لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جو مرتب رضوان گل آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختلف پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي ڪانفرنسن ۽ سلسليوار پروگرامن ۾ پڙهيل آهن
  • 4.5/5.0
  • 2881
  • 812
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

• مهين جي دڙي بابت مشهور ڏند ڪٿائون : عزيز منگي

هن مقالي ۾ اسان جي ڳالهه جو محور ”مُهين جي دڙي بابت مشهور ڏندن ڪٿائون“ هوندو. ان حوالي سان سڀ کان اول ڏند ڪٿا جي وصف تي ٿوري روشني وجهنداسين.
خدا جي ڳولا ۽ سندس سڃاڻ لاءِ، انسان ابتدا کان اڄ تائين ڪئين ڪشالا ڪڍيا آهن. انسان جي انهن ابتدائي ڪوششن ڏند ڪٿائن کي جنم ڏنو، جن مان ڪيتريون ئي ڪٿائون مذهب جي صورت اختيار ڪري ويون يا مختلف مذهبن جو حصو ٿي ويون.
عالمگير مذهبن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ دنيا جي تقريبن سڀني علائقن/ ملڪن ۾ ڏند ڪٿائون مذهبي حيثيت رکنديون هيون اڄ به دنيا جي وڏي آبادي ڏند ڪٿائن کي مذهبي حيثيت ڏئي ٿي ۽ ان ۾ ڄاڻايل خدائن، ديوتائن تي ايمان رکي ٿي. سزا ۽ جزا، جنت ۽ جهنم، نيڪي ۽ بديءَ جا جيڪي به تصور ڪٿائن ۾ ڄاڻايل آهن، انهن کي عقيدي جي لحاظ کان سچ سمجهيو ويو آهي.
ننڍي هوندي کان مختلف ماڻهن جي واتان ٻڌندا ٿا اچون ته اهو دڙو جنهن کي مُهين جو دڙو ٿو سڏجي، اتي هڪڙو بادشاهه رهندو هو. هن جو نالو موهن هو. هڪ وڏي راڄ ڀاڳ ۽ دٻدٻي وارو راجا هو. سندس مُلڪ تي هن جي حڪومت عام لوڪن تي ڪو سٺو تاثر جوڙي ڪا نه سگهي هئي. راجا لاءِ مشهور هو ته هو عوام جو خيال رکڻ بدران مٿن ڏاڍ ۽ ڏمر سان حڪومت ڪندو هو. ملڪ جو خزانو حڪومتي ڪاروهنوار بدران راجا جي ذاتي عياشين ۽ شاهي خرچن تي صرف ٿيندو هو، جنهن ۾ شوق شڪار ۽ ناچ گانو اهم هو. راجا وٽ سهڻيون اپسرائون ۽ دوشيزائون محل ۾ موجود هونديون هيون ۽ هر وقت ساز ۽ سُرود جي محفل جاري و ساري رهندي هئي. راجا جي نظر جنهن به سونهن ديويءَ تي پوندي هئي، تنهن کي يا ته هو پنهنجي محل جي سونهن بڻائيندو هو يا وري عياشيءَ جو سامان.
هُن پوري علائقي ۾ پڙهو ڏياري ڇڏيو هو ته، جنهن به ڇوڪريءَ جي وهانءَ جو ڪاڄ ٿيندو اُها سهاڳ رات سندس حرم خاني ۾ اچي رهندي ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي وَر سان گهر ويندي. اهو لقاءُ گهڻي وقت کان جاري هيو. نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو راجا جي ڀيڻ جي ڌيءُ جي جي شاديءَ جو ڪاڄ رچايو ويو جڏهن وهانءَ جون سڀ رسمون پوريون ٿيون تڏهن سڀني کي هِن ڳالهه جو انتظار هو ته، ڇا راجا پنهنجي ڪيل اعلان موجب ڀاڻج سان سهاڳ رات ملهائيندو؟ يا وري ڀيڻ جي ڌيءُ لاءِ پنهنجي اصولن جي برخلافي ڪندو!
راجا پنهنجي اصولن جي برخلافيءَ بجاءِ ماڻهو موڪلي نئين ڪنوار کي محل ۾ گهرايو. اهڙو انياءُ ڏسي ڪنوار توڙي سندس ماءُ وڏي آهه و زاري ۽ گِريو ڪيو پر راجا هڪ به نه ٻُڌي ۽ پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو، پر خدا اهڙي ڪرڻيءَ جي حق ۾ نه هو اُن جي خدائيءَ کي جوش آيو ۽ سندس ڏمر نازل ٿيو، جو سموري بادشاهي اونڌي ٿي تباهه ۽ برباد ٿي وئي ۽ زمين ۾ غرق ٿي وئي.
اِها ڏند ڪٿا گهڻو عام ڪئي وئي آهي جو هر ٻيو ماڻهو ان جو ذڪر ڪندي ضرور ملندو ۽ ٻين تائين اهڙو قصو پهچائڻ کي فرض سمجهندو آهي.
هِن سموري ڏند ڪٿا تي کوڙ سوال اڀرن ٿا جن کي پوءِ ذڪر هيٺ آڻيون ٿا ۽ انهن جا جواب پڻ ڏيون ٿا. پر ان کان اول ساڳي ڳالهه ۽ ڪجهه ٻيون به ڳالهيون حوالي طور هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان جن ۾ ان ڏند ڪٿا جو ذڪر اچي ٿو.
منظور ڪوهياربرجستو اديب، ادب شناس ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي پهرين ڪهاڻي ڪتاب ”سج لهڻ کان پوءِ به...“ جي ٽائيٽل ڪهاڻي صفحي نمبر 39 کان شروع ٿئي ٿي. ان جو مرڪزي ڪردار سچيڏنو آهي جيڪو جهونڙو سائيٽ اٽينڊنٽ آهي. هُو مُهين جو دڙو گهمڻ ايندڙ مختلف مڪتبئه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جا رَويا ۽ ذهني حالت ان ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪري ٿو.
سچيڏني جي ڏاڏي ننڍي هوندي کيس جيڪو قصو ٻڌايو هو سو هن طرح بيان ٿو ڪري:
”وڏڙا ٻڌائيندا هيا ته اتي مهين جو شهر هيو.“ ”ابا جيڏو هيو شهر سهڻو، تهڙا هيا ماڻهو منهن مهانڊي وارا، مٿان وري هيو راجا ڪوڏيو ۽ بختاور ...... مهين جي هاڪ هئي..... ريسن کان ماڻهو مهين کي ڏسڻ ايندا هيا .... سڌون پيا ڪندا هيا ته شهر ۾ رهجي .... شهر ۾ رهڻ لاءِ منٿ ميڙ ٿيندي هئي..... جي مُکين جي پارت تي، راءِ راضي ٿيس ته پوءِ ڀلو ٿيو رهڻ واري جو ...... راڄ وارا کڻي جيءَ ۾ جايون ڏيندس .... ڦوڙيون ڪري پيا گهر ٺهرائيندس، ڌنڌي جو ڌڻي ڪندس...... ڏسندي ڏسندي اهو به مهين جو ٿي ويندو هيو ۽ مونهون ان جو .......“
پوءِ ڏاڏي؟
”ٻچڙا، ڪو ته ڪلور ٿيو هوندو، جو سکيو ستابو مونهون اُجڙي ويو ۽ مهين وارن الائي ڪاڏي بر مُنهن ڪيو.“
”متان ائين ٿيو هجي، انهيءَ وقت ۾ به ڏاڍن ڏاڍ ڪيو هجي ۽ زورآورن زور آوريون؛“ هن اڄوڪي حالتن سان ڀيٽ ڪندي ڄڻ اندازو هنيون.
منظور ڪوهيار هتي هڪڙي شيءَ لاجواب انداز ۾ ڏئي شروع ۾ بيان ڪيل ڏند ڪٿا کي رد ڪري ٿو، جنهن ۾ راجا کي ظالم ۽ سندس حڪومت کي رعايا لاءِ عذاب ڪوٺيو ويو آهي. منظور ڪوهيار پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ان دور کي بهترين دور بيان ڪيو آهي. البته راجا يا بادشاهه جي هئڻ نه هئڻ تي اڳتي هلي بحث ڪريون ٿا.
ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ پرائمري استاد پنهنجي شاگردن کي گهمائيندي هيئن ٿو چوي:
”اڙي شورئو!..... هي ٿوَ موهن جو دڙو! هتي اڻ آريا رهندا هئا! ڪچو گوشت کائيندا هيا... ٻڌوَ!؟“
وري هڪ گول مٽول ڀيٽ وڏو پوليس وارو پنهنجي محبوبا کي هن ريت حوال ٿو ٻڌائي:
گول مٽول مرد ڏاڪڻ چڙهندي هڪ وڏو ساهه کڻندي چيو ”اُف!“ ۽ پوءِ نوجوانڙي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
”اڙي اهو ٿي راجا موهن داس جو بنگلو!“
اُن اسٽوپا جي چوڌاري حجرن وارين ڪوٺين جي آثارن ڏانهن اشارو ڪندي پچيس،
”اهي ؟؟“
”اهي ـ اِتي راجا جو سپاهه رهندو هو.“
”اڙي اهو ته ٻڌاءِ ته هن بنگلي جي ڪچي ڀت تي بيهي راجا ڇا ڪندو هو؟“
”راجا ڇا ڪندا آهن؟!“
”مان کي ڪهڙي خبر ته ڇا ڪندا آهن.“
”اڙي ــ ديدار بازي ٻيو ڇا؟“ مرد اک هڻندي چيس.
”هون!“
”اُونئي، جوڻس ته وري ٻيڻي شوقين هئي.“
”نه، نه!“ نوجوانڙي کان شوق ۽ جستجو مان رڙ نڪري وئي.
”جوڻهس وري اهڙي سُرنگهه ٺهرائي هئي؛ جتان يار سان وڃي ملندي هئي......“
”ائي، ڪاٿي آ سُرنگهه ڏيکار؟“
”چڱو هِن ڀت تي چڙهي، اولهائين پاسي ڏي ڏس.“
ڪجهه عالم سڳورا دڙو گهمڻ پهچڻ ٿا. منظور ڪوهيار هنن جي ڳالهه هن طرح ٿو پيش ڪري:
عمر رسيده عالم سڳوري گوڏن جي سور جي دانهن ڪندي چيو ته، ”ابول! گوڏا ئي وٺجي ويا هن، ڪافر ڪيڏو نه مٿي رهندا هيا.“
”اڙي عبرت حاصل ڪيو، عبرت! هن منڪرن شهر مان.......“
”ڪتابن ۾ آيو ته، بادشاهه ڏاڍو ظالم، زاني، شرابي ۽ رب جو وڏو نافرمان هيو.... چوندو هيو مان رب آهيان!“
”هي سچو سمجهه ته شيطاني چرخو هو، مولانا محمد صادق!..... رَنا ڇيڪ ڇُڙيون وتنديون هيون...... گهر گهر ۾ ڇير پئي ڇمڪندي هئي، اڳيان رن ته پٺيان مرد .... محبت موڪلائي وئي.... مرد کي مرد کان نفرت ٿي وئي ........ پوءِ ته خدا جي رحمت کي اهڙو جوش آيو جو ملائڪ سڳورا موڪلي اهڙو قهر نازل ڪيائين، جوهي سڄو ڪفرستان، قبرستان ٿي ويو.“
ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ موالين جو ٽولو دڙو گهمڻ پهچي ٿو. اهي ڪهڙا ٿا حوال ڪَٽين، اها ڪردار نگاري منظور ڪوهيار پاران ڪمال انداز ۾ چِٽيل آهي:
نانگي فقير سِڱ کي وڄايو ته اتي بيٺل فقيرن کيس دل سان داد ڏنو،“ صدقا ڙي، صدقا نانگا!“
”ابا، هاڻي هيءَ ٿوَ راجا مهين جي ننگري، وڏي فقير، ڪاري ڏنڊي سان اشارو ڪندي سڀني فقيرن کي ٻڌايو.
”وڏا فقير هن کي ڪنهن اونڌو ڪيو هو؟“ هڪ فقير آثارن کي پنهنجي پر ۾ اونڌو سمجهندي سوال ڪيو.
”پنهنجي مرشد، ٻيو ڪنهن!“
”ڪيئن؟“
”اهو هيئن ته راجا هيو، آڙيڪاپ، جڏهن به شهر جي ڪا ڇوري جوان ٿيندي هئي ته ان کي اصلي هتي، جتي اسان بيٺا آهيون، گهرڙي گهوٽي ڦوڳ ڪري ڇڏيندو هيو.“
”پوءِ ڇا ٿيو جو، هڪڙي هئي پنهنجي مرشد سائينءَ جي مريدياڻي، ٺاهوڪي ڄڻ يمني عقيق....“
”اها مولائڻ........ وڏا فقير، مرشد سائينءَ جي مريدياڻي ڪيئن ٿي؟“
”اهو وڏو قصو آ، محبوب سائين!.... پوءِ جڏهن ان مولائڻ جو وارو آيو ته مولائڻ مرشد کي پاند جهلي سڏ ڪيو...... پنهنجو مرشد جلالي جلال ۾ اچي، هينئن جو ڏنڊو کڻي ڦيرايو ته سڄو ملڪ ئي اونڌو!“
وڏي فقير جو ڏنڊو اسٽوپا جي پڳ جي ڏاکڻي پاسي اٽڪاءَ تي بيٺل سِر کي ٺڪاءُ ٿي ويو.
”پوءِ ڇا ٿيو مولائڻ جو؟“ هڪڙو فقير، جنهن غور سان قصو پئي ٻُڌو، تنهن وڏي فقير کان ڳڻتيءَ منجهان پڇيو.
”شينهن فقير، مرشد رڳو ان مولائڻ کي سرنگهه ٺاهي، جيئدان ڏنو، باقي ٻيا منڪر اصلي ڪٽو ٿي ويا.“
”ڪيو قادر، مرشد هو- هوت!.......“
منظور ڪوهيار ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ لڳ ڀڳ ان ڏند ڪٿا کي مختلف ماڻهن ڪردارن جي واتان بيان ڪيو آهي. ڪجهه ڳوٺاڻن ۽ ڪاٽڪو انداز جي نوجوانن جو ذڪر هن ريت ٿو ڪري:
مساڳ لڳل، ڪاري قميص ريشمي گوڏ پهريل نوجوان جنهن جي عمر ويهن پنجويهن جي وچ ۾ هئي، تنهن اسٽوپا جي چوٽيءَ تي چڙهندي هڪ وٽيل سٽيل قديلي جوان کي ٻڌايو، ”ادا، هي ٿئي مونهون!“
”ڀلا، هي جنهن تي بيٺاهون، اهو ڇاهي جانو؟“ قديلي جوان پڇيو.
”هي باشاهي ڪوٺو آ،“ جانوءَ جواب ڏنس.
”بادشاهه ڇا ڪندو هو، ڪوٺي تي؟“
”شام جو باشاهه ڪوٺي تي بيهي تاڙ ڪندو هو.“
”ڇا جي؟“
”ٻُڌوَ ڇا جي؟......“ جانوءَ ٻين ڏانهن منهن ڪندي، سندس اڻ واقفيءَ تي چٿر ڪندي ٻڌايس.
”اڙي تاڙو هو رنن جو، پيو ڇا!......“
”ها ائين چئه نه ....... هاڻي ڳوٽ ڀڳي.“
ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ هڪ بيورو ڪريٽ ۾ سندس ڪٽنب جو ذڪر آهي، جيڪي به زماني گرديءَ جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ مُهين جي دڙي تي فقط تفريح لاءِ ۽ وقت گذارڻ لاءِ اچن ٿا ۽ سندن اولاد پڻ عام ماڻهن واري سوچ رکي ٿي. ڏسو ڪهاڻيءَ ۾:
سائيٽ اٽينڊنٽ سچيڏني آخري ڀيرو نوجوان ڇوڪريءَ کي اسٽو پاجي پڳ تي بيهندي ڏٺو ۽ ٻُڌو هو:
”پاپا، هتان جا ڀائي بيوقوف هيا نه؟......... جو بنا ڇتين وارين جاين ۾ رهندا هيا.“
سندس انهيءَ معصوم ۽ وڻندڙ اڻڄاڻائپ تي صاحب ۽ بيگم صاحبه کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويا هئا.
اِهو هيو ڪِن پڙهيل لکيل ۽ زباني ٻڌل ڏند ڪٿائن جو ذڪر. هاڻي انهن جي ڪجهه ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين.
ڏند ڪٿائون، بنيادي طور انسان تاريخ جو اهم ترين حصو آهن، جن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ هر باشعور انسان لاءِ بيحد ضروري آهي. هي ڪٿائون انسان جي شعوري تمدني تهذيبي ۽ مذهبي سفر جو ڀرپور داستان بيان ٿيون.
يورپ ۾ مينا، فونيشن، ائٽراسڪن، يوناني، رومي، فرينچ، اسپيني ۽ انگريز شهنشاهتون، فوجي حڪمرانن، فوجي ڪارواين ذريعي قائم ڪيون. جن جا بنياد ظلم و جبر، قتل و غارت، ڦرلٽ، تباهي ۽ برباديءَ تي رکيل هئا. اهڙي طرح فوجي حڪمرانن پنهنجا گناهه لڪائڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي مستقل رکڻ لاءِ مذهب ۽ ڏند ڪٿائن کان ڀرپور فائدو ورتوو. ظلم، زوري زبردستيءَ سان وڏيون وڏيون مملڪتون، شهنشاهتون قائم ڪندڙن لاءِ ضروري هو ته عوام کي پنهنجو غلام ۽ تابع رکڻ لاءِ مسلسل خوف، دهشت، رعب ۽ دٻدٻي کان ڪم وٺندا رهن.
دنيا ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو ظهور هڪ انتهائي اهم ۽ عجب ۾ وجهندڙ انڪشاف هو. جنهن کان پوءِ ننڍي کنڊ جي سموري تاريخ چٽيءَ طرح پنج هزار سالن کان به اڳ جي ڳالهه بڻجي وئي.
اڳي وارا ماڻهو حقيقت ۾ اسان جي سهولت لاءِ لکت ۾ ڪو خاص مواد باقائدي نه ڇڏي ويا آهن. سواءِ مُهرن (Seals) يا ٿانون وغيره تي اُڪريل اکرن جي، پر ان هوندي به انهن غير ارادي طور تي پنهنجي زندگيءَ بابت جيڪي نشان ڇڏيا آهن، اهي اسان جي مقصد لاءِ ڪافي آهن، جن مان اسان کي سندن زندگي ڪار وهنوار، کاڌي پيتي، ريتن رسمن، وڻج واپار هنر ۽ فن عمارت سازي ۽ سماجي حالتن بابت ٺيڪ نتيجا اخذ ڪرڻ يا انهن جو اندازو لڳائڻ ۾ گهڻي دِقت محسوس نٿي ٿئي.
آرڪيالاجيءَ جي ڳرن اصطلاحن ۾ پٿرن، سِرن ۽ ٻين رديءَ جي شين بابت مٿاڇري راءِ ڏيڻ يا ڳالهائڻ ڪا تفريح جي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي وري ان ۾ لفاظي، شاعري، تمهيد بازي ۽ مبالغا آرائيءَ کي ڪو عمل دخل آهي، هي سڌو سنئون ماضيءَ جو اڀياس آهي، جنهن ۾ حقيقتون گڏ ڪرڻ ۽ انهن جو سچو هجڻ وارو امڪان لازمي آهي.
سڀ کان پهرين مٿين ڏند ڪٿائن کي رد ڏيڻ لاءِ هي دليل ڪافي آهي ته مُهين جي آثارن جي کوٽائيءَ مان ڪنهن به بادشاهت يا شهنشاهت جو نشان نه مليو آهي.
البته مها پوڄاري ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل (ناچڻي) جا مجسما مليا آهن، سي به هڪ اڌ نه ڪِي گهڻي تعداد ۾. جي بادشاهي راڄ هجي ها ته جيڪو راجا ٻيو سڀ ڪجهه ڪري سگهيو پئي اهو پنهنجا مجسما گهر گهر نه رکرائي ها، ان حساب سان گهٽ ۾ گهٽ سندس سوين مجسما ته ملڻ ئي گهرجن ها.
مُهين جي دڙي مان مليل شين ۽ آثارن مان چڱي طرح اندازو ٿئي ٿو ته اتي ڪو بادشاهي يا حڪمرانيءَ وارو مخصوص نظام نه پر اوائلي اشتراڪي ۽ جمهوري نظام رائج هو جنهن تحت چڱو مڙس يا مُکي هوندو جيڪو اتي اڳواڻ هوندو.
ٻيو دليل اِهو ته، سڀني ڏند ڪٿائن ۾ راجا کي هندو ۽ ڪافر ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هتي هندو مذهب نه پَر ٻُڌ ڌرم جي اسٽوپا جا آثار موجود آهن، جيڪي به مُهين جي اصل قدامت سان تعلق نٿا رکن.
گوتم ٻڌ کي اندازن 2600 کن سالن ٿيا آهن جو هو ساڍا ڇهه سؤ قبل مسيح سان تعلق رکي ٿو. هندو مذهب جي ابتدا ۽ نشانيون ويدن مان ملن ٿيون جيڪي اندازن 1200 قبل مسيح ۾ لکيا ويا، انهن کي هاڻي تقريباَ 3500 / 3400 سال ٿين ٿا، پر مُهين جو دڙو 5000 کان 8000 سال پراڻو آهي ته پوءِ اتان جو مذهب هندو ڪيئن ٿيو ۽ پوءِ راجا هندو ڪيئن هو؟
مُهين جي دڙي مان ڪنهن خاص هڪڙي شيءِ جي پوڄا جا نشان نه مليا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته انهن جو ڪو مخصوص مذهب نه ٿو ٿي سگهي. البته کين ماديت پرست ڪوٺي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اُهي مادي شين ۽ مادي وجودن جي پوڄا ڪندا هئا. نانگ موت مار جِيوُ هيو ته ان جي پوڄا ڪيائون، وڻ کين ڇانَو ڏيندا هئا، ڪاٺيون مهيا ڪندا هُئا، طوفان کان مينهن کان، دشمن جانورن کان بچاءُ مهيا ڪندا هئا ته وڻن جي پوڄا ڪيائون. اهڙي طرح باهه يا اگني پوڄا، جَل پوڄا (پاڻيءَ جي) وغيره ڪندا هئا. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته زندگيءَ کي آسان بنائيندڙ يا زندگيءَ جي وهنوار سان وابسته شين جي پوڄا ڪندا هئا. اِهي شيون ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن حد تائين ٻين مذهبن ۾ به پوڄيون ويون آهن. پر ان جو مطلب هي ناهي ته مُهين جي ماڻهن جو مذهب هندو ڌرم يا ٻُڌمت هو.
ڪافي سال اڳ مون مشهور آرڪيالوجسٽ ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ جو آڊيو انٽرويو اُتاريو ۽ سنڌي ترجموڪ ڪيو هو. ان ۾ هن ٻڌايو هوته، مهين تي وڏي صوبي کان آيل هڪ ڪيوريٽر سياحن کي چوندو هو ته هي ڪافرن جو دڙو آهي، ان کي گهمڻ ڏسڻ گناهه آهي، هُو ٻچن جي روزيءَ واسطي هتان نوڪري ڪري پگهار کڻي رهيو آهي. هِن انٽرويوءَ ۾ هن ڳالهه جو اقرار ڪيو ته، جيڪي آفيسر يا قديم آثارن جا ماهر پنجاب يا سرحد مان هتي ايندا رهيا آهن انهن مُهين کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو آهي. جنهن پٺيان مذهبي تنگ نظري ۽ ثقافتي مفاد ڪار فرما هوندا هئا.
رڳو ٻين صوبن تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي. هتي ته پنهنجن به پوئتي رهڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي آهي. مان ڪجهه سال اول دوستن سان گڏجي دڙو گهمي پوءِ وڏي اتساهه مان هڪ ٻروچ ذات جي ڪيوريٽر سان ملڻ لاءِ شبستان هوٽل جي اوڀارين طرف قائم سندس آفيس ويس. کانئس وڌيڪ معلومات وٺڻ لاءِ سوال ڪيو ته هُن، جواب ڏنو، ”بابا توهان اجايو رُلي مُئا آهيو، هي به ڪا گهمڻ جي جاءِ آهي. خدا چڱو ڪيو جو هن شهر کي برباد ڪيائين ۽ ڪافرن کي پنهنجي انجام تي پهچايائين. منهنجو وس پُڄي ته هنن دڙن کي به برباد ڪري ڇڏيان.“ عجب جي ڳالهه هيءَ به هئي ته اُهو ڪيوريٽر ڏوڪريءَ جي ڀرسان جو رهاڪو هو ۽ سالن کان اُتان پهگار کڻندو رهيو. مطلب ته ڪافرن جي شهر ۽ ماڳ مڪان تان پهگار کڻڻ حلال سمجهندو هو پر سندن نشانين ۽ آثارن کي اسلام لاءِ خطرو سمجهندو هو.
ان حقيقت کان منهن نٿو موڙي سگهجي ته مقامي ماڻهن پاران اهڙي قسم جي سوچ ڌارڻ يا راءِ ڏيڻ يا غلط بياني ڪرڻ جو جواز انتظامي قدمن جي اڻ هوند ڪري پيدا ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ اسان جي ماڻهن کي هر سطح تي اڻ ڄاڻ ۽ اٻوجهه رکيو ويو آهي. سندن ذهنن ۾ هٿرادو قصا ۽ ڪهاڻيون گهڙي، آثارن بابت نفرت ڦهلائڻ جهڙا عمل ڪيا وڃن ٿا. قديم آثارن وارو کاتو ۽ ثقافت کاتو ٻاهرين ملڪن جي سياحن ۽ سنڌ کان ٻاهران ايندڙ ماڻهن لاءِ معلوماتي ۽ سندن دلچسپيءَ ۽ رهنمائي ۾ اضافو ڪندڙ مددگار مواد (Literature) شايع ڪرائي کين مهيا ڪن ٿا پر مقامي لوڪن کي سنڌو ماٿريءَ جي هن عظيم اهڃاڻ سان گڏ ٻين اهڙن ماڳن بابت بنيادي ڄاڻ ڏيڻ ته پري پر اُلٽو کين مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي وهمن، وسوسن ۽ اَبهامن ۾ جڪڙي ذهني طور مفلوج ڪرڻ جو سامان مهيا ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جو نتيجو، سڀني آثارن جي مڪمل برباديءَ جي صورت ۾ ظاهر آهي.

حوالا

1. يوناني ڏند ڪٿائون“_ يوسف شاهين. 1989ع
سنگم پبليڪيشن ڪراچي (صحفو 5-6).
2. ”سج لهڻ کان پوءِ به“ منظور ڪوهيار 1995ع.
نئون نياپو پبلشرس ڪراچي. (صحفو 40).
3. ساڳيو (صحفو 41).
4. ساڳيو (صفحو 43,44).
5. ساڳيو (صفحو 45,46).
6. ساڳيو (صفحو 50,51).
7. ساڳيو (صفحو 51,52).
8. ساڳيو (صفحو 55).
9. يوناني ڏند ڪٿائون (صفحو 11).
10. ساڳيو (صفحو 10).