. هو س.ا.س لاڙڪاڻو شاخ سان سلهاڙيل آهي. سندس رهائش علي گوهر آباد محلي ۾ آهي.
ٽار جنهن تي گُل ٽڙيو هڪ ڀي نه هو،
تنهن مٿان پوپٽ لٿو هڪ ڀي نه هو.
نيڻ بُڪ ۾، ڌيان پر تو ڏي هيو،
وقت ٿيو، اٿليو پَنو هڪ ڀي نه هـو.
روبينه ابڙو
روبينه ابڙو سنڌ جي نالي وارين شاعرائن ۾ اهم ۽ نمايان حيثيت رکي ٿي. هوءَ سنڌي شاعريءَ جو سگهارو نانءُ آهي. هن شاعريءَ سان مسلسل محبت وارو رشتو جوڙي رکيو آهي. مرداڻي سماج ۾ سرجندڙ شاعريءَ جي يَڪ رُخائيءَ ۾ روبينه ابڙو جي شاعري تازي هوا سمان ۽ تصوير جو ٻيو رُخ آهي، جنهن ۾ فڪر جا نرالا رنگ به آهن ته فن جي ڀرپور پيشڪش به آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”قدم کان عدم تائين“ 2016ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
روبينه ابڙو ولد بشير احمد ابڙو جو جنم 24 آڪٽوبر 1971ع تي، ڳيريلي شهر (هاڻوڪي تعلقي باقراڻي) ۾ ٿيو. هن سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ تعليم پِرائي آهي ۽ بِي.ايڊ ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي. هوءَ لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.
هن 1991ع کان لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. سندس پهريون شعر ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپيو. هن اردوءَ ۾ پڻ شاعري سرجِي آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ لکيو آهي، پر خاص طرح سندس غزل، نظم ۽ وايون نمايان آهن. کيس مڃتا طور ”ڪينجھر ايوارڊ“ ۽ ”تنوير عباسي ايوارڊ“ ملي چڪا آهن. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.
عشق حقيقي، عشق مجازي،
ڪعبي اندر جيئن نمازي.
مارِ نغاري چوٽِ وَري ڪا،
ٿي پئه دَم دَم مستُ دَرازي.
منصور ابڙو
منصور سنڌ جي سٺن شاعرن مان هڪ آهي، پر سندس شاعري گھٽ ڇپي آهي. منصور جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا شوخ توڙي ٿڌا رنگ بيحد خوبصورتيءَ سان پکيڙيل آهن.
منصور احمد ولد انور علي ابڙو 7 ڊسمبر 1971ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي ايس سِي آنرز (سلور ميڊل) ۽ ايم ايس سِي، زولاجي ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فيڪلٽي ٽاپ ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گولڊ ميڊل ماڻيو. هُو 1997ع ۾، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ زولاجي جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هو 2006ع کان وٺي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو ۽ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات 1990ع ۾ ذاتي شوق سبب ڪئي. سندس ادبي رهنمائي نالي واري شاعر جواد جعفريءَ ڪئي. هُو سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. سندس رهائش سچل ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
سُرمئي سرمئي شام ڄڻ ساري آ،
اُڀ تي بادلن جي چترڪاري آ.
پاڻ جھڙو ڪو پاڳل نه هوندو ڪٿي،
آ بدن ميڻ ۽ سج سان يــاري آ.
ڊاڪٽر فياض لطيف
فياض لطيف سنڌ جي انهن شاعرن ۾ يقيناً شامل ڪري سگهجي ٿو جن سنڌي نظم سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي مخصوص حُسناڪ انداز سان اها گَهِرائي ماڻي آهي، جا نظم جي سڃاڻپ آهي. هن غزل به سرجيا آهن ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. فياض لطيف جا موضوعَ محبت، وڇوڙو، انتظار ۽ پرين جي يادِ آهن.
سندس ڇٺيءَ نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل 1972ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي سنڌي ادب 1994ع ۾ ڪئي ۽ 2015ع ۾ ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. هن 1997ع ۾ پبلڪ اسڪول ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 2002ع کان ليڪچرر سنڌي طور، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي پيو.
فياض لطيف 1991ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ ۾ نظم، غزل، بيت ۽ وايون لکڻ سميت ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. هُو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مترجم آهي جنهن مشهور فلسفي رجنيش اوشو جو ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ اوريانا فلاشي جو ڪتاب ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ (ترجمو)، ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ (ترجمو)، شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“ ۽ ”دل جي خانه بدوشي“ ۽ ادبي خطن جو مجموعو ”خط، خوشبو، خواب“ ڇپجي چُڪا آهن. هُو س.ا.س شاخ ڏوڪري، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، سچل ادبي مرڪز ۽ انڊس لِٽرري فورم سان لاڳاپيل آهي. کـيـس ”ڪـيـنـجهــر تـرجـمـو ايـوارڊ“، ”فـقـيـر بـخـش عـلي ابـڙو ايــوارڊ“ ۽ ”پـيــر حسام الدين راشدي ايوارڊ“ ملي چڪا آهن. هُو سن 2000ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش مينهل آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
جواني هُن تي لٿي جئين ئي،
ڪَلي ڪلي ٿي نِکار وِکريو.
ڪنول بدن جو ٻکيو ٻَــکن ۾،
چُمي چُمي ٿـــي پيـار وِکـــريو.
مهراڻ ڌامراهو
مهراڻ ڌامراهو لاڙڪاڻي جو ناميارو شاعر آهي. مهراڻ ولد قائم الدين ڌامراهو 12 سيپٽمبر 1972ع تي، ڌامراهه ڳوٺ، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سوئي سائودرن گئس ڪمپني لاڙڪاڻي ۾ ملازم آهي.
مهراڻ ڌامراهي 1992ع ڌاري شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي علي نواز ”ناز“، احمد علي ”صابر“ چانڊئي ۽ بدر ڌامراهي ڪئي آهي. هن نظم، غزل، بيت، وايون ۽ ٽيڙو لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ ڇپجي چُڪو آهي. مهراڻ جو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ ۽ سنگيت وديا سنگت سان تعلق آهي.
مهراڻ ڌامراهو سن 2000ع ڌاري لاڙڪاڻي لڏي آيو. هاڻ سندس پيپلز ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.
اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوهان لاءِ پيار بي معنى!
اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي، اوهان جي سار بي معنى!
ورهايون ٿا اسان هتڙي جفا جي موٽ ۾ ”مهراڻ“،
لکن جو پيار هو جيڪو، سو اڄ بيڪار بي معنى!
ڊاڪٽر احسان دانش
احسان دانش معروف شاعر، ڪهاڻيڪار، مقاله نگار ۽ ڪالم نويس آهي. سندس تحريرن ۾ آيل ادبي ٻولي پنهنجو مخصوص لب و لهجو رکي ٿي. هن جي شاعري سماجي رخ سميت پيار ۽ محبت جا رند طَي ڪري ٿي.
ڊاڪٽر احسان دانش جو پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هُو 15 فيبروري 1974ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، ناليواري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اَي اردو ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ڪئي ۽ 2015ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. هُو 1998ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اردو جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 2002ع کان ليڪچرار سنڌي طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
احسان دانش 1988ع کان وٺي، گهر ۾ مليل ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر ’شاد‘ ڪئي. سندس ججهي شاعري توڙي ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (2005ع)، سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (2005ع)، لاڙڪاڻي جي شخصيتن بابت مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (2007ع)، شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ (2010ع)، ۽ مُهين جي دڙي بابت سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو“ (2012ع) ڇپجي چڪا آهن.
هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم سان لاڳاپيل آهي. ان کان سواءِ هُو ”ادبِ پاڪ“ انٽرنيشنل (اردو)، ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي (اردو) ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ٻه ڀيرا ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“، ”شاهه لطيف ايوارڊ“، ”لاڙڪاڻو هسٽري شيلڊ“ ۽ ”شيخ اياز يادگار شيلڊ“ جي مڃتا سميت ڪيترائي تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
درد جِي ناءُ تي تري ويندس،
زندگيءَ ڏي وري وري ويندس.
ڇا ته تيزاب نگاهون تنهنجون!
مان ته هڪ پل ۾ ئي ڳري ويندس.
ابرار ابڙو
ابرار ابڙو نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ غزل لکندڙ شاعر طور سڃاڻجي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سمايل پيار، وڇوڙي ۽ اڪيلاين جي داخلي ڪيفيتن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو 21 مارچ 1974ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي نئين ٺاهيل تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان ڪئي آهي. هن سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به پڙهايو. 2007ع کان وٺي هُو ڳيريلي ۾ رهي پيو.
ابرار لکڻ جي شروعات ذاتي لڳاءَ سبب 1996ع ۾ ڪئي ۽ س.ا.س ڳيريلي شاخ مان رهنمائي حاصل ڪئي. هن شاعريءَ ۾ بيت، وايون، نظم ۽ غزل لکيا آهن ۽ نثر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ اڀياس پڻ لکيا آهن. سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي.
نيڻ منهنجا ۽ لاڙڪاڻو هو،
گڏ وڇوڙا ۽ لاڙڪاڻو هو.
تنهنجي احساس جي هُئي خوشبو،
ســاڻ پــاڇــا ۽ لاڙڪــاڻـــو هو.
اقبال کوکر
اقبال کوکر عام مشهوريءَ کان ڪُنڊائتو رهندڙ نوجوان شاعر آهي، جنهن ڪري ئي گهڻن پڙهندڙن لاءِ ڄڻ ته نئون نالو آهي، پر سندس شاعريءَ جي مطالعي سان پرکي سگهجي ٿو ته وٽس جذبن کي منظوم صورت ۾ بيان ڪرڻ جي خوبي موجود آهي.
اقبال علي کوکر 23 فيبروري 1976ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ۽ مشهور ڳوٺ باڊهه جي ويجهو، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ڳوٺَ مولوي فيض محمد کوکر ۾، اللھ ڏني کوکر جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
اقبال کوکر لکڻ جي شروعات پنهنجي مامي ۽ مشهور سگهڙ-شاعر لقمان کوکر سان لڳاءَ سبب 1995ع ۾ ڪئي. هن گهڻي ڀاڱي غزل، وايون ۽ بيت لکيا آهن. هُو س.ا.س شاخ باڊهه سان 1995ع کان لاڳاپيل آهي. هُو شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به رهيو آهي.
’گل‘ جي سونهن وڌائي شبنم ’ڳل‘ جي موهيڙي،
ساري جڳ جي تو جوڀن ۾، سونهن سموهي، ڙي!
جيئن ڏنو تو رخ تي پردو ايئن لڳو مون کي،
سج جــي روشن ڪرڻن کي آ روڪيو ڪوهيڙي.
شهمير سومرو
شهمير نئين ٽهيءَ جي سٺن شاعرن ۾ پنهنجي جڳهه جوڙيندو پيو وڃي. هُو مسلسل لکي رهيو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو.
شهمير علي ولد حاجي علي گل سومرو پهرين آگسٽ 1976ع تي، ڳوٺ سيد بچل شاهه، تعلقي باقراڻي ۾ پيدا ٿيو. شهمير ابتدائي تعليم بکي ديري ۽ ڏوڪريءَ ۾ پرائي. هن ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي ڪام ڪئي آهي. هو سرڪاري ملازمت بعد لاڙڪاڻي ۾ لڏي اچي ويٺو.
هن لکڻ جي شروعات 1993ع ۾ ڪئي ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي. هن س.ا.س ڏوڪريءَ جي ادبي گڏجاڻين مان رهبري حاصل ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”اکڙين جي ڀاڪر ۾“ ڇپجي چڪو آهي. هن جي رهائش لاڙڪاڻي جي مينهل آباد پاڙي ۾ آهي.
نه ڪو سنگتي نه ڪا سرتي اسان جي زندگي آهي
خريدي ڄڻ خزان ورتي اسان جي زندگي آهي
اکيون پوڙهيون ويون بڻجي ڪنوارا خواب رهجي ويا
کنـڊر بڻجي ويــل بستي اســان جــي زنـــدگي آهي
ملهار چانڊيو
ملهار نوجوان شاعر آهي. ملهار جا غزل ۽ وايون گھڻي ڀاڱي ننڍڙن وزنن تي لکيل آهن، جن ۾ ڄڻ ته ننڍا ننڍا تـز شعري جملا آهن، جيڪي پڙهندي وڻندڙ محسوس ٿين ٿا، مجموعي طور سندس شاعري تاثر ڇڏيندڙ آهي.
ملهار جو ڇٺيءَ نانءُ غلام مصطفى آهي. هُو 20 جنوري 1977ع تي، تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾، حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن سائنس ۾ گريجوئيشن (B.Sc.)، ايل ايل بِي ۽ اليڪٽريڪل ۾ ڊپلوما جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو 2002ع کان واپڊا ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري رهيو آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات 1993ع ۾، نوجوان شاعر رضا بخاريءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي ڪئي. هُن 2000ع ۾ هڪ ادبي رسالو ”نئون سفر“ پڻ جاري ڪيو، جنهن جي چيف ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. کيس ماهوار ڊائجيسٽ ”هالار“ ۽ ”سنڌ رنگ“ طرفان ”مڃتا سرٽيفيڪيٽ“ پڻ مليا آهن.
ملهار چانڊيي جو ڪٽنب سندس ننڍپڻ ۾ ئي لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن وقت سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني ۾ آهي.
گھـر اڱـــڻ تي هيڪـلـــو وڻ،
تنهنجـي اوسـيـئــڙي ۾ آ ڄـــڻ.
هاءِ جـيــون تــو پـڄـاڻــان،
جيئن هـجـــي ويـــران ڪــو رڻ.
رضوان گل
رضوان گل سنڌ جو سهڻو شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار آهي، سندس شاعريءَ ۾ شاعراڻي سادگي ۽ محبوبي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي. شاعري باوفا محبوبا جيان سندس حسين دل جي هٻڪاريل پڌر تي ناچ ڪندي رهي آهي.
رضوان گل جو پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ آهي. هُو 13 فيبروري 1977ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، ناليواري دانشور ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.ايس.سِي جاگرافيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي آهي ۽ 2001ع کان ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
رضوان گل 92-1991ع کان وٺي نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي. سندس لکيل سوين ڪالم، ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف تحقيقي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ترجما پڻ سندس سڃاڻ ۾ شامل آهن. سندس 6 ڪتاب، جن ۾ مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو ”پنج ڏينهن“ (2005ع)، سنڌ جي مختلف علمي، ادبي شخصيتن بابت ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (2011ع)، شاعريءَ جو مجموعو ”پيار جي پهرين بارش“ (2012ع)، جاگرافيءَ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين ڊڪشنري ”جاگرافيءَ جي لغت“ (2012ع)، ”تخليقي ڪهاڻين جو ڪتاب ”سپنن جو انت“، لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت سهيڙيل مضمونن جو ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخ جي روشنيءَ ۾“ ۽ لاڙڪاڻي جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ بابت ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ڇپجي چڪا آهن.
رضوان گل، نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن جو اعزازي ميمبر، س.ا.س شاخ سنڌ يونيورسٽي هاسٽل شاخ جو سيڪريٽري، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو بنيادي ميمبر ۽ هڪ ڀيرو چيئرمين آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ ۽ هن وقت چيئرمين شعبو ادب، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز جو انفارميشن سيڪريٽري، انڊس جيوگرافيڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو آهي. ان کان سواءِ هُو ”جيو مئگ“ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان پڻ لاڳاپيل آهي. کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“ (2002ع)، ساس ڊکڻ پاران ”زخمي چانڊيو ادبي ايوارڊ“ (2015)، محبت اڪيڊمي پاران ”ڊاڪٽر محبت ايوارڊ“ (2015)، لاڙڪاڻو سنڌ فنڪار ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران ”امن ايوارڊ“ ۽ سچل ادبي مرڪز توڙي س.ا.س قمبر شاخ پاران بهترين ڪهاڻيڪار جا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
سڄو ڄامشورو ويو واسجي
گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري
سڀئي ڇوڪريون مينهن جون ڄڻ ڪڻيون
تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري
جاويد شبير
جاويد شبير معروف شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ سمايل نئين لهجي کي ڀرپوريت سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. هن جي غزلن ۾ سمايل سونهن پنهنجي تغزل سبب، شاعريءَ جي نرالي دنيا جوڙيندي نظر اچي ٿي.
جاويد 15 آڪٽوبر 1977ع تي، تعلقي قنبر ۾ ميان شاهل محمد جي درگاهه لڳ، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي ۾، غلام شبير جاگيراڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد 1983ع ڌاري نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي لڏي آيو، جتي جاويد شبير ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پرائي. هن بِي.سِي.ايس پيٽرومين انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي. (پرائيويٽ) انگريزي ادب ۾ 2004ع ۾ نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد مان ڪئي. جاويد شبير سنڌي چئنل ڪي ٽِي اين تي نيوز اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ شفٽ انچارج طور ۽ اين پِي آءِ ڊبليو (NPIW) قنبر ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور نوڪري ڪئي. هاڻ 2007ع کان وٺي هُو انٽرميڊئيٽ بورڊ (BISE) لاڙڪاڻي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامر طور مقرر آهي.
هن 1995ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن غزل، هائيڪا ۽ آزاد نظم لکيا آهن، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ ۽ ڪالم لکيا آهن. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”روپ به مايا، پريت به مايا“ ۽ ”فنا سواءِ سڀ فنا“ ڇپيل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.
سوچن، سپنن ۽ يادن جا رانديڪا،
هر هڪ ماڻهوءَ وٽ هِن ڪيڏا رانديڪا!
سڀ کان پيارا جيڪي آهن ٻارن کي،
سڀ کـان پهريون سي ئي ٽٽندا رانديڪا.
نويد سنديلو
نويد جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن غزلن، نظمن ۽ آزاد نظمن سميت بيت ۽ وايون به ڀرپور سرجيون آهن.
نويد حسين ولد قربان علي سنديلو پهرين نومبر 1977ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ پيدا ٿيو. هُن فلسفي ۾ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو ٽماهي ”Excellence“ جو ايڊيٽر رهيو. هن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ ڊڪشنري ۽ ٻين تعليمي رٿائن ۾ جونئر ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي کيس بهترين ڪم ڪرڻ تي اداري پاران ”ڪارڪردگي ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. هُو نومبر 2011ع کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فلسفي جي شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر آهي.
نويد جي شاعريءَ جو مجموعو ”رابيل رُت مايا نگر“ ڇپيل آهي. جڏهن ته هڪ ڪتاب يوناني ڪلاسيڪي فلسفي تي ”Wings of Wisdom“ به ڇپيل آهي. ان کان سواءِ هُنَ پرڏيهي شاعريءَ جا ترجما به ڪيا آهن. هُو س.ا.س ڪراچي شاخ جو ميمبر رهيو آهي.
سُرهو ساجن، اَرهو جَڳُ،
مَڌُ بنا آ مُوڙهو مَڳُ.
جھڙو هيل لڳي ٿو اَوجلُ،
ايـئن نه ڄــاتو جيــون اَڳُ.
سپنا گل قاضي
سپنا گل جو شمار لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم شاعرائن ۾ ٿئي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ درد جي ڪيفيت ڀرپوريت سان سمايل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال خوبصورتيءَ سان ڪيل آهي.
سپنا گل جو پورو نالو نائلا گل قاضي آهي. هو رتيديري شهر جي مشهور علمي ۽ ادبي ’قاضي ڪُٽنب‘ ۾، 8 ڊسمبر 1977ع تي پيدا ٿي. سندس والدُ سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اديب مقصود گل آهي. هُن سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪئي آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ۾ ليڪچرار طور مقرر آهي.
سپنا گل لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مقصود گل ڪئي آهي. سپنا گل جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چُڪي آهي.
آ ته پُراڻا زخم اکيليون،
ياد ڪريون يادون البيليون.
درد دکايل دل جون واديون،
تو بن آهن اڄ به اڪيليون.
حبدار سولنگي
حبدار سولنگيءَ جو شمار سنڌ جي انهن نوجوان شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن ٿوري ئي وقت اندر هڪ سٺي ۽ مسلسل لکندڙ شاعر طور پنهنجي سڃاڻ ٺاهي ورتي آهي.
حبدار علي سولنگي پهرين مارچ 1978ع تي، اڳوڻي لاڙڪاڻي تعلقي ۽ هاڻوڪي باقراڻي تعلقي جي معروف ڳوٺ ڳيريلٖي ۾، علي بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته 2002ع کان ڳيريلي ۾ خانگي اسڪول ٽيچر طور پـڙهـايـائـيـن ۽ 2010ع کـان پـرائـري اسـڪـول اسـتـاد طــور پــڙهــائــي رهيو آهي.
حبدار لکڻ جي شروعات پنهنجي شوق سبب 1996ع ۾ شاعريءَ سان ڪئي. نثر ۾ هن مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ادبي رهنمائي نالي وارن ليکڪن رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”سانت جو آواز“ ۽ ”خواب ٿا کولن اکيون“ ڇپيل آهن. جڏهن ته مرتب ڪيل ڪتابن ۾ مدد علي سنڌي بابت ”اداس روح ازل کان“ ۽ طارق عالم بابت ”صبح جو ستارو“ ڇپيل آهن.
حبدار سولنگي س.ا.س شاخ ڳيريلو جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري آهي. سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي.
نه پُڇ مون کان ته ڪهڙا حال آهن،
اندر ۾ سَوَ خلائون، خال آهن.
رُڳي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن اندر،
هــزاريــن مـــوسمـون ، سَـوَ ســال آهـن.
ساجد سنڌي
ساجد سنڌيءَ جي شاعري پڙهندي جنهن ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو اها هن جي شاعريءَ ۾ هڪ وجود طور شدت سان سندس موجودگي آهي. اهو ان ڪري به آهي جو جذبن جي طاقت هن جي شاعريءَ ۾ ليئاڪا پائي ٿي.
سندس ڇٺيءَ نانءُ امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هُو 5- مارچ 1978ع تي، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي ڪئي آهي، ۽ آرمي ڪلارڪ جي ٽريننگ آرمي اسڪول آف ڪلڊنا ڪوهه مري مان ڪئي آهي. گذريل ڪجھه عرصي کان هُو صحافت سان لاڳاپيل آهي. هُو ماهوار ”سورٺ“ حيدرآباد جو ايڊيٽر پڻ آهي.
ساجد سنڌي 1991ع کان نثر توڙي نظم ۾ لکي رهيو آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروج صنفن ۾ لکيو آهي. نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مقالا ۽ مضمون لکيا اٿائين. سندس هڪ شعري مجموعو ”تون، مان ۽ خدا“ ڇپيل آهي. جڏهن ته صحافي جاويد جوکئي بابت ڪتاب ”هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم“ سهيڙيل آهي. هو هڪ صحافي جي حيثيت ۾ روزاني ”خبرون“، روزاني ”سوڀ“ ۽ ٻين اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هن وقت روازاني ”سنڌ سڪار“ ۾ به سب ايڊيٽر واري حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ساڳي اخبار جو هفتيوار ادبي صفحو ”ڏات“ پڻ سهيڙي رهيو آهي. ساجد سنڌي، س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي ۽ گلشن حديد ۽ حيدرآباد سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ڪيترا ئي مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. هن وقت سندس رهائش حيدرآباد ۾ آهي.
ابتدا ۽ انتها، فوٽ پاٿ تي.
ڪيترا ٿيا واعدا، فوٽ پاٿ تي.
روز ٿي تخليق وهنجي خون سان،
روز ٿين ٿا حادثا ، فوٽ پاٿ تي.
ملهار سنڌي
ملهار سنڌي جي شاعريءَ ۾ سونهن سوڀيا جا رنگ به نظر اچن ٿا ته ٻوليءَ جو سهڻو استعمال پڻ. سندس سڃاڻپ سٺي شاعر سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ ادبي ڪارڪن واري به آهي.
ملهار جو اصل نالو محمد ڇٽل ولد دودو خان بوزدار آهي. هو 1 جنوري 1978ع تي رتيديري ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ ايم.اَي ڪئي آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري ۾ سنڌي جو ليڪچرار آهي.
ملهار لکڻ جي شروعات 1992ع ۾ ڪئي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي مشهور شاعر مقصود گل ڪئي. هن نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”رانديڪو“ (ٻاراڻي شاعري)، ”ماڪ موتي ياد جا“ (شاعري)، ”ٻالڪ چنڊ ستارا“ (ٻاراڻي شاعري) ۽ ”عقيدت جا ڳوڙها“ (رتيديري جي شاعرن جي سهيڙ) شامل آهن. سندس تعلق س.ا.س. رتيديري ۽ شاهه لطيف لٽرري سوسائٽي رتيديري سان آهي. هو سال 2011-2012 لاءِ س.ا.س ضلعي لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري آهي. کيس مختلف تنظيمن پاران ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ مليل آهن. سندس رهائش رتيديري ۾ آهي.
زماني مان رت جي اچي بوءِ ٿي،
ڏسو ڪيئن ٿا انسان ماريا وڃن!
اُتي ڪيئن ٿو ’ملهار‘ ڳولين امن،
جتي روز ارمان ماريا وڃن!
ساڀيان ياسر
ساڀيان ياسر جو نالو نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرائن ۾ شامل آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جا روپ ۽ رنگ سمايل آهن، جن مان روشني ۽ خوشبو پکڙجندي نظر اچي ٿي ۽ ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن پنهنجن سپنن جون ساڀيائون شاعريءَ جي سحرانگيز دنيا ۾ ماڻي ورتيون آهن.
ادبي دنيا ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ”ساڀيان سانگيءَ“ جي نالي سان لکندڙ شاعره جو ڇٺيءَ نانءُ ساجده سانگي آهي. هوءَ سنڌ جي سهڻي شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضيءَ سان، ازدواج جي رشتي ۾ ڳنڍجڻ کان پوءِ ”ساڀيان ياسر“ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ساڀيان 2 نومبر تي، ناناڻي شهر شڪارپور ۾ پيدا ٿي. سندس اباڻو شهر نئون ديرو آهي. سندس والدُ مرحوم خدا بخش سانگي لاڙڪاڻي ضلعي جو معروف تعليمدان آهي. هن ايم اي (سنڌي) ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هن وقت هوءَ ڪراچيءَ جي هڪ سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار آهي.
ساڀيان جي ادبي رهنمائيءَ ۾ سندس مامي ۽ غلام رسول ميمڻ جو وڏو هٿ رهيو، جنهن شڪارپور مان پنهنجي جاري ڪيل اخبار ”قرباني“ جي ادبي صفحي ۾ ساڀيان جي شاعري ”مارئي سانگيءَ“ جي نالي سان ڇاپي. ساڀيان شاعريءَ جي شروعات چوٿين درجي ۾ پڙهندي 1988ع ۾ ڪئي. هُن 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ”ساڀيان“ تخلص پنهنجايو. ساڀيان جو پهريون شعري مجموعو ”اڃا ڪائنات جيئري آ“ 2007ع ۾ ڇپيو. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.
ويا موڪلائي، عذابن جا گفتا،
پرينءَ جو کنڊيريا، گلابن جا گفتا.
اوهان جي نظر کي پڙهڻ ڪونه آيا،
اسان جي نظر جي ، سرابن جا گفتا.
ياسر قاضي
ياسر قاضيءَ جون ڪيئي اهم سڃاڻپون آهن. انهن سڃاڻپن کي سهيڙبو ته هو سهڻو شاعر، ڀلوڙ مصور، مشهور ڪمپيئر ۽ براڊڪاسٽر، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن/رسالن سان لاڳاپيل صحافي، محقق ۽ مترجم آهي. هُو رتيديري جي مشهور ادبي گهراڻي ’قاضي ڪٽنب‘ سان تعلق رکي ٿو.
ياسر قاضيءَ 17 جنوري 1979ع تي رتيديري شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، سنڌ جي معروف ادبي گهراڻي ”قاضي خاندان“ ۾ جنم ورتو. سندس والد مقصود گل سنڌ جو سرموڙ شاعر آهي ۽ سندس ڏاڏو قاضي عبدالحئي ”قائل“ قادرالڪلام شاعر، استاد، صحافي، مصور ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. ياسر قاضيءَ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي ڊگري ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي.
ياسر سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽوريل صفحي جي حيثيت سان روزاني” سنڌ سجاڳ“ ۽ روزاني ”عوامي آواز“ سميت انگريزي رسالي ماهوار Indus سان وابسته رهيو. هن ٻه سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”ريسرچ آفيسر“ طور، هڪ سال وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد طور، ساڍا ٽي سال وفاقي ثقافت کاتي، حڪومت پاڪستان جي اداري پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ ”پروگرام ايگزيڪٽوِ“ ۽ ڪراچي دفتر جي سربراهه طور ذميواريون نڀايُون. ريڊيو سان سندس وابستگيءَ کي 16 ورهه ۽ ٽيليويزن سان وابستگيءَ کي 9 ورهه ٿي چُڪا آهن. کيس ”ڪي ٽي اين“ جي پهرين مرد ميزبان ۽ سنڌيءَ جي پهرين موسيقيءَ جي چئنل ”ڪشش“ ٽي ويءَ جي پهرين ميزبان هئڻ جو شرف پڻ حاصل آهي.
ياسر زيبسٽ ڪراچي سان وابسته آهي. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان به پروگرام پيش ڪندو آهي. سندس ادبي وابستگي پڻ ڪيترين ئي تنظيمن سان رهي آهي ۽ هن انيڪ ايوارڊ ماڻيا آهن.
ياسر شاعريءَ جي شروعات 1988ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استادُ مقصود گل آهي. ياسرَ تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن ٻارن لاءِ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس ٻارن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”اُٺ ماما گوگڙو“ ۽ ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ ڪتاب ”گل ڇنو گرنار جو“ پنهنجي والد مقصود گل جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس باري ۾ سهيڙي ڇپرايو اٿائين. هُو اڄ ڪلهه روزاني ”شام“ حيدرآباد ۾ حالات حاضره جي مختلف موضوعن تي روزانو چوسٽو (قطعو) پڻ لکي رهيو آهي. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.
صدين کان ٿا ٻڌون اغيار اوکا،
مگر بعضي ٿين ٿا يار اوکا.
اصل کان عشق جا اقرار اوکا،
نويلي نينهن جا اظهار اوکا.
ياسين چانڊيو
نوجوان شاعرن ۾ ياسين چانڊيو سٺن شاعرن مان هڪ آهي. ياسين جي شعرن ۾ پرينءَ جا ٽهڪ، غزل جهڙي مُرڪ توڙي مرڪن جا پوپٽ، قتل ڪندڙ نظر توڙي غضب جي نظر، زلفن سان ڍڪيل چهرو، پايل ٻڌل پير، چاندنيءَ جو بدن، ڳل تي ڪنول جهڙي چُگهه جو نشان ۽ حسن جو جلوو خوب سمايل آهي.
محمد ياسين ولد خادم حسين چانڊيو پهرين فيبروري 1980ع تي تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن (BA) تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو پرائمري تعليم جي استاد طور باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محراب سنديلي ۾ مقرر آهي. پڙهائڻ سان وابستگيءَ سبب کيس تعليم کاتي پاران بيسٽ ٽيچنگ شيلڊ ڏني وئي آهي.
ياسين چانڊيي 04-2003ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مشهور شاعر ۽ ڳيريلي ۾ ادبي ماحول جي سرواڻي ڪندڙ حبدار سولنگيءَ ڪئي آهي. هن خاص طور غزل ۽ وائيءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. سندس رهائش ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ آهي.
ٽهڪَ تنهنجا گيت جي آهن مثل،
مرڪ تنهنجي ڄڻ ته آ ڪوئي غزل.
آءٌ تو ڏي ايئن ٿو ڇِڪجي اچان،
ڄڻ هِنئين جي ڏورَ آ تو سان ٻڌل.
مصطفى انڙ
مصطفى انڙ نظم جو مشهور شاعر آهي. هن سنڌي زبان سان گڏ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ لکيو آهي. غلام مصطفى ولد دُر محمد انڙ پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ پراڻو آباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي (سنڌي) جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻ ايم فل ڪري رهيو آهي. سندس ملازمت 2002ع کان ايئر پورٽس سيڪورٽي فورس ۾ آهي. هينئر موهين جي دڙي ايئر پورٽ تي سب انسپيڪٽر طور مقرر آهي.
مصطفى انڙ 2001ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ سندس رهنمائي تاج بلوچ ڪئي آهي. هن اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سميت اسٽيج ناٽڪَ، ڪهاڻيون، خط، تاثر، تاثر لکڻ سميت ناول پڻ لکيو آهي، جڏهن ته شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس رهائش اباڻي ڳوٺ ۾ آهي.
رات ڪنهن رقص ۾ ٻڏل آهي،
تارا گهنگهرن جيان پيا مرڪن،
ٽهڪ ڏئي ڪائنات ٻهڪي پئي،
اُڀ ڄڻ ڪنهن تنبو جيان ٿو لڳي،
ماڪ جھمريون هڻي رهي آهي،
سمنڊ اٿليون ڪري ٿو ڪڏڪارون،
لهرون ڊوڙي ٻکيون ڪنارن سان.
رضا بخاري
رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل خوبصورت غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن تروينيون پڻ ڀرپور لکيون آهن. سندس شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي.
رضا بخاريءَ جو پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي. سندس 4 شعري مجموعا ”شاعري تنهنجو بدن“، ”هوا جي بانسري“ ۽ ”چاندنيءَ جو آبشار“ (ترويني صنف تي پهريون سنڌي ڪتاب) ڇپيل آهن.
کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس. سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.
ڪوئي دانهن ڪري ٿو مون ۾،
آخر ڪير مري ٿو مون ۾؟
وارَ وکيري شام لٿي پر،
سورج ڇـــو نه ٺــري ٿــو مـــون ۾!؟
خالد چانڊيو
نوجوان شاعر خالد جي شاعريءَ ۾ موضوعي ۽ فني ٻنهي قسمن جي سٺي پيشڪش موجود آهي. هن جا سرجيل غزل وڏن وزنن تي جڙيل آهن، جنهن سبب انهن ۾ اظهار اڻ چٽو نه ٿو رهي. سندس غزلن جا رديف به گھڻن لفظن تي مشتمل آهن ۽ اهي مرڪزي خيال کي پاڻ ۾ سمائن ٿا.
خالد حسين ولد ڄام خان ’زخمي‘ چانڊيو 5 جنوري 1981ع تي، ڳوٺ جواب پور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪٽنب 1996ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن ايم.اي سنڌي ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ 2009ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.
خالد چانڊيي شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ئي، 1991ع ڌارا ڪئي. سندس ادبي رهنمائي والد زخمي چانڊيي ۽ مشهور شاعر سرڪش سنڌيءَ ڪئي آهي. هن ڪجھ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. سندس ادبي تعلق س.ا.س ڊکڻ شاخ، تعلقي ڳڙهي ياسين سان آهي، جنهن جو هو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري به رهيو آهي.
خالد چانڊيي کي ريڊيو پاڪستان پاران مختلف موقعن تي بهتر ڪارڪردگيءَ جا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. سندس رهائش سچل ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
منهنجون آليون اکيون لاڙڪاڻو شهر،
خواهشون اڌ مُيون لاڙڪاڻو شهر.
ڇا ته واڪا، رڙيون، التجائون هُيون،
لوڪ کي حيرتـون ، لاڙڪـــاڻو شهر.
ياسر منگي
نوجوان شاعر ياسر منگي ولد مظفر منگي 14 جُون 1981ع تي، ڳوٺ جکرا، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي جي تعليم حاصل ڪئي آهي.
ياسر منگيءَ شاعريءَ جي شروعات 2000ع کان ڪئي. سندس ادبي رهنمائي سـؤٽن عزيز منگيءَ ۽ حفيظ منگيءَ ۽ دوستن عادل عباسيءَ ۽ اصغر سنڌيءَ ڪئي آهي. هن غزل، نظم، وائيون ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ادبي تعلق س.ا.س باڊهه شاخ سان آهي. ياسر منگيءَ جي رهائش مدينه پاڙي، ڏوڪري شهر ۾ آهي.
ياد توکي ڪري ڪري جانان!
تنهنجو ياسر ٺري ٺري جانان!
آئون سڏجڻ لڳس سچو مومن،
تو تي ڪلما ڀري ڀري جانان!
فرزانه ’بتول‘ جھتيال
فرزانه بتول نوجوان شاعره آهي. هن جي شاعريءَ جون ابتدائي وکون جاري آهن، جن کي منزل تي پهچائڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءَ جي رند تي ڪافي پنڌ ڪرڻو آهي.
فرزانه 2 فيبروري 1985ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. هن ايم.اي. (سنڌي) ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هن لڳ ڀڳ 5 سال مهراڻ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو ۽ هڪ سال انٽرنشپ پروگرام تحت گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو. هينئر گرلس پرائمري اسڪول واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ استاد آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”سارون لارون ۽ سِڪ“ (2010ع) ڇپيل آهي.
جڏهن برسات وسندي آهي
ٿڌڙي هير لڳندي آهي،
مٽيءَ واري خوشبو منهنجي،
منَ کي ڪيڏي وڻندي آهي.
مشوري اياز
مشوري اياز نوجوان شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”آئينا عڪس جا“ 2008ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس پورو نالو اياز حسين مشوري آهي. سندس والد منظور احمد مشوري پڻ مشهور اديب آهي. مشوري اياز 23 جولاءِ 1989ع تي، رحمت پور محلي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي ڪام، ايم اي (اڪانامڪس) ۽ ايم اي سنڌي جي تعليم حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته ايل ايل بي (سال ٻئي) ۽ ايم فل جو شاگرد آهي.
مشوري اياز 15 سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مشهور شاعر غلام نبي گل ڪئي آهي. هن غزل، وائي، ترويني، هائيڪو، چوسٽي، آزاد نظم ۽ نثري نظم جي صنفن ۾ لکيو آهي ۽ نثر ۾ تحقيقي مضمون لکيا آهن. سندس رهائش قاسم آباد، حيدرآباد ۾ آهي. سندس هڪ نظم ”انقلاب لڻنداسين اسان“ مان ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون:
اسان جن خوابن جي
لَهو سان آبياري ڪئي
اسان ازل کان پوکيا جي
هي نيڻن جي ڌرتي ۾
اها موسم به اچڻي آ
اهي سڀ خواب لڻنداسين
ها انقلاب لڻنداسين!
ها انقلاب لڻنداسين!
ان کان علاوه هتي لاڙڪاڻي جي اهڙن ٻين شاعرن جا نالا شامل ڪجن ٿا جن 1990ع کان پوءِ شاعريءَ جي شعبي ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي، اهڙن شاعرن ۾، مسرور پيرزادو، ادل سولنگي، امر پيرزادو، ممتاز عباسي، ناياب سرڪش سنڌي، خاور قبولائي، ساجد زخمي، پنهل، روشن گھانگرو، غوث پيرزادو، وشال، عيسى ميمڻ، شبير بروهي، ڪامل امداد جتوئي، روشن گھانگھرو، منٺار سولنگي، قلب سومرو، استاد گل دايو، ناصر قاضي، ساغر ابڙو، تصور ابڙو، سڪندر شيخ، رحمت پيرزادو، سنڌو پيرزادو، منظور منگي، اختر پيا، علي روشن شيخ، عاشق دايو، احمد آزاد، عبدالله شجاع، شيخ نديم، نويد ناز ڀٽي، مخمور رضا، عزيز بلال بروهي، امداد جوکيو، آمنه سومرو، شيخ فرازي، ميران پيرزادو، آمنه ابڙو، بدر انصاري، وفا صالح، رياض رفيع، عبدالنبي انجم، محسن جمالي، سرفراز سخي، ثناگر جمالي، محمود اياز ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن. جن شاعرن جا نالا هتي شامل نه ٿي سگھيا آهن، انهن کان اڳواٽ معذرت ڪجي ٿي.