ڪتاب جو نالو: اوجاڳي جا خواب!
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 09 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 501 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 109 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. خالد بروهي لکي ٿو:
”Writing is a form of a prayer“ يعني لکڻ هڪڙي عبادت آهي، ڊاڪٽر رسول ميمڻ انھن فِڪشن رائٽرس مان آهي جيڪي ان عبادت ۾ ڏينهن رات مصروف هوندا آهن. هو جنهن موضوع تي چاهي لکي سگهي ٿو. هن جي لکڻ جو الڳ اسٽائيل آهي ۽ مجموعي طور تي حقيقت پسنديءَ جو قائل نظر اچي ٿو پر سندس سطح عام ماڻهوءَ کان بُلند آهي، جنهن ڪري سؤلو سمجهه ۾ نہ ايندو آهي. هن جي هر تخليق سگهاري ۽ زندگيءَ جي انيڪ وارتائن سان ٽُٻٽار هوندي آهي. هن جي ڪھاڻين جا موضوع گهڻي ڀاڱي سائنسي ۽ نفسياتي آهن. جن کي دُنيا جي بھترين ڪھاڻين سان ڀيٽي سگهجي ٿو. مان تہ ائين بہ چوندس تہ هُو انتھائي اُونھو مفڪر آهي، جنهن ڪائنات جي اسرارن ۽ زندگيءَ جي ڳنڀير مسئلن تي روانيءَ سان لکيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو. سندس لکڻ جو انداز تمام پيارو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پڙهندڙ ساڻس ڪچھري ويٺو پيو ڪري.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • در محمد جا دستانا
  • هڪ دال ٻه چپاتيون
  • ناياب
  • ڪوريءَ مٿان ڪپهه حرام
  • ٽئين اک
  • واش روم
  • ٻه ڪڻيون
  • پويان ڏينهن
  • اوجاڳي جا خواب !
  • مڇر

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : اوجاڳي جا خواب!
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    0307-3157667
    سال : 2019ع
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com



    Ojagay Ja Khowab

    Writen by : Rasool Memon
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Year : 2019
    Published by: Digital Publishing House
    Tando Allahyar


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اوجاڳي جا خواب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. خالد بروهي لکي ٿو:
    ”Writing is a form of a prayer“ يعني لکڻ هڪڙي عبادت آهي، ڊاڪٽر رسول ميمڻ انھن فِڪشن رائٽرس مان آهي جيڪي ان عبادت ۾ ڏينهن رات مصروف هوندا آهن. هو جنهن موضوع تي چاهي لکي سگهي ٿو. هن جي لکڻ جو الڳ اسٽائيل آهي ۽ مجموعي طور تي حقيقت پسنديءَ جو قائل نظر اچي ٿو پر سندس سطح عام ماڻهوءَ کان بُلند آهي، جنهن ڪري سؤلو سمجهه ۾ نہ ايندو آهي. هن جي هر تخليق سگهاري ۽ زندگيءَ جي انيڪ وارتائن سان ٽُٻٽار هوندي آهي. هن جي ڪھاڻين جا موضوع گهڻي ڀاڱي سائنسي ۽ نفسياتي آهن. جن کي دُنيا جي بھترين ڪھاڻين سان ڀيٽي سگهجي ٿو. مان تہ ائين بہ چوندس تہ هُو انتھائي اُونھو مفڪر آهي، جنهن ڪائنات جي اسرارن ۽ زندگيءَ جي ڳنڀير مسئلن تي روانيءَ سان لکيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو. سندس لکڻ جو انداز تمام پيارو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پڙهندڙ ساڻس ڪچھري ويٺو پيو ڪري.“
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي ھر ھنڌ پھچايون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    محترم دوست
    شاهد حنائيءَ جي نانءُ
    جنهن مون کي اردو ۾ ترجمو ڪيو.
    هُو سنڌي ۽ اردو ادب ۾ رابطي جو ڪم ڪري سنڌ ڌرتيءَ لاءِ
    امن جي راهه هموار ڪري ٿو.


    در محمد جا دستانا

    جيئن روهڙي تنهنجا،
    سوا لک پيرَ.
    سامهون بيٺل سنڌوءَ ڪناري،
    ڪيسوڦل ۽ نيرَ.
    واڻيا وڪڻن واٽ تي،
    پڪوڙا ۽ پيڙا.
    راڄ گهاٽ تي بيٺل ڀرسان،
    هنداڻن جا ٻيڙا،
    سنگ مرمر جو ساڌو ٻيلو،
    مٿان اڏرن مور.
    بکر تنهنجي قلعي ۾،
    چانڊوڪي ۽ چور.

    جن ڏينهن ڪچي مان ٻيڙا هنداڻن سان ڀرجي بکر اڳيان لنگهي راڄ گهاٽ وٽ بيهندا هيا تن ڏينهن بکر جي قلعي کي اهڙا ته مضبوط دروازا هوندا هيا جيئن پهلوان لنگ ورائي ڀتين جي وچ تي بيٺل هجن. درياهه گجگوڙ ڪندو دروازن اڳيان وهندو هيو ۽ ان جون ڇوليون سمنڊ جيان ٻاهرين ڀت سان ٽڪرائبيون هيون. ڪچي جي چيڪي مٽي سدائين آلي هوندي هئي. پري پري تائين پٽ تي هنداڻا جنگ جي ميدان ۾ ڪٺل شهيدن جي منڍين جيان وکريل هوندا هيا. جڏهن بسنت ۾ پهريون بوندون پٽ تي پونديون هيون ته ڪيسوڦل جا ٻوٽا هر هنڌ هوا ۾ هڳاءُ ڪندا هيا. نير جا ٻوٽا نکري نروار ٿيندا هيا، هڪ طرف ڪيسوڦل جون ٻاريون سوين ايڪڙن تي ڦهليل هونديون هيون ته ٻئي طرف نير جا ٻوٽا نظر جي اڻ کٽ حد تائين وکريل هوندا هيا.
    بکر جي مضبوط قلعي اندر پنج هزار گهر هيا، جيڪي انهن ڪڙمين جا هيا جيڪي ڪچي جي علائقي ۾ ڪيسوڦل ۽ نير پوکي پنهنجو گذر سفر ڪندا هيا. قلعي جي ڏاکڻي در وٽ بيٺل غورابن تي مزودر نير ۽ ڪيسوڦل کانسواءِ ميندي، آئوٻير، منڊيري، ڇمڪڻيون، پنير ۽ ڪرن ڦلن سان ڀريل سڻيءَ جون ٻوريون پيا چاڙهيندا هيا. ڏيسارو مان ججهو ناڻو سنڌ ۾ ايندو هيو. ميرن جو دور هيو ڪڙمي خاصو پئسو آبياني طور حڪومت کي ڏيندا هيا، پوءِ به انهن جو وقت سکيو گذرندو هيو.
    ولي محمد جيڪو زندگيءَ جا سٺ سانوڻ ان زمين تي گذاري چڪو هيو، ان جا هڏا اڃا هيڻا نه ٿيا هيا. هن جي ڏاڙهيءَ جا اڇا وار ڪلراٺي ڌرتيءَ جهڙا هوندا هيا. هن جو بدن جهوني بڙ جيان سگهارو هيو. هو پنهنجين ٻانهن ۾ ساڳي طاقت محسوس ڪندو هيو جيئن ڪنهن جوان جي جسم ۾ هوندي آهي. هو پنهنجي وقت جو ملهه هيو. هن جوانيءَ ۾ ڪيترا ميدان ماريا هيا ۽ هاڻي به هو پاڻ کي صحتمند سمجهي رهيو هيو. بکر جي دارا چوڪ وٽ هن جو گهر هيو جيڪو اروڙي سنهين سرن جو ٺهيل هيو. هن جي پوڙهي زال هئي ۽ نوجوان پٽ هيو جنهن جو نالو در محمد هيو.
    ولي محمد جو اڪثر وقت بستر تي گذرندو هيو. هو هڪ ٿڪيل هاري هيو جنهن پنهنجي عمر جو گهڻو حصو محنت ڪندي گذاريو هيو، پٽ جي جوان ٿيڻ کان پوءِ هو ٻنين ٻارن مان هٿ ڪڍي آرام ۽ سڪون سان گذارڻ لڳو.
    پيءُ جي پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ در محمد اسر جي آذانن کان اڳ اٿندو هيو ۽ هن جو سڄو ڏينهن ٻنين تي ڪم ڪندي گذرندو هيو. سياري ۾ سخت پارا پوندا هيا. ڪوهيڙي ۾ ستين جي آستان جا ڪتبا ائين ڏسبا هيا جيئن اڇين ڏاڙهين وارا بزرگ ڪلهن تي ناسي ٽوال رکي بيٺل هجن. پاڻي يخ ٿڌو هوندو هيو ۽ ماڻهن جون کاڏيون پيون ڏڪنديون هيون.
    سخت سيءَ ۾ در محمد کي ٻنين جي سار سنڀال لاءِ سوير گهران نڪرڻو پوندو هيو. سيءَ کان بچاءَ لاءِ پوڙهي ماءُ هن کي رڍ جي اڇن وارن مان اوني دستانا ٺاهي ڏنا. هو صبح جو جڏهن به گهران نڪرندو هيو ته هن جا ڪن ٽوپ سان ڍڪيل هوندا هيا ۽ اوني دستانا هٿن تي چڙهيل هوندا هيا. در محمد جي ڪچي ۾ ويهه ايڪڙ زمين هئي جنهن ۾ ڪيسوڦل پوکيل هيا، جڏهن فصل پچي راس ٿيندو هيو ته اس تي ڳوڻيون وڇائي ڪيسوڦلن کي خشڪ ڪيو ويندو هيو. در محمد پنهنجا دستانا لاهي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيندو هيو ۽ پوءِ هو پنهنجن هٿن سان ڪيسوڦل جي خشڪ گلن کي ڪپڙي جي ٿيلهين ۾ ڀري سبندو ويندو هيو. هن جا هٿ ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ ۾ واسيل هوندا هيا. ان ڪري هن جا دستانا پوري بکر ۾ مشهور هيا. دستانن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪندي هرڪو ائين چوندو هيو ته اهي در محمد جا دستانا آهن. هو هڪ دفعي وڻ ۾ دستانا اٽڪائي ڪم ۾ مصروف هيو ته ڪو پکي پنهنجن چنبن ۾ اهي دستانا کڻي ڀڙڪو ڏئي وٺي اڏاميو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهي دستانا کرڙيءَ جي هڪ آرتيءَ کي هٿ آيا جيڪو ڪپڙي مان ٺهيل ٿيلهين جو واپار ڪندو هيو. ان جڏهن دستانا هٿن ۾ کنيا ته هن کي انهن مان ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ آئي. هو سمجهي ويو ته اهي دستانا بکر جي در محمد جا آهن. هو هڪ ڏينهن بکر پهتو.
    “مونکي تنهنجا دستانا هٿ آيا آهن.” هن در محمد سان ملاقات کانپوءِ ٻڌايو. “مون جڏهن اهي دستانا پنهنجن هٿن ۾ پاتا ته منهنجا هٿ ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ سان واسجي ويا، مان سمجهي ويس ته اهي در محمد جا دستانا آهن.”
    وقت سدائين ساڳيو نه ٿو رهي، دٻي جي ويڙهه ۾ ميرن کي انگريزن هٿان شڪست آئي، انگريز مست اٺ وانگر واريءَ تي چپ لڙڪائيندا ڊڪندا پئي آيا، ڪا ويرم ئي نه لڳي ته اتر جا سڀ سردار اچي انهن جي قدمن ۾ ڪريا، پنهنجيون وفاداريون آڇيائون، لشڪرن جون واڳون انهن حوالي ڪيائون ۽ وڏا خرچ باسيائون، انگريز سرڪار خوش ٿي ڪيترا پرڳڻا انهن حوالي ڪيا. ڪچي جو پورو پرڳڻو رمضان موتيار جي حصي ۾ آيو. جنهن انگريزن سان واعدو ڪيو ته هو انهن جو وفادار ٿي رهندو. وقت پوڻ تي هڪ هزار فوجي انهن جي لشڪر ۾ شامل ڪندو ۽ پرڳڻي جي آمدنيءَ مان خراج جمع ڪرائيندو رهندو. رمضان موتيار پرڳڻي جي مالڪيءَ کان پوءِ ڪچي ۾ ٿيندڙ هر فصل تي آبياري ۾ سئوڻو اضافو ڪري ڇڏيو. ڪڙمين جي چيلهه ڀڄي پئي ۽ اهي آبياني کان معزوري واري ويٺا.
    در محمد لاءِ اهو دردناڪ دور هيو، ايڏو وڏو آبيانو ڏيڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. سکيا ڏينهن موڪلائي ويا ۽ بک جي باهه ٻرڻ لڳي، در محمد ڪجهه ڪڙمي ڪٺا ڪري رمضان موتيار خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪائي، انهن آبيانو ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
    رمضان موتيار ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري گهوڙي تي چڙهي بندوق ڪلهي ۾ پائي اچي در محمد مٿان بيٺو، ڪافي ماڻهو ڪٺا ٿي ويا. ڪجهه چڱن مڙسن ۽ ملن مولوين وچ ۾ اچي ڳالهه ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “اڙي ابا در محمد تون ئي کڻي ماٺ ڪر.” هڪ چڱي مڙس چيو.
    ڪاوڙ کان در محمد جون اوني دستانن واريون مٺيون ڀيڪوڙجي ويون.
    “اسان آبياني ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو آهي، پر بار ايترو رکيو ويڃي جيترو برداشت ڪري سگهون.” هن ڪاوڙ کي ضبط ڪندي چيو.
    ڪافي ڪڙمين در محمد جي ها ۾ ها ملائي پر ڳالهه نه ٺهي، رمضان موتيار جي سپاهين جون تلوارون مياڻن مان ٻاهر نڪري آيون.
    “اڄ کان پوءِ هي زمينون توهان جي نه پر انگريز سرڪار جي ملڪيت آهن، پنهنجن اختيارن جو استعمال ڪندي توهان کي زمينن تان دستبردار ڪريان ٿو. اڄ کان پوءِ توهان مان ڪو به هت نظر آيو ته اهو سزا جو مستحق هوندو.” هن چيو ۽ پوءِ هو سپاهين سان گهوڙا ڊوڙائيندو هليو ويو.
    در محمد زمين تان دستبردار نه پئي ٿيڻ چاهيو، هو رمضان موتيار جي ڌمڪيءَ کان پوءِ به زمينن تي ڪم ڪندو رهيو.
    ان ڏينهن صبح جو هلڪو مينهن وسيو هيو، رستا آلا هيا ۽ پاڻيءَ جون بوندون وڻن جي شاخن مان ڳوڙهن جيان پئي ٽميون، در محمد گهران نڪري ٿورو اڳتي وڌيو ته چئن ماڻهن هن تي خنجرن سان حملو ڪيو. هن ڪيترا وار گسايا ۽ مڙس ٿي وڙهيو، پر پريان بيٺل رمضان موتيار ڊگهي نليءَ واري بندوق کولي سوئر جي چرٻيءَ ۾ ويڙهيل ڪارتوس وات سان ڇلي وجهي فائر ڪيو. گولي سڌي وڃي در محمد جي سيني ۾ لڳي، در محمد پاسيرو ٿي ڪري پيو. گولي هلڻ جو آواز ٻڌي ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. پوڙهو ولي محمد به ڊڪندو آيو، پٽ کي اونڌي منهن هيٺ ڪريل ڏسي هن جي دل دهلجي وئي، ڏڪندڙ هٿن سان هن کي سڌو ڪري ڏٺائين، هو مري چڪو هيو، ولي محمد پٽ جي لاش کي سيني سان لائي رڙيون ڪري روئندو رهيو.
    پٽ جي موت کانپوءِ ولي محمد انصاف جو در کڙڪايو، هن جي ڪنهن نه ٻڌي، سڀني در محمد کي ڏوهي قرار ڏنو، ولي محمد پٽ جي وڇوڙي جو ڏک دل ۾ سانڍي هڪ ڪمري ۾ قيد ٿي ويو، هن پٽ جا اوني دستانا سامهون ڀت ۾ لڳ ڪليءَ ۾ لڙڪائي ڇڏيا، هو ڪارا ڪپڙا پائي، هيٺ پاٿاريءَ تي ليٽي انهن دستانا کي پيو ڏسندو هيو، ڀرسان ٻئي ڪمري ۾ پوڙهي ماءُ پٽ جي وڇوڙي کان پوءِ ڄڻ موت جي وڌيڪ ويجهو ٿي وئي. ان جون اکيون ڦاٽل هونديون هيون ۽ اها ڇت کي پئي گهوريندي هئي. هارين پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا، اهي زمينن تان بي دخل ٿي گهرن ۾ ويهي رهيا. بکر جي قلعي جي آبادي گهٽجي وئي، ڪيئي گهراڻا لڏي ويا، ڪيسوڦل ۽ نير جا فصل ختم ٿي ويا. اتي وري ڪنهن ڪجهه پوکڻ جي جرئت نه ڪئي. سنڌوءَ جا ڪنارا ٺوٺ ٿي ويا. جتي رنگن ۽ گلن جي خوشبوءِ هوندي هئي اتي واري اڏامڻ لڳي.
    ڪيسوڦل نه رهيا پر پاٿاريءَ تي پيل پوڙهي ولي محمد جي سامهون ٽنگيل اوني دستانن ۾ ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ رهجي وئي. پٽ جي وڇوڙي کان پوءِ ان ڪراڙي پيءُ ماءُ جا آخري ڏينهن چڙي ويل ململ جي جوڙي جهڙا هيا. پوڙهو ولي محمد صبح جي آذان سان اٿي وضو ڪري نماز پڙهي پاٿاريءَ وٽ ٽيڪ ڏئي سامهون لڙڪندڙ دستانن کي پيو ڏسندو هيو. هن کي پٽ سان بي حد پيار هيو. اهو هن جي حياتيءَ جو وڏو سهارو هيو. ان جي وڇوڙي هن کي ماري وڌو هيو. پٽ جون ڳالهيون ياد ڪري هو اکين تي هٿ رکي پيو سڏڪندو هيو. ان جي فرمانبردارين کي ياد ڪري هو پاڻ کي سخت تڪليف ۾ محسوس ڪندو هيو.
    اها سرءُ جي رات هئي، پوڙهو ولي محمد پاٿاريءَ تي ڪَرَ بدلائي رهيو هيو، هن کي سخت بخار هيو، سور کان هن جا لڱ پئي ڀڳا، هن ۾ اٿڻ جي سڪت نه هئي، ٻئي ڪمري ۾ پوڙهي نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ اکيون ڦاڙي ڇت کي ڏسي رهي هئي. ولي محمد جسم جي سور کان چنگهيو پئي، بخار کان هن جو دماغ مائوف ٿي چڪو هيو. ان رات هن خواب پئي ڏٺو، سامهون ڀت ۾ ٽنگيل هن جي پٽ جا دستانا ڪنهن ڪوريئڙي جي ڊگهين ڄنگهين جيان آڱرين سان ڀت تي هلندا هيٺ لهي فرش تي گهمندا هن جي ڀرسان آيا هجن. پوءِ ٻئي دستانا هن جي جسم کي زور ڏيڻ لڳا. اهي ڪڏهن هن جي ڄنگهن کي دٻائڻ لڳا ته ڪڏهن ٻانهن کي، پوءِ دستانا هن جي مٿي کي زور ڏيڻ لڳا. ولي محمد وڏو سڪون ۽ اطمينان محسوس ڪيو. هن کي لڳو هن جو پٽ جيئرو ٿي هن وٽ پهتو هجي. ان احساس کان ته هن جو پٽ هن وٽ موجود آهي هو مرڪڻ لڳو.
    “منهنجا ٻچا” هن ڳوڙهن کي وڏي ضبط سان روڪيندي چيو “توسان وڏو ظلم ٿيو، توکي بي ڏوهي ماريو ويو... مڙس ٿجانءِ ۽ ان ظلم جو بدلو ضرور وٺجانءِ.”
    هو خواب ۾ ڪيتري دير دستانن سان ڳالهائيندو رهيو، جڏهن صبح جو جاڳيو ته هن پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو. هن جو بخار ختم ٿي چڪو هيو، هن سامهون ڀت تي ڏٺو ڪليءَ ۾ اوني دستانا ائين ٽنگيل هيا جيئن ڏهه آڱريون چمڪندڙ ڏندن سان هن ڏي ڏسي کلنديون هجن.
    ڪيسوڦلن جي خوشبوءِ کان هن جي اکين مان ٻه ڳوڙها ڇڻي پٽ تي پيا.
    هڪ رات جڏهن رمضان موتيار حويليءَ اندر گهڙي ننڊ ۾ هيو، هن محسوس ڪيو ڪو هن جي نڙيءَ تي هٿ رکي زور سان دٻائيندو هجي. هن جو ساهه منجهڻ لڳو. خوف کان هن جي اک کلي وئي، هن ڏٺو اهي ٻه دستانا هيا جيڪي هن جي نڙيءَ کي چنبڙيل هيا، انهن ۾ ايڏي طاقت هئي جو انهن جي دٻاءَ کان هن جو ساهه ذري گهٽ بند ٿيڻ وارو هيو. هن پنهنجن هٿن سان دستانن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر دستانا شينهن جي چنبن جيان هن جي نڙيءَ ۾ وچڙيل هيا. هن وٺي رڙيون ڪيون، ٻاهران سپاهي ڀڄندا آندر آيا. انهن ڏٺو ته ٻه دستانا جيڪي انهن جي اتي پهچڻ کان پوءِ هڪ دريءَ مان ٻاهر نڪري پري اوندهه ۾ گم ٿي ويا. رمضان موتيار نيم بي هوش بستر تي ليٽيل هيو. ٿوري دير کان پوءِ هو جڏهن هوش ۾ آيو ته خوف کان هن جون اکيون ڦاٽل هيون. هن ڪاوڙ ۾ سپاهين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “توهان پنهنجو فرض سٺي نموني نه نڀائي رهيا آهيو.” هن چيو. “مان توهان کي حڪم ٿو ڪيان ته اهو ڪير به هيو، ان کي گرفتار ڪري منهنجي سامهون پيش ڪريو.”
    سپاهي هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيا.
    “سائين اهو ڪو غيبي پاڇو هيو.” انهن مان هڪ سپاهيءَ چيو. “اسان ته جاڳي حويليءَ چوڌاري پهرو پئي ڏنو، خبر نه آهي اهو حويليءَ ۾ ڪيئن داخل ٿيو.”
    حيرت ۽ خوف مان سڀ سوچ ۾ پئجي ويا.
    “مونکي خبر آهي” انهن مان هڪ پوڙهي سپاهي چيو. “اهي در محمد جا دستانا هيا.”
    ان ڏينهن کان پوءِ بکر جي گهٽين ۾ حراس ڇائنجي ويو، هر ڪنهن جي چپن تي در محمد جي دستانن جي ڳالهه هوندي هئي، شهر ۾ افواهن جي بازار گرم هئي.
    ڪو چوڻ لڳو “مون دستانن کي درياهه ڪناري ڌرتيءَ تي هلندي ڏٺو.”
    ڪنهن چيو “چانڊوڪي رات ۾ دستانا قلعي جي ٻاهرين ڀت تي ڪنهن کي اشارن سان سڏي رهيا هيا.”
    سرمد چوڪ جي جامع مسجد ۾ جمعي جي خطبي ۾ مولويءَ پڻ انهن جو ذڪر ڪيو.
    “اهي دستانا اسان جي اعمالن جو عذاب آهن.” هن چيو “خدا در محمد تي رحم ڪري ۽ هن کي ڇوٽڪارو عطا فرمائي.”
    ڪنهن نماز کان پوءِ ٻاهر ماڻهن جي ميڙ ۾ چيو “اهي شهيد جا دستانا آهن ۽ شهيد ڪڏهن نه مرندا آهن.”
    پنهنجي گهر جي پاٿاريءَ تي ليٽيل ولي محمد کي ماڻهن واتان سڀ خبرون پهچنديون هيون، هو آلين اکين سان سامهون ڀت تي لڳل ان ڪليءَ کي پيو ڏسندو هيو جنهن ۾ ڪنهن وقت دستانا لڙڪندا هيا، هاڻي اها خالي هئي، اتي دستانا ٽنگيل نه هيا.
    ان رات هوا بند هئي، وڻ هڪ هنڌ ڄمي پٿر جا ٿي ويا هيا. رمضان موتيار پنهنجن ڪجهه سپاهين سان ستين جي آستان تي ابوالقاسم نمڪين جي قبر ڀرسان چهل قدمي ڪري رهيو هيو. اوندهه ايڏي ته گهري هئي جو سڄو اڀ چمڪندڙ ستارن سان سٿيو پيو هيو. ڪا خبر نه پئي ته ڪنهن ڪتبي پويان ٻه دستانا ظاهر ٿيا ۽ اهي تيزيءَ سان وڌندا اچي رمضان موتيار جي جسم سان ٽڪرايا. رمضان موتيار پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ مٿان ستين جي آستان کان اونڌو ٿي هيٺ اچي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪريو. دستانا ائين گم ٿي ويا جيئن هيا ئي ڪونه. هيٺ پاڻيءَ ۾ رمضان موتيار ٻانهون هڻي ڦتڪيو پئي. هو ڪڏهن هيٺ گهري پاڻيءَ ۾ هليو پئي ويو ته ڪڏهن مٿي ظاهر پئي ٿيو. سپاهي ڊڪندا هيٺ لٿا ۽ ڪناري سان بيٺل ٻيڙيءَ تي چڙهي هن وٽ پهچي گهلي ٻاهر ڪڍيائون، رمضان موتيار اونڌو ٿي ٻيڙيءَ ۾ ڪريو، پاڻي هن جي ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويو هيو. جڏهن کنگهي سامت ۾ آيو ته خوف ۽ ڪاوڙ کان هن جو جسم ڏڪي رهيو هيو.
    ٻئي ڏينهن رمضان موتيار قلعي ۾ اهو پڙهو ڏياريو ته جيڪو به اهي دستانا هٿ ڪري هن کي پيش ڪندو، ان کي زرخيز زمين جا پنجاهه ايڪڙ انعام ۾ ڏيندو. پر ڪنهن کي اها همت نه ٿي ته اهو دستانا حاصل ڪري حويليءَ ۾ پيش ڪري، ائين پئي لڳو ڄڻ قلعي جا سڀ رهاڪو بند دروازن جي وٿين مان رڳو ٻاهر ٿيندڙ تماشو ڏسي رهيا هيا.
    هڪ ڏينهن انگريز فوج جو جٿو سکر جي گرم گوديءَ واري علائقي ۾ پهتل هيو. علائقي ۾ امن ۽ امان جي حوالي سان گڏجاڻي هئي، رمضان موتيار ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري اوڏانهن روانو ٿيو. جڏهن گڏجاڻي ختم ٿي ته اوندهه ٿيڻ واري هئي. واپسيءَ ۾ هو سپاهين سان گهوڙن تي ڌوڙ اڏائيندو پئي آيو. هو جڏهن چن جي پهاڙن هيٺان کجين جي باغ ۾ پهتو ته اوچتو هڪ ڊگهي کجي ٽڙڪاٽ ڪندي اچي هن جي رستي ۾ ڪري، ڀڄندڙ گهوڙي جون اڳيون ڄنگهون کجيءَ جي ٿڙ ۾ اٽڪيون ۽ اهو ڪلٽي کائي اونڌو ٿي ڪريو. رمضان موتيار گهوڙي هيٺان اچي ويو ۽ هن جي چيلهه ڀڄي پئي. پويان سپاهين جا گهوڙا بيهجي ويا ۽ اهي وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳا. ڪا خبر نه پئي ته ٻه دستانا اوندهه ۾ پٽ تي پيل زخمي رمضان موتيار جي ڪلهن ۾ پيا ۽ باز جيان کنڀي کجين جي باغ ۾ گم ٿي ويا. سپاهي کجين جي باغ ۾ رمضان موتيار کي ڳولهيندا رهيا. پر اهو انهن کي ڪٿي نظر نه آيو. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ سپاهيءَ جي نظر مٿي کجيءَ جي وڻ تي پئي. ان ڏٺو اتي رمضان موتيار جو لاش رسي ۾ لڙڪي رهيو هيو. هڪ ڄڻو مٿي چڙهيو ۽ ان لاش هيٺ لاهي ان جي ڳچيءَ مان رسو ڇڏايو. رمضان موتيار مري چڪو هيو. وات مان وهندڙ رت ڪري هن جي ڏاڙهي خون ۾ ڄمي چڪي هئي. سپاهين هن جو لاش گهوڙي تي رکيو ۽ قلعي ڏانهن روانا ٿيا. بکر جي قلعي ۾ اها ڳالهه جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي وئي ته رمضان موتيار قتل ٿي چڪو آهي. در محمد جي دستانن ان جو انت آڻي ڇڏيو.
    پوڙهو ولي محمد خوشيءَ مان مرڪندو زال جي ڪمري ۾ آيو ۽ هن کي مبارڪ ڏنائين.
    “تنهنجي پٽ قاتل کان بدلو وٺي ڇڏيو.” هن زال ڀرسان ويهندي چيو “رمضان موتيار قتل ٿي ويو، حويليءَ ۾ هن جو لاش پيو آهي.”
    خبر ٻڌڻ سان ڄڻ پوڙهيءَ جي مرجهايل منهن ۾ رونق موٽي آئي، هوءَ همت ڪري اٿي ويٺي ۽ وڏي تجسس مان مڙس جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    “رمضان موتيار پنهنجي انجام کي پهچي چڪو آهي.” ولي محمد وري ڳالهائيندي چيو. “ظالم کي پنهنجي ظلم جي سزا ملي وئي.”
    خوشي ۽ ڏک جي مليل احساس کان هن جي زال جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. پوڙهي ولي محمد پنهنجا هٿ وڌائي جڏهن جي ڳوڙهن اگهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوڙهيءَ جو ڇرڪ نڪري ويو. ولي محمد جي هٿن ۾ ڪيسوڦل جي خوشبوءِ هئي. خوشبوءِ محسوس ڪري هوءَ ڪنهن سوچ ۾ پئجي وئي. پوءِ هن جذبات ۾ اچي ولي محمد جا ٻئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺي چمڻ شروع ڪيا. هوءَ روئندي رهي پر هن جي ڀڪ ۾ ويٺل ولي محمد جون اکيون چمڪي رهيون هيون.

    o



    (هن خيالي خاڪي جي ماحولياتي پس منظر جو ڪجهه حصو جيمز ميڪ مرڊو جي ڪتاب ”آن اڪائونٽ آف سنڌ“ تان ورتل آهي.)


    هڪ دال ٻه چپاتيون

    ڏند آهن،
    ڀڳڙا ناهن،
    ڀڳڙا آهن،
    ڏند ناهن.

    ڪچي گهٽيءَ جي ڪنڊ تي ڀڳڙن جي دوڪان تي بيٺل حاڪم علي لڳاتار ڪم ڪندي ٻپهريءَ تائين واندو نه ٿيو. ماڻهن جي رش کٽڻ جو نانءُ ئي نه پئي ورتو ڄڻ سڄي شهر ڀڳڙا کائڻ شروع ڪيا هجن. رنگ برنگي اڇا ڪارا پيلا ۽ ڳاڙهسرا ڀڳڙا جن جون ٻوريون هڪ ٻئي کي سوڙهه ڪيون دوڪان ۾ بيٺل هيون. بوهري ڪمال الدين مورڪس جا ڀڳڙا مشهور هيا. دوڪان پويان هڪ ننڍڙي جاءِ ۾ باهه جي بٺي هئي جتي هڪ ڀوڳڙي سِينڊس پَٽِ کان گهرايل خاص واريءَ ۾ چڻا وجهي باهه جي بٺيءَ ڀڃندو هيو. ڀڳڙن جي خوشبوءِ کان آس پاس جو علائقو واسجي ويندو هيو. تازا ڀڳڙا وٺڻ لاءِ ماڻهن جو هجوم ڪڏهن نه کٽندو هيو. مورڪس جي دوڪان تي بيٺل هن جي ملازم حاڪم عليءَ جا هٿ ڄڻ پنهنجو پاڻ حرڪت ڪندا هيا. هو تارازيءَ ۾ ڀڳڙا توري ڪاغذ جي لفافي ۾ وجهندو هيو ۽ پوءِ پئسا وٺي ڪاٺ جي پيٽيءَ ۾ اڇليندو هيو. منجهند تائين ڪم ڪندي هن جا پگهر نڪري ايندا هيا ۽ بک محسوس ٿيندي هئي، هو ڪم ڪندي ڀڳڙن جا ٻه چار ڪڻا وات ۾ وجهي رهڙي ويندو هيو. تاڪ منجهند جو جڏهن ڪارو پٺاڻ هر دوڪان تي وڃي مانيءَ جو آرڊر وٺندو هيو ته مورڪس حاڪم عليءَ کي پنجن روپين جو نوٽ ڏيندو هيو. حاڪم علي پنجن روپين جي نوٽ کي ائين ڏسندو هيو جيئن اهو اڻڀي مانيءَ جو سڪل ٽڪر هجي جيڪو ڄڻ بکايل ڪتي ڏانهن اڇلايو ويو هجي.
    ڪارو پٺاڻ مانيءَ جو آرڊر وٺڻ لاءِ جڏهن هن وٽ پهتو ته هن نفرت مان مورڪس جي ڏنل پنجن روپين جي نوٽ کي ڏٺو ۽ چيو “هڪ دال ٻه چپاتيون.”
    ڪاري پٺاڻ کي حاڪم عليءَ جي حيثيت جي خبر هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته ان ملازم جي ڪيتري گنجائش آهي. هن جي هٿ ۾ جهليل نوٽ مان ڪيترو کاڌو هن جي حصي ۾ اچي سگهي ٿو. گهڙي گذري ته دال ۽ ٻه اڻڀيون چپاتيون ساڻ ڪري هو حاڪم عليءَ اڳيان رکي هليو ويو. حاڪم عليءَ اڻڀي مانيءَ سان دال جو گرهه وات ۾ وجهي چٻاڙيو ته اهو ڄڻ هن جي نڙيءَ ۾ وڃي چڪ هڻي بيهي رهيو. هن ٿڪيل هٿن سان پاڻيءَ جو گلاس کڻي منهن تي چاڙهيو ۽ پورو گلاس پي ويو. ماني چٻاڙيندي حاڪم عليءَ سوچيو، هيءَ ڪهڙي زندگي آهي؟ ڇا اهائي زندگي آهي ته ماڻهو دال ۽ ٻه اڻڀيون مانيون کائي دنيا مان هليو وڃي؟ ڇا ماڻهوءَ جو مقدر اهو ئي آهي ته هو محنت ڪري ۽ بدلي ۾ روز ساڳيو اڻڀو ٽڪر حاصل ڪري؟ هو سوچيندو ويو ۽ مانيءَ جا گرهه دال مان ٻوڙي چٻاڙيندو پاڻيءَ جي ڍڪ سان نڙيءَ مان لاهيندو ويو. سندس دل چاهيو ته هو به بوهري سيٺ مورڪس جيان پئسي وارو هجي ها. هن جو به ڪچيءَ گهٽي ۾ دوڪان هجي ها. سندس ڀرسان پيل ڪاٺ جي پيٽي نوٽن سان ڀريل هجي ها ۽ پوءِ هو روز دال ۽ ٻن چپاتين بدران گيهه ۾ ڀڳل گوشت ۽ روگني نان کائي ها. هن جي ڀرسان بريانيءَ سان ڀريل پليٽ رکيل هجي ها ۽ ٽه رنگو زردو چمچي سان وات ۾ وجهي مزي سان چٻاڙي ها. هن کي جڏهن اڄ لڳي ها ته هو صندل جي شربت جون چسڪيون وٺي آرام سان پئي ها. هن جي زندگي ڪيڏي نه پرمسرت ۽ ذائقي دار هجي ها. هو سوچيندو ۽ اڻڀا گرهه چٻاڙيندو ويو.
    هن اهڙي بي ذائقي ۽ اڻڀي زندگيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو ته هو ايمانداري ڇڏي هر اهو ناجائز ڪم ڪندو جنهن سان هن جا ڏينهن بدلجي سگهن. هن جي غربت دور ٿي سگهي ۽ هن جي هٿ ۾ ايترو پئسو اچي جو هو سڻڀو ٽڪر کائي موج ماڻي سگهي.
    عيد اچڻ واري هئي ۽ ڪچي گهٽيءَ جا دوڪان گراهڪن سان ڀريا پيا هيا. ڊرائي فروٽ جا دوڪان، گرم مصالحي جا دوڪان، روغني تيل ۽ اناج جا دوڪان. هر طرف ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. پئسي جي مٽا سٽا ۾ هر ڪنهن جي کيسي مان ڳاڙها نيرا نوٽ نڪتا پئي ۽ سامان سان سٿيل ٿيلهين ماڻهن جي هٿن کي ڄڻ هيٺ پئي ڇڪيو، ان ڏينهن حاڪم عليءَ جا هٿ به تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيا هيا. نوٽ هن جي هٿن مان ٿيندا بوهري مورڪس جي اڳيان رکيل ڪاٺ جي پيٽيءَ ۾ پئي ڪريا. مورڪس رش گهڻي هجڻ ڪري هر هر دوڪان پويان بٺيءَ تي وڃي ڀوڳڙيءَ جي ڪم جو جائزو پئي ورتو. حاڪم عليءَ مورڪس جي اک کان بچائي گراهڪ کان ڳاڙهو نوٽ وٺي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ اهو هن جي روز جو معملو بڻجي ويو. گراهڪن کان پئسا وٺندي هو انهن کي ڪاٺ جي پيٽيءَ ۾ اڇلائيندي هڪ ٻه نوٽ پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيندو هيو ۽ ائين حاڪم عليءَ وٽ ڪافي نوٽ ڪٺا ٿي ويا. پر هن مورڪس جي سامهون پاڻ کي هميشه غريب ۽ قرضي ظاهر ڪيو. ٻه پهريءَ جو ڪارو پٺاڻ جڏهن آرڊر وٺڻ هن سامهون ايندو هيو ته هو ساڳي ريت هن کي چوندو هيو “هڪ دال ٻه چپاتيون.”
    هو مورڪس سامهون دال کائي اهو ثابت ڪندو هيو ته هو ساڳيو حڪم جو بندو حاڪم علي آهي. مورڪس هن کي ڪڏهن ڇڻڀيندي چوندو هيو “جلد کائي وٺ... گراهڪ گهڻا گڏ ٿي ويا آهن، خيال ڪر جيئن واپس نه وڃن.”
    هو جلدي ڦڪي دال ۽ اڻڀي مانيءَ جا گرهه چٻاڙيندي ڪپڙن سان هٿ اگهي وري اچي ڀڳڙن جي ٻورين مٿان بيهندو هيو. آخر اهڙو وقت به اچي ويو جو حاڪم عليءَ وٽ ايترا پئسا گڏ ٿي ويا جو هن ڪچي گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ هڪ پارسيءَ کان پڳڙيءَ تي مصالحي جو دوڪان ورتو ۽ پوءِ هو مورڪس جو دوڪان ڇڏي پنهنجي دوڪان تي وڃي ويٺو.
    هو روز صبح جو جڏهن ڪمال الدين مورڪس جي دوڪان اڳيان لنگهيندو هيو ته نِوڙي ان کي سلام ڪندو هيو ۽ مورڪس هن کي جواب ڏيڻ بجاءِ ٽوپي لاهي وار کنهي ڪنهن سوچ ۾ ٻڏي ويندو هيو.
    ڪچي گهٽيءَ جو ملازم حاڪم علي هاڻي هڪ دوڪان جو مالڪ هيو. گرم مصالحي جو دوڪان جنهن ۾ پيٺل ۽ ڪٽيل ڳاڙهن مرچن کان وٺي ڌاڻن هيڊ ۽ ٻين انيڪ مصالحن جا ننڍا ٻاچڪا دوڪان ٻاهر فٽ پاٿ تي رکيل هوندا هيا. اندر هڪ تارازيءَ وٽ حاڪم علي اسٽول تي ويٺل هوندو هيو. بازار ۾ ڏيٺ ويٺ ڪري ماڻهو هن کي سڄاڻي سودو وٺڻ ايندا هيا. حاڪم عليءَ سوچي ڇڏيو هيو ته هو دال ۽ اڻڀي ماني جيڪا هن جو مقدر هئي ان مان ڪنهن به قيمت تي جان ڇڏائيندو. هن کي خبر هئي ته زندگيءَ جا سڀ ذائقا پئسي ۾ آهن. پئسو جيڪو نمڪين آهي، چرهو آهي ۽ سڻڀو آهي، جڏهن هن وٽ وڌيڪ پئسا ڪٺا ٿيا ته هن پويان سنهي گهٽيءَ ۾ هڪ جاءِ ڪرايي تي ورتي ۽ ان ۾ مصالحي پيهڻ جي مشين هنئين. هن ڪچي گهٽيءَ ۾ رهي ڪمائيءَ جا سڀ گُر حاصل ڪري ورتا هيا. هن کي خبر هئي ته امير ٿيڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جو هجڻ ضروري آهي. هن کي رحيم گجراتيءَ جي ڳالهه ياد آهي جنهن سان هو ڊينسو هال جي ڀر ۾ بيٺل بڙ جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪچهري ڪندو هيو. ان هڪ ڏينهن پان چٻاڙيندي چيو هيو
    “ايمانداريءَ مان ماڻهو ڪڏهن امير نه ٿيندو آهي، دنيا ۾ هيراڦيريءَ کان سواءِ پئسو ڪٺو ڪرڻ ائين آهي جيئن ڏاند کي ڏهڻ.”
    هو سيٺ رحيم گجراتيءَ جون ڳالهيون دلچسپيءَ سان ٻڌندو هيو. هن محسوس ڪيو هاڻي وقت اچي ويو آهي جو رحيم گجراتيءَ جي ڳالهين کي سچو ثابت ڪجي. هڪ ڏينهن هو ٺٽي روانو ٿيو ۽ اعليٰ درجي جون نج ڳاڙهيون سرون خريد ڪري ٽرڪ ڀرائي اچي گودام تي بيٺو. هن سرون گودام ۾ لهرائي وري حاجي ڪيمپ جو رُخ ڪيو. اتي هلندڙ آرا مشين تي هر طرف ڪاٺ جي ٻوري جي خوشبوءِ ڦهليل هئي. هن ٻوري جون ڳوڻيون ڀرائي اچي ان ساڳي گودام ۾ اڇلايون. پوءِ جڏهن مصالحي پيهڻ جي مشين جو ڦيٿو ڦرندو هيو ته ڳاڙهن مرچن سان گڏ ٺٽي جون سرون به پيسجي ان مان ٻاهر نڪرنديون هيون. هن ڪاٺ جي ٻوري جون ٻوريون کولي ڌاڻن ۾ ملائي ڇڏيون. هن سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون. هن جانورن جي لڏ ڪٺي ڪري اها مصالحي ۾ ملائي ۽ هن سڄي شهر مان پپيتي جا ٻج حاصل ڪري ڪارن مرچن ۾ ملايا.
    هو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪچي گهٽيءَ جو سرمائيدار بڻجي ويو، هو هاڻي جڏهن صبح جو ڪچي گهٽيءَ مان ڪاري واسڪوٽي پائي لنگهيندو هيو ته سڀ هن کي سلام ڪندا هيا. رحيم گجراتي هن سان هٿ ملائي ڪڏهن کيسي مان ڳٽڪي وارو پان ڪڍي هن کي ڏيندو هيو ۽ جڏهن هو مورڪس جي دوڪان اڳيان لنگهيندو هيو ته مورڪس مرڪي هن جي سلام جو جواب ڏيندو هيو.
    “سيٺ حاڪم عليءَ جي بادشاهيءَ جو خير.” بازار جو لنگڙو فقير دٻي ۾ سڪا کڙڪائيءَ چوندو هيو ۽ هو کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ روپئي جو نوٽ هن جي دٻي ۾ وجهي وڏي فخر سان اڳتي وڌي ويندو هيو.
    پئسي جي ڊوڙ ۾ حاڪم عليءَ ڪڏهن سڪون جو ساهه نه کنيو، هو صبح جو سوير مصالحي پيهڻ جي مشين وٽ ويهي پنهنجي نگرانيءَ ۾ سڀ ڪم ڪرائيندو هيو، پوءِ هو دوڪان تي ايندو هيو ۽ پئسي جي ڏيتي ليتيءَ مان سج لهڻ کانپوءِ به هن کي فرصت نه ملندي هئي. ڪاروبار گهڻو ڦهلجڻ سبب هن جي راتين جي ننڊ اڏامي وئي. پئسي جي اچ وڃ هن جي بي چينيءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. بئنڪ ۾ هن جا ايترا پئسا گڏ ٿي ويا جو هن هڪ جاءِ خريد ڪري سپاريءَ جي پيڪنگ جو ڪارخانو هنيو. هن هندستاني ڳٽڪي جي مقابلي ۾ اهڙو ڳٽڪو تيار ڪيو جيڪو شهر ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿي ويو. ڪاروبار جي وسعت ڪري هن کي گاڏيءَ جي ضرورت محسوس ٿي. هن هڪ خوبصورت ڪار ورتي ۽ ڊرائيور رکيو، ڪچي گهٽيءَ ۾ جڏهن هن جي ڪار داخل ٿيندي هئي ته هو ان جي پوئين سيٽ تي رنگين شيشا بند ڪري ويٺل هوندو هيو ۽ پان چٻاڙي مورڪس جي دوڪان اڳيان دريءَ جو شيشو هيٺ ڪري ٿڪ جو گُرڙو ٻاهر ڦٽي ڪندو هيو. حاڪم علي جيڪو پهريون ڪچي گهٽيءَ جي هريڙ جيان سڪل ۽ ٺوٺ هوندو هيو ان جو جسم برنس روڊ جي ڪلو ڪاسيءَ جي باهه چوڌاري سوئن ۾ ٽنبيل ڇيلي جي رانن جهڙو سڃيل ۽ ڪارو ٿي ويو.
    ڳٽڪي جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم جو جائزو وٺندي هڪ ڏينهن هن جي دماغ کي چڪر اچي ويو ۽ هو هيٺ زمين تي ڪِري پيو. هڪ نوڪر ڀڄندو هن مٿان آيو ۽ ان رڙ ڪري ٻين کي سڏ ڪيو.
    “اڙي اٿاريو سيٺ کي.” ان حاڪم عليءَ کي پويان سهارو ڏيندي چيو “مٿي کڻون ۽ صوفي تي سمهاريو.”
    انهن هٿ هٿ ۾ ڏئي حاڪم عليءَ کي سهارو ڏئي صوفي تي سمهاري پاڻي پياريو. حاڪم عليءَ سان پهريون ڪڏهن ائين نه ٿيو هيو. هن سوچيو هن جي صحت جواب ڏئي رهي آهي. هو ڪار ۾ چڙهيو ۽ اسپتال روانو ٿيو. نوڪر سهارو ڏئي هن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو. چڪاس کان پوءِ خبر پئي ته هن جي جسم ۾ شگر وڌي چڪي آهي.
    “اڄ کان پوءِ مٺاڻ بند... مٺاڻ تنهنجي صحت لاءِ زهر جو ڪم ڪري رهيو آهي.” ڊاڪٽر هن کي هدايت ڪئي.
    حاڪم عليءَ ان ڏينهن کانپوءِ مٺاڻ کائڻ ڇڏي ڏنو. هن سوچيو جان آهي ته جهان آهي. جيئرو رهندس ته دولت ڪم ايندي. وقت کان پهريون مرڻ کان بهتر آهي ته احتياط ڪجي. هن سخت پرهيز ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ طبيعت ۾ بهتري محسوس ڪئي. هو وري ڪم ڪار کي لڳي ويو. ساڳي ڀڄ ڀڄان جو حصو بنجي ويو. هو هاڻي چڙچڙو ٿي پيو هيو. هر ڳالهه ۾ هن کي برائي نظر اچڻ لڳي. هن کي مٿي ۾ سور رهڻ لڳو. ٿڪاوٽ محسوس ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن مصالحي جي دوڪان تي جيئن هو ڪرسيءَ تي ويٺو هيو ته هن کي سيني ۾ سور محسوس ٿيو. هو ٻئي هٿ سيني تي رکي سهڪڻ لڳو. هن جون اکيون ڦري ويون. سندس نوڪر ڀرسان اچي سڏڻ لڳو.
    “سيٺ صاحب طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟” هن هر هر ساڳيو سوال پئي ورجايو.
    “ايمولينس گهراءِ.” حاڪم عليءَ آهستي چيو ۽ پوءِ غش کائي ڪرسيءَ تان هيٺ ڪِري پيو. جڏهن هن اسپتال ۾ اک پٽي ته ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو.
    “دل جو هلڪو دورو هيو، احتياط ڪرڻ سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. رت جو دٻاءُ وڌيل آهي. لوڻ جو استعمال بند ڪر، سڻڀ ڪڏهن نه کائجانءِ.”
    ڊاڪٽر هن کي سختيءَ سان چيو ۽ پوءِ ڪجهه دوائون لکي هن کي ڏنيون.
    حاڪم علي ان ڏينهن کان پوءِ پڪو پهه ڪيو ته هو زندگيءَ ۾ لوڻ ڪڏهن نه کائيندو ۽ سڻڀي شئي ڪڏهن وات تي نه آڻيندو. هن جيئرو رهڻ چاهيو پئي. هن کي موت کان نفرت هئي. هن جو ڌن دولت ۽ شهرت هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. هن نه پئي چاهيو ته هر شيءِ مٽيءَ ۾ ملي هن کان ڏور ٿي وڃي، هن ان ڏينهن کان پوءِ ڪڏهن به لوڻ مٺاڻ ۽ سڻڀ کي هٿ نه لاتو.
    هو پنهنجي گرم مصالحي جي دوڪان تي ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي اداس ويٺل هيو. سندس سامهون پيل ڪاٺ جي پيٽي نوٽن سان ڀريل هئي. نوٽن سان ڀريل پيٽي ڏسي حاڪم عليءَ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هن ڪاٺ جي پيٽيءَ مان ويهن روپين جو نوٽ هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي اٿلائي پٿلائي ائين ڏسڻ لڳو جيئن اهو مورڪس پنهنجي اڳيان پيل ڪاٺ جي پيٽيءَ مان ڪڍي هن کي ڏنو هجي. هو نوٽ کي ڏسندو ويو ۽ پوءِ اکين تي هٿ رکي روئي پيو. ٿوري دير گذري ڪارو پٺاڻ بازار مان مانيءَ جو آرڊر وٺندو هن جي دوڪان اڳيان لنگهيو. هن ان کي سڏ ڪري، ويهن روپين جو نوٽ ڏنو ۽ پوءِ چيو
    “هڪ دال ۽ ٻه چپاتيون.”

    o


    ناياب

    مهمان خاني ۾ ماڻهو ايندا ويندا هيا، ڪاڻي بورچيءَ تي ڪو اثر نه پوندو هيو. اهي رهندا هيا ۽ ڪاڻي بورچيءَ جي ماني کائي هليا ويندا هيا.
    ان دفعي مهمان خاني ۾ چار ماڻهو اهڙا آيا جيڪي مختلف هيا، دينو دانشور، سياستدان سائين ڏنو، پروفيسر پيرل ۽ هڪ سنهڙو صحافي.
    جڏهن ڪاڻو بورچي مارڪيٽ مان قيمو وٺي مهمان خاني پهتو ته اهي ٽيبل چوڌاري ويٺل هيا. ان کي ايندو ڏسي سياستدان سائين ڏني کيس سڏ ڪيو ۽ پڇيو “ڪاڻا بورچي ڇا وٺي آيو آهين؟”
    ڪاڻي بورچيءَ بنا ججهڪ وراڻو “سائين قيمو”
    “قيمو سٺي شيءِ آهي.” سياستدان سائين ڏني چيو. “ڇو جو ٻوٽيون چچرجي پاڻ ۾ ملي يڪجهتيءَ جو مظاهر ڪنديون آهن.” سنهڙو صحافي جيڪو ٿلهن شيشن واري عينڪ مان گول اکيون ڪري نهاري رهيو هيو، ان جو تجسس وڌي ويو.
    “ڀلا ڏسون ته سهي، کائڻ لائق آهي به يا نه.” ان چيو.
    ڪاڻي بورچيءَ ٿيلهيءَ مان قيمو ڪڍي پليٽ ۾ وجهي انهن سامهون ٽيبل تي رکيو. تازو قيمو ذرا ذرا ائين ٽيبل تي رکيل هيو جيئن عوام کي ڌرڻي لاءِ ڪٺو ويو هجي.
    “ڪاڻا بورچي قيمو ڪهڙي جانور آهي؟” پروفيسر پيرل چيو.
    ڪاڻي بورچيءَ پهريون ڪڏهن مهمان خاني ۾ اهڙا ماڻهو نه ڏٺا هيا. مهمان پڇندا نه هيا، اوڳرائي ڏئي هليا ويندا هيا. ڪاڻي بورچيءَ دل ۾ سوچيو، قيمو ڪرائبو ئي ان لاءِ آهي ته هضم ٿي سگهي. پهاڙ قيمو ٿي پٿر بنجي ويندا آهن ۽ ڪراچيءَ جا روڊ، پٿر قيمي جيان هضم ڪري ويندا آهن. گوشت ۽ واردات جو نشان مٽائڻو هجي ته قيمو ڪرائي ڇڏيو. ڪوابن لاءِ قيمو ضروري آهي ۽ قيمي لاءِ ڪات. ڪاسائي قيمو ڪندا آهن ڄڻ حڪومت هلائيندا آهن. قيمي جي هڪ ڪلو ۾ ارڙهن ڪروڙ سنهيون ٻوٽيون سمائجي سگهن ٿيون. آدمشماري وڌڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ ڪات جا ٻه ڌڪ ٻيا هڻي ڇڏيو. آدمشماري وڌي ويندي ۽ قيمي جو وزن ساڳيو رهندو. ڪاڻي بورچيءَ کي اهڙا دلچسپ مهمان ڏسي نابين اک جي نظر موٽي آئي. ان قيمي ڏانهن آڱر کڻي اشارو ڪندي چيو “اهو توهان ٻڌايو ته قيمو ڪهڙي جانور جو آهي؟” پوءِ ڪاڻي بورچيءَ اندر ۾ ٽهڪ ڏنا ۽ وات تي هٿ رکي منجهيل آواز ۾ چيو “پهتل بندا آهيو، مان ٻڌائيندس ته اعتبار نه ڪندا.”
    پروفيسر پيرل مٿو کنهيو.
    “منهنجي خيال ۾...” ائين چئي اهو خيالن ۾ کوئجي ويو ۽ پوءِ ٺهه پهه وراڻيائين “اهو پاڏي جو آهي.”
    سڀني وري ٽيبل تي پيل قيمي کي ڏٺو، انهن جو ڌيان قيمي ڏانهن هيو ته ڪاڻو بورچي اک بچائي نڪري رنڌڻي ۾ ويو ۽ بصر ڪٽي کلڻ لڳو. جڏهن ته ان جي اکين ۾ ڳوڙها هيا، اک ڀل ڪاڻي هجي پر روئندي ضرور آهي.
    هو چارئي، مٿو، ڏاڙهي، ڪلها ۽ سٿر کنهي سوچ ۾ غرق ٿي ويا ته آخر قيمو ڪهڙي جانور جو آهي؟ سنهڙي صحافيءَ ڪرسيءَ تان اٿي قيمي جو ذرو آڱرين ۾ کنيو ۽ مهٽي محسوس ڪرڻ لڳو ته اندران ڪهڙي جانور جو آواز ٿو اچي .
    “ادا ڪڪڙ جو آهي.” پوءِ ان چيو. “مون هڪ ڪڪڙ جي قتل جي ڪهاڻي شام جو شايع ٿيندڙ اخبار ۾ ڇپائي هئي. جنهن تي مون کي ايوارڊ مليو هيو، اسان ڪڪڙن جي قتل عام تي سوچينداسين ته انسانن جي قتل عام جي اهميت وڌي ويندي ۽ جيئن ته مون اڻ سڌيءَ طرح انسانن جي قتل عام کي ننديو هيو. ان لاءِ ايوارڊ جو مستحق ٿيو هيس. ان رات پنهنجي مان ۾ ٿيل پارٽيءَ اندر مون ڪڪڙ جا ڪواب کاڌا هيا.”
    سياستدان سائين ڏني ڪڙڪ ڪالر کي سڌو ڪندي پاڻ ڪرسيءَ تي سڌو ٿيندي چيو “جيڪي ڪڪڙ جا ڪواب کائيندا آهن، اهي سنهڙا نه هوندا آهن.”
    سنهڙي صحافيءَ کي ڪاوڙ لڳي.
    “ڪڪڙ سنهڙا هوندا آهن.” ان چيو. “پر کڙ هڻي کنڀ کنڊيريندا آهن ته سياستدان نظر ايندا آهن.”
    ان کان اڳ جو سياستدان سائين ڏنو قيمي جي پليٽ سنهڙي صحافيءَ کي منهن ۾ هڻي، دينو دانشور ٻنهي کي ٿڌو ڪيو.
    “بابا قيمي جي ڳالهه تي ڇو ٿا هڪ ٻئي جو قيمو ڪيو.” ان وڌيڪ چيو ته “فرق فقط اهو آهي ته قيمي ۾ “قاف” ۽ ليمي ۾ “لام” هوندو آهي.”
    پروفيسر پيرل دانشور جي جملي تي سوچيو، پوءِ نڪ هيٺان نقطي جهڙين مڇن تي ننڍي آڱر سان کنهندي چيو “ڪاڏي قيمو، ڪاڏي ليمو، هتي قوم جا ابا هڪ ٽيبل تي ويهڻ لاءِ تيار نه آهن، تون قيمي ۾ ليمو ملائي ڇڏيو.”
    پروفيسر پيرل ڳالهه ڪري زوريءَ ٽهڪ ڏنو ۽ هو ٽئي ٽهڪن کي زوريءَ روڪي نه سگهيا. رنڌڻي ۾ بصر ڪٽيندي ڪاڻي بورچيءَ جون اکيون خشڪ ٿي ويون ۽ هو روئڻ لڳو. ٽيبل تي رکيل قيمو خودڪش بمبار جي جسم جهڙو ٿي ويو.
    “ڳالهه سئين سڌي آهي.” سياستدان سائين ڏني چيو “قيمو پوڙهي ڍڳي جو آهي. جڏهن ڍڳو ڪم نه ڪندو آهي ته سندس چرٻي چڙهي ويندي آهي. غور سان ڏسو قيمي ۾ اڇا چرٻيءَ جا ذرا جام آهن.” سڀني ڏٺو ۽ سياستدان سان ها ۾ ها ملائي.
    “برابر ائين هوندو آهي.” دينو دانشور چيو. “تاريخ ۾ هڪ چرٻي چڙهيل بادشاهه کي عوام ڦاهيءَ تي چاڙهيو ۽ رسو ڇڏي پيو.”
    سياستدان سائين ڏني تجسس مان تڪڙ ۾ پڇيو. “پوءِ پڪ سان بادشاهه جيئرو هوندو؟”
    “ها بلڪل.” دينو دانشور چيو “ان کي جيئرو پوريائون.”
    چارئي چپ ٿي گهري سوچ ۾ ٻڏي ويا.
    “ٿي سگهي ٿو قيمو ڪنهن ڏاڙهيءَ واري ٻڪر جو هجي.” پروفيسر پيرل ڏاڙهي کنهندي چيو جيڪا ڪوڙيل هئي.
    “ڇو ٿو ڪفر جون ڳالهيون ڪرين.” دينو دانشور چيو “اڄڪلهه ڏاڙهيءَ وارا ٻڪر ڪاسائين جو قيمو وڪڻي ايمان جيان لوسڻ خريد ڪري رهيا آهن.”
    سنهڙي صحافيءَ کي دينو دانشور جي ڳالهه نه وڻي، ان کيس ڪاوڙ مان پيار جو پيغام ڏيندي چيو “جيڪڏهن وات ۾ ڌپ هجي ته ڳالهه اهڙي ڪجي جيئن گلن ۾ هوندي آهي ۽ گل جيڪي اوٿ کڻندڙ وزير جي ڳچيءَ ۾ پاتل ڪنڊين ۾ هوندا آهن. ڪنڊيون جيڪي پٽيوالو گلڻ گهر کڻي منهيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيندو آهي. منهي جنهن هيٺان ٻار قوم جيان قيمص پائي سٿڻ بنا سمهيل هوندو آهي.”
    سياستدان سائين ڏني آڱريون ڪنن ۾ وجهي ڇڏيون، ٻين ٽن سمجهيو شايد ٻانگ ڏئي اهو ٻڌائڻ وارو آهي ته “قيمو ڪنهن ڪُڪڙ جي ستايل اڌ وهيءَ جي ڪُڪُڙ جو آهي.” پر سياستدان سائين ڏني آڱريون ان ڪري وڌيون هيون ته کيس سنهڙي صحافي جي وزير تي ڪيل تنقيد صفا نه وڻي هئي. ان آڱريون ڪنن مان ڪڍيون ته انهن تي هيڊو گند لڳل هيو. اهو ڏسي سنهڙي صحافيءَ کيسي مان پين ڪڍي ڊائريءَ تي لکڻ شروع ڪيو. “وڏو گند سياستدانن جي ڪنن ۾ هوندو آهي، ڳالهه انڪري نه ٻڌندا آهن جو گند ڳالهه کي ڪن ۾ وڃڻ نه ڏيندو آهي. جڏهن ڪن صاف ڪري ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪنن مان نڪتل گند ڪري ملڪ ۾ گند وڌي ويندو آهي. گٽر ۽ ڪن ۾ اهو فرق آهي ته ٻئي بند ٿي سگهن ٿا ۽ کلندا آهن ته گٽر مان گندو پاڻي وهندو آهي ۽ ڪن مان روڳ. قوم جي فائدي ۾ آهي ته سياستدانن جا ڪن بند هجن. ائين سمورو گند سياستدانن جي ڪنن ۾ محفوظ رهندو ۽ قوم پاڪ رهندي. جيستائين دانهن ٻڌڻ جو سوال آهي، جيڪڏهن ڪن صاف ڪري ٻڌندا ته ٻڌڻ ڪري انهن جا ڪن وري بند ٿي ويندا ۽ ائين نئون گند جنم وٺندو.”
    پروفيسر پيرل جيڪو سنهڙي صحافيءَ کي لکندي چتائي رهيو هيو. ان کان نه رهيو، تڪڙ ۾ پڇيائين “ڇا ٿو لکين؟... ڇا ٿو لکين؟...”
    ان ٻه دفعا سوال انڪري ڪيو جو صحافيءَ کي پڪ ٿي وڃي ته ڪنهن سوال ڪيو آهي، ڇو جو صحافي صرف سوال ڪندا آهن ۽ صحافيءَ کان سوال ڪرڻو هجي ته ٻه دفعا ڪيو وڃي جيئن کيس ڪنن تي اعتبار اچي. “لکيو اٿم ته...” سنهڙي صحافيءَ جواب ڏيندي چيو “هيءُ قيمو اهڙي سانَ جو آهي جيڪو وڏي وزير جي آفيس ۾ ڪرسيءَ سان ٻڌل هيو، کيس هر عورت مينهن نظر ايندي هئي، جيئن ته مينهن کي ڏسي رسي ڇنائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو، تنهن ڪري وڏي وزير جي ڪرسي اونڌي ٿي ڪري پوندي هئي ۽ اها خبر عام ٿي ويندي هئي ته وڏي وزير کي هٽائڻ ۾ سانَ جو هٿ آهي.”
    دانشور دينوءَ اکين تان عينڪ لاهي چولي سان صاف ڪئي ۽ پائي قيمي جو جائزو ورتو.
    “لڳي ڪونه ٿو ته ڪنهن سانَ جو آهي.” پوءِ ان وڌيڪ تبصرو ڪندي چيو “سانَ جو قيمو ڪشمير جي صوف جهڙو ڳاڙهو هوندو آهي. اڃان ڪشمير جا اڌ صوف آزاد ٿيا آهن. جيستائين اڌ آزاد ٿيندا قيمو ڌپ ڪري ويندو، ان لاءِ ضروري آهي ته قيمي کي اتان ڏسجي جتان هيڊو آهي. ڇو جو هيڊو قيمو مظلومن جو هوندو آهي ۽ ظالم اهڙو قيمو کائي ڳاڙها ٿي پوندا آهن.”
    اهي چارئي مٿي کي هٿ ڏئي سوچيندا رهيا، رنڌڻي ما ڪاڻو بورچي مرڪندو آيو ۽ مذاق ۾ چيائين “ڏيو خبر... پئي ڪا خبر؟.”
    اهي چارئي آڻ مڃڻ وارا نه هيا. دينو دانشور عقل جي ڳالهه ڪئي.
    “ڪاڻا بورچي، پچائي کاراءِ ته ذائقو سڃاڻي، هاڻي ٿا ٻڌايون ته قيمو ڪهڙي جانور جو آهي.”
    ڪاڻو بورچي کلي کين مذاق ۾ هر هر اک هڻڻ لڳو جنهن ڪري اهو هر هر انڌو پئي ٿي ويو.
    “هاڻي ٿو پچايان.” ان ٽيبل تان قيمي جي پليٽ کڻندي چيو “ڇڙو اٺهٺ منٽ انتظار ڪيو.”
    اٺهٺ لفظ ٻڌي سنهڙي صحافيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو.
    “اٺهٺ منٽ ڇو؟” ان بورچيءَ کان سوال ڪيو.
    ڪاڻو بورچي کليو ۽ شرمائي هليو ويو، ان جي وڃڻ کانپوءِ پروفيسر پيرل سنهڙي صحافيءَ جي سوال جو جواب ڏنو.
    “سوچ اڄ موڪل آهي ۽ اسان هڪ تقريب ۾ ڪوٺايل ڇو آهيون؟”
    “اڙي ها ياد آيو.” سياستدان سائين ڏني وچ ۾ چيو “اڄ اٺهٺ هون يوم آزادي آهي.”
    سنهڙي صحافيءَ شرم کي پرچائيندي چيو “داراصل قيمي منجهائي وڌو آهي.”
    رنڌڻي ۾ ڪنيءَ اندر قيمو ٽهڪڻ لڳو، قيمي جي خوشبوءِ مهمان خاني جي هر شيءِ ۾ سمائجي وئي، ڌاڻا، گرم مصالحو، لوڻ، ساوا مرچ، ڳاڙها مرچ، بصر، پٽاٽا، ننڍو ڦوٽو، وڏو ڦوٽو، ٻاڦ سان ملي ٽيبل چوڌاري چئني جي نڪ ۾ سُر سُر ڪرڻ لڳو. انهن جو نڪ ائين چرڻ لڳو، جيئن قيمي جي خوشبوءِ کان وڏو ٿي هاٿي جي نڪ ۾ تبديل ٿي ويندو.
    جڏهن ڪاڻي بورچيءَ قيمو پچائي وڏي پيالي ۾ وجهي انهن اڳيان رکيو ته سندن بک تيز ٿي وئي، پروفيسر پيرل قيمو پليٽ ۾ وجهي، مانيءَ جو ڳڀو ڀڃي قيمي سان چٻاڙيندي چيو “قيمو ٻڪر جو آهي.” پوءِ وري چيو “ها بلڪل ٻڪر جو آهي.”
    سياستدان سائين ڏني مانيءَ جي ننڍڙي ڳڀي تي وڏي مقدار ۾ قيمو رکي چٻاڙيندي چيو “قيمو ڳئونءَ جو آهي.” پوءِ مزي سان ڪنڌ لوڏيندي وري چيو “ها بلڪل ڳئون جو.”
    سنهڙي صحافيءَ ڳڀو ڀڃي قيمو رکي وات ۾ وجهي هڪدم چيو “قيمو ڪڪڙ جو آهي.” ۽ وري چيو “ها بلڪل ڪڪڙ جو.”
    دينو دانشور ڳڀو ڀڃي قيمو رکي وات ۾ وجهي چيو “قيمو پاڏي جو آهي.” سڻڀي هٿ سان عينڪ اکين تي ٺيڪ ڪندي وري چيو “ها بلڪل پاڏي جو.”
    اهي کائيندا رهيا ۽ پنهنجي راءِ تي اٽل بحث ڪندا رهيا، ڪاڻو بورچي رنڌڻي جي ڪنڊ ۾ کلي رهيو هيو. ان آڱر سان اک اگهندي آهستي چيو، “دراصل شهر ۾ گڏهه ناياب آهن.”

    o


    ڪوريءَ مٿان ڪپهه حرام

    تن ڏينهن ڌرتي ڌڻيءَ جو باغ هئي، منجهس وڻن ۾ انب هيئاون جيان پيا لڙڪندا هيا ۽ بادام اک جي ڳوڙهن پيا ڇڻندا هيا. دماغ تخليق ڪونه ٿيو هيو پر اهو اڃان ٽارين ۾ لڙڪندڙ اخروٽ اندر بند هيو. پوپٽ جهڙا گل ڌرتيءَ تي وکريل هوندا هيا ۽ نرگس جا گل ڌڻيءَ جون سڀ رعنائيون ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هيا. روح عالم ارواح ۾ قيد ڪونه هيا پر اهي ڪوهيڙي جيان سرسبز وادين اندر وجود وٺڻ جي انتظار ۾ ساڪت هيا. سنهري ڪڻڪ جا ٻوٽا وري ڪنهن آدم جو انتظار ڪري رهيا هيا ۽ اڇي مٿي وارا ووئڻ ڪنهن جي راهن ۾ اکيون اٽڪائي پوڙها ٿي چڪا هيا.
    پوءِ ڇا ٿيو جو هڪ ڏينهن اوچتو ويران ڌرتيءَ تي ڪوري پيدا ٿي پيو، انگ اگهاڙو ڪوري جيڪو اڳيان پويان هٿ ڏئي پيو ڌرتيءَ تي ڊوڙون پائيندو هيو. سندس لڱ عيبن جيان پڌري پٽ هيا. هيو ته ڪوري پر پائڻ لاءِ سندس جسم تي لٽي ٽڪر به نه هيو.
    “بيشڪ پالڻهار تنهنجي نگري ۾ هرڪو ننگو... تنهنجي نظر ننگ لتاڙي دل جي رازن تائين پهچي ٿي. توکان ڪهڙو پردو... هر راز تو اڳيان عيان آهي.” ڪوري هر هر هٿ ادب جا ٻڌي، عرش ڏي ڏسي پيو آهون ڀريندو هيو. عجز ۽ انڪساريءَ کان سندس اگهاڙي چيلهه چٻي هوندي هيس، ڪجهه رب کان ۽ ڪجهه سيءَ کان پيو ڏڪندو وتندو هيو. رب جو جلال هن جي اگهاڙي بدن کي ڄڻ گرمي پيو بخشيندو هيو. پر اوگهڙ کيس هڻي ماري وڌو هيو. شرم کان غريب ٻيو پاڻي پاڻي ٿيندو هيو. نيٺ هڪ ڏينهن هن بيزار تي رب کي ٻاڏائيو.
    “اي رب پنهنجي بندش کي ڍرو ڪر، ووئڻن جي باغ جا رستا مون لاءِ کول. مان ڪجهه اوڍيان ۽ عيبن کان آجهو ٿيان.”
    پر ڪپهه ڪوريءَ لاءِ حرام هئي. ڪوري گهڻو ڪِنجهيو ۽ ڪُرڪيو پر ٿيس ڪجهه ڪين.
    “خبردار او ڪڻڪ خور ڪوري جو انهن ڪپهه جي ٻوٽن کي ويجهو ٿيو آهين. عرش تان لهي جيئن فرش تي ٺوڪرن ۾ آهين. تيئن فرش تي اڃان به وڌيڪ ذليل ۽ خوار ٿيندين.”
    ڪوريءَ کي ڪن تي آواز پيو ۽ ووئڻن جي فصل کان ٽهي ائين ڀڳو جيئن قدرت جا ڪتا وڃي ڄنگهن ۾ چنبڙيا هجنس، ڪوري ڀڳو ته وري ڪجهه ڏينهن ڪپهه جو نالو ئي نه کنيائين. اهو ئي اڳيان پويان هٿ ڏئي اونهاري سياري پٺيءَ اگهاڙو پيو ڌرتيءَ تي گشت ڪندو هيو.
    وقت گذريو ته ڪوري بيزار ٿي پيو. اونهاري جي اُس سندس چمڙيءَ کي ساڙي دونهان پئي ڪڍيا ته وري سياري جي سيءَ دونهي نما ٻاڦ پئي ڪڍي. ڪوري ويو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ لاغر ٿيندو. هن کان نه پنهنجي اوگهڙ ٿي برداشت ٿي ۽ نه ئي ڦرندڙ موسمون. هن هٿ ادب جا ٻڌي ڌڻيءَ آڏو عرض ڪيو ته “ڍڪين منهنجا ڍولڻا، عيب نه کولڻا”
    پر آواز آيس ته “ڳجهه کي تون نه ڄاڻين جيڪي آءٌ ڄاڻان تون نه ڄاڻين. ڪوري تون ڪپهه جا راز نه ڄاڻين، رموزنه ڄاڻين. ننگ حقيقت آ ڇو ٿو لڪائين؟”
    ڪوري ڪومائجي ويو ۽ ڏڪندي هٿ ادب جا ٻڌي وري ڳالهايائين “سرڪار سرديءَ ساڻو ڪري وڌو آ. گرميءَ بيک ڪڍي ڇڏي آ. هيءَ اوگهڙ چڱي نه چئجي. شرم ڇيهه ڇني وڌا آهن. آخر حياءُ به ڪا شيءِ آ.”
    “ڪوري جسم تي ڌوڙ وساءِ ته اهو لڪجي. ڀڀوت ٿيءُ ته نه ڏسجي... ڪپڙو نه پاءِ، وارن ۾ مٽي پاءِ ته ڪا چڱائي ٿئي، ان ڪپهه کان ڀڄي پاسو ڪر ته مونجهارن مان جان ڇٽئي. ڪا سڪون سان زندگي بسر ٿيئي.” آواز آيس ته ڪوري مايوسيءَ مان وڌيڪ ڪٻ ڪڍي چپ ڪري بيهي رهيو. هٿ ۾ پٽ تان ڪک کڻي آڱرين ۾ مروڙڻ لڳو ۽ ٿڌي پٿر تي اوگهڙ رکي ويهي رهيو. گهڻي دير سوچ ۾ ٻڏي ويو، وڻن ۾ ويٺل ڳيرا گگو گهو ڪري ڄڻ چٿر ڪرڻ لڳس. اٿيو ته ٿڌي پٿر تي اوگهڙ جو نشان رهجي ويس. ڪنڌ ورائي پٿر ڏي نهاريائين ته لڳس اتي جسم جو حصو ڪري پيو اٿس. رب جي شان تي ڏاڍو رنو ۽ جڏهن روئي ٿڪو ته اگهاڙو سڌو ٿي سمهي پيو. شڪايت سبب هڪ آڱر اڃان به مٿي هيس.
    ڪوريءَ کي ڪئي ڏينهن لنگهي ويا پر هن ڪفر ڪونه ڪيو. عجز ۽ انڪساريءَ مان ڪٻ ڪڍي ڌرتيءَ تي ڪبوتر جيان “هو هو” ڪري پيو وقت گذاريندو هيو. نيٺ هڪ ڏينهن هن جي من ۾ آيو ته ڇو نه هو ڌڻيءَ جي باغ ۾ گهڙي اها ڪپهه اتان چوري ڪري ڪپڙو اُڻي پائي اڇو اجرو ٿئي. ڪوري سوچيندو ويو ۽ هن جي من ۾ هر کر وڌندي وئي. ڪڏهن هو ٽاريءَ جي وڻ هيٺان نديءَ ڪناري سائي ڇٻر پٽي ڪاوڙ مان وات ۾ وجهي ڪک چٻاڙي پيو “ٿُو ٿُو” ڪندو هيو ته وري ڪڏهن واديءَ ۾ ڦهليل پٿرن کي لتون هڻي سور کان پيو چنگهندو هيو. هن سوچي نيٺ من ئي من ۾ فيصلو ڪيو ته ڪنهن رات هو ڌڻيءَ جي باغ ۾ گهڙي ان منع ٿيل ڪپهه جي ٻوٽي جا پوپا پٽي ايٽ تي ضرور چاڙهيندو ۽ پوءِ ڪوري ويو سوچيندو. هو ڪپهه ڪتي ڌاڳو ٺاهي بابينا ڀريندو. ابري تي چڳون چاڙهي تاني ٺاهيندو ۽ پوءِ آڏاڻي تي نار جي کڙڪي سان ٺڙڪ ٺڪ ڪري تانيءَ مان ڪپڙو ٺاهي جسم تي پائي اڇو اجرو ڌرتيءَ تي ڌڻيءَ کي سجدو ڪري پنهنجي ڪيل پهرين گناهه جي معافي وٺندو. ڪوري سوچيندو ويو ۽ هن جي من ۾ اڻ تڻ وڌندي وئي.
    نيٺ هڪ ڏينهن هو همت ڪري اڌ رات جو اٿي ڌڻيءَ جي باغ طرف روانو ٿيو. پير پير ۾ ڏئي ڏڪندو اچي باغ کي ويجهو ٿيو. هن ڏٺو پري کان منع ٿيل باغ ۾ وونئڻن جي فصل پريان ڪڻڪ جا ٻوٽا هن مٿان ٽهڪ ڏئي کليا. ٽهڪ بند ٿيا ته هو ڍونڍو ٿي ذري گهٽ زمين تي رڙهندو اچي وونئڻن جي فصل ۾ پهتو. ووئڻن جا ٻوٽا ڪوريءَ کي پاڻ ۾ لڪيل ڏسي ڄڻ کڙا تڙا ٿي ويا. ڪوريءَ نه ڪا ڪئي هم نه تم تڪڙ ۾ وٺي ڄڻ ٻوٽن جون منڊيون پٽيندو ويو هڪ هنڌ گڏ ڪندو. جڏهن ڪافي ڪپهه ڪٺي ٿي وئي ته ڀاڪر ۾ ڀري ڌڻيءَ جي باغ کان ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر نڪري هن هڪ صاف پٿر تي ڪپهه کي رکيو ۽ پوءِ تارن ڀري رات ۾ هو وري اگهاڙو سڌو ٿي سمهي پيو.
    صبح مردان سان هو ننڊ مان اٿي نديءَ مان منهن ڌوئي اچي ايٽ تي ويٺو. ايٽ هلايائين ته ڄڻ سندس ڦيٿي سان ڌرتي هلي پئي. ايٽ جي زوڪٽ مان هڪ ساز ڦٽي نڪتو. ڪنهن گويي جي ڳلي مان ڪو آواز ڦٽي نڪتو. ايٽ هليو ته ڪاروبار هليو. روزگار هليو. زندگيءَ جي ڏي وٺ ٿي. دنياداريءَ جي شروعات ٿي. ڪوريءَ هٿ ۾ ڪپهه کڻي ڪتي نڙ تي چاڙهي ته ڌاڳو جيئن زندگيءَ جي سنهي تلوار جهڙي ڌار ۾ ڦري پيو. تند ٺهي ته ڄڻ ڪنڌ ڪپڻ لئي تيار ٿي.
    ڪوري پنهنجي ڌن ۾ ويو ڪپهه ڪتيندو نڙ تي چاڙهيندو. ايٽ هلندو رهيو ۽ وقت سرندو ويو. آخر اهڙو وقت به اچي ويو جو ڪوريءَ ڪافي ڪپهه ڪتي ايٽ تي چڱا نڙ چاڙهي ويڙهي کڻي پورا ڪيا ۽ پوءِ سٽ جي هڪ چڳ تيار ڪري ورتي.
    ڪوري ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ مگن رهيو. هن کي پٺيءَ کنهڻ جيتري فرصت به نه ملي. هن سمورو سٽ آڻي، نديءَ ڪناري ويهي شفاف پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪيو. هن محسوس ڪيو جيئن سندس گناهن جي مَرُ ان سٽ مان نڪري پاڻيءَ ۾ وهي وئي هجي. هن پاڻ کي ڏاڍو خوش ۽ ضمير کي مطمئن محسوس ڪيو. ڌوتل سٽ کي اس ۾ سڪائي، چڳ کي ڇنڊي کڻي ابري تي چاڙهيو. هن تاني پائڻ جي تياري ۾ ڌاڳي جي منڊ کي وٺي ڇڪيو ته ابرو سيءَ ۾ ڏڪندڙ ڏندن جهڙو آواز ڪري گول ڦريو. ڌاڳو ڇڪبو ويو ۽ ابرو ڦرندو ويو. خبر تڏهن پئي جو ڪوريءَ جي تند ابري چڙهيل چڳ ۾ منجهي پئي ۽ ابرو رڪجي ويو. ڄڻ سج جا صدين کان اڳتي وڌندڙ پير رڪجي ويا. ڏينهن ڄمي ويو ۽ اُس جي تک وڌي وئي.
    ڪوريءَ چڳ مان تند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها اهڙي منجهيل هئي جهڙو ڪوريءَ جو من، ڪوريءَ تند کي سٽ ڏني ته ڄڻ من کي سٽ آيس. هن هٿ وجهي چڳ کي ابري تان لاهي ڌاڳي کي سلجهايو پر اهو ڄڻ وڌيڪ الجهي ويو. ڪوري منجهي پيو ۽ پوءِ جيئن ٿي ويو سلجهائيندو تيئن ٿي ويو الجهندو. ڪوري ان ئي هورا کورا ۾ هيو ته گهڙي نه گذري اتان اچي وقت جو مشهور ڏاهو گذريو. واديءَ ۾ سرسبز جبلن وچان ويندڙ پيچري تان اهو ڏاهو پنهنجن مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي ڊگهن اڇن وارن سان ڪنهن جهڙ جي ڇڳل ٽڪر جيان اتان اچي لانگاهو ٿيو. اهو جڏهن ڪوريءَ کي اچي ويجهو ٿيو ته ان مٿان بيهي منجهيل ڪوريءَ کي مصروف ڏسي حيرت منجهان ان کي نهارڻ لڳو. ڪوريءَ سُٽ ڇڏائيندي اوچتو جيئن مٿي ڏٺو ته هن کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. وقت جي مشهور ڏاهي کي پاڻ مٿان ڏسي هن جون وايون بتال ٿي ويون. ڪوري تڪڙ ۾ اٿيو ۽ وڃي ڏاهي جي قدمن ۾ ڪريو. چي “اي وقت جا ڏاها... اهڙي ڪا ڏس جو آئون ڪجهه اڻي وٺان، ننگ ڍڪيان ۽ عيبن کان آجهو ٿيان.”
    ڏاهو هيٺ جهڪيو ۽ قدمن ۾ ڪريل ڪوريءَ کي آڏاڻي ڀرسان آڻي صندليءَ تي ويهاريائين، ڪوري صندليءَ تي سڌو ٿي ويٺو ته سانت مان ڏاهي ڏي نهاريائين. ڏاهي پنهنجي نرڙ ۾ گهنج وجهي. اهڙي ٻڌايس جو ڪوريءَ جو مٿو پئي ڦاٽو. دل پئي ڌڙڪيس، چيائين “اڙي ڪند ذهن ڪوري اهو سٽ ائين نه سلجهندو جيئن تون ٿو ان مان پيچ ڪڍين وڪڙ ڇڏائين. اهو هيئن سلجهندو جيئن منهنجو عقل ۽ آڱريون ٿيون ڪم ڪن.”
    ڪوريءَ ڏٺو برابر ڏاهي جي عقل جي ڊوڙ ڏاڍي تکي هئي. ويس ٿي نرڙ ۾ گهنج وڌندا ۽ هٿ هلندا. نيٺ هڻي هنڌ ڪيائين ۽ سٽ ڪوريءَ حوالي ڪري اٿي اڀو ٿي بيهي رهيو.
    “آئون وقت جو ڏاهو جيڪو پنهنجي پويان سلجهايون ٿو وڃان، ان کي هيئين سان هنڊائي هٿ هلائيندين ته سفل ٿيندين، ڪاميابي ماڻيندين... چڱو اي راهه ۾ ويٺل ڪوري شل توکي عقل عطا ٿئي!” ڏاهي چيو ۽ پوءِ اڳتي راهي ٿيو. ڪوريءَ ڏٺو اهو جبلن جي ڪوهيڙي سان ملي هڪ ٿي ويو.
    ڪوريءَ شڪر جو ٿڌو شوڪارو ڀري سٽ ابري تي چاڙهيو ۽ سلجهيل تند کي وٺي سٽ ڏني ته مورڳو تند ئي ٽٽي اچي ائين هيٺ پئي جيئن ساهه جي تند ٽٽڻ کانپوءِ مڙدو. ڪوريءَ جي ڪل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. حيرت ۽ پريشانيءَ کان واڇ گودو هڻي ويس. ابري ۾ هٿ وجهي تند ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين ته مت ئي منجهي پيس، نه منڊ لڀي نه توڙ، اکيون چنجهيون ڪري ابرو هٿ سان ڦيري گهڻو ڳولهيائين پر منڊ نه مليس. ٿڪجي پيو. سوچيائين ڪم اڳي کان به خراب ٿي ويو آهي. ان پريشانيءَ ۾ ڳٽي کي هٿ ڏئي گهريءَ سوچ ۾ ٻڏي ويو، خبر تڏهن پئي جو ڌرتيءَ تي ڌيٻوڙو ٿيو ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽو. ڪوريءَ ڏڪندي نماڻيون اکيون کڻي پري نهاريو ته ڇا ڏٺائين برابر هڪ نوراني مک وارو، مٺيءَ مرڪ وارو وقت جو ولي جهالت جهڙي ڪاري دونهي کي چيريندو روشنيءَ جي ڪرڻي جيان پيو اڳتي وڌي. ڪوريءَ جو اهڙو جلوو پسيو سو عجز مان ويو ٿي پاڻ ۾ لڪندو. هيٺ نوڙي هٿ ادب جا ٻڌي رستو ڇڏي بيهي رهيو. انتظار ڪرڻ لڳو ته وقت جو ولي هن ننگي کي ڏسڻ بنا لانگهو ٿئي ته هو وري الجهيل سٽ سلجهائڻ ۾ مصروف ٿئي.
    ولي ويجهو آيو ته هن جي نظر ڪڪڙ جيان ڍونڍو ٿي ويٺل ڪوريءَ مٿان پئي. رڙ ڪري ڪوريءَ کي چيائين “آهين ڪير جو صفا نظر ئي نٿو اچين؟... ڌرتيءَ جو جانور آهين ڪي ٻيو؟”
    ڪوري سڌو ٿيو ۽ هٿن ۾ اوگهڙ لڪائيندي عرض ڪيائين “سائين آئون ڪم ذات ڪوري ڪجهه عرصي کان ڌرتيءَ تي ويٺو ٿو الجهيل سٽ سلجهايان پر ڪونه ٿو سلجهي. ولي تون ڪا ديا ڪر. هيءَ منجهيل چڳ هٿ ۾ کڻ ۽ مون کي سلجهائڻ ۾ مدد ڪر. جيئن اوگهڙ ڍڪيان. عيب لڪائيان” ڪوري شرم ۾ ڳاڙهو ٿيندي هٻڪندي چيو.
    “او ڪند ذهن ڪوري تون برابر آکيو، وقت جي وليءَ جو ڪم ئي اهو آهي ته وهڪري ۾ ڦاٿل چرين جي ٻيڙيءَ کي سڌو ڪري هلائي ۽ توجهڙن راهه ۾ ويٺل معزورن جي مدد ڪري... ڪاٿي آهي اهو سٽ؟ منهنجي حوالي ڪر.”
    وليءَ حڪم ڪيو ۽ اتي ڪوريءَ جي ايٽ ڀر ۾ ويهي سٽ هٿن ۾ کڻي ان تي ڪجهه پڙهندو ۽ شوڪاريندو ويو. ڪمتريءَ جي احساس جو ماريل ڪوري ڪنڌ نوائي وليءَ اڳيان ائين ويهي رهيو جيئن ساهه بنا بت. نه آکي نه ڪُڇي. ولي ويو تند لوڏيندو، شبد ۽ شوڪارا ڀريندو. سٽ جي چڳ کي هٿن ۾ جهلي اهڙو سٽڪو ڏنائين جو ڌاڳا ائين سڌا ٿي ويا جيئن ڪوريءَ جي جسم جا وار.
    “اچي وٺ هيءَ چڳ ۽ چاڙهه ان کي ابري تي ته تنهنجي عقل جيان اڳتي چُري... مت جا منجهيل ڪوري تند جي هن منڍ کي سوگهو ڪر ته انت تائين پهچين.”
    وليءَ سٽ جي چڳ ڪوريءَ حوالي ڪئي ۽ ڪوري ٿورا مڃيندين هيٺ نوڙيو.
    “ڀاڳ ڀلا اي ولي جو تون هن مونجهاري جي وقت ۾ هن ڪم عقل جي نگريءَ مان لانگاهو ٿئين. منهنجي مدد ڪيئي” ڪوريءَ چيو ۽ پوءِ هن اوگهڙ تان هٿ هٽائي وليءَ آڏو ٻڌندي اڳتي عرض ڪيو ته “ٻيو مون وٽ ڪجهه نه آهي جو آءٌ آکيندي لڄ مران.”
    ولي اڳتي وڌيو ته ڪوريءَ سٽ جي چڳ کڻي ابري چاڙهي ۽ تند کي وٺي جيئن جو اڳتي چوريو ته ابرو هليو ۽ هلي بند ٿي ويو. تند جو ٽڪرو ڪوريءَ جي هٿ ۾ ائين لڙڪيو جيئن جسم جي ڦاٽل ٽٽل رڳ جنهن مان رت پئي ٽميو. ڪوري جان جو ڏسي ته ابري چڙهيل چڳ سڄي ڌاڳن جي ٽڪرن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ويچاري ڪوريءَ جون ٻه به ويون ته ڇهه به. پهريون ته ويٺو کاڏيءَ تي هٿ رکي سوچڻ پر پوءِ همت ڪئين ۽ هر ٽڪر کي اُميري ڏيندو ڳنڍيندو ويو نڙ تي ويڙهيندو. جڏهن چڱو ڌاڳو ويڙهيائين ته کيس وڏو وقت لڳي ويو. چڱو زمانو چڙهي ويو، پر محنت ۾ عار نه سمجهيائين ۽ اميريءَ مٿان اميري ڏئي ويو ڳنڍيندو ۽ ويڙهيندو.
    ڪجهه زمانو گذريو ته اتان هڪ اوتار اچي لانگاهو ٿيو. جان جو ڏسي ته ڪو ڪوري رستي جي ڪناري ويٺو ٿو اميريون ڏئي وقت وڃائي. اهو اڳتي سري ان وٽ آيو ۽ ڪم ۾ مصروف ڪوريءَ مٿان اچي بيهي رهيو. ڪوريءَ ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ته هن جي گگ ڳڙي اچي هيٺ پيس. همراهه کان اهڙو ڇرڪ نڪتو جيئن ننڊ مان ڪنهن “هائو” ڪري جاڳايو هجيس. ڪوري اوتار کي پاڻ مٿان ڏسي قدمن ڀر ڪري پيو ۽ سائين سائين ڪري وڃي هٿ کي جنبڙيس. چميون ڏئي اوتار جو هٿ آلو ڪري ڇڏيائين. اوتار ڇڪي پري ڪيس ۽ پڇيائينس “ڪوري ڪهڙي ڪرت ۾ مصروف آهين. ڪڏهن جو آئون تو مٿان بيٺو ڏسان ڪنڌ نوايو جيئن ڪو ڪڌو ڪم پيو ڪرين... هوش ۾ ته آهين نه؟”
    لڄ جو ماريل ڪوري ڄڻ ويو ٿي پاڻ ۾ وڪوڙبو. نيٺ ڳيت ڏئي نڙي آلي ڪري اوتار کي عرض ڪيائين “سرڪار بيهوشيءَ جي بار هيٺان عيبن جون اونهايون. هوش ايندي ڪيئن پاڻ پسان. اوگهڙ ڪهڙو علاج ڏس مونکي سپرين.”
    اوتار ڪنڌ هلايو ۽ ڪوريءَ جي ڳجهه کي سمجهي ويو. هيٺ نوڙي ڪوريءَ ڀر ۾ ويهي هن چڳ سٽ جي کڻي ان کي جاچيو. گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ اوتار ڪوريءَ کي وراڻيو. “شايد ايڏو الجهيل ڪونه، سلجهائيندي ائين ٿيو. آخر اميرين سان ايڏو وقت وڃائيندين؟ ڇا ننگ نه لڪائيندين؟ جيڪي ٿيو سو ٿيو. هاڻ ائين ٿئي جيئن ٿيڻ گهرجي. هاڻي ويهه ته ٻڌايانءِ اڳتي ڇا ٿيڻ کپي... او هيئن ٿيڻ کپي” اوتار چيو ۽ پوءِ ٽٽل سٽ جي چڳ کي آڱر ۾ وجهي وٺي جو گهمايائين ته چڳ وئي ڪوري جي مٿي جيان زور سان گهمندي. ڪوريءَ جو مٿو “زون زون” ڪندو چڳ سان گڏ اهڙو ڦريو جو ذري گهٽ ڪنڌ کان ڇڏي پري وڃي پيو. اوتار جي آڱر سامت ۾ آئي ته ويچاري ڪوريءَ اڳيان ڌرتي پئي گول ڦري، هو چڪر کائي هيٺ ڪريو. اوتار ڀرسان وهندڙ پاڻيءَ مان ٻڪ ڀري هن جي منهن تي ڇنڊا هنيا. ڪوري هوش ۾ آيو ته هن پاڻ کي حواسن اندر محسوس ڪيو ۽ چيو “بيشڪ اي اوتار تون منهنجي تن جا تاڪ کوليا ۽ ذهن کي ظاهر ڪيو. مان ته مري چڪو هوس تون مون کي عقل عطا ڪري نوان حواس ۽ هوش ڏنا. اي اوتار تنهنجي مهرباني تنهنجا ٿورا.”
    ڪوري ڄڻ قرب ۾ ويو ٿي ليٽ ڦيٽ ٿيندو. اوتار اڳتي سري هن جي پٺي ٺپي تسلي ڏني ۽ پوءِ هن کي سڌو ڪري ويهاري سٽ جي چڳ هٿ ۾ ڏني ۽ چيو “چرخي چاڙهه ته تنهنجي چت جيان چري.”
    ڪوريءَ ڪنڌ جهڪائي چڳ هٿن ۾ ورتي ۽ اوتار الهه واهي ٿيو. ان جي وڃڻ کانپوءِ ڪوري خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو. چڳ کي هر هر پئي چميائين ته ان مان اوتار جي هٿن جي خوشبوءِ پئي آيس. اڳتي سري وڃي چڳ ابري تي چاڙهي اوتار جي نانءَ جو نعرو هڻي جيئن ئي تند جي منڍ کان ورتائين ته چڳ ۾ هزارين منڍ نظر آيس رڳا منڍ ئي منڍ هيا انت ڪنهن جو به ڪونه هيو. ڌاڳا هڪ ٻئي ۾ ائين جڪڙيل هيا جو الڳ ڪرڻ ڏکيو. منڍ آسان هيا پر انت ڏاڍا ڏکيا. ڪوريءَ کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڪهڙيءَ تند کي وٺي ڇڪي ۽ اڳتي وڌي. ڪند ذهن ڪوريءَ گهڻي مغز ماري ڪئي ۽ محسوس پئي ڪيائين ته برابر سڀني تندن جا منڍ هڪڙي انت ۾ ٿا سمائجن ۽ کٽن. سو سياڻپ ان ۾ سمجهيائين ته سڀ منڍ تانيءَ تي چاڙهي هڪ مهل هلايان ته من ڪم ڪجهه اڳتي وڌي ۽ ڪجهه هڙ حاصل ٿئي. سو سڀ تندون ڇڪي کڻي جو زور ڏنائين ته ابرو اڳتي نه وڌي، رهندو سڀ تندون ڇڏي اچي سٿر تي ڪريس. همراهه هکو ٻکو ٿي ويو. چيائين “حڪمت ته صحيح هئي پر مان واري ڪرڻي شايد ڪنهن ڪم جي ڪونه هئي. ابري تان چڳ لاهي هيٺ رکيائين ۽ وري ويٺو کاڏي کنهڻ. کنهي جڏهن ڏاڙهيءَ جا چڱا وار ڇڻيس ته مٿي نظر ڪيائين ۽ ڏٺائين بيشڪ چڱو سج چڙهي ويو، پر هڙ حاصل ڪجهه ڪين ٿيو، سوچيائين اجايو ڌڻيءَ کي به ناراض ڪيم جهان ۾ به خوار ٿيم.
    ڪوري اڃان ان اونهي سوچ ۾ ئي هيو ته ڇا ڏسي پريان ڪو سنياسي فقير ٿلهي واڊ ۾ ڏنڊو ڪونڊو ٻڌي ڪنڌ ۾ لڙائي “اوم اوم” پيو ڪندو اچي. رستي جي ڌوڙ اڏاريندو جڏهن سنياسي ڪوريءَ کي ويجهو ٿيو ته ڪنهن جيوءَ کي راهه ۾ منجهيل ڏسي همدرديءَ کان دل ۾ درد جاڳيس ۽ نرڙ ۾ گهنج پيس. مايوس ويٺل ڪوري نماڻو منهن ڪري اڳتي وڌيو ۽ قدمن تي هٿ رکي پري ٿي بيهي رهيو.
    سنياسيءَ هن کي ائين ڏٺو جيئن ڪوري ڪنهن لاعلاج مرض ۾ ڦاٿل هجي.
    “اي جنجال ۾ ڦاٿل جيوءَ، ڇو ايڏو اداس آهين، ڪا ڳالهه ڪر، ڪجهه اندر جو اور”
    سنياسيءَ هن جي آڏاڻي ڀرسان ڪلهي تان ڏنڊو لاهيندي گودڙيءَ مان ستيون ڦڪيون ڪڍندي آکيو.
    وقت جو پريشان ڪوري وري ڪنبڻ لڳو. شرم ۾ ڳاڙهو ڳاڙهو پئي ٿيندو ويو. اوگهڙ کي هر هر پئي لڪايائين. نيٺ نوڙي عرض ڪيائين “سائين سنياسي صاحب ڪهڙيون ٿو درد جون ڳالهيون پڇين. ويٺو آهيان ڪنهن وقت کان هن پيچري جي پاسي کان. هيءُ الجهيل سٽ سلجهائيندي تو جهڙا ڪيترا سخي ساڌو سنت صوفي ولي اولياءَ اوتار ۽ ڏاها هن رستي تان روانا ٿيا پر ڪنهن جي ڪونه هلي. مون وارو منجهيل سٽ ڪنهن نه سلجهايو. وڃي ٿو ويتر ائين الجهندو جيئن پهريون ڪڏهن ڪونه الجهيو. ڪنهن به منهنجي هن ڪڙيءَ کي ڪونه سلجهايو. وقت ٿيو هاڻي ته سج ۾ کل به سڙي ڪاري ٿي وئي آهي، ويتر هن اوگهڙ اچي ماريو آ. تو جهڙا معتبر مون سامهون هر هر اچي ٿا حاضر ٿين پر عيبن کانسواءِ ڪجهه ڪونه اٿم جو انهن آڏو پيش ڪري سگهان. سامهون بيهان ته ڪجهه ڍڪيان. ڪجهه هجيم ته وقت تي آڻي سرخرو ٿيان. جيڪي ڪنبندين ڪتيم سو وکر واهر نه ٿيو. ڄڻ وقت وڃايم. ڌوڙ پاتم. ڪو حيلو وسيلو ڪونه ٿيو. جتي هيم اتي ئي آهيان. ڪتيم ته ڄڻ ڪِن ڪيم. ڪَن ڪپايم. جيڪو آيو تنهن تهڙي ڪئي. اهڙي ڪئي جو هيءَ ڪمينو ڪوري اوهان آڏو اگهاڙو اڃان هٿ ادب جا ٻڌي وري عرض ۾ اونائيون ٿو ڪري ته ڪا ديا ڪريو. هن غريب جي ٻيڙي تاريو. ڪا اهڙي ڦڪي ڏيو جو فرق ڏيکاري.”
    سنياسيءَ جو ڪوريءَ جي درد جو داستان ٻڌو سو سمجهيائين ته مرض ڪو آدم کان به پراڻو آهي. نرڙ ۾ وڏو گهنج وجهي صندليءَ تي سڌو ٿي ويهڻ کانپوءِ سٽ جي چڳ کڻي ڪوريءَ کان کسيائين.
    “اڙي ڪمذات بس ڪم به ايترو جنهن ۾ صديون، سيءَ ۾ سڙين ۽ گرميءَ ۾ کل ساڙيئي” سنياسيءَ جلال ۾ چيو “جاهل جهڙي جٺ توسان ٿي شل نه ڪنهن ٻئي سان ٿئي. سڀ نه ڪو سنياسي ڪنهن ڪنهن منجهه ڪلا. هاڻي هتي ويهه ته ڳجهه سمجهائيانءِ. اهڙي گهوٽي ڏيانءِ جو هڙ مان هڪ ٿئي. ڪثرت مان وحدت ٿئي.”
    ڪوري ويچارو ڊڄندي سنياسيءَ ڀرسان اوڪڻو ٿي اچي ائين ويٺو جيئن ٻار ماءُ ڀرسان ته ٽڪر ڳڀي جو ڀڃي وات ۾ وجهندي سنياسيءَ ڪونڊو ڇنڊي من جيان اڇو اجرو ڪيو ۽ پوءِ ان ۾ ڌرتيءَ تان ڪجهه ڪک ۽ لپ ڌوڙ جي ڀري کڻي وڌي، ڪوريءَ واري منجهيل سٽ جي چڳ ان ۾ رکي مٿان ڏنڊو کڻي وٺي جو رهڙا ڏنئنس ته ڪوريءَ جو مغز ويو مهٽبو. هڻ هڻان ڪري ڪجهه ٻيون ڦڪيون ستيون وجهي ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن ڏنڊو رڪيس ته ڪوري ڇا ڏسي ته ڪونڊي ۾ رڳي ڪپهه ئي ڪپهه، ڪپهه به اهڙي ميري جهڙو ڪوريءَ جو من. ڪوريءَ حيرت مان سنياسيءَ جي اڇي مٿي ڏانهن نهاريو ۽ نوڙت مان عرض ڪيائين “سائين سنياسي صاحب هيءَ ڇا؟ اتي ئي آهيان جت اوهان ڇڏيو. منجهيل چڳ ته وري ڪپهه ٿي وئي. ڪپهه به اهڙي جهڙي پهريون نه، ڄڻ ته رڳي رک. ڇا اهو ئي انت هو ان هڻ هڻان جو. جيڪي حاصل ٿيو رڳي ڌوڙ؟ ڇا ڪا ڪثر اڃان رهيل آهي جو هن ڪوجهي ڪوريءَ جي ڪم اچي ۽ ڍڪ ڍڪي عيبن کان آجهو ڪري.”
    “اڙي ڪُرڪندڙ ڪم عقل ڪوري اجايو ٿو تڪڙ ڪرين، انت مان ئي ته هر شيءِ اڳتي وڌي ٿي. فنا ئي ته جلا بخشي ٿي. نئين سر جيئاري ٿي، پروان چاڙهي ٿي. الجهيل کي سلجهائڻ بجاءِ ان وجود کي ئي فنا ڪري ته اهو نئون ٿي اڀري. الجهيل سٽ سلجهائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هيءَ وٺ گناهن جيان ميري ڪپهه، وري ان کي چرخي چاڙهه ته سلجهيل سٽ ملئي.”
    سنياسيءَ ڪونڊي مان ڪپهه ڪڍي کڻي ڪوريءَ جي ٻڪ ۾ وڌي. ڪوريءَ ڪنڌ نوائي ٻڪ ۾ ڏٺو. نماڻين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيس ۽ چيائين “بيشڪ سنياسي هن ڪميني جو ٻڪ ان ميري ڪپهه جو حقدار. جيڪي گهريو ان جو هڙ حاصل هِن هيڻي جي ٻڪ ۾ اهو ئي حاضر ٿيڻو هو.”
    سنياسيءَ ڏنڊ ۽ ڪونڊو سنڀالي ستين ڦڪين واري هڙ ڪلهي ۾ لڙڪائي لڏندو اڳتي لانگاهو ٿيو. گوڏن ڀر بت جيان ٻڪ ۾ ميري ڪپهه جهلي ويٺل ڪوري ڄڻ اتي ئي ڄمي ويو. سنياسي ويو ته ڪوريءَ واري ڪپهه سندس آنسوئن سان آلي ٿي چڪي هئي. ڪوريءَ سوچيو. وري ڪونه ڪتيندم. پهريون ڪتي ڪهڙي غذا ڪيم جو هاڻي نئين سر چرخو چوري ڪم کي الجهايان. توبهن ڪيم. گوڏن ڀر ويٺي ڪريو ته نرڙ وڃي پٽ سان لڳس. چيائين “اجريءَ ڪهڙو مان ڏنو جو هيءَ ميري مون پڳ ٻڌائيندين.”
    ڪوري اٿيو ۽ ڪپهه کي پاسي رکي ايٽ ڀر ڌوڙ تي ويهي مونن ۾ منهن لڪائي رات جو انتظار ڪرڻ لڳو. رات ٿئي ته ڪوري ڪپهه کي هٿن ۾ جهلي پير پير ۾ ڏئي واپس ڌڻيءَ جي باغ جو رخ رکيو. جڏهن ويجهو ٿيو ته ڏٺائين اڃان ڪڻڪ جا ٻوٽا جاڳي رهيا هيا ۽ وونئڻ هوا ۾ جهوميا پئي. ڪوري اڳتي وڌيو ته هن مٿان شرارتي ڪڻڪ جا ٻوٽا وري وٺي کليا ۽ جڏهن کلي کيرا ٿيا ته ڪوريءَ هٿن ۾ جهليل ميري ڪپهه کي کڻي واپس ڌڻيءَ جي باغ ۾ اڇلايو. ڪپهه هوا ۾ اڏرندي ڪوريءَ جي ڪيل گناهن جيئن پري وڃي ڪري. ڪوريءَ ٻئي هٿ کڻي ڪنن تي رکيا ۽ نڪ رهڙي کڻي توبهن ڪئي. “ڌڻي منهنجي توبهن، منهنجي زاري” ڪوريءَ ڪنبندي چيو ۽ پوءِ هن ڌرتي تي ويهي ريڙهيون پاتيون ۽ اٿي وري هر هر ڏڪندڙ هٿن سان نڪ پئي رهڙيو. آخر هن عرش ڏي منهن ڪندي چيو “ڌڻي تنهنجيءَ ڌرتيءَ تي اسين اگهاڙا چڱا.”

    o


    ٽئين اک

    ڪنهن زماني ۾ ڪو عاشق شهر کي ڏنل قلعي نما ڀت ٻاهران ڦهليل ريگستان جي ڪنهن ڀٽ تي ليٽيو پيو هوندو هيو. ان جا ڪپڙا ائين ليڙون ليڙون هوندا هيا جيئن باز سٽيل ڪبوتر جا کنڀ. عاشق ڀٽ تي ليٽي عرش پيو ڏسندو هيو جيئن اتان سندس محبوب ڪنهن پيغمبر جيان لهي اچي هن جي ڀر ۾ ويهندو. سندس اکيون سدائين ڳوڙهن کان آليون هونديون هيون، اڃايل واريءَ تي هن جون جهڙايل اکيون هميشه وسي پونديون هيون.
    ماڻهو هن کي عاشق جي نالي سان سڏيندا هيا ۽ صحرا ۾ ٺهيل قلعي نما ديوار اندر اڏيل ان شهر جي هر ماڻهوءَ جي چپن تي هن جي ڳالهه هوندي هئي.
    “ها... هو هاڻي عشق حقيقيءَ ۾ وڃي ڦاٿو آهي، هن مجازيءَ جا ڏاڪا اورانگيا آهن.” ان شهر جي بازار ۾ ڪو پوڙهو ان مجذوب جي ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيندڙ طبيعت تي ڳالهائيندي چوندو هيو.
    چار ماڻهو کاڏيون کنهندي هن جي ڳالهه ٻڌندا هيا.
    “نه... هو هوش جي حد لتاڙي ديوانگيءَ کي پهتو آهي.”
    وري ڪو چوندو هيو ۽ سڀ ان جي ڳالهه تي غور ڪندا هيا.
    “بيوفائيءَ ان کي سيءَ جيان سٽي وڌو، شل سندس اهو بخار شايد ئي جسم مان نڪري.” وري ڪو افسوس مان چوندو هيو ۽ ماڻهو ان عاشق تي رحم کائيندا هيا.
    قلعي نما ديوار اندر اهو شهر ائين روان دوان هوندو هيو جيئن رڳن اندر رت، پر هو مجذوب عاشق ڀٽ تي وار ڇوڙي عشق جو الميو پيو ڳائيندو هيو. ان کي ياد ڪندو هيو جيڪا سندس جوانيءَ جي ڀريل وجود مان اکيون ٻوٽي ائين نڪري وئي جو سندس وجود جو دائرو خالي ٿي ويو صرف اتي ٻاهريون لڪيرون رهجي ويون. هو محبوب جي بيوفائيءَ تي رُنو، پريشان ٿي شهر جي گهٽين ۾ هيڏانهن هوڏانهن تيز وکون کڻي رُليو ۽ ذهن جي ڪوفت کي گهٽائڻ لاءِ گهڻا ئي وس ڪيا پر ڏينهون ڏينهن هن جي پريشانيءَ ۾ وقت سان اضافو ٿيندو ويو. هو قلعي جي ديوار کان ٻاهر ان وڏي دروازي مان ائيندو ڊوڙيو جيئن پنهنجي محبوب جي ڄڃ پويان ڪاهيندو پئي آيو. هن جي محبوب جي ڄڃ ان ئي دروازي کان ٻاهر ڪنهن اڻ ڄاتل منزل طرف راهي ٿي هئي ۽ پوءِ سمورو صحرا شهنائين سان جاڳي پيو هيو.
    اڄ ٽي سال گذرڻ کانپوءِ عاشق ڪڏهن ڪڏهن عرش مان اکيون هٽائي ان قلعي جي وڏي دروازي ڏانهن ڏسندو هيو ته اتي هن کي پنهنجي محبوب جهڙي ڳاڙهاڻ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اها ڄڃ ۽ صحرا جي واءُ ۾ اڏرندڙ واريءَ مان اٿندڙ ان شهنائيءَ جو آواز هن جي زخمي روح جو حصو ٿي ويا.
    مجذوب جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ائين وڌيا جيئن وقت وڌيو، زمانو وڌيو، سندس سمورو منهن انهن وارن هيٺان دفن ٿي ويو. ڪڏهن ڪو مٽ مائٽ يا دوست ڳڀي ٽڪر هن اڳيان اڇلائي هليو ويندو هيو نه ته عاشق اهو ئي پيٽ تي هٿ رکي اڀ کي پيو ڏسندو هيو. آخر اهڙو وقت به آيو جو ڊگهن ڪارن وارن هيٺان دفن ٿيل هن جون اکيون بند ٿي ويون ۽ ان کان اڳ جو هو مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچي هن محسوس ڪيو جيئن پريان اوندهه ۾ ڀٽن وچان ڪو قافلو اٺن کي هڪليندو هن مٿان پهتو هجي. ان قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ اٺ تي ڳاڙهي ويس ۾ ويٺل ڪنهن خوبصورت عورت جون ويڪريون ناسي اکيون هن ڏانهن ڏسنديون هجن ۽ هو انهن اکين ۾ اندر جذب ٿي ڌرتيءَ تان مٽجي ويو هجي. هو ڇرڪ ڀري جاڳيو ته هن محسوس ڪيو هن جو وجود هڪ اک ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته سندس آڏو دنيا بدلجي چڪي هئي. هر شيءِ اها نه هئي جيڪا موجود هئي. هر شيءَ ۾ هن ان جو پاڇو پسيو ۽ پوءِ جڏهن گهميل اکيون کڻي عرش کي نهاريو ته هن جي حيرت جي حد نه رهي، هن ڏنو سندس سامهون ڦهليل وسيع ۽ عريض عرش ڳاڙهو ٿي چڪو هيو. هن محسوس ڪيو ته اها ئي حقيقت آهي، اها ئي سچائي آهي. هو اڄ ڏينهن تائين جيڪي ڪجهه ڏسندو آيو اهو خواب هيو، ڪوڙ هيو، اهي رنگ، اهي منظر ۽ عڪس سڀ وهم ۽ گمان هيا.
    آسمان جي نيراڻ اکين جو دوکو هئي، دنيا جو ڪوڙ هئي. اهو ئي سچ آهي جيڪو آئون هاڻي پسان ٿو. اها ئي حقيقت آهي جيڪا هاڻي نظر اچي ٿي. هن اکين کي مهٽي هڪ دفعو وري ڏٺو، سندس سامهون آسمان ڳاڙهو هيو. هن کي خوشي محسوس ٿي ته هن حقيقت کي پسيو، پوءِ سندس من چاهيو ته جيڪر هو اها حقيقت ٻين کي به ٻڌائي سگهي. سچ کي اڳتي وڌائي سگهي. جيڪي سندس اکيون پسن ٿيون من ٻيا به پسي حال حقيقت کان واقف ٿين.
    هو اٿيو ۽ ڀٽ تان رڙيون ڪندو، تيز ڊوڙندو قلعي جي دروازي ڏانهن وڌيو، هن شهر ۾ داخل ٿي آسمان ڏي هٿ کڻي زور سان چوڻ شروع ڪيو “آسمان ڳاڙهو آهي... ڏسو آسمان ڳاڙهو آهي”
    ماڻهو هن مجذوب جي چوڌاري ائين ڪٺا ٿي ويا جيئن هو ڪجهه ورهائيندو هجي. هر ڪنهن هن جي ڳالهه کي غور سان ٻڌو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري عرش ڏانهن ڏٺو.
    “پر آسمان ته نيرو آهي” ڪنهن پوڙهي ان مجذوب جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو.
    “ها... آسمان نيرو آهي.” سڀني چيو.
    عاشق جيڪو جوش مان ڏڪي رهيو هيو اهو هر هر ساڳيو جملو ورجائي رهيو هيو.
    “غور سان ڏسو... وري ڏسو... آسمان ڳاڙهو آهي”
    عاشق انهن کي ائين چئي رهيو هيو جيئن هن اڳيان هرڪو انڌو ٿي ويو هجي.
    “نيٺ هن جا حواس جواب ڏئي ويا.” ڪنهن افسوس مان چيو ۽ عاشق مسلسل ساڳيا جملا ورجهائيندو رهيو. “افسوس عشق هن سان ويساهه گهاتي ڪئي.” ڪنهن هجوم مان وري ڳالهايو ۽ ان کان پوءِ هرڪو هن کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو.
    ان ڏينهن کانپوءِ عاشق ان شهر جي گهٽين ۽ بازارين ۾ رڙيون ڪندو وتندو هيو ته “آسمان ڳاڙهو آهي... آسمان ڳاڙهو آهي.”
    عاشق قلعي اندر محصور شهر ۾ وار کولي ميرن ڦاٽل ڪپڙن سان سدائين گهٽيون ۽ چوسول پيو لتاڙيندو هيو. هو هر ڪنهن جي منهن ۾ گهور وجهي ڏسندو هيو جيئن ڪنهن کي ڳولهي سڃاڻڻ چاهيندو هجي. ڪڏهن هو ڪنهن راهه ويندڙ شخص جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي روڪي عرش ڏانهن اشارو ڪندي چوندو هيو ته “هو ڏس آسمان ڳاڙهو آهي.” ماڻهو هن جي ڳالهه تي گهڻو غور نه ڪندا هيا ۽ هن تي هڪ همدرديءَ واري نظر وجهي وري پنهنجي منزل طرف راهي ٿيندا هيا. عاشق ماڻهن جي رويي تي حيران هوندو هيو ته آخر انهن کي هن جي ڳالهه تي يقين ڇو نه ٿو اچي ته آسمان جو رنگ ڳاڙهو آهي.
    “جڏهن مان سچ جا صدين کان بند پيل دروازا کولي، اکين اڳيان ويڙهيل وقت جي ڄاري کي هٽائي اهو پسان ٿو ته حقيقت جو اصل روپ ڇا آهي؟ ته اوهان يقين ڇو نه ٿا ڪريو؟ يقين ڪريو جيڪي توهان ڏسو ٿا اهو نه آهي، اصل ۾ اهو سڀ ڪجهه ٻيو آهي، اچو منهنجين اکين سان ڏسو توهان کي اهو ڪجهه نظر ايندو جيڪو توهان ڪڏهن ڪونه ڏٺو.” عاشق شهر جي ڪنهن چوسول تي بيهي چوندو هيو ۽ ماڻهو هن کي حيرانگيءَ مان ڏسندا هيا.
    ڪڏهن ڪو ڪنڌ مٿي ڪري آسمان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو به هيو ته پنهنجي عمل تي ٽهڪ ڏئي کلي پوندو هيو “چريو ڪنهن جاءِ جو.” اهو شخص ورجهائيندو هيو “آخر آسمان ڳاڙهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جڏهن ته هر ڏسندڙ اک ۾ ان جو عڪس نيرو آهي.”
    عاشق جي ڳالهه تي ڪنهن يقين نه ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ان شهر جا ڪجهه ماڻهو هن جي ان حرڪت مان بيزار ٿي پيا.
    هن جي هڪ رقيب شهر جي ڇڙواڳ ڇوڪرن کي ڪجهه رقم ڏئي هن کي پٿر پڻ هڻايا، عاشق ان شهر جي گهٽين مان رت وهائيندو پنهنجي گريبان ۾ هٿ وجهي جسم کي پٽيندو گوڙ مچائيندو پٿر هڻندڙ ٻارن جي هجوم اڳيان ائين پريشان ڊڪندي نظر آيو جيئن هو پنهنجي شڪست کاڌل لشڪر جو ڀڄندڙ آخري سپاهي هجي. شهر جا ڇوڪرا هن کي ايستائين ڊڪائيندا هيا جيسين هن جو ڪو همدرد اڳتي وڌي انهن کي روڪي، پوءِ هو نستو ٿي رت ڳاڙيندو هيٺ ڪري پوندو هيو ۽ ڪو رحم کائي جڏهن پاڻيءَ چڪو هن جي وات ڀرسان آڻيندو هيو ته هو وري چوندو هيو “سچ کي پرکيو... ڪوڙ کي ٿڏيو، مان جيڪي چوان ٿو ان ۾ صداقت آهي. جيڪي پسيو ٿا اهو نه آهي.” پوءِ هو آسمان ڏي اشارو ڪندي چوندو هيو. “هو ڏسو آسمان ڳاڙهو آهي.” ماڻهو هن تي رحم کائيندا هيا ۽ آسمان ڏي ڏسي پيا آهون ڀريندا هيا.
    شهر جي بازار جو هڪ واپاري جيڪو ڪنهن زماني ۾ عاشق جو دوست هيو، ان کان هن جي حالت ڏٺي نه وئي. ان عاشق جا ٻه چار مائٽ گڏ ڪيا ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هن کي چوکنيو جهلي کڻي وقت جي حڪيم آڏو اچي اڇلايائون. حڪيم نظر کڻي ان مجذوب کي غور سان ڏٺو ۽ هن جي مرض کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان اڳ جو حڪيم هن جي نبض تي هٿ رکي عاشق ڳالهايو. “اي وقت جا حڪيم جيڪڏهن ماڻهو مون کي مريض چوندا ته ڇا تون ائين ئي سمجهندين جيئن مونکي ٻيا سمجهي رهيا آهن؟ هن شهر جي ماڻهن نه ڪجهه ڏٺو نه سمجهيو. تون منهنجي نظر کي سڄاڻ، مان جنهن حقيقت کي ويجهو ٿيو هان ان جي گواهي ڏي. منهنجيون نظرون جيڪي پسن ٿيون اچ تون به پس. هو ڏس مٿي... آسمان ڳاڙهو آهي.” عاشق چيو ۽ حڪيم فڪرمند ٿي جيئن ئي مٿي نهاريو ته ذري گهٽ پڳ وڃي پٽ تي پيس.
    “تون حقيقت عرش مان سڃاڻ ۽ مان نبض مان سڃاڻان. مان حڪيم آهيان ۽ تون عاشق. جيڪي تون پسين ٿو شايد مونکي ڏسڻ ۾ وقت لڳي ۽ جيڪي مان پسان ٿو شايد اها تنهنجي پسڻ جي حد نه آهي.” حڪيم چيو ۽ پوءِ عاشق جي نبض تي آڱر رکي اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
    سڀ اتاولا ٿي حڪيم جي منهن ۾ ڏسندا رهيا ۽ جڏهن حڪيم اکيون کوليون ته انهن ۾ مايوسي هئي.
    “مون وٽ اهڙي ڪنهن به مرض جو علاج نه آهي.” حڪيم افسوس مان چيو “هيءُ جيڪي ڪجهه پسي رهيو آهي اهو سڀ هن جي وجود جي ٽئين اک جو ڪمال آهي. جڏهن انسان جون مجاز کي ڏسندڙ ٻه اکيون بند ٿينديون آهن ته حقيقت جي هڪ اک کلندي آهي ۽ اها اهو ڪجهه ڏسندي آهي جيڪو انسانن جي اعتبار جي حد کان ٻاهر هوندو آهي. عاشق جي ٽئين اک اهو ڪجهه پسي ٿي جيڪا عام اک نه ٿي ڏسي. هن جو پورو وجود هڪ اک ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. مون وٽ اهڙي ڪا به دوا نه آهي جيڪا مان ان اک ۾ وجهي ان کي انڌو ڪري سگهان.” حڪيم چيو ۽ پوءِ هو مايوسيءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو.
    ماڻهو نااميد ٿي عاشق کي واپس وٺي آيا ۽ هڪ دفعو وري هن کي شهر جي گهٽين ۾ ڇڏي ڏنائون. هو اهو ئي ڪنهن چوسول يا گهٽيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ شهر جي ٻارن جا پٿر کائي رت ڳاڙيندي ڌرتيءَ تي ليٽيو پيو هوندو هيو.
    هڪ ڏينهن ائين ئي ان شهر جي گهٽين ۾ جڏهن شهر جا ڇوڪرا پنهنجن هٿن ۾ پٿر کڻي ان ٿيڙ کائي هلندڙ ديواني جي پٺيءَ ۽ مٿي تي وسائي رهيا هيا ته اتان سندس وڇڙي ويل بي وفا محبوب جي ڏولي ايندي نظر آئي. شهر جي گهٽيءَ ۾ گوڙ ٻڌي جڏهن ان پنهنجي ڏوليءَ کي ڏنل پردي کي سرڪائي ٻاهر ڏٺو ته سندس ناسي نيڻن ۾ ڪجلارا ڳوڙها ڀرجي آيا. پنهنجي عاشق کي ائين شهر جي رستن تي رسوا ٿيندو ڏسي سندس هيانءُ نڙيءَ ۾ اچي ڦاٿو. گهڻو سڏڪي ۽ رُني، نيٺ ڏولي بيهاري هن کي ڏٺائين، هيٺ لهي هن آڏو آئي ۽ سڏڪي هٿ جو اشارو ڏنائين ته وسندڙ پٿر بند ٿي ويا. هيٺ نوڙي هن عاشق جي وارن جي چڳ ۾ آڱر وجهي هن آڏو روئڻ شروع ڪيو. درد کان اکر ڳالهائي نه سگهي.
    “مون ۾ نه نهار... حقيقت هوڏانهن آهي.” عاشق چيو ۽ پوءِ مٿي اشارو ڪندي چيو “هو ڏس آسمان ڳاڙهو آهي.”
    عورت اکيون هيٺ ڪري روئندي رهي. پنهنجي عاشق جي ابتر حالت ڏسي سندس سيني مان هر هر سڏڪا پئي نڪتا.
    عورت اٿي ۽ ڪجهه ماڻهن کي عرض ڪيو ته “هن جي سار سنڀال لڌي وڃي... مان ان عيوض پنهنجي ڳلي جو سونو هار ڏيڻ لئي تيار آهيان.” هن چيو ۽ پوءِ پنهنجي ريشم جهڙي خوبصورت ڳلي مان سونو هار لاهي ڪنهن چڱي مڙس حوالي ڪيائين. چڱي مڙس هن سان واعدو ڪيو ته هو عاشق جي سار سنڀال ۽ تندرستيءَ لاءِ ان کي ڪنهن معتبر ماڻهوءَ وٽ دوا درمل لاءِ ضرور وٺي ويندو.
    عورت اکين مان اشڪ وهائيندي ڏوليءَ ۾ واپس رواني ٿي. هن جي وڃڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن چڱي مڙس چار ماڻهو ويهاري انهن سان صلاح ڪئي ته آخر هن ديواني مجذوب جو ڪهڙو علاج ڪجي جو هو لاعلاج مرض مان ڇوٽڪارو ماڻي هڪ عام انسان وارو ورتاءُ ڪري. گهڻي سوچ ۽ فڪر کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو جيئن ته وقت جي حڪيم وٽ هن جو ڪو علاج نه آهي تنهن ڪري ڇو نه هن کي شهر جي وڏي ملان حوالي ڪري ڪنهن ڦيڻي ۽ ڦوڪ ذريعي ڪو روحاني علاج ڪرائي هن نامراد جو ڪو بلو بندوبست ڪجي.
    جڏهن شهر جا چار چڱا مڙس هن کي ٻانهن کان گهلي ملان جي مجلس ۾ حاضر ٿيا ته اتي موجود سڀني ماڻهن نظرون کڻي ان مجذوب عاشق ڏانهن ڏٺو جيڪو حيران پريشان ڪڏهن عرش کي ته ڪڏهن فرش کي ڏسي رهيو هيو. ان ديواني جي اتي اوچتي وارد ٿيڻ تي ڄڻ سڀ دهلجي ويا.
    “اڙي هن پليت کي هن پاڪ جاءِ تي آڻڻ جو ڪهڙو ضرور هيو” ملان جي محفل مان ڪنهن ڳالهايو.
    وري ڪو ڪاوڙ مان اٿي بيٺو ۽ چيائين “ڪڍوس ٻاهر هن بي وضو ميري مردود کي جنهن جي جسم مان بي پاڪيءَ جي بوءِ اچي رهي آهي.”
    چار چڱا مڙس منجهي پيا ۽ عزت مان عرض ڪيائون “اي دنيا جا عالم... اي وقت جا ملان... هن مجذوب عاشق جو ڪو هيلو وسيلو ڪر. ڪو اهڙو ڦيڻو ۽ ڦوڪ هڻيس جو هوش جاءِ تي اچيس نه ته هيءُ ديوانو هن دنيا پٿر جا پنهنجن پٺن ۽ مٿي تي کائي بي گناهه وقت کان پهريون رب ڏي راهي ٿيندو. ڪو اهڙو شوڪارو هڻيس جو شفاياب ٿئي.”
    ملان مسلي تان اٿي عاشق ويجهو اچي هن کي جاچڻ لڳو. عاشق جون اکيون عرش ۾ اٽڪيل هيون. چار چڱا مڙس اڳتي سري آيا ۽ انهن مان هڪ ڳالهايو “ملان هيءُ مجذوب چوي ٿو ته آسمان ڳاڙهو، هاڻي تون ڪا هن جي نظر ڦير جيئن سڀني جيان هم آواز ٿي چوي ته آسمان نيرو”
    ملان چپن ۾ ڪجهه پڙهي هن مٿان شوڪاريو ۽ پوءِ هن کان پڇيو “اي مجذوب ڏي خبر آسمان نيرو ڪن ڳاڙهو؟”
    مجذوب عاشق جنهن جون اکيون جوش مان عرش ڏي ڏسي ڳاڙهيون ٿي ويون هيون، تنهن منهن ورائي ملان کي ڏٺو.
    “جيڪي آهي اکين، سوئي رنگ اڀ جو” عاشق چيو ۽ ملان ڏاڙهي کنهڻ لڳو.
    “پر سڀ ڪوڙا تون سچو؟” ملان جذباتي ٿيندي تيزيءَ مان چيو “ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته آسمان ڳاڙهو؟ ڇا ڪتاب آسماني نه آهن؟ ڪوڙا ڪذاب هٿ جون ٺاهي ٿو هڻين. دنيا کي ٿو گمراهه ڪرين” ملان ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندو ويو ۽ مجذوب اهو ئي ورجهائيندو رهيو ته “آسمان ڳاڙهو. اهي ڪتاب پڙهي تنهنجيون اکيون انڌيون ٿي ويون آهن. لفظن جي ڄار مان نڪري حقيقت پسندين ته توکي فرق صاف ملندا.”
    ملان جلال ۾ اچي ويو ۽ اکيون بند ڪري پڙهي وڏو شوڪارو ڇڏيائين ۽ جڏهن هن اکيون کولي مجذوب جي منهن ۾ ڏٺائين ته مجذوب چيو “ملان رب جو قسم آسمان ڳاڙهو”
    ملان جو منهن لال ٿي ويو ۽ جسم ڏڪڻ لڳس ۽ وٺي رڙيون ڪيائين “اڙي شهر جا چار چڱا مڙسءُ هيءُ ڪافر.”
    ملان فتوا جاري ڪئي ۽ پوءِ پيرين اگهاڙو جوش ۾ ڏڪندو بادشاهه سلامت جي محل ڏانهن ڀڳو. شهر جي گهٽين مان “ڪافر، ڪافر” ڪندو اچي وقت جي شهنشاهه شاهه زيب جي دربار ۾ نڪتو. شهنشاهه شاهه زيب ملان کي هڪو ٻڪو تيزيءَ سان دربار ۾ ايندو ڏسي سڀ مصروفيتون معطل ڪري پهريائين ملان کي ٻُڌو.
    “اي شريعت جا شيدائي ۽ مذهبن جا رکوالا، تنهنجي حڪمرانيءَ جي حدن ۾ سرعام ڪفر جا دعويدار ائين گهٽين ۽ رستن تي ڇڙواڳ تنهنجي جلال کي پيا للڪارين، ڇا انهن کي ڪو لگام ڏيڻ وارو نه آهي؟”
    ملان جوش ۾ وڏي واڪ تقرير ڪندي چيو
    “کلي ڳالهه ڪر، ملان مونجهارا پيدا نه ڪر” شهنشاهه تخت تي سڌو ٿي ويهندي چيو.
    “سائين تنهنجي محڪوم شهر جي گهٽين ۾ ڪو چوندو ٿو وتي ته آسمان ڳاڙهو آهي. مونکي ڪوئي ٻڌائي ته اهو ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي، ڇا ڪتاب ڪوڙا آهن؟”
    بادشاهه جلال ۾ اچي ويو.
    “اهو ڪير آهي جيڪو ايڏي وڏي دعويداري ڪري جهنم رسيد ٿيڻ چاهي ٿو؟” بادشاهه چيو ۽ پوءِ دربار ۾ موجود قاضيءَ کي حڪم ڪيو ته “ان ڪوڙي ڪذاب کي ٻڌي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سرعام مقدمو هلائي سخت سزا ڏني وڃي.”
    بادشاهه سلامت جي وات مان حڪم جي دير هئي، هن جيئن ئي چيو ته سپاهين جو هڪ دستو ڊگهن ڀالن سان لوهي ٽوپ پائي شهر جي گهٽين ۾ گهڙيو ۽ مجذوب کي هٿ ڪري وڃي سندس ڦاٽل ميري گريبان ۾ هٿ وجهي گهلي آڻي زندان ۾ اڇلايائون.
    جڏهن سرعام قاضيءَ جي عدالت منعقد ٿي ته مجذوب ڪٽهڙي ۾ موجود هيو. هو اهوئي هر هر اک کڻي عرش ڏي ڏسي رهيو هيو ۽ اتي موجود ماڻهو عبرت ۽ افسوس مان هن ڏانهن ڏسي رهيا هيا. ڪافي ماڻهو ڪٺا ٿي چڪا هيا ۽ قاضي ڪو ڪتاب کولي ان کي گهري نظر سان پڙهي رهيو هيو. جڏهن مقدمي جي تياري مڪمل ٿي ته سڀ کان پهريون ملان اڳتي سري قاضيءَ آڏو آيو ۽ قاضيءَ هن کي اجازت ڏني ته جيڪي الزام سندس اندر ۾ آهي اهي ڪڍي آڏو پيش ڪري.
    “اي بادشاهه سلامت جي شاهي آئين جا رکوالا، قانون جي ڪرسيءَ تي ويٺل انصاف جا امين” ملان ٿڌي لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مجذوب ڏي آڱر کڻي اشارو ڪندي چيو “هيءُ شخص جنهن کي عاشق چيو وڃي ٿو، اهو ڪفر جو مرتڪب ٿيو آهي. هيءُ ڪوڙيون دعوائون ڪري ماڻهن کي گمراهه ۽ عظيم ڪتابن کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. خدا هن کي اکيون عطا ڪيون ته هر شيءِ کي واضع ۽ صاف ڏسي ان جي سٺي طريقي وضاحت ڪري، پر هو رب جي ڏنل حواسن جو ناڪاري آهي. هن جون دعوائون هر ڪنهن کي انڌو ثابت ڪن ٿيون. هن جون اکيون ڪفر کانسواءِ ڪجهه نه ٿيون ڏسن. هو قدرت جي خلقيل هر شيءِ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو شهر جي گهٽين ۽ بازارين ۾ وڏي واڪ ماڻهن کي گمراهه ڪري بغاوت طرف مائل ڪري ٿو. اي بادشاهه جي آئين ۽ عظمت جا پاسبان هيءُ شخص سزا جي لائق آهي. هيءُ واجب القتل آهي. هن شخص جو سرقلم ڪري مملڪت کي ڪفر ۽ بغاوت کان بچايو وڃي”
    ملان ڳالهائي بس ڪئي ته قاضي ڪرسيءَ تي اڀو ٿي چڪو هيو. سندس چٻي چيلهه لٺ وانگر سڌي ٿي چڪي هئي.
    “اي عاشق سڏائيندڙ ڊگهي زبان ۽ انڌين اکين وارا انسان. ڇا اهو سچ آهي؟ هن شريعت جي علمبردار ملان تو تي جيڪي الزام هنيا آهن ڇا انهن ۾ واقعي ئي صداقت آهي؟ ان کان اڳ جو توکي سزا جو مستحق مڃيو وڃي، هيءَ عدالت توکي موقعو ٿي فراهم ڪري ته توکي جيڪي پنهنجي صفائيءَ ۾ چوڻو آهي سوچئه” قاضيءَ ڪڙڪي سان چيو ۽ هجوم ۾ بيٺل ماڻهن جا منهن زرد ٿي ويا.
    “او قانون جا رکوالا قاضي” مجذوب ڳاڙهيون اکيون عرش مان هٽائي پنهنجي آس پاس هجوم ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن ڏسندي چيو “اها اک عجيب جنهن پهريان پسيو پرينءَ کي ۽ وقت اهو بادشاهه جنهن اڳتي هلي ان اک جي سچائيءَ جي گواهي ڏني. هيءُ لوڪ لڄارو ڇا ڏسندو! هي رمزون انهن ڏٺيون جن اکيون کوليون ۽ عرش ڏٺو. قاضي ٻيهر پڙهه اهي ڪتاب ته ڪي نوان تفسير نروار ٿين، ڪا اهڙي معنيٰ ملئي جو صداقت ۽ سچ سامهون اچئي. هنن اکين جيڪي ڏٺو سو مجاز کان مٿاهون آهي. حقيقت پسين ته مان جيان ديوانو سڏجين. مون جيڪي رنگ ڏٺو سو بيان ڪيو. آسمان جو رنگ اهو ئي آهي جيڪو مون چيو. او ڪتابن ۾ قيد ٿيل قاضي آسمان جو رنگ ڳاڙهو.”
    مجذوب چيو ۽ قاضيءَ کي ڄڻ خاموشيءَ جي وڻ ويڙهي چوڌاري وري وئي. اهڙو چپ ٿي ويو جيئن شهر کي ڏنل قلعي جي ڀت. ملان ڪاوڙ ۾ هيٺين چپ ۾ چڪ وجهي ڏاڙهي کنهندو رهيو ۽ هجوم ۾ موجود ماڻهو مايوس ٿي هيٺ ڪنڌ ڪري مجذوب لاءِ سزا جا منتظر ٿي ويا.
    ان کان اڳ جو قاضي ڪاغذ تي قلم هلائي ۽ سزا جو اعلان ڪري، هجوم ۾ موجود محڪوم طبقي جو هڪ مظلوم اڳتي سري آيو ۽ هن نماڻو منهن ڪري قاضيءَ کي عرض ڪيو ته “اي قلم سان سرقلم ڪندڙ قاضي هٿ روڪ هن محڪوم ۽ مظلوم جي رحم لاءِ گذارش تي ڪجهه غور ڪر. ڪجهه ماضيءَ ڏي نظر ڪر، ڪا تاريخ مان ڳالهه ڳولهه. هن اڄ جي عاشق ڪا نئين ڳالهه نه ڪئي آهي. اهو ئي چيو آهي جيڪي هن کان اڳ ڪڏهن ڪن انسانن چيو ۽ اهي چکيا چڙهي امر ٿيا. تون برابر قاضي پر وقت کان وڏو قاضي ڪوئي ڪونه ٿيو. اڄ جو سچ سڀان جو ڪوڙ آهي ۽ سڀان جو سچ اڃان به وڏو ڪوڙ آهي. جيڪي آهي اهو نه آهي ۽ جيڪي نه آهي اهو آهي. هن عاشق جي اکين تي غور ڪر، جيڪي محبوب انهن ۾ آهي سو اسان جي اکين ۾ نه آهي.”
    پوءِ مظلوم هٿ ادب جا ٻڌي روئندي قاضيءَ کي عرض ڪيو ته “هن مجذوب کي معاف فرماءِ ۽ جيئندان ڏئي زندان مان آزاد ڪر.”
    قاضيءَ ڪجهه نه ڪڇيو، هن نظرون کڻي ملان جي منهن ۾ ڏٺو، ملان جي اکين ۾ عزرائيل ڪات تکو ڪري رهيو هيو. قاضيءَ نظرون هيٺ ڪري قلم ڪاغذ تي وهائيو ۽ پوءِ اٿي اعلان ڪيو ته “عاشق کي اٺين ڏينهن شهر جي مقتل اندر اڏيءَ آڻي سندس سرقلم ڪيو ويندو.” هن چيو ۽ پوءِ ڏک مان هٿن ۾ جهليل قلم ڀڃي پري ڦٽو ڪيو.
    اٺين ڏينهن سپاهي زنجيرن سان ٻڌل عاشق کي زندان مان ڪڍي مقتل ڏي راهي ٿيا. رستي جي ٻنهي پاسي بيٺل ڪجهه ماڻهن هن تي پٿر وسايا ته ڪن گل هنيا. عاشق پٿر برداشت ڪيا ۽ گل لڳڻ تي آهه ڪئي. هن جو زخمي وجود جڏهن جامع مسجد جي ڀر ۾ ٺهيل مقتل ۾ پهتو ته اتي سڀ موجود هيا. بادشاهه شاهه زيب پريان هڪ ٿلهي تي براجمان هيو. اتي پيٽ تي هٿ ٻڌي بيٺل قاضي هيو ۽ ڏاڙهيءَ جا وار چٻاڙيندڙ ملان هيو. مقتل جي وچ تي اڏيءَ وٽ جلاد جو ڪات چمڪندڙ ڏندن جيان تجلا ڏئي رهيو هيو.
    بادشاهه شاهه زيب وقت جي عاقل کي اتي خاص دعوت ڏئي گهرايو هيو ته جيئن هو جاهل عاشق کي مرڻ کان پهريون ڪي عقل جون ڳالهيون ٻڌائي هن جي انڌين اکين ۾ نور جا رستا کولي، اهو ڪجهه سمجهائي جيڪو هن ناسمجهه جي سوچ کان ٻاهر هيو.
    عاشق کي زنجيرن سان ڇڪي آڻي اڏيءَ وٽ بيهاريائون ۽ پوءِ هن کي حڪم ڏنائون ته هو گوڏا ڀڃي ڪنڌ اڏيءَ تي رکي ته جيئن سندس سسيءَ کي ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي.
    جڏهن عاشق اڏيءَ آڏو اچي ڌرتيءَ تي گوڏا کوڙي ويٺو ته جلاد ڪات ۾ هٿ پختا ڪري بادشاهه ڏي ڏسي اشاري جو انتظار ڪيو. بادشاهه ڪجهه سوچي عاقل ڏانهن ڏٺو ۽ هن کي چيو ته “اي ڏاها... اي هن دور جا عظيم دماغ، اڳتي وڌ ۽ هن ڪوڙي ڪفر جي مرتڪب ماڻهوءَ کي اهو سمجهاءِ ته عقل ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي. ڏاهپ کي ڏسڻ لاءِ ڪهڙين اکين جي گهرج آهي. سوچ ۽ سمجهه کي پرکڻ لاءِ دماغ کي ڪيئن استعمال ڪري دور انديشي اختيار ڪري سگهجي ٿي. کوجنا ۽ ايجاد حاصل ڪري سگهجي ٿي.”
    بادشاهه ڳالهائي بس ڪئي ته عاقل اڳتي وڌيو ۽ گوڏا کوڙي آڏيءَ وٽ ويٺل عاشق ڀرسان بيهي هن کي چيو.
    “عقل جي حد کان هن پار بيوقوفيءَ جي بستي آهي، اي عاشق عقل کي استعمال ڪر ته دنيا ۾ سڦل ٿئين ۽ ڪا سکن واري ساعت ماڻين. اجائي ڳالهه ڪري ملڪ ۾ مونجهارا نه ڦهلاءِ. هيءُ ڏس منهنجي عقل جا ڪمالات” عاقل چيو ۽ پوءِ هن اٿي هڪ جادوگر جيان وٺي جو پنهنجن هٿن کي ڦيريو ته اتي موجود هڪ برتن ۾ الڪوحل ٺهي ويو. سڄي مقتل ۾ واهه ٿي وئي. بادشاهه سلامت هن کي داد ڏنو ۽ هٿ جو اشارو پڻ ڏنو ته هو پنهنجي عقل کي استعمال ڪري ان مجذوب جي مائوف مغز کي کولڻ جي ڪوشش ڪري.
    عاقل مرڪي وري جو هٿن کي ڦيريو ته اتي موجود هڪ بوتل ۾ گندرف جو تيزاب ٺهي ويو. پوءِ ويو هو هٿن کي ڦيريندو ۽ عقل جا ڪارناما ڏکاريندو. هن شوري ۽ سرڪي جو تيزاب ٺاهي ڏيکاريو ۽ قطب نما ڪڍي عاشق اڳيان رکيو. هر طرف واهه واهه جو آواز اچڻ لڳو ۽ عاقل هلڪي مرڪ سان چوڌاري ڏسي داد وٺڻ لڳو. پوءِ وري هن کيسي ۾ هٿ وجهي ڪاغذ ڪڍيو ۽ ان تي الجبرا کي استعمال ڪري ڏکيا حساب آسان ڪري وڌا. هن دنيا جو ٺاهيل نقشو ڪڍي عاشق آڏو رکي هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جاگرافي ڇا ٿيندي آهي. هن اکيون بند ڪري اهڙيون جدولون اچارڻ شروع ڪيون جو منجهيل مسئلا حل ٿي ويا. هن منطق ۽ فلسفو ڳالهايو ۽ طب جا طريقا سمجهايا.
    عاقل جڏهن مظاهرا ڪري ٿڪو ته هن عاشق کي چيو
    “اڙي عاشق اهي انڌيون اکيون کول ۽ عرش کي ڏسڻ کان اڳ عقل جي اک ڌار”
    عاشق جيڪو جلاد جي ڪات هيٺان گوڏن ڀر اکيون هيٺ ڪري ويٺو هيو ان ڪڙين ۾ ڦاٿل هٿ ڇڏائي ڌرتيءَ تان ڌوڙ کڻي ڀرسان ويٺل عاقل جي اکين ۾ هڻندي چيو
    “اڙي عاقل ڌوڙ تنهنجي منهن ۾”
    ڌوڙ جيئن ئي عاقل جي اکين ۾ لڳي ته عاقل درد کان رڙ ڪري وڃي پري ڪريو. عاقل جي اهڙي حالت ڏسي بادشاهه جلال ۾ اچي ويو ۽ اتي موجود هر ماڻهو اُلر ڪري اڀو ٿي بيهي رهيو.
    عاقل درد کان اکيون مهٽيندو آهون ڀريندو رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن عاقل اکيون مهٽي عرش ڏي ڏٺو ته هن کان دانهن نڪري وئي. هن وري اکيون مهٽيون ۽ وري عرش ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ پوندڙ ڌوڙ ڪري عاقل جون اکيون سدائين لاءِ پورجي انڌيون ٿي ويون.
    ان کان اڳ جو بادشاهه شاهه زيب جلاد کي هٿ جي اشاري سان عاشق جو سرقلم ڪرڻ لاءِ چوي، عاقل گوڏن ڀر بانبڙا پائي وڃي هن جي تخت کي چنبڙيو.
    “بيهه بادشاهه سلامت بيهه” هن چيو.
    بادشاهه حيرت مان هن ڏانهن ڏٺو. ملان ۽ قاضي وائڙا ٿي اڳتي وڌي هن مٿان اچي بيٺا.
    “اي عاقل تون آخر ڇا ٿو چوڻ چاهين تنهنجي حالت ايڏي غير ڇو ٿي وئي آهي” بادشاهه هن کي شڪ جي نگاهن سان ڏسندي چيو.
    عاقل جيڪو وائڙن جيان اکيون ڳاڙهيون ڪري بادشاهه ڏي ڏسي خوف مان سهڪي رهيو هيو تنهن هٿ مٿي ڪري بادشاهه کي آسمان ڏانهن اشارو ڏنو.
    “بادشاهه سلامت عرش ڳاڙهو... رب جو قسم عرش ڳاڙهو.” هن چيو ۽ پوءِ هو ڪنڌ هيٺ ڪري روئي ڌرتيءَ کي ڌڪ هڻڻ لڳو.
    جلاد کي عاشق جو سرقلم ڪرڻ لاءِ بادشاهه جو مٿي کنيل هٿ رڪجي ويو ۽ بادشاهه هڪ ڊگهي سوچ ۾ ٻڏي ويو.

    o


    واش روم

    گذريل هفتي کان هن کي بخار هيو، جوڙن ۽ مٿي ۾ سور هيو، دوا کائي رهيو هيو، ڪو افاقو نه هيو، بيماريءَ ڪري گهڻو ڪمزور ٿي چڪو هيو. جسم ۾ ساهه نه هيس. ڀتين کي هٿ ڏئي هلي رهيو هيو. گهر ۾ اڪيلو هجڻ ڪري زندگي ائين محسوس ٿي رهي هيس جيئن پنهنجي وجود جي ڄار ۾ قيد ٿي ويو هجي.
    هن کي بستر تان اٿڻ جي ضرورت گهٽ پوندي هئي، سندس ڊوڙ بستر کان واش روم تائين ۽ واش روم کان بستر تائين هئي. بستر نه گرم هيو، نه سرد، هن جي جسم مان حرارت محسوس ڪرڻ جي سگهه موڪلائي چڪي هئي. بستر جون چادرون ميريون هيون يا اجريون هن کي ڪا خبر نه هئي، ڇو جو گهر ۾ سدائين اوندهه هوندي هئي. ڏينهن هجي يا رات ڪمري اندر روشني ۽ اوندهه ۾ ٿورو فرق هيو، اهو ائين ته ڏينهن جو ڏکڻ واري دريءَ کي لڳل پردي تي ٺهيل واڱڻائي گل ڪارا نظر ايندا هيا ۽ رات جو اهي اوجهل ٿي ويندا هيا. هن کي انهن جو واڱڻائي رنگ انهيءَ ڪري ياد هيو جو “عرشا” سان گڏ جڏهن اهي مارڪيٽ مان ورتا هيا ته انهن تي واڱڻائي گل هيا پر پوءِ عرشا جي ناراضگيءَ کانپوءِ اهي ساڳيا نه رهيا.
    گهر ۾ اوندهه جو سبب هن جي اندر جو خوف به هيو، ننڍڙي گهر جا سڀ در ۽ دريون بند هوندا ته ڏينهن ۽ رات ۾ ٿورڙو ئي فرق هوندو. هو هڪ هفتي اندر ايڏو ته ڪمزور ٿي چڪو هيو جو ڀتين کي هٿ ڏئي واش روم ڏانهن ويندي هن جون ڄنگهون ڏڪي رهيون هيون. واش روم ڪمري ۾ نه هيو. ڪمري کان ٿورو پري ٻاهرين در جي ڀڪ ۾ هڪ ننڍو قيد خاني جي ڪنهن عقوبت گهر جيان هيو.
    هن جي زندگي هاڻي اها ئي بچي هئي ته پنهنجو وقت اوندهه ۾ بستر کان واش روم ۽ واش روم کان بستر تائين وکون کڻي دنيا مان راهي ٿئي. ڪا خبر نه هئي ته ڇو اها رات ايڏي ڪاري هئي؟ شايد ڏينهن هيو ۽ سج بادلن ۾ لڪيل هيو. شايد ڪا چانڊوڪيءَ بنا رات هئي، پر جڏهن سوچي پيو ته ذهن ۾ کيس اهو خيال پئي آيو ته اها ڪاري رات ٻاهر نه، پر سندس اندر ۾ هئي. بخار کان هن جون اکيون نه پئي کليون، هو ڪمزور هيڻن قدمن سان ڀتين کي هٿ ڏئي اوندهه ۾ هلندو واش روم ۾ ويو. اندران در بند ڪري ڪموڊ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين، اتي ڪموڊ نه هيو، هن جلديءَ ۾ سلوار لاهي ڇڏي هئي، هن هلڪيون اکيون کولي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اتي ست “جوڪر” هيا، جيڪر هيبتاڪ وڏين گول اکين، ويڪري وات ۽ بوڻينڍي نڪ سان کيس ڏسي ٽهڪ ڏئي رهيا هيا. اهي هن جا ڀائر هيا. هن نه ڏڪندڙ ڪمزور هيڻن هٿن سان سلوار پائي ڇڏي. اهي جوڪر هن جي واش روم ۾ ڇا ڪري رهيا هيا؟ اتي ڪموڊ نه هيو پر ڪرفٽيءَ جي تيز بوءِ کان سندس مٿو ڦاٽو ٿي ويو. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن سگريٽ نه پيتو هيو، انڪري لائيٽر يا ماچيس جي ضرورت محسوس نه ٿي هئي جو کيسي ۾ رکي ۽ ضرورت وقت اوندهه ۾ تيلي ٻاري پنهنجي وجود کي ڳولهي سگهي. جوڪرن تي کلڻ صحتمند معاشري جي نشاني هوندي آهي. جڏهن جوڪر توهان تي کلن ته سمجهي وڃون نفرت جو دور شروع ٿي چڪو آهي. هن جي هٿ ۾ اهڙي ڪا به شيءِ نه هئي جيڪا انهن جوڪرن کي وهائي ڪڍي. هن واش روم جي در ڀرسان لڳل بيسن وٽ صابڻ داني ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن صابڻ کڻي کين وهائي ڪڍي. هن محسوس ڪيو، نه اتي بيسن هيو، نه صابڻ داڻي، هن جو واش روم بدلجي چڪو هيو پر اتي ڦهليل ڪرفٽيءَ جي تيز بوءِ کيس يقين ڏياري رهي هئي ته اهو واش روم ئي هيو.
    هن جو واش روم اهڙو نه هيو، اتي فينائيل ۽ وم جي خوشبوءِ ڦهليل هوندي هئي. هن جي واش روم جو آئينو ايڏو ته شفاف هيو جو ان ۾ ڏسڻ سان ماڻهوءَ جو روح نظر ايندو هيو.
    هن انهن جوڪرن کي پڪڙڻ چاهيو، اهي اوندهه ۾ ڀڳا ۽ هو همت ڪري انهن پويان ڊوڙندو ڪافي اڳتي نڪري ويو. هن جو چار باءِ ڇهه جو واش روم وسيع ٿي چڪو هيو. اهو لامحدود هيو. اڻ کٽ هيو. هن پنهنجيون ڪمزور ڳوريون اکيون کڻي اوندهه ۾ ڏٺو اتي عورت گهمي رهي هئي. جسم ۾ ڀريل گوري رنگ واري خارباز، هن کي سندس منهن جا تاثرات انڪري ياد آيا جو ان جو گورو منهن اوندهه ڪري سُرمئي هيو ۽ ڪاوڙ ڪري ان تي اڀريل گهنج تيز ڪارا هيا. سُرمئي منهن جون تيز ڪاريون ليڪون هن کي يقين ڏياري رهيون هيون ته اها عرشا هئي. هن ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. “عرشا هيءُ واش روم آهي، تون ٻاهر ٿي بيهه مان اچان ٿو.”
    پوءِ هن ان کان وڌيڪ پڇڻ چاهيو “پر مون کي اهو ته ٻڌاءِ تون ايڏا ڏينهن ڪٿي غائب ٿي وئي هئينءَ، توکي ڪو احساس نه آهي ته مان بيمار ماڻهو اٿڻ ويهڻ جي قابل نه رهيو آهيان. ڏس منهنجون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن. جسم ڪمزور ۽ بخار ۾ ورتل آهي.”
    عرشا جي سرمئي منهن جون ڪاريون ليڪون وڌيڪ گهريون ٿي ويون اها هن کي ڌڪو ڏئي هلي وئي. هو کڏ ۾ ڪري پيو. هن محسوس ڪيو کڏ ڪموڊ جهڙي هئي ۽ جڏهن ته هن جي واش روم جو ڪموڊ غائب ٿي چڪو هيو.
    عرشا پري هلي وئي، اوندهه سان گڏ اوندهه ٿي وئي.
    اهو چار باءِ ڇهه جو واش روم جنهن جون ڪنڊون غائب ٿي چڪيون هيون، ان ۾ ڦهليل ڪرفٽيءَ جي بوءِ هر هر يقين ڏياري رهي هئي ته اهو واش روم ئي آهي جنهن جي گهڻن ڏينهن کان صفائي نه ٿي آهي. هفتي ۾ ٻه دفعا ماسي ايندي هئي جيڪا گهر ۽ واش روم جي صفائي ڪري هلي ويندي هئي. هو ان کي هر مهيني جي پهرين تاريخ تي پگهار ڏيندو هيو. ٻاهٺ سالن جو رٽائرڊ ڪامورو هيو، کيس ايترا پئسا هيا جو باقي بچيل زندگي آرام سان گذاري پئي سگهيو، پر کيس لڳي رهيو هيو ته اها ڪم ڪرڻ واري ماسي به ٻين جيان هن جو ساٿ ڇڏي هلي وئي هئي. هن ياد ڪيو ڪم ڪرڻ واري ماسي، ماسي نه هوندي آهي، ماسي هجي ها ته پوءِ ساٿ ڇڏي هلي وڃي ها، “پنهنجا” پريشانيءَ جو ٻيو نانءُ هوندا آهن. هن شڪر ڪيو ماسي نوڪرياڻي هئي، جيڪا پنهنجو ڪم صحيح طريقي انجام ڏئي رهي هئي. واش روم جي بوءِ دماغ ۾ سوڙهه ڪري رهي هئي، هن سوچيو ماسي جيڪا واش روم جي راڻي هئي اها اهڙيون ڪوتاهيون ڪندي ته پوءِ واش روم ڪيئن هلندو. هڪ ڏينهن ان جو گٽر بند ٿي ويندو.
    هو ٿڪجي پيو ۽ واش روم ۾ ويهي رهيو. هن جيئن فرش تي هٿ هنيو ته کيس محسوس ٿيو اتي رت ڦهليل آهي. هن هٿ کي نڪ تائين آندو ان ۾ پيشاب جي بوءِ هئي پر اهو پيشاب نه هيو واقعي ئي رت هيو. ان جي چپچپاهٽ ۽ آڱرين جي وچ ۾ محسوس ٿيندڙ ڄميل مواد اهو رت ڪنهن ڪٺل جانور جو نه، پر انسان جو هيو، پوءِ لڳو واش روم ۾ لاش پيا آهن. هن جو واش روم سرد خانو هيو، جنهن جو گرمي پد باهه کان به وڌيڪ هيو، کيس سڙيل لاشن جي ڌپ ڪرفٽيءَ جي بوءِ کان به تيز محسوس ٿي. هن هٿ هڻي واش روم ۾ ٽوال ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کٻيءَ ڀت ڏي هٿ وڌايو جتي ٽوال ٽنگيل هوندو هيو. کٻي ڀت نه هئي اتي ننڍڙا پاڇا هيا جيڪي ڪارو لباس پائي قومي ترانو ڳائي رهيا هيا. هن اوندهه ۾ رڙ ڪري چيو “واش روم ۾ قومي ترانو ڳائڻ منع آهي.”
    کيس فوجي جنرل جو پاڇو نظر آيو، جنهن حڪم ڏنو “هن تي غداريءَ جو مقدمو هلائي کيس ڦاسي ڏيو.”
    هو روئڻ لڳو. اچتو هڪ ملان تلاوت شروع ڪئي هن وري رڙ ڪندي چيو “اها پاڪ ڪلام جي توهين آهي، واش روم ۾ تلاوت نه ٿي ڪري سگهجي.”
    “ملان الله اڪبر جو نعرو هڻندي چيو “ڪافر جي سزا موت”
    ۽ ان کانپوءِ ڌماڪي سان پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، هن محسوس ڪيو سندس شيمپو، باڊي اسپري ۽ آفٽر شيو لوشن سڀ ذرا ذرا ٿي اڏامي ويا آهن. هو روئڻ لڳو، “ظالمن منهنجو واش روم تباهه ڪري ڇڏيو.”
    هو واش روم جي ملبي تان اڳتي وڌيو، پيشاب جي بوءِ وڌي چڪي هئي جيڪا مرندڙ جسمن جي وهندڙ رت مان اچي رهي هئي. هن کي پيرن هيٺان انساني گوشت جا ٽڪرا ائين محسوس ٿي رهيا هيا. جيئن استعمال ٿيڻ صابڻ جا ذرا هجن. هو ترڪي رهيو هيو، هن نل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن پير ڌوئي سگهي، نل ڳولهيندي هن جو هٿ نانگ جي منڍيءَ ۾ پئجي ويو. نانگ هن جي هٿ ۾ ڦتڪڻ لڳو. هن نانگ کي ڇڏي ڏنو. نانگ هن کي نه ڏنگيو. هن دل ۾ چيو “نانگن جا ڏنگ سُڪي چڪا آهن.”
    جتي ڀت ۾ شاور لڳل هوندو هيو اتي کيس ڪاري وڻ هيٺان اڇن ڪپڙن ۾ هڪ بزرگ بيٺل نظر آيو. هن بزرگ کان پڇيو “تون ڪير آهين ۽ تنهنجو منهنجي واش روم ۾ ڪهڙو ڪم؟”
    ان بزرگ هٿ ادب جا ٻڌي پهريون خدا کان معافي ورتي ۽ پوءِ چيو “مان شيطان آهيان! انسانن جي خوف کان شاور وٽ اچي لڪو آهيان.”
    پوءِ هن شيطان کي چيو “هتان نڪر ته واش روم کي استعمال ڪريان، شيطان هن کي ورغلائڻ چاهيو ۽ کيس چيو “هو روزا رکي، نماز پڙهي، زڪوات ۽ فطرانو ڏئي. حج ڪري ڏوهه بخشرائي ته ڪڏهن بيمار نه ٿيندو.”
    هن شيطان کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ کيس صلاح ڏني “هو ملان ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري نه ته ٻيهر کيس خدا جي قهر جو نشانو ٿيڻو پوندو.”
    شيطان گم ٿي ويو، هن وري اڳٺ ڇوڙيو ۽ فارغ ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو ته اوندهه ۾ ڪجهه ڌاڙيل ورائي ويا “جيڪي ڪٺو ڪيو ٿي ٻاهر ڪڍ”
    هن اڳٺ هٿ ۾ جهليندي جواب ڏنو “گهڻو پيشاب ڪٺو ٿي ويو آهي.”
    انهن ڪاوڙ ۾ گولي هلائي، اوندهه ۾ آئيني ڀڃڻ جو آواز آيو. هن پيشاب ڪرڻ لاءِ ڪموڊ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. اتي واقعي ئي ڪموڊ نه هيو. هن هٿ ڌوئڻ لاءِ بيسن ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي اتي ڪو به بيسن نه هيو. هن ٽوال ڳولهيو. شيمپو، صابڻ، برش، بالٽي، کونجو، نلڪو، اتي ڪجهه به نه هيو.
    پوءِ هو ٻاهر نڪري واش روم ڳولهڻ لڳو جيڪو پرامن، هوادار ۽ بوءِ کان پاڪ هيو.

    o


    ٻه ڪڻيون

    پوڙهو گڻيشيو چونئري مان هر هر نڪري پڇي رهيو هيو.
    “ابا... مينهن وٺو، نه وٺو؟”
    “ڏاڏا، جهڙ ايندو ته مينهن وسندو، آسمان خالي هجي ته مينهن ڪيئن وسندو؟” اڱڻ ۾ بيٺل گلابيو کيس ساڳيو جواب ڏئي رهيو هيو.
    پوڙهي گڻيشيو جي اکين جون ماڻڪيون اڇيون ٿي چڪيون هيون، هو لٺ سهاري هلي رهيو هيو، کيس مينهن جو اوسيئڙو هيو، پريان اڱڻ ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان املا ويٺل هئي، سندس معصوم ابهم جهول ۾ سيني سان ائين لڳل هيو جيئن ماءُ جي سيني مان ساهه کڻندو هجي.
    جڏهن مينهن نه وسندا آهن ته ڇاتيون سڪي وينديون آهن، کوهه کارا ٿي نڙيون ساڙيندا آهن، ڪنڊين جا پاڇا اٺڻيءَ جي جهاري جيان ڇڊا ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن خدا ٻاجهه ڪندو آهي ته ٻاجهر ٿيندي آهي. کنڀين سان ڌرتي کنڀجي ويندي آهي، گوار ڳنوارن جو ڀاڳ بنجي پوندي آهي.
    مينهن نه وٺو، املا جا ٿڻ خالي هيا پر دل ڀريل هئي، سندس جهول ۾ جهليل ابهم ڪنگيءَ ڪري ڍانچو ٿي چڪو هيو. ان جي منهن جا هڏا کوپڙي ٿي چڪا هيا. پاسيريون ائين هيون جيئن ڳيرو اس تي پر سڪائيندو هجي. سندس بي جان ڄنگهن جو ماس بک کائي چڪي هئي.
    ٻار جي حالت ڏسي املا جي اندر ۾ گجگوڙ پئي ٿيا، وڄ پئي چمڪي. ٿر اندر گذريل ٽن مهينن ۾ ست سوَ ٻار مري چڪا هيا. ڪٿان به واهر نه ٿي. بکايل کي انَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ڊَاول کي پئسي جي. ٻاهران آيل امداد سرنديءَ وارن ۾ ورهائجي وئي. دوائون اسٽورن تي وڪامي ويون ۽ منرل واٽر جون وسري ويل بوتلون اس ۾ خراب ٿي ويون.
    سوڪهڙي ۾ سڄو ٿر سڃون پر مٺيءَ ۾ رونق وڌي ويندي آهي. وزير، مشير، پريس، اينجيو، طنبو، دعوتون، تقريرون، راشن وٺندي وڙهي مرندڙ مرد، عورتون،ٻار، ليڊرن جون امداد ڏيندي بک ۽ افلاس ختم ڪرڻ جون بلند ٻانگ دعوائون، سول اسپتال جا ڪنگي ورتل ٻارن سان ڀريل بسترا، بجلي بند، رئي جي پاند سان مکيون هڪليندڙ عورتون، نڪ ۾ اٺ جي ناڪيليءَ جيان پيل نٿون ۽ عاج نما ٺوٺ تائين اڇي پلاسٽڪ جون چوڙيون، موهن جي دڙي جون ناريون، ترقي يافته سائنسي دور ۾ موهن جي دڙي کان بدتر زندگي گذاريندڙ، قرض جي ٻوجهه هيٺان بيگر وهندڙ عورتون.
    ولهه وڌي وئي ۽ انڌڙو گڻيشيو وري چونئري کان ٻاهر نڪري آيو.
    “ابا... مينهن وٺو، نه وٺو؟”
    “ڏاڏا، وسندو... وسندو” کيس گلابيي تسلي ڏني.
    پريان ڪنڊيءَ هيٺان ويٺل املا جي اندر ۾ گاج ٿي. هن جو من ڦاٽو ٿي ويو. هنج ۾ جهليل ابهم کي ڏسي اکين ۾ وڄ پئي چمڪي. سندس مڙس نانڪو، ٽنڊي باگي ۾ ترسيل هيو. هندستان جي اترين علائقن ۾ مينهن جام وسيا هيا جنهن ڪري انهن ڊيمن جا در کولي ڇڏيا ته پنجاب جي ڊيمن تي زور پئجي ويو. ان کان اڳ جو ڊيم ڀڄن، پاڻي ڀڄندو، سنڌوءَ ۾ پڇڙيءَ تائين پهتو ۽ سمنڊ سان ملي پنهنجي اڃ اجهائي.
    مٺو پاڻي کارو پاڻي پيئندو آهي ۽ کارو پاڻي مٺو پاڻي پيئندو آهي. کاري پاڻيءَ کي مٺو پاڻي نه ملي ته اهو خشڪيءَ تي چڙهي مٺو پاڻي ڳولهيندو آهي.
    ٽنڊي باگي ۾ ان سال رونبا ٿيا ۽ گهڻي وقت کانپوءِ ٽٻڻي پاڻيءَ ۾ گهت هڻي مڇي چهنب جهلي اڏاڻي. املا کي پڪ هئي ته نانڪو موٽندو ۽ ڀري ان جي ساڻ ڪري سڻائي ڪندو. پر نانڪو نه موٽيو، ساريالو فصل جوان ٿي ته جيڏيون چهنبون ايڏا چڪ. نئين ڪوٽ کان اڳتي بيٺل فصلن تي ٿر جي بکايل جهرڪين اهڙو حملو ڪيو جيئن اهي جهرڪيون نه، پر بک وگهي مري ويل ٻارن جا روح هجن. نانڪو جهار هڪلي ٿڪجي پيو ۽ املا انتظار ڪندي. هن جي ابهم جي حالت اهڙي ٿي وئي جو کارو پاڻي وات ۾ وڃي اکين مان پئي وهيو. املا مايوس ٿي وئي. سندس من ۾ گجگوڙ ٿيو، اندر ۾ تيز هوا لڳي ۽ سيني ۾ دل سڪل سڱريءَ جيان ڇڻي پئي.
    پوڙهو گڻيشيو لٺ سهاري هٿ هڻندو چونئري کان وري ٻاهر نڪتو ۽ پڇيائين
    “ابا... مينهن وٺو، نه وٺو؟”
    هن دفعي گلابيي ڪو جواب نه ڏنو.
    ٻه ڪڻيون املا جي هنج ۾ جهليل بي سڌ ابهم جي منهن تي ڪري پيون.

    o


    پويان ڏينهن

    جيئرو انسان اگربتي جيان دُکي ٿو، پر هو ڄڻ جيئرو هوندي به مري چڪو هيو، هن جي مَن جي چڻنگ وسامي چڪي هئي. روز شام جو ٻه نوڪر هن کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي ان بلند عمارت آڏو روڊ جي ٻئي پاسي ڪرسيءَ تي ويهاري هليا ويندا هيا. هو حسرت ۽ آس مان هڪ ڊگهو ساهه کڻي ان بلند عمارت کي ڏسندو رهندو هيو، جيڪا گهڻ منزلا هوٽل جي عمارت هئي. جنهن ڏاڪڻين مان ڪيترا مسافر لهندا چڙهندا هيا.
    هو هاڻي محسوس ڪري رهيو هيو سندس جواني ٽيپو ٽيپو ٿي هن جي وجود مان ويهي چڪي آهي. ڪجهه وقت اڳ جنسي دوائن جي استعمال ڪري هو غدودن جي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ آپريشن کانپوءِ سندس چيلهه صفا چٻي ٿي وئي. هن ڏٺو اها هوٽل جي بلند عمارت ڄڻ هن اڳيان عزرائيل جيان ٻانهون ٻاهر ڪڍي هن جو روح قبض ڪرڻ لاءِ تيار بيٺي هئي.
    اها عمارت هوبهو هن جي گذريل زندگيءَ جو خاڪو هئي. ان جي هر منزل هن جي زندگيءَ جي منزل هئي. ان عمارت جي سڀ کان هيٺائين منزل ڄڻ هن جي مٿي جيان هئي جنهن تي اها عمارت هن جي ڪيل گناهن جيان بيٺل هئي. هن نظر ڊوڙائي وهي ويل زندگيءَ جي ميري پاڻيءَ تي سوچيو، اتي گناهن ۽ گند کانسواءِ هن کي ڪا به شيءِ نظر نه آئي. پنهنجي گناهگار زندگيءَ تي سوچي هو ڏاڍو ڊنو ۽ موت هر هر ان ڊگهي عمارت جي مٿين حصي مان ڄڀ ڪڍي هن کي ڏنگڻ لاءِ الرون ڪرڻ لڳو. هو سوچي رهيو هيو رب کي ڪهڙو منهن ڏيندو. قبر جي عذاب کان ڪيئن بچندو. دوزخ جي باهه هن جي رڳ رڳ ۾ ڊڪڻ لڳي. نرڙ جو پگهر هن کي منهن جي ٻنهي پاسن ڏانهن موت جي فرشتي جي هيٺ سرندڙ آڱرين جيان ڳچيءَ ڏانهن وڌندي محسوس ٿيو.
    گذريل ڪيترن ڏينهن کان هو روز رات جو عجيب خواب ڏسي رهيو هيو. هن کي ياد نه هيو ته ڪا اهڙي رات هجي جيڪا خواب بنا گذري هجي.
    ان رات هو سمهيو ته هن خواب ۾ ڏٺو هن وٽ لوهه جا ذرا آهن جن کي هو ڄڻ رت ٻوڙيل ڳاڙهن ڏندن جهڙن ٽانڊن جي وات مان نڪرندڙ باهه جي ڄر تي گرم ڪري سنڌاڻ تي رکي ڊگهن وڏن ڪوڪن جي صورت ۾ گهڙي رهيو آهي. هن اٺهتر ڪوڪا گهڙيا آهن. پوءِ هن هڪ هٿوڙي سان اهي ڪوڪا هڪ ٻئي پويان پنهنجي گهر جي دروازي جي چوکٽ ۾ هڻڻ شروع ڪيا آهن. هن ڏٺو اها چوکٽ هر لڳندڙ ڪوڪي سان وڌيڪ چيرجي ڏرندي وئي آهي. ان جا ڏار ڄڻ ڪوريئڙي جي ڄار جيان سنها ان چوکٽ کي چنبڙيا پيا آهن. هن جڏهن سڀ ڪوڪا هڻي آخري اٺهترهون ڪوڪو ڪاٺ ۾ هنيو آهي ته چوکٽ ڀرندڙ رک جيان اچي هن جي پيرن ۾ پئي آهي. عمارت جون ڪجهه سرون جيڪي چوکٽ سهاري هيون اچي هن مٿان ڪريون آهن ۽ هو ذري گهٽ پورجي ويو آهي. هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. جڏهن هن جي اک کلي آهي ته هو سڏڪي رهيو آهي. هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي وهاڻي تي ڪري رهيا آهن. ٿڌا پگهر هن جي اڇن وارن ۾ جوئن جيان سرڪي رهيا آهن. هن جا هٿ چادر کي مٺين ۾ ڀيڪوڙي بند ٿي چڪا آهن.
    هن محسوس ڪيو سندس آخري وقت اچي چڪو آهي. هاڻي هن کي خدا آڏو وڃي هر گناهه جو حساب ڏيڻو پوندو. هن سوچيو ان خواب جي تعبير موت کانسواءِ ٻي ڪا به نه آهي. هو مرڻ وارو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جا اٺهتر ڪوڪا هڻي پورا ڪيا آهن. زندگيءَ جي دروازي جي چوکٽ ڏرا ڏئي ٽٽي هيٺ ڪري چڪي آهي. هن جا رستا بند ٿي چڪا آهن. موت هن کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي هڪ اهڙي اونڌائي بيابان ۾ ڦٽو ڪندو جتي اهي سڀ ارواح هن کان پنهنجو پلئه وٺڻ لئي موجود هوندا جن سان هن ظلم ۽ زيادتيون ڪيون. هو ٽپو ڏئي بستري تان اٿيو ۽ هن پنهنجا هٿ کڻي سجدو ڪري خدا کان ڪيل گناهن جي معافي ورتي.
    “اي رب مونکي معاف فرماءِ... مان ڏوهاري آهيان... مون انسانن کي تنگ ڪيو... عورتن جي عصمت لٽي ۽ مسڪينن جو خون پيتو. مان معافيءَ جو طلبگار آهيان ۽ بيشڪ تون توبهه ڪرڻ وارن کي معاف ڪرين ٿو.”
    پوءِ هن تصور ۾ ان اگهاڙي تازي ڄاول ٻار جو مئل جسم ڏٺو جيڪو گند جي ڍير تي پيل هيو، ان پويان گند کي لڳل باهه جي اڀرندڙ دونهي مان هن کي اها خاڪروب عورت نظر آئي جيڪا روز پکاليءَ جي اچڻ کان اڳ گهٽين کي ٻهاري ڏيندي هئي. تن ڏينهن هو يونين ڪائونسل جو چيئرمين هيو. قائدي اعظم ڪٽ ٽوپي پائي مڇن کي خضاب هڻي هو اڇي ڪلف لڳل ڪاٽن جي جوڙي سان هڪ خوبصورت بيد جي وڪڙدار ڇڙي هٿ ۾ کڻي گهٽين ۾ گهمندو هيو. هڪ ڏينهن صبح جو سوير آذانن مهل جڏهن اها خاڪروب عورت هن جي بنگلي نما گهر اڳيان گهٽيءَ کي ٻهاري ڏئي رهي هئي ته هن کيس ٻانهن ۾ هٿ وڌو.
    “ٻيڻين پگهار ڏيندو سانءِ” هن عورت کي گئريج طرف گهليندي چيو “رڙ نه ڪر... اچ... ڏس ڳالهه سمجهه... نه ته صفا ڪپي ڇڏيندو سانءِ... چپ... صفا چپ...”
    عورت ڪنجهي ڪرڪي ۽ جڏهن گئريج مان ٻاهر نڪتي ته پکالي پريان روڊ تي ڇنڪار ڪندو اچي هن جي ڀر ۾ پهتو. عورت پٿر جيان بيٺل هئي.
    “هيڏي آڙي خدو هٿ ڌوئار” اندران گئريج مان هن جو ٿلهو آواز آيو.
    پکالي اڳتي وڌي هن وٽ ويو ۽ پکال مان پاڻي الٽيون ڪندو هن جي جهليل ٻڪ ۾ ڪريو.
    هن پوءِ جڏهن خدا آڏو جهليل ٻڪ طرف ڏٺو ته محسوس ڪيو پکال مان پاڻي نه تيزاب وهندو هجي، جنهن ڪري هن جا هٿ سڙي چمبڙيءَ جي اڀريل ڦوڪڻن ۾ تبديل ٿي ويا هجن. دونهون هن جي سڙيل آڱرين مان ان مري ويل تازي ٻار جي روح جيان مٿي بلند ٿي رهيو هيو جنهن تازي ٻار کي ان خاڪروب عورت جي جسم مان جنم وٺڻ کانپوءِ هن گهٽا ڏئي گند جي ڍير تي اڇلرائي ڇڏيو هيو.
    هو رڙ ڪري اٿيو ۽ واش بيسن جو نل کولي هن پنهنجا ٻئي هٿ ان هيٺان ڏئي ڇڏيا.
    صبح ٿيڻ سان هن موت جو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو، هن کي پڪ هئي ته رات واري خواب جي تعبير جلد ٿيڻ واري آهي. موت ڪنهن وقت به هن مٿان نازل ٿي هن جي جسم تي لت رکي روح کي ڇڪي جدا ڪري سگهي ٿو. هن جو اهو پورو ڏينهن انتظار ۾ گذري ويو پر موت نه آيو. رات ٿي ۽ هو وري رب کان معافي وٺي ڪلمو پڙهي اکيون ٻوٽي سمهي پيو.
    ان رات هن هڪ عجيب خواب ڏٺو، هن ڏٺو ڪاري رات ۾ هو ڪنهن قبرستان اندر موجود آهي. هن جي هٿ ۾ باهه جي بٺيءَ مان نڪتل تازو گرم ڳاڙهي لوهه وارو بيلچو آهي جنهن سان هو پنهنجي ڪتبي واري قبر کوٽي رهيو آهي. سرد ۽ سنسان رات ۾ پگهر هن جي ڪلهن تان پڇ مٿي ڪري زهريلن وڇن جيان هيٺ ڊوڙي رهيو آهي، هڪ وڏي جدوجهد کانپوءِ هن کي هڪ هڏائون پڃرو نظر آيو آهي، هن هيٺ نوِڙي ان هڏائين پڃري جو هر هڏ الڳ ڪري ڳڻڻ شروع ڪيو آهي. هن جڏهن منڍيءَ جي هڏي کي کنيو آهي ته ان جي اکين مان ٻه ڪارا نانگ ڦڻ ڪڍي هن آڏو بيهي رهيا آهن ۽ هن جي اک کلي وئي آهي.
    هن سوچيو، ان قبر ۾ پيل هڏا هن جا ڪيل اهي گناهه آهن جن کي ڳڻيندي جڏهن هن منڍيءَ جي هڏي کي هٿ لاٿو آهي ته ٻه فرشتا نانگن جي روپ ۾ هن آڏو اچي نيڪي ۽ بديءَ جو حساب وٺڻ لاءِ اڀا ٿي بيهي رهيا آهن. هاڻي هو پڪ سان مرڻ وارو آهي ۽ قدرت هن کي اڳواٽ اهو ڪجهه ڏيکاري رهي آهي جنهن لقاءَ کي اڳتي هلي هن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ هڪ نه کٽندڙ عذاب ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو.
    پوءِ هن کي ديوان مولچند ياد آيو، جڏهن هو بي ڊي ميمبر هيو ته هن ديوان مولچند سان ڀائيداري ڪري اتي محلي ۾ ڪڪڙن جو تيل پيهڻ جي مل هئين. ڪڪڙن سان ڀريل وڏيون ٽرڪون پاڙي جي سوڙهين گهٽين مان لنگهينديون ان مل وٽ اينديون هيون. انهن ٽرڪن جي ڦيٿن هيٺان اچي ڪيترا معصوم ٻار مئا ۽ معزور ٿيا. ڪيترا پوڙها پاڻ بچائيندي گهٽين جي بيٺل گندي پاڻيءَ ۾ ترڪي ڪريا.
    هڪ ڏينهن هن ديوان مولچند کي مارائي مل تي قبضو ڪيو. ديوان مولچند تي ريس ڪورس روڊ وٽ پراڻي اسٽيڊيم ڀرسان انڌاري روڊ تي ان وقت ڏنڊن سان حملو ڪيو ويو جڏهن هو موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان موٽي رهيو هيو. ديوان مولچند جا هڏا ذرا ذرا ٿي ويا ۽ هن تصور ۾ ڏٺو اتي سڀ هڏا هيا. هن جا هڏا، ديوان مولچند جا هڏا، گندي سوڙهي گهٽيءَ جي مظلومن جا هڏا، لاتعداد هڏا جن جي ڳڻپ هن جي وس کان ٻاهر هئي. جن کي ڳڻي ڳڻي هو ٿڪجي چڪو هيو.
    هن کي پڪ هئي ته هو هاڻي هڏن ۾ تبديل ٿيڻ وارو آهي. بس موت هن تي هڏائين هٿيار سان حملو ڪندو ۽ هن جي نرڙ تي اهڙو سنڌائتو ڌڪ هڻندو جو هن جو روح پرواز ڪري ويندو. اهو سڄو ڏينهن هن موت جو انتظار ڪيو. صبح ٿيو، سج وڌيو، سانجهي ٿي ۽ پوءِ وري اهائي رات، پر هن کي موت نه آيو. هو اٿيو، هن وضو ڪري نماز پڙهي، خدا کي ياد ڪيو ۽ پوءِ ڪلمو پڙهي پاڻ تي شوڪاري اکيون ٻوٽي سمهي پيو.
    تنهن رات هن خواب ۾ ڏٺو هو ڪنهن ريگستان ۾ لٺ سهاري واريءَ جي ڀٽن تان لنگهي رهيو آهي. سج ايڏو هيٺ آهي جيئن اهو سندس هٿ ۾ جهليل لٺ مٿان لهي آيو هجي. دوزخ جهڙي گرميءَ ۾ هن پنهنجو دماغ ڦاٽندي محسوس ڪيو آهي. پوءِ هن جو دماغ ٽڙڪو ڏئي مٿان چيرجي ٻن حصن ۾ ورهائجي هن جي ڪلهن تي لڙڪي پيو آهي، ڪا ڳجهه پريان سنهيون سيٽيون وڄائيندي هن جي کٻي ڪلهي تي لٿي آهي ۽ ان هن جي مغز ۾ ٽونگا هڻي ميڄالو کائڻ شروع ڪيو آهي. هن جي وجود ۾ ايتري سڪت نه آهي جو هو ان ڳجهه کي هڪلي سگهي. هو ڏاڍو بي وس ۽ لاچار آهي. ڳجهه هن جي ڪلهي تي ويهي ميڄالو کائيندي رهي آهي ۽ هو ٿاٻڙيل قدمن سان تپيل واريءَ تي هلندي اونڌي منهن هيٺ ڪريو آهي ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو آهي.
    هن خواب مان بيدار ٿي پنهنجن پيرن کي هٿ هڻي محسوس ڪيو، هن کي لڳو اتي ڳاڙهيون اڀريل لڦون آهن. هن جي حيرت جي ڪا حد نه رهي آهي، هو رنو آهي ۽ پوءِ رڙيون ڪري رب کان پنهنجن ڪيل گناهن جي معافي ورتي آهي. پوءِ هن سوچيو آهي ان ڳجهه جي شڪل ان عورت جهڙي هئي جنهن کي ڪيترا سال هن رکيل ڪري پاڻ وٽ رهائيو، ان خوبصورت عورت جي شادي ڏي وٺ جي رسم هيٺ هڪ نوجوان سان ٿي هئي. شاديءَ کانپوءِ ان جوڙي جو وقت چڱو گذري رهيو هيو. پر ڏي وٺ جي نتيجي ۾ ان نوجوان جي ڀيڻ پنهنجي مڙس وٺ خوش نه هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ ان کي طلاق ٿي وئي. ڇوڪريءَ جي پيءُ ان نوجوان تي زور ڀريو ته هو به سندس ڌيءَ کي طلاق ڏئي، پر نوجوان انڪار ڪيو. جن ڏينهن هو يونين ڪائونسل جو ميمبر هيو ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چڱو مڙس سمجهي دانهن ڏني.
    “سائين منهنجي ڌيءُ جي زندگيءَ کي خطرو آهي. هن جي حياتي بچائي مڙس کان طلاق ڏياري هن حوالي ڪئي وڃي” هن هٿ ادب جا ٻڌي روئڻهارڪي آواز ۾ عرض ڪيو.
    “برابر اها تنهنجي حوالي ڪئي ويندي” هن وڏي غور ۽ فڪر مان ڳالهائيندي چيو “ان لاءِ عدالت جو سهارو وٺڻو پوندو ۽ جيستائين عدالت ڪو فيصلو ڪري توکي ڇوڪري مان وٽ رهائڻي پوندي”
    ڇوڪريءَ جو پيءُ گهري سوچ ۾ پئجي ويو.
    “ها ڇو نه” پوءِ هن چيو “تون ابو امڙ برابر آهين، چڱو مڙس آهين... ڇو نه... ڇوڪري تو وٽ وڌيڪ محفوظ هوندي” ٻئي ڏينهن هن پوليس کي پئسا کارائي ڇوڪريءَ کي گهران کڻايو ۽ ڪورٽ ۾ طلاق جو مقدمو درج ڪرائي هن هر رات ان ڇوڪريءَ جي عزت تي حملو ڪيو ۽ وقت به وقت شهر جي سرڪاري ڪامورن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن ڏي پڻ ڏياري موڪليو. اها نوجوان ڇوڪري چار سال هن وٽ رهي. هڪ رات هوءَ وجهه وٺي هن جي بنگلي مان ڀڳي ۽ جڏهن گهٽيءَ ۾ ٻاهر نڪتي ته ماڻهن ڏٺو هن کي صرف چولو پاتل هيو ۽ پوءِ اها اگهاڙي عورت هڪ ڳجهه ۾ تبديل ٿي وئي. هن ٻئي هٿ پنهنجي مٿي کي ڏنا ۽ چرين جيان وٺي ڪمري مان ٻاهر ڀڳو.
    “هُش... هُش...” هو هوا ۾ هٿ هڻي ڪنهن کي هڪلڻ لڳو، ڪمري ٻاهران پيل صوفي سان ٽڪرائجي هيٺ ڪريو ۽ هن جو مٿو وڃي اتي پيل شيشي جي ٽيبل جي ڪنڊ سان ٽڪرايو. هن جا خدمتگار ڀڄندا آيا ۽ اچي سهارو ڏئي صوفي تي ويهاريائونس.
    “مان مرڻ نه ٿو چاهيان” هن بي وسيءَ مان روئندي ڪنڌ کي ڌوڻيندي چيو “مونکي بچايو”
    پوءِ اهو سڄو ڏينهن هن موت جو انتظار ڪيو. هن کي پڪ هئي ته اها ڳجهه هن جو ميڄالو کائي مغز خالي ڪري ويندي ۽ هو مري ويندو. پر هن کي موت نه آيو ۽ سج لٿي کانپوءِ هن پنهنجي هوٽل ڀرسان ٺهيل مسجد ۾ نماز پڙهي، توبهه تائب ٿي وري اچي پنهنجي ڪمري ۾ ستو.
    هو پريشاني ۽ خوف کان ڪافي دير جاڳندو رهيو، هن کي پڪ هئي ته هو جيئن ئي ننڊ جي چنبي ۾ ڦاسندو اها هن کي اڏاري خوفناڪ خوابن جي واديءَ ۾ وڃي ڦٽو ڪندي ۽ ائين ئي ٿيو هن جي اک جيئن ئي لڳي ته هن ڏٺو هڪ اڻ وڻندڙ خواب جنهن ۾ هو پٿرن، سيمنٽ، سرن ۽ بجري جي ڍير تي ويٺل آهي. هو پنهنجن ٻنهي هٿن سان ٻڪ ڀري ڪڏهن پٿر چٻاڙي رهيو آهي ته ڪڏهن سيمنٽ بجرو ۽ سرون، هن جا ڏند هڪ ٻئي پويان ڀڄندا ويا آهن. هن جو پيٽ لوهه جيان سخت ٿي چڪو آهي پر هن جي بک ختم نه ٿي آهي. هو کائيندو ويو آهي ۽ پوءِ اهڙو وقت آيو آهي جو هن جا سڀ ڏند ڀڄي هيٺ ڪري چڪا آهن ۽ وڌندڙ بک کان هو رڙيون ڪرڻ لڳو آهي.
    جڏهن هن کي جاڳ ٿي ته هو سڏڪي رهيو هيو. هن وات کولي ڏندن کي آڱرين سان ڇهيو، هن کي وات ۾ واريءَ جي ڪچ ڪچ محسوس ٿي رهي هئي. هن سوچيو خواب ۾ هن جا سڀ ڏند ڀڄي پيا آهن ان جي تعبير پڪ سان اها ئي آهي ته هن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن. هاڻي هن جي بچڻ جي اميد نه آهي. هو وري توبهه تائب ٿيو ۽ ڪلما پڙهڻ شروع ڪيا.
    هو ماضيءَ ۾ کوئجي ويو، هن ڏٺو يونين ڪائونسل جي چيئرمينيءَ جي زماني ۾ هن پنهنجي اثر رسوخ تي ڪيترائي ٺيڪا هٿ ڪيا. هن فوٽ پاٿيون ٺهرايون، روڊ ٺهرايا ۽ سرڪاري عمارتون اڏايون، هن جون اڏايل سڀ شيون پنهنجي عمر پوري ڪرڻ کان اڳ ڊهي ڀري ڀڄي پيون. هن بي ايماني ڪري ٺيڪن مان ڪروڙين روپيا بچايا ۽ اڄ اهي سڀ عذاب بڻجي هن جي خوابن ۾ هن لاءِ موت ۽ سزا جي بشارت کڻي ظاهر ٿيا. هن هر هر رب کان معافي پئي ورتي.
    “يا رب... هن گناهگار کي معاف فرماءِ... يا رب قبر ۽ قيامت جي عذاب کان پناهه ڏي”
    هو رنو ۽ پوءِ موت جو انتظار ڪيو. هن کي پڪ هئي ته هن دفعي ڏٺل خواب جي تعبير موت کانسواءِ ٻي ڪا به نه آهي پوءِ سج اڀريو، وري سانجهي ٿي ۽ رات موٽي آئي پر هن کي موت نه آيو.
    جڏهن رات گهري ٿي ته هو بستري تي پاسا ورائي ڄڻ هڪ نئين خواب جو انتظار ڪرڻ لڳو، خواب جي تصور کان هن کي وري پيشانيءَ تي ٿڌو پگهر اچڻ لڳو، ڪافي دير گذري ۽ پوءِ نيٺ هو ننڊ جي کليل وات ۾ گم ٿي ويو.
    ان رات خواب ۾ هن پنهنجي مرحوم زال کي ڏٺو، هن ڏٺو سندس زال کي ڪفن پاتل آهي ۽ هوءَ بي سڌ اکيون کولي هڪ بستري تي ليٽي مٿي ڇت ڏانهن نهاري رهي آهي. ڪو بڇڙي شڪل وارو شخص جنهن جي ميرن هٿن جا ننهن وڏا آهن اهو هن جي زال جو ڪفن پاسي ڪري سندس شرم گاهه مٿان بيٺل وار هڪ هڪ ڪري پٽي رهيو آهي. هن جي زال بي سڌ آهي. هن کي پٽجندڙ وارن ڪري ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي رهي آهي. پر شرم گاهه مٿان سٽ ڏئي پٽجندڙ وارن ڪري هن کي هيٺ سنهيون ڇڪون اچي رهيون آهن. آخر ان بڇڙي شڪل واري شخص هڪ هڪ ڪري اهي سڀ وار پٽي ڦٽا ڪيا آهن. جڏهن ان آخري وار پٽيو آهي ته هو ڦهڪو ڏئي هيٺ ڪريو آهي ۽ پوءِ هن کي جاڳ ٿي وئي. هن وٺي رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. هن کي پنهنجي مرحوم زال اهڙي حال ۾ ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. شايد هن جا اهي وار هن جي حياتيءَ جا ڏينهن هيا جيڪي وقت جي ظالم هٿ پٽي ڦٽي ڪيا. وقت جيڪو شرم گاهه مان ڦٽي ٿو ۽ وارن جيئن وڌي ٿو. هن جو هر لمحو، هر گهڙي پاڙ کان پٽجي چڪو آهي. هن سوچيو هاڻي هو پڪ سان مرڻ وارو آهي. ايندڙ رات تائين هن جو جيئڻ محال آهي، هن جو رستو صاف ۽ سڌو ٿي چڪو آهي. هن کي واپس ورڻو آهي.
    پوءِ هن پنهنجي مرحوم زال تي سوچيو، اهي هن جي جوانيءَ جا ڏينهن هيا، جڏهن هو پنهنجي زال جي سامهون غير عورتن سان همبستري ڪندو هيو، هن جي زال هڪ شريف ۽ سٺي خاندان سان تعلق رکندي هئي. ان هن کي هر بري فعل کان روڪيو، پر هو نه مڙيو، هن ڪيترا ڀيرا زال جي منع ڪرڻ تي هن سان جهڳڙو ڪيو ۽ پوءِ نيٺ هڪ ڏينهن ان کي طلاق ڏني پر ان کي گهر کان ٻاهر نه وڃڻ ڏنو. سندس زال به هن جا عذاب سهندي هن وٽ موجود رهندي آئي. هر دفعي ڪاوڙ کان پوءِ هن وري وري زال کي طلاق ڏني ۽ ائين طلاق کي مذاق سمجهي هن هر دفعي زال تي آزمايو. ڪنهن چڱي مڙس کي اها جرئت نه ٿي ته هو اڳتي وڌي هن زور آور کي سمجهائي.
    آخرڪار هن جي زال اڌرنگي جي مرض ۾ مبتلا ٿي هڪ دردناڪ زندگيءَ کي الوداع چئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. مرڻ کان اڳ ان بيماريءَ جي بستري تي ليٽي لاچاريءَ مان مٺيون ڀيڪوڙيل هٿ کڻي ڦريل واڇن سان چچريل لفظن ۾ هن کي بددعائون ڏنيون، پٽ ۽ پاراتا ڏنا. پر هن جون خضاب لڳل مڇون سدائين مٿي رهيون ۽ اڄ هن جون مڇون ڳلن تان ڳڙندڙ ڳوڙهن ڪري آليون ٿي هيٺ ڪري پيون هيون.
    موت جو خوف وري هن کي ورائي ويو. هن سوچيو وقت جا وار هڪ هڪ ٿي پٽجي چڪا آهن. هاڻي اهڙو ڪو به وار نه آهي جيڪو هن کي موت جي وار کان بچائي سگهي. پوءِ هن پاڻ کي بي سڌ بستري تي سڌو ڇڏي ڏنو. هو هلڪا ساهه ائين کڻڻ لڳو ڄڻ موت سندس مٿي کان روح قبض ڪرڻ لاءِ هٿ کولي تيار بيٺو هجي. هو آلين اکين سان ڇت ڏانهن ڏسي موت جو انتظار ڪندو رهيو. هڪ دفعو وري صبح ٿيو. سانجهي ٿي ۽ رات ٿي پر موت هن ويجهو نه آيو. هن جي ڌڙڪندڙ دل رب کي ياد ڪندي رهي ۽ چپ رب کان معافيءَ جي التجا لاءِ چرندا رهيا.
    جڏهن رات گهڻي اڳتي ٽپي وئي ته ان جا چانڊوڪيءَ ۾ پوئتي ڇڏيل پيرا سانت جي ساز تي نچڻ لڳا ۽ پوءِ انهن پيرن تي هڪ خواب آهستي آهستي وکون کڻندو هن ۾ سمائجي ويو. هن ڏٺو هو مري چڪو آهي ۽ ڳاڙهي ڪفن ۾ ويڙهيل هن جو مڙهه هڪ ڏوليءَ ۾ رکيل آهي. ان ڏوليءَ کي چار شخص ڪلهو ڏئي اڳتي وڌي رهيا آهن. جن مان اڳيان ٻه انڌا آهن ۽ پويان ٻه منڊڪائي هلي رهيا آهن. جنازي اڳيان هن جي هائي اسڪول ۾ پڙهائيءَ وارن ڏينهن جو بينڊ ماسٽر جنهن کي انگريزي فوجين جهڙو لباس پاتل آهي اهو وڏين اڇين مڇن هيٺان وات تي ٽرمپٽ رکي ڳٽا ڦوڪي وڄائي رهيو آهي ۽ ٻئي هٿ سان ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ ڊرم کي زور سان ڌڪ هڻي اڳتي وڌي رهيو آهي. ان پوڙهي بينڊ ماسٽر لاءِ مشهور هوندو هيو ته هن کي ٻڪريءَ جا ڦڦڙ پيل آهن. جنازي پويان جيڪي ماڻهو هلي رهيا آهن. انهن ۾ نبو شيدي پنهنجي جسم تي تيل ملي ڪنهن پهلوان جيان ڇاتي ٻاهر ڪڍي مرڪندو اچي رهيو آهي ۽ ان جو تيل لڳل جسم اوندهه ۾ علائوءَ جي هٿ ۾ جهليل شعلي کي وات ۾ گاسليٽ وجهي ڦوهاري هڻڻ ڪري مٿي هوا ۾ باهه جي ڀڀڙ جي روشنيءَ ڪري هر هر چمڪي رهيو آهي، علائو باهه جو شعلو کڻي ڪيٽرو پي بينڊ ماسٽر جي وڄايل ڌن تي نچندو جنازي پويان اچي رهيو آهي. جنازي ۾ شامل ٻين ماڻهن ۾ دلبريءَ جو خاص دلال به شامل آهي جنهن ڪيترا ڀيرا هن کان نٿون لهرايون. بندوق باز باري داد به جنازي پويان هوائي فائر ڪندو اچي رهيو آهي. هن ڏٺو اتي هڪ اگهاڙو شخص جنهن جي مٿي جا وار ڏاڙهي مڇون ۽ ڀرون ڪوڙيل آهن، جنهن کي هو نه پئي سڃاڻي سگهيو اهو ٽهڪ ڏيندو اچي رهيو آهي. رستي جي ڌوڙ ۾ اهڙا ڪافي چهرا هيا جيڪي نظر نه اچي رهيا هيا.
    پوءِ هن ڏٺو هڪ تازي کوٽيل قبر ۾ نبو شيديءَ هڪ پهلوان جيان اڪيلي سِر هن کي چيلهه ۾ هٿ وجهي هيٺ سمهاريو آهي ۽ هو رڙ ڪري جاڳي پيو. هن جا ساهه تيز هلي رهيا هيا. جيئن هو موت جي منهن مان واپس آيو هجي. هن موت کي پنهنجين اکين سان ايڏو ويجهو ڏٺو هيو جو هن کي يقين ئي نه پئي آيو ته هو جيئرو آهي.
    پوءِ هن سوچيو اهڙي واضح خواب جي تعبير ان کان وڌيڪ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هو بس مرڻ وارو آهي. موت جو تصور ايندي هن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا. هن جو من موت تي راضي ٿيڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه هيو. هن جا گناهه هر هر دوزخ جي باهه مان پيدا ٿيندڙ دونهي ۽ ڄر مان خوفناڪ شڪليون ٺاهي هن کي ڊيڄاري رهيا هيا. هن ڏٺو زندگيءَ جي سرحد جي ٻئي پاسي موت جي حد اندرڪيترائي ڪردار ڪات تکا ڪري هن جي اتي پهچڻ جو انتظار ڪري رهيا هيا. پوءِ اهو سڄو ڏينهن هميشه جيان هن موت جو انتظار ڪيو. هن کي پڪ هئي ته اهو ڏينهن هن جي زندگيءَ جو آخري ڏينهن آهي. پر اهو ڏينهن اڳتي وڌندڙ سج سان پنهنجو سفر پورو ڪري اولهه ۾ وڃي آرامي ٿيو. موت هن جي ويجهو نه آيو. رات ٿي ۽ هو وري روئي پيو.
    “اي رب مونکي معاف فرماءِ” هن هٿ مٿي ڪري رب کان وري پنهنجن گناهن جي معافي ورتي “اي رب مونکي انهن دهشتناڪ خوابن کان آجو ڪر... جيئن مان سڪون جي ننڊ سمهي سگهان... مونکي اهڙن خوابن کان پناهه ڏي جن جي تعبير موت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي”
    هو اڌ رات تائين ٻئي هٿ بلند ڪري رب اڳيان توبهه تائب ٿيندو رهيو. هن هر هر خدا کي انهن خوفناڪ خوابن کان پناهه جي درخواست ڪئي. هو روئيندو رهيو... روئيندو رهيو ۽ هن کي روئيندي روئيندي ننڊ اچي وئي. ان رات رب هن جي دعا قبول ڪري ورتي، سموري رات هو بستري تي سڪون سان ليٽيو رهيو، سج ڪافي مٿي چڙهي آيو، پوءِ منجهند ٿي ۽ رات موٽي آئي پر هو ليٽيو رهيو.
    هن جا چار نوڪر ڀڄندا آيا، ڪمري جي در کي ڌڪ هڻي کولي وڌائون، اندر پهتا، پر هو سڪون سان ليٽيو رهيو، نوڪرن هن کي ڌوڻي ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه اٿيو. ان رات هن ڪو به خواب نه ڏٺو ڇو جو مئل ماڻهو خواب نه ڏسندا آهن.

    o


    اوجاڳي جا خواب !

    ”السليل جي آسمان تي اڀرندڙ چنڊ الڳ آهي،
    هيٺ ايڏو آهي ڄڻ ڌرتيءَ لڳ آهي.“
    ننڊ مري چڪي هئي. هن جي ڳاڙهين اکين ۾ اها قتل ٿي چڪي هئي. هن جون اوجاڳيل اکيون جن ۾ سنهيون ڳاڙهيون رڳون نانگن جيان وڪڙ هڻي چنبڙيل هيون. ائين پئي لڳو هو صدين کان نه ستو هجي. ننڊ هن جي اکين ۾ ويهي پنهنجو وجود وڍي خودڪشي ڪري ڇڏي هجي. وقت جي ڌوڙ ۾ ڦاٿل انهن اکين مان ميرانجهڙا لڙڪ هر هر اڀامي ڪنارن وٽان وهندا پاسن کان پئي ڪريا. هن جون اکيون ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ڍنڍون هيون جن ۾ خواب اڇن پکين جيان پئي تريا.
    هن جاڳندڙ اکين سان ڪيترائي دهشتناڪ خواب ڏٺا. هن ڏٺو هو پنهنجي وطن کان الڳ ڪيو ويو آهي. سندس وجود جي ڪٽيل پاڙن مان رت ٽمي رهيو آهي. هو مرجهائجي رهيو آهي، هن سوچيو هيو روزگار جسم جي هر شاخ کي رت فراهم ڪري ٿو، پر هن جون پاڙون ڪٽجي چڪيون هيون. اکيون ڏرا ڏئي قبرن ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون ۽ جسم جا پن پيلا ٿي چڪا هيا.
    اوجاڳيل اکين سان هن ڏٺو هو وطن کان سوين ميل ڏور صحرا ۾ آباد هڪ محلاتن واري شهر جي ڪنهن خوبصورت عمارت جي ڪمري ۾ ليٽيل آهي. رات جي اوندهه ۾ هن جون اکيون ٽانڊن جيان دکي رهيون آهن. صبح جي اجالي ۾ هن کي آسمان ڪاري رک جهڙو محسوس ٿي رهيو آهي. اتي هڪ ناسي ڀتين واري اسپتال آهي جنهن جي جديد ليبارٽريءَ جي ڪٽيل انساني ٿڌي گوشت جهڙي ڪمري ۾ ويهي هو خوردبينيءَ اندر سلائيڊن تي لڳل ٽشوءَ ۾ ڪينسر کي ڳولهي رهيو آهي.
    هن پاڻ کي هڪ ٿڌي بند ويگن ۾ قيد ڏٺو جنهن کي ڊرائيور هڪ اهڙي طوفان ۾ هلائي رهيو آهي جنهن طوفان ۾ اڏامندڙ واريءَ شهر جي هر چورنگيءَ ۽ چوواٽي کي اهڙو ته ڌنڌلڪو ڪري ڇڏيو آهي جو ائين پيو محسوس ٿئي دنيا نست ونابود ٿي چڪي آهي، اها واريءَ جي ننڍن ذرن ۾ تبديل ٿي اڏامي چڪي آهي. اتي اڏيل شيخن جون محل نما عمارتون ڊهي پٽ ٿي چڪيون آهن ۽ انسان فنا ٿي واريءَ جي دڙن ۾ دفن ٿي چڪا آهن. هڪ اهڙي آنڌي جيڪا هن جي زندگيءَ جو پهريون تجربو آهي، اها ان بند ويگن جي آس پاس سڪرات ۾ پيل انسان جي کونگهرن جهڙا آواز پيدا ڪري هلي رهي آهي. ڊرائيور کي اڳتي ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي. هن گاڏيءَ کي بريڪ هڻي بيهاري افسوس مان مٿو اسٽرنگ تي رکي ڇڏيو آهي، هو ڏسي رهيو آهي دنيا جو مقدر ڌوڙ کانسواءِ ڪجهه نه آهي. اتي ويگن اڳيان تيز روشنيءَ ۾ روشنيءَ جو هر جزو ڌوڙ ڌوڙ ٿي ويو آهي.
    هن جون اکيون بند ٿي ويون آهن ۽ هو ڇرڪ ڀري وري جاڳيو آهي، هن پنهنجين ڳاڙهين اکين کي مهٽيو آهي ۽ ڏٺي آهي السليل جي روشنين سان ڀريل بازار، جنهن ۾ سون ان مصريءَ جي پيشانيءَ تي چمڪندڙ پگهر جي بوندن جيان تجلا ڏئي رهيو آهي جيڪو مصري وڏي روڊ تي کجين جي جهنڊ هيٺان ٺهيل ڪچيءَ جاءِ اندر ڳاڙهي باهه واري هڪ وڏي تنور ۾ تيزيءَ سان اٽي جا چاڻان هٿن تي ڦيرائي اندر وجهي چمٽن سان گول ننڍيون مانيون ٻاهر ٽيبل تي ڦٽي ڪندو ويندو هيو ۽ هن جو ڪارو ننڍي قد وارو بنگالي نوڪر اهي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ وجهندو ماڻهن کي ڏيندو ويندو هيو.
    هن ڏٺو هو ان ڳاڙهي تنور واري ڪچي عمارت ۾ پيلي منهن واري بلب هيٺان بيٺو آهي، مصري پنهنجي نرڙ جو تنور جي باهه تي چمڪندڙ پگهر اگهي هن ڏانهن ڏسي ٿو.
    “ڪم توريد؟” اهو چوي ٿو.
    “خبز بور” هو جواب ڏئي ٿو.
    “دقيق” مصري هلڪي آواز ۾ چئي، ميدي وارو اٽو پاسي رکي هن کي اڻ ڇڻيل اٽي واريون مانيون ٺاهي ڏئي ٿو. بنگالي ڇوڪرو مانيون پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي هن حوالي ڪندي چوي ٿو.
    “ثلات ريال”
    “شڪرن” ۽ ٽي ريال هن حوالي ڪندي چوي ٿو.
    هو السليل جي بازار ۾ داخل ٿئي ٿو، مڇي مارڪيٽ مان لنگهيندي هن جي نظر پلي تي پوي ٿي. هن جا پير رڪجي وڃن ٿا. هن کي محسوس ٿئي ٿو هو پلي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هو مري چڪو آهي ۽ هن جون اکيون کليل آهن.
    ڪيرالا جو پيٽ نڪتل ٿلهي منهن وارو شخص هن کي حيرت مان ڏسي ٿو.
    “هيءَ ايراني مڇي آهي.” هو ملائلم گاڏڙ هنديءَ ۾ چوي ٿو.
    “نه” هو وڏي ڏک مان پلي کي ڏسندي چوي ٿو “ توکي خبر نه آهي، هيءُ سنڌ جو پلو آهي، جيڪو اڄڪلهه سنڌ ۾ ناياب آهي، پر منهنجي اجنبي وجود جيان هن بازار ۾ عام وڪري لاءِ موجود آهي.”
    “صاحب... هيءُ ايران کان ايندو آهي.” هو هڪ دفعو وري پنهنجي مخصوص لهجي ۾ ڳالهائي ٿو. “چوڏهن ريالن ۾ هڪ ڪلو... ڏاڍي ذائقي دار مڇي آهي.”
    “ها واقعي” هو سوچن ۾ ٻڏي وڃي ٿو، پنهنجي وطن جا رستا بند ٿي چڪا آهن. نديون سڪي چڪيون آهن. سمنڊ سان نندين جا لاڳاپا ختم ٿي چڪا آهن. هر ڪنهن پنهنجون راهون مٽائي ڇڏيون آهن. هيءُ پلو جيڪو سنڌ جي سڃاڻ آهي انلاءِ سنڌ جو رستو بند ٿي چڪو آهي.
    هن پلي جي اکين ۾ ڏٺو آهي، اهي مرانجهڙيون آهن ۽ انهن ۾ هن جو عڪس ڪٿي به نظر نه اچي رهيو آهي، اهي اوجاڳيل نه آهن، مئل آهن، پر هن جون اکيون ڏينهن جي اوندهه ۾ خواب ڏسي سگهن ٿيون. پوءِ انهن ڏٺو لنلي اٽنشو جنهن جا ڪٽيل ڪلهن تي ڪريل وڪڙدار وار ڄڻ ڪنهن آبشار جيان مٿي کان هيٺ وهي رهيا هيا. ننڍي قد واري ڀوري فلپائي عورت جنهن جي اکين ۾ نياز ۽ نئڙت هئي. اها هن کان موڪلائي رهي هئي. پنهنجي وطن ورڻ جي خوشيءَ ۾ هن جون اکيون ڦاٿل ڳوڙهن ڪري چمڪي رهيون هيون. لنلي جنهن سان هن جو سٺو وقت گذريو. پوءِ هن کي ٿريسا پنهنجي اکين جي ڳوڙهن ۾ ترندي محسوس ٿئي. ويڪري نڪ ۽ گوري رنگ واري فلپائني ٿريسا جنهن جي برداشت جي قوت کي ڏسي هو دنگ رهجي ويو هيو. رات جو اڪثر عرب نوجوان ڪنهن هندستانيءَ جي لڪيل بٺيءَ تان ڪچو شراب پي السليل جي روڊن تي گاڏيون ڀڄائيندا هيا. جڏهن ڪو شرطو انهن ڇوڪرن کي پڪڙي شراب ۽ نشي آور شين جي چڪاس لاءِ پير ڪڙيون هڻي ليبارٽريءَ ۾ وٺي ايندو هيو ته ٿريسا انهن جو رت ڪڍندي هئي ۽ شراب جي نشي ۾ ڌت نوجوان هن سان گنديون حرڪتون ڪندا هيا. هن کي بدشد ڳالهائيندا هيا، پر هن ڪڏهن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، هو خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندي هئي. انهن عرب ڇوڪرن جي حرڪتن تي هن جو هم وطن جونيفر لوٽنزو ڳاڙهو ٿي ويندو هيو.
    “بس خلاص... هنن کي هاڻي هتان ٻاهر وٺي وڃون.” هو شرطن کي چوندو هيو ۽ شرطا جيڪي پڻ ان فلپائني عورت ڏانهن جنسي ۽ حوس ڀريل نظرن سان ڏسندا هيا، اهي هڪ ٻئي کي شرارت مان اک هڻي چوندا هيا “مياه مياه”
    پوءِ هن جي اکين ۾ نوجوان عورتن جا اهي هزارين فوٽو تري آيا، جيڪي اقامي حاصل ڪرڻ لاءِ هيپيٽائٽس جي ٽيسٽ فارم مٿان ڪنڊ تي لڳل هيا. ننڍيءَ عمر واريون انڊونيشي، بنگلاديشي، سريلنڪن ۽ هندستاني عورتون، جن کي اتي ٻانهين جي حيثيت ۾ گهرن اندر ڪم ڪرڻ لاءِ آندو ويو هيو. اهي مظلوم چهرا جن جي غربت انهن جي نرڙ جي چمڙيءَ جي گهنجن اندر لکيل نظر ايندي هئي. اهي هڪ ننڍڙي رقم تي پنهنجو وطن ۽ گهر ٻار ڇڏي اتي ڪم ڪرڻ تي مجبور هيون.
    پوءِ هن هڪ دل ڏاريندڙ خواب ڏٺو، هن محسوس ڪيو، سندس دماغ جي ڪنهن حصي مان درد ڇوليون هڻندو هيٺ لهندو سيني ۾ موجود دل کي لوڙهي رهيو آهي. هن جو من ٻڏي ۽ تري رهيو هيو. هن ڏٺو هڪ تازو ڄاول ٻار جنهن کي شهر کان ٻاهر وڏي روڊ جي ڪناري ڪو اڇلي ويو آهي. ان کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو آهي. ٻار جي کل جسم ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب لڙڪي رهي آهي ۽ اها ڪيترين جاين تان رهڙيل آهي. هن ٻار کي چاڙهڻ لاءِ تازي رت جو بندوبست ڪيو آهي ۽ انڪيوبيٽر اندر رکيل ٻار زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. روز صبح جو سوير ڊاڪٽرن جي گڏجاڻيءَ ۾ اسپتال اندر موجود مريضن جي بيماري ۽ دوا درمل تي بحث دوران ان ٻار جي حالت ۽ طبيعت جي باري ۾ هر ڪو پنهنجا رايا پيش ڪري رهيو آهي. هڪ پوڙهو سوڊاني ڊاڪٽر حرامي ۽ حلاليءَ جي بحث ۾ الجهي پيو آهي. گڏجاڻيءَ ۾ موجود شامي ڊاڪٽر الحراڪي وچ ۾ ڳالهائيندي هن کي چپ ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
    ”صرف ٻار جي طبيعت ۽ علاج جي باري ۾ ڳالهايو وڃي.” ان هميشه جيان جذباتي ٿيندي چيو آهي.
    “جيڪڏهن پنهنجي چمڙي بچائڻي اٿوَ ته حلالي حراميءَ جي بحث ۾ نه پئو. مهرباني ڪري پنهنجو ڪم سان ڪم رکو.”
    پوڙهو سوڊاني چپ ٿي ويو آهي. گڏجاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪڻڪ رنگو اڇن گهنڊڙيدار وارن وارو مصري ڊاڪٽر ان سوڊانيءَ وٽ اچي بيٺو آهي ۽ هلڪي آواز ۾ هن جي ڪن وٽ ڀڻڪي رهيو آهي.
    “توکي خبر نه آهي؟ هر گڏجاڻيءَ جي رپورٽ ڳجهي نموني ماجد الدوسريءَ کي پهچي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن اها رپورٽ ان تائين پهتي ته سمجهين ٿو تنهنجو ڪهڙو حال ٿيندو.”
    ان شهر جي هڪ مدرسي ۾ پڙهيل ماجد الدوسري ان اسپتال جو ڊائريڪٽر آهي. هو صرف عربي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿو. هو جڏهن به اسپتال جي دوري تي نڪري ٿو ته شامي ڊاڪٽر هڪ ترجمان جي صورت ۾ هن سان ساڻ آهي.
    هن پنهنجين صحراجي بي آب ڀٽن جهڙين اکين سان ڏٺو آهي. ڪٿي تمام پري رڃ ۾ اڀامندڙ ٻاڦ مان ماجد الدوسريءَ جو چهرو ٺهي پيو آهي، ڊگهي اڇي جبي ۾ مٿي تي ڍڪيل ڳاڙهي رومال سان هلڪي ڪاري ڏاڙهيءَ وارو ماجد الدوسري جيڪو ڪلهن تي ڪريل ڳاڙهي رومال کي ڪاوڙ مان هر هر پاسن کان ورائي وجهي رهيو آهي.
    “شراب ۽ نشي آور دوائن لاءِ ورتل خون ٽيسٽ ڪرڻ ۾ آخر ايڏي دير ڇو لڳي وئي.” هو نڙيءَ تي زور ڏئي ڳالهائي رهيو آهي. جنهن ڪري هن جي وات جي پاسن کان هلڪيون ٿڪن جون بوندون اڏامي هيڏانهن هوڏانهن وکري رهيون آهن.
    جيئن ته ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ دوائون رياض کان اينديون آهن.
    ڪڏهن وقت اندر نه ملڻ ڪري دير ٿي وڃي ٿي.” هن جواب ۾ چيو آهي. شامي ڊاڪٽر الحراڪي عربيءَ ۾ ترجمو ڪري هن کي ٻڌايو آهي. ماجد الدوسريءَ جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو آهي.
    ”اڇا توکي خبر نه آهي ته رپورٽ ۾ دير ٿيڻ ڪري اهي ماڻهو بي گناهه جيل ۾ بند پيا هوندا.” ان چيو آهي.
    “مان دوائن کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان. ملنديون ته ٽيسٽ ڪندم نه ته نه ڪندم.” هو به ٿورو جذباتي ٿي ويو آهي. ماجد الدوسري ڪاوڙ مان ٻاهر هليو ويو آهي. شامي ڊاڪٽر هن وٽ بيهي رهيو آهي.
    “مان ٿوري دير ۾ واپس اچي توسان ان مسئلي تي ڳالهايان ٿو.” ان چيو آهي ۽ هو به تيزيءَ سان ماجد الدوسريءَ پويان ٻاهر نڪري ويو آهي.
    پوءِ هن محسوس ڪيو آهي سندس دماغ تي وار کان به سنهي ڳاڙهي لڪير اڀري مغز کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.
    هن جو وجود شهر جي ڏکڻ واري پاسي ڏانهن چُن جي ڀرندڙ پٿرن واري پهاڙ مٿان ٺهيل السليل جي پراڻي شهر جي کنڊرن جهڙو ٿي پيو آهي. هن جون اوجاڳيل اکيون ڄڻ هن جي چهري مان انهن کنڊرن جي ڀڳل ڀتين ۾ رهجي ويل وٿين مان ٻاهر واجهائي رهيون آهن. اتان ڪنهن چوراهي تان ابراها جو لشڪر پنهنجي هاٿين سان لنگهيو آهي ۽ ان پويان هزارين ماڻهون ڪارا لباس پائي هٿن ۾ چمڪندڙ تلوارون بلند ڪري ڏکڻ طرف سرمئي پهاڙن واري ڪوهستان طرف راهي آهن، جتي ٻرندڙ جبلن جو لاوا صدين جي سفر ۾ ٺري ٺوٺ ٿي رستن ۽ راهن کي ناهموار ۽ مشڪل بنائي ڇڏيو آهي. ابراها جو سگهارو هاٿي محمود هر هر وات کولي پنهنجين ٻن تلوار جهڙن اڇن ڏندن کي اڀو ڪندي شينهن جهڙي رڙ سان پهاڙن جي چوٽين تي هجومن جي صورت ۾ ويٺل انهن ڀولڙن کي ڇرڪائي رهيو آهي، جيڪي ڀولڙا اتي تاريخ جي گواهي ڏيڻ لاءِ ڪٺا ٿيا آهن. پوءِ عبدالمطلب پنهنجي اٺ کي هڪليندو هڪ طرف هليو ويو آهي ۽ ابابيلن جي ڪارن ڪڪرن پٿرن جو مينهن وسائي هر طرف وهندڙ خون سان ڌرتيءَ کي آلو ڪري ڇڏيو آهي.
    هن جون اکيون کنڊرن جي ڀڳل ڀتين اندر ٺهيل سوراخن ۾ ويٺل ٻن ڪبوترن جهڙيون هيون، جيڪي اتان ڏسي رهيون هيون، هڪ سئو سال پراڻا منظر جڏهن اڃان اتي ڌرتيءَ جي وجود جو تيل نه نچوڙيو ويو هيو. روزگار جي بي رحم دروازن تي لڳل تالن کي ڪٽ چڙهيل هئي ۽ انهن جون چاٻيون ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڪري گم ٿي چڪيون هيون. بک ۽ مفلسي اتان جي اگهاڙن پيٽن تي ورانگهه ورائي ويٺل هئي. انهن اڃايل ڏينهن جي ڳالهه هن کي السليل جو پوڙهو بدو جيڪو هن جي آفيس ۾ ڪرسيءَ سامهون ويٺو هيو پنهنجي اڇي ڏاڙهيءَ کي کنهي وڏي مزي سان ٻڌائي رهيو هيو.
    “ها... اسان جا وڏا يمن جي پاسي کان اتر ڏانهن ويندڙ حاجين جي قافلن کي ڦريندا هيا. انهن وٽ ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو وسيلو نه هوندو هيو.”
    اسي سالن جو پوڙهو جنهن جو رنگ ريگستان جي تپيل واريءَ ۾ پچي سڙي چڪو هيو، ان جون اکيون ننڍيون ۽ وات جون ڪنڊون چيريل هيون. سندس چيلهه سان ٻڌل پٽي ۾ سيم تي ڀريل چمڙي اندر ننڍڙي خنجر جو موتين لڳل هٿيو نظر پئي آيو.
    “هاڻي اسين بدلجي چڪا آهيون.” هن وري ڳالهايو. “ڌرتيءَ جي تيل اسان کي سگهه ڏني آهي، اسان وٽ خوبصورت رهائشگاهون آهن. دنيا جون مهانگيون گاڏيون آهن. صحت جون سهولتون آهن. ڪنيزون ۽ غلام اسان جو در ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. خدا اسان کي هر نعمت سان نوازيو آهي.”
    ان پوڙهي پوءِ کيسي مان هڪ ڪارڊ ڪڍي هن آڏو رکيو آهي.
    “مان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.” ان پوڙهي چيو آهي “اٿ... منهنجي رت چڪاس ڪري سرٽيفڪيٽ ڏي ته مان مُتوا وٽ پهچي جلد نڪاح ڪري سگهان.”
    هو حيرت مان ان اسي سالن جي پوڙهي ڏانهن ڏسي رهيو آهي. هن شائني وڪٽر کي ان جي چڪاس لاءِ رت ڪڍڻ جو چيو آهي.
    “هونئن ته منهنجيون ٽي شاديون پهريون ٿيل آهن پر ڪڏهن نه منهنجي رت مان ڪا خرابي نڪتي ۽ نه وري منهنجين ٿيڻ وارين زالن جي رت مان ڪا اهڙي بيماري نڪتي جو اسان جا پيدا ٿيندڙ ٻار ڪنهن موروثي بيماريءَ ۾ مبتلا هجن.” پوءِ هن رت ڏيندي ٿڌو ساهه کڻي چيو “بس ڇا ٿو ڪري سگهجي صرف مملڪت جي قائدي قانون جي پوئواري ڪرڻي آهي.”
    ان پوڙهي بدوءَ جي وڃڻ کان پوءِ شائني جيڪا عيسائي مذهب ۾ يقين رکي ٿي. هن ويجهو اچي وڏي ڏک ۽ ڪاوڙ مان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.
    “ڏس انهن جا حال... پوڙهي کي ڌڪو ڏئي ته ڪري ٿو ۽ هاڻي هو ويهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو.”
    پوءِ هن جي ٽانڊن جيان دکندڙ اکين تي سيلي جوزف رڻ جي رات ۾ وسندڙ مينهن جيان ڪڻان ڪڻان ٿي ڪري پئي. هن جو ورهين کان دکندڙ اکين جو درد سوڪٽ ڀري وڌي ويو. سيلي جوزف جنهن جي هٿ ترين تي اڪريل لڪيرن ۾ ڪارا گلاب تحرير ٿيل هيا. جوان اڀريل ڇاتين ۽ جهڪيل نيڻن واري سانجهي ۽ رات جي ميلاپ وٽ پيدا ٿيندڙ روشنيءَ جهڙي سيلي جوزف جنهن هن آڏو اچي پاڻ کي ارپي ڇڏيو.
    “مان ڪڏهن نه چاهيندس ته تنهنجا منهنجا لاش السليل جي بازار ۾ چوسول وٽ ٺهيل مجرمن جي دڪي تي پٿرن جي ڍير هيٺان چچريل ۽ سنگسار ٿيل پيا هجن.” هن ان کي سمجهائيندي چيو آهي.
    سيلي جوزف ڪنڌ هيٺ ڪري خوف مان پنهنجين آڱرين کي مهٽيندي پنهنجيون ويڪريون اکيون کڻي هن ڏانهن ڏٺو آهي.
    “ڇا اهو ممڪن نه آهي ته مان پنهنجي ڌرم تي ۽ تون پنهنجي ڌرم تي قائم رهندي هڪ ٻئي کي ويجهو اچي سگهون” هن من ۾ اٿندڙ پيڙا کان روئڻهارڪي آواز ۾ چيو آهي.
    “نه” هن چيو “هتي توکي منهنجي ويجهو اچڻ لاءِ پنهنجو مذهب بدلائڻو پوندو.”
    “مان ائين نه ٿي ڪري سگهان.” سيليءَ مايوسيءَ مان ڳالهايو آهي. “منهنجو ڀاءُ ڪيرالاجي چرچ ۾ پادري آهي جيڪڏهن اتي اها خبر پهتي ته ان کي چرچ مان نيڪالي ڏني ويندي ۽ ائين هو بيروزگار ٿي ويندو.”
    پوءِ ان ڇوڪريءَ جي ڪجلارين ڪارين اکين اڳيان السليل جو اهو چوسول اچي ويو آهي جتي لوهه ڪڙين ۾ جڪڙي گهلي آندل ماڻهن جا ڪاٺ ۾ سِر وجهي قلم ڪيا وڃن ٿا. هٿ وڍيا وڃن ٿا. دُرا هنيا وڃن ٿا ۽ اهي وسندڙ پٿرن جي بارش ۾ سنگسار ڪيا وڃن ٿا. سيلي جوزف جي نرڙ تي پگهر جون بوندون چمڪن ٿيون ۽ هوءَ ڏڪندڙ قدمن سان ٿورو اڳتي هلي ٽيبل جي ڪنڊ کي پڪڙي پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڍلو ڇڏي ڏئي ٿي. تنهن رات سيلي جوزف جي پيڙائين کي محسوس ڪندي هن هڪ آزاد نظم لکيو آهي.

    اي السليل جي بدنصيب کجي
    تنهنجو ميوو ڪنهن نه کاڌو
    تنهنجي جواني
    سيلي جوزف جي جوڀن جيان آ
    ڪيرالاجي ڪاري ڇوڪري
    ڪاريون کارڪون آڇي ٿي
    اي السليل جي بدنصيب کجي
    تنهنجي قداور جواني
    ٻانهن جي پهچ کان پري آ
    ۽ سيلي جوزف تنهنجي نئڙت
    هيٺ واريءَ تي ڪريل کارڪ
    صبر جي ڦل جيان
    مٺي ته آهر پر
    ذائقي دار نه.

    هو رنو آهي ۽ ڳوڙها پيٽرول جيان وهي هن جي دکندڙ اکين ۾ باهه جي شعلن جيان ڀڙڪي پيا آهن. هن جي اونداهي ڪمري ۾ هن جي اکين ۾ ٻرندڙ شعلن جي ڪري هر طرف ڳيڙوئون رنگ ڦهلجي ويو آهي. اٿندڙ درد کان هن پنهنجا ٻئي هٿ رب آڏو بلند ڪيا آهن. ڪعبي جي ٿڌي ڇانوَ هر طرف ڦهلجي وئي آهي. هو سجدي مان ڪنڌ کڻي اٿيو آهي ته اڇي احرام ۾ هن پاڻ کي ڏاڍو پرسڪون محسوس ڪيو آهي، هن جي مٿي جا وار هن جي عذابن ۽ گناهن جيان ڪٽجي ڪري چڪا آهن. آب زم زم مان ڌوتل وجود تي پاتل اڇي احرام ۽ وارن کان پاڪ مٿي سان جڏهن هن طواف ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته هن پاڻ کي اهڙي فقير جيان محسوس ڪيو آهي جنهن جي اکين ۾ ڳوڙها ۽ هٿ ۾ ڪشڪول آهي. جنهن جي چپن تي ڇوٽڪاري، سڪون ۽ معافيءَ جون صدائون آهن.
    “اي رب تون معاف فرماءِ.” هو هر هر پنهنجا هٿ کڻي چئي رهيو آهي. “اي رب هن ڀوڳنا ۽ تپسيا جو انت ڪٿي آهي؟ مونکي منهنجي منزل ڏيکار. اي بي انت ڪٿي آهي انت؟ مان ڀلايل آهيان، مان ٿڪايل آهيان.”
    پوءِ هو گول ڦرندو رهيو آهي. هن پاڻ کي انسانن جي سيلاب ۾ ڍلو ڇڏي ڏنو آهي. هو لڙهندو ويو آهي. مڪي جي گهٽين مان مديني جي راهن تان، سائي گنبذ وٽان جنهن جي درين ۽ دروازن مان نڪرندڙ روشنين ۾ خوشبوءِ آهي. پوءِ هن جو وجود انساني سيلاب جي ريلي ۾ پري ڌڪبو ويو آهي. سوين ميل ڏور هزارين ميل ڏور.
    جڏهن هن جي اک کلي آهي ته هن پاڻ کي وطن جي هوائن ۾ محسوس ڪيو آهي. وطن جيڪو ماءُ آهي. جنهن جي جهول ۾ سمهڻ جهڙي فرحت ڪٿي به ڪونه آهي. اتي اوجاڳي جا خواب نه آهن. اتي سڪون آهي، فرحت آهي ۽ ننڊ آهي. هن پنهنجيون اکيون بند ڪيون آهن ۽ هن محسوس ڪيو آهي، صدين کان پوءِ ننڊ هن جي ويجهو اچي دماغ تي هٿ ڦيريا آهن ۽ اها هن ۾ سمائجي وئي آهي.
    وطن جي گهري ننڊ ۾ ڏٺل خواب هن کي ياد نه آهن.

    o


    مڇر

    ڪڏهن ڳالهيون،
    سانچي ۾ ڍلجي،
    برف جيان،
    ٺري وينديون آهن.
    بي مقصد ٿي،
    ماڻهوءَ جيان
    مري وينديون آهن.

    رات بيوهه رن، سدائين ماڪ روئي، ڏينهن آهي ته شينهن پر ڍڳي جهڙا سڱ اٿس. هڪ سڱ تي ڪانءُ، ٻئي تي رب مٺي جو نانءُ. شينهن پوڙهو ٿئي ماڻهوءَ جيان ٺوڙهو نه ٿئي. جنهن رات بجلي بند هئي تنهن رات اتي ٽي ساهوارا موجود هيا. هڪ مڇر، ٻيو خچر ۽ ٽيون ماڻهو. مڇر مٿان اڏامي رهيو هيو ۽ خچر ماڻهوءَ جي مغز ۾ هيو.
    تنهن رات هڪ هزار مڇر ڪمري ۾ اڏامي رهيا هيا انهن هڪ هزار داستان ٻڌايا. هر مڇر داستان ٻڌايو ۽ بدلي ۾ رت جو دان گهريو. رت جا ڦڙا جيڪي ڏيئي جي ٻرندڙ لاٽ جهڙا هيا.
    ڏينهن ۽ رات جي ميلاپ کان پوءِ جڏهن اوندهه وار ڇنڊيندي آهي ته ڌرتيءَ تي ماڪ چمڪندي آهي ۽ آسمان ۾ تارا ٺهندا آهن. اوندهه بند دروازن مان به اندر ٽپي ايندي آهي.
    اوندهه مان آواز اچن ٿا.
    هڪ مڇر چيو “ٻڪري گوشت کائي ها ته پوءِ ٻڪري ڪير کائي ها؟”
    ٻيو مڇر لومڙي ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ان چيو “جيڪڏهن ٻڪري گوشت کائي ها ته شينهن گاهه کائي ها.”
    هڪ هزار مڇر ماڻهن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. اوندهه ۾ هڪ هزار منڍيون اڏامي رهيون آهن. منڍيون جن جا ڪن وڏا ٿي کنڀن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. کنڀ جيڪي تيزيءَ سان حرڪت ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان جنريٽر هلڻ جهڙو آواز پيدا ٿي رهيو آهي.
    “مونکي سڃاڻي ٿو؟” هڪ منڍيءَ چيو
    “ها... تون گلو گوريجا جي منڍي آهين.” مون چيو.
    منڍي کلي ته ان مان ٽهڪ چمڙن جيان اڏاڻا.
    “نه تون ڀليو آهين.” منڍيءَ چيو “مان گلو گوريجا جي زال گلي آهيان.”
    منهنجو ڇرڪ نڪري ويو. ڄڻ بجلي اچي وئي هجي. پر اتي اوندهه هئي، ڪاري ربو مڪراڻيءَ جي ڪپڙن جهڙي، جيڪو گيريج ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ منجهند جو ٻوڙ بدران گريس سان ماني کائيندو آهي.
    “پر گلي” مون حيرت مان هن کي ڏسندي چيو “اهو اک هيٺان ڦڙو ته گلوءَ جي منهن تي هيو.”
    گليءَ جي منڍي ٻيهر کلي ۽ ٽهڪ هن جي وات مان وري چمڙن جيان اڏاڻا.
    “اک هيٺان ڦڙو نه آهي.” ان چيو، پوءِ صفا ويجهو ايندي چيائين “چتائي ڏس”
    مون ڏٺو، اتي ڳاڙهو جيت هيو، جيڪو هن جي اک هيٺان چنبڙيل هيو.
    “اهو منهنجي اک جي روشني چوسي رهيو آهي.” منڍي چيو. “مان وٽ هٿ نه آهن... تون ڇڏاءِ.”
    مون هٿ وڌايو ۽ ان کي ڇڪي جيئن هٽايو ته ڄڻ منڍيءَ مان هوا نڪري وئي ۽ اها نظرن کان گم ٿي وئي.
    پوءِ اتي اڏامندڙ سڀ منڍيون مونکي ڳاڙهن جيتن جيان چنبڙي پيون، جناح وارڊ جي ولوءَ جي منڍي... ڪياماڙيءَ واري ڪلوءَ جي منڍي... سکر واري سلوءَ جي منڍي... آغا واري علوءَ جي منڍي... لياقت اسپتال واري لڪوءَ جي منڍي... وغيره وغيره.
    هر منڍي مون اڳيان اچي اڏامڻ لڳي، ڪا اکيون ڪڍي ڊيڄارڻ لڳي، ڪا روئڻ لڳي، ڪا کلڻ لڳي، ڪا نچڻ لڳي، ڪا ڳائڻ لڳي، سڀ منڍيون ڪنن کي پرن جيان تيز حرڪت ڏئي اکين اڳيان اڳتي پوئتي ٿيڻ لڳيون. اتي ڳاڙهي منڍي هئي، جنهن تي وڏيون مڇون ڀت تي لڙڪندڙ تلوارن جيان هيون. جنهن جو هيٺيون چپ سجيل هيو. ان ڳالهايو ته سائي گگ ان جي واڇ مان وهي نڪتي. جيئن ان کي ڪنهن زهر ڏنو هجي.
    “ٿڪ هجيئي... بي غيرت بد فضيلتا... ڪمينا ڪنهن جاءِ جا.” ان چيو ۽ چوندو ويو. “اٿ خالي ڪر جاءِ ته لت نه ٺوڪي ڪڍنءِ، جلدي ڪر نسوار جي رنگ جهڙا نوٽ ڪڍ ته چٻاڙيان.”
    پوءِ ان منهنجي ڪلهي وٽ ڏند وجهي رت پيتو، ان جون مڇون مهنجي رت جي ڪلف ۾ ڪڙڪ ٿي چوٿين تاريخ جي چنڊ جهڙيون ٿي ويون. چوٿين تاريخ جو چنڊ، جنهن ڏينهن هو ڪرايو وٺڻ ايندو آهي جاءِ جو، جيڪا ڦُڙو مل پٽ جُهڙو مل جي هئي. جنهن جاءِ جي هڪ ڪنڊ ۾ مڙهي هئي. مڙهيءَ ۾ ڀڳوان پڪوڙا وڪڻندو هيو، ڀڳوان ڪجهه نه ڪري سگهيو. ڀڳوان وٽ پڪوڙن کان سواءِ ڪجهه نه هيو.
    چون ٿا مڇرن جي موسم ٿيندي آهي، پر منهنجي خيال ۾ هر موسم جا مڇر هوندا آهن. مڇرن کي مڇون هونديون آهن. مڇرن کي ڏاڙهيون هونديون آهن. مڇرن کي مڇون ۽ ڏاڙهيون نه هونديون آهن. مڇر کلندا آهن روئندا آهن، مڇر روپ بدلائيندا آهن، ڪڏهن جانور ٿي پوندا آهن، ڪڏهن ٻوٽا ٿي پوندا آهن ۽ ڪڏهن ماڻهن جي منڍين جيان اڏامندا آهن.
    اتي هڪ منڍي شفيق شهرتي جي آهي. منڍي ۾ نڪ بدران قلم هيٺ لڙڪي رهيو آهي ۽ ان مان رت ڦڙا وهي هيٺ هن جي وات ۾ ڪري رهيا آهن. منڍي رت ڦڙا چٽي وات تي ڄڀ ڦيري کلي شرارت مان اک هڻي ٿي. شهرتيءَ جي منڍي اخبار کي ڪيڙي جيان کائي ٿي. سڀ منڍيون واهه واهه ڪن ٿيون ۽ اوندهه ۾ گوڙ مچي وڃي ٿو. مان ڪن بند ڪري ڀڄڻ جي ڪيان ٿو. سڀ منڍيون منهنجي ڄنگهن ۾ چنبڙي پون ٿيون.
    “نه ويندين.” محمود مصريءَ جي منڍي چوي ٿي، مان ڪري پوان ٿو.
    “اڙي تون ملڪ ۾ موجود آهين؟” اها چوي ٿي، “پر جهڙو آهين تهڙو نه آهين.”
    محمود مصريءَ جي منڍي جنهن جا وار گهنجڙي ناسي آهن، رنگ آف وائيٽ ۽ اکيون نيريون آهن. ان جا چپ برگر جيان ٿلها آهن، جن ۾ هن جي زبان قيمي جي ٽڪيءَ جيان ظاهر ٿئي ٿي. محمود مصريءَ جي منڍي ليڪچر ڏئي ٿي. ان جو موضوع آهي “گڏهه کي سڱ هجن ها ته نظر اچن ها.” محمود مصريءَ جو ليڪچر گڏهه جي هينگ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
    مسز سليم الزمان جنهن جي منڍيءَ جا ڪن وڏا آهن. اها ڪنن سان تاڙيون وڄائي هن کي داد ڏئي ٿي ۽ سڄي ڪن کي نرڙ تي آڻي آداب ڪري ٿي. پوءِ اها ڪنن کي کنڀن جيان حرڪت ڏئي منهنجي آس پاس ڀون ڀون ڪري ٿي.
    “اڙي چريا علاج ڪراءِ.” اها چوي ٿي ۽ ان جي وات مان ٿڪون اڏامي هيڏانهن هوڏانهن ڪرن ٿيون، “رت ڏاڍي مٺي ٿي.” اها وري چوي ٿي. “مون کي نمڪين پسند آهي... مون کي گوڏن ۾ سور هيو، گوڏا ڪٽجي چڪا آهن. مٿي ۾ خلل هيو، منڍي وڍجي چڪي آهي.”
    مسز سليم الزمان جي منڍي ڪاري ٿي وڃي ٿي.
    “مون کي افسوس آهي ميڊم” امتياز اجنبيءَ جي منڍي چوي ٿي. “وڏو پيٽ به ماڻهوءَ لاءِ چڱو نه آهي ڄڻ ٽائيم بم آهي.”
    امتياز اجنبيءَ جي منڍيءَ۾ وات جي جاءِ تي گهوڙي جو نعل لڳل آهي، جڏهن کلي ٿو ته نعل سڌو ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن روئي ٿو ته نعل اونڌو ٿي وڃي ٿو. امتياز اجنبيءَ جي منڍي منهنجي جسم جو رت چوسي ٿي ۽ جڏهن اوڳرائي ڏئي ٿي ته ڏيڏر ٽپا ڏئي هن جي وات مان ٻاهر نڪرن ٿا.
    ايمپريس مارڪيٽ اڳيان فقير جي ڊبڪڻيءَ تي ڀولو ٽپا ڏئي ٿو. چيلهه پويان هٿ ٻڌي گهوٽ جيان آڪڙ مان هلي ٿو. فقير جي لٺ سهي ٿو ۽ مٿي تي دٻو رکي هجوم ۾ پني ٿو. ماڻهو جيئن تاڙيون وڄائين ٿا انهن جون ٻانهون ڀڄي پون ٿيون، ڌڙ ڪري پون ٿا ۽ اهي منڍين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. منڍيون اڏامن ٿيون.
    ڪلو مواليءَ جي منڍي زبان ڪڍي مونکي ويچارا ڏئي ٿي. مان لنوائي هيڏانهن هوڏانهن نهاريان ٿو. صدر جي علائقي ۾ سڃ آهي. خودڪش ڌماڪي ۾ سڀ فنا ٿي چڪو آهي. دهشت گرد جي منڍيءَ جا ڪن ڪٽجي چڪا آهن. اها پٽ تي پئي آهي. سڀ منڍيون اڏامي سگهن ٿيون، دهشت گرد جي منڍيءَ جا پر ڪٽيل آهن، دهشتگرد جي منڍي دنيا جي گولي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ڌرتيءَ تي رڙهندي هلي وڃي ٿي.
    ڪلو ڪاسائيءَ جي منڍي جنهن جي وات ۾ ڇري آهي ان جي واڇن مان پان جهڙي رت وهي ٿي.
    سنهڙي سائينءَ جي منڍي جنهن جي واڇ وائڙن جيان هڪ پاسي کان هيٺ لهي آئي آهي، اها سهڪندي پريان اچي ٿي ۽ ڪلو ڪاسائيءَ جي منڍيءَ اڳيان اچي چوي ٿي.
    “او ادا... چڙيا گهر جو رستو ڪهڙو آهي؟”
    “او ادا... ڪلفٽن ڪهڙي بس ويندي آهي؟”
    “او ادا... سنڌ سيڪريٽريٽ ڪٿي آهي؟”
    “او ادا... سول اسپتال گهڻو پري آهي؟”
    ڪلو ڪاسائيءَ جي منڍي وات مان ٿڪ جيان ڇري هن ڏي اڇلائي ٿي.
    “مان ٿو چوانءِ ڀڄي پاسو ڪر ته ڪهي پري نه ڦٽو ڪيانءِ.”
    ڪلو ڪاسائيءَ جي ڳالهه تي سنهڙي سائين جي منڍي ٽهڪ ڏئي ٿي.
    “اڙي ڪهندين وري ڪٿان... مان ته آهيان ئي منڍي.”
    سنهڙي سائينءَ جي ڳالهه تي ڪلو ڪاسائيءَ جي منڍي تازو پان چٻاڙي سوچي ٿي ۽ ان جي نرڙ جا گهنج لياريءَ جي سنهين گندي پاڻيءَ سان ڀريل نالين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا.
    ۽ مان اوندهه ۾ خود ڪلام ٿيان ٿو، مڇر مظلوم نه آهن مڇر ظالم آهن. ڇو جو اسان مڇرن کي چڪ نه پائيندا آهيون. مڇر اسان کي چڪ پائيندا آهن. اوندهه هوندي آهي ته مڇر تيزيءَ سان حملو ڪندا آهن. روشنيءَ ۾ مڇر ڪارن بوٽن جي بدبودار جرابن ۾ لڪي پوندا آهن.
    جنهن رات بجلي بند هئي تنهن رات هڪ هزار مڇر ڪمري ۾ اڏامي رهيا هيا. بجلي آئي ته مڇر اوندهه جيان گم ٿي ويا. مون ڏٺو، ڪجهه مڇر منهنجي کٻي هٿ تي ويٺل هيا. سڄي هٿ کي مٿي ڪري کٻي هٿ تي ٺڪاءُ ڪرايو. ڪجهه مئا ڪجهه ڀڳا. مون جڏهن هٿ ڌوتو ته اتي ڪجهه رت هئي. ڪجهه پان هيو ۽ جهنگلي ڪبوتر جي وٺ هئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2451059
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627228
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ