سنڌي ٻولي ترقيءَ ۾ رنڊڪ آهي؟
جڏهن اسان انگريزن جا غلام هئاسين ته انگريزن نه رڳو سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏني پر پنهنجن سڀني آفيسرن کي حڪم جاري ڪيو ته سنڌي لازمي سکو! هنن سنڌي ٻوليءَ کي دفترن ۽ تعليمي ادارن ۾ رائج ڪيو. انهن سنڌي سکندڙن ۽ دفتر ۾ سنڌي ڪتب آڻيندڙ عملدارن جي دور ۾ سنڌ جي جيڪا ترقي ٿي، اها مثالي آهي. انهن جا انصاف به مشهور آهن.
وڏي ۾ وڏا ترقياتي منصوبا جهڙوڪ: ريلوي لائين ۽ آبپاشي نظام جي جوڙجڪ ۽ مختلف تعليمي ادارا وغيره به ان دور ۾ ٺهيا.
جيئن ئي انگريزن کان آزادي ملي ته ملڪ ۾ انگريزي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ملي وئي . هر پوسٽ تي انگريزيدان مقرر ڪيا ويا. اهو سلسلو جيئن پوءِ تيئن مضبوط ٿيندو ويو. پاڪستان يا صوبي سنڌ ۾ هن وقت شايد ئي ڪو اهڙو سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر ۽ وڏو عملدار هُجي، جنهن کي انگريزي نه ايندي هُجي. اڪثر ته اهڙا آهن، جيڪي جڏهن انگريزي ڳالهائيندا يا لکندا آهن ته هُو بهو انگريز لڳندا آهن.
انگريزي ٻوليءَ جي اهميت تمام گهڻي آهي، اها هڪ بين الاقوامي ٻولي آهي. اسان کي سکڻ گهرجي پر هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انگريزي ئي ڏاهپ، دانائيءَ ۽ بهترين منتظم ، جج، ڪاموري، ايمانداريءَ ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي؟ هرگز نه. جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ستر سالن کان وڌيڪ عرصو راڄ ڪندڙ عملدار اسان جي ملڪ کي سونو بڻائي ڇڏن ها.
اسان جون سيڪريٽريٽون ، گورنر هائوس، چيف سيڪريٽري ۽ سي ايم هائوس، ٿاڻا، ڊي سي آفيسون ۽ ٻيا ادارا عدل ۽ انصاف سان ڪم ڪري ملڪ ۾ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏين ها.
ٿر ۾ ڪوبه ٻار نه مري ها. روڊن تي ڪو احتجاج نه ڪري ها. اسپتالون ۽ يونيورسٽيون وغيره تباهه نه هُجن ها.
اوهان کي ڪابه جعلي دوا، گدلو پاڻي ۽ زهريلي کاڌ خوراڪ نه ملي ها. روڊن تي ڦُرڻ ۽ مارڻ وارو ڳولهيو به نه لڀي ها. هر آفيس ۽ عدالت مان ايڏو انصاف ملي ها، جو خوشيءَ مان خون وڌي وڃي ها. اهڙي معياري تعليم ملي ها، جو آمريڪي به هتي پڙهڻ اچن ها.
يونيورسٽين ۾ به انگريزي ٻوليءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي سائنس جا سمورا علم انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. پر افسوس آهي ته يونيورسٽين به ٻن چئن ماڻهن کان سواءِ ڪو سائنسدان پيدا نه ڪيو آهي.
پنهنجيءَ ٻوليءَ کان پري ڀڄڻ واري نظام غلام ۽ آقا وارو طبقو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
سيڪريٽري ۽ ڊي سي ته هڪ الڳ مخلوق آهن پر سورهين سترهين گريڊ وارو سي ايس ايس آفيسر (انگريز صاحب) ويهين ايڪيهين گريڊ جي پروفيسر سان هٿ به ملائڻ پسند نه ڪندو. وري جيڪڏهن ڪو سنڌي ٻوليءَ جو استاد وٽس ويندو ته صاحب جون ميٽنگون ڪونه کٽنديون. پوءِ ڀلي هو آفيس اندر اڪيلو ڇو نه ويٺو هُجي. ان رويي جو سبب انگريزي ٻوليءَ جي برتريءَ وارو احساس به آهي.
مطلب ته سنڌي ٻوليءَ ترقيءَ ۾ ڪٿي به رنڊڪ نه وڌي آهي. جن به سرڪاري عملدارن انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان سان محبت ڪئي، منهنجي مشاهدي موجب انهن ٻين جي ڀيٽ ۾ عوام جي وڌيڪ خدمت ڪئي آهي . ڇاڪاڻ ته ٻولي پنهنجن ماڻهن سان محبت وڌائي ٿي ۽ عوام جي سورن گهٽائڻ جو احساس ۽ جذبو به وڌائي ٿي.
اهڙن عملدارن ۾ مان هتي ٽي نالا ڏيان ٿو: 1. محترم اشفاق ميمڻ 2. محترم گل محمد عمراڻي 3. محترم شمس جعفراڻي (اهي ٽيئي رٽائر آهن)
دنيا جي مختلف ملڪن پنهنجي ملڪي ٻوليءَ کي ئي اوليت ڏئي ترقي ڪئي آهي. چين چيني ٻولي، سعودي عرب عربي ٻولي، ايران فارسي ٻولي، جرمنيءَ جرمن ٻولي، جپان جپاني ٻولي ۽ فرانس فرانسيسي ٻوليءَ کي اختيار ڪري اسان جي لاءِ وڏا وڏا مثال قائم ڪيا آهن.
منهنجي لکڻ جو مقصد انگريزيءَ کي بلڪل ڇڏڻ نه پر سنڌيءَ کي به اهميت ڏيڻ آهي. رڳو قانون ٺاهي ڇڏڻ ئي ڪافي ناهي، انهن تي عمل به ٿيڻ گهرجي.
فطري طور انسان مادري ٻوليءَ ۾ وڌيڪ سکڻ جي صلاحيت رکندو آهي. مختلف بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ: يونيسيف به ان ڳالهه کي مڃيو آهي ته جڏهن ٻار پنهنجيءَ مادريءَ ٻوليءَ ۾ پڙهندو ته سندس ذهن وڌيڪ کُلندو . ذهن جو کُلڻ ئي انسان کي ذهين ۽ ڏاهو بڻائيندو آهي.
تنهن ڪري پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ سنڌيءَ کي اوليت ڏئي ، پوءِ ملڪي ۽ بين الاقوامي ٻولين ڏانهن وڌجي .
سنڌي ٻوليءَ کان مُنهن موڙڻ جو نتيجو سنڌ کان رشتو ٽوڙڻ برابر آهي. جڏهن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جو احساس نه ٿو رهي ته پوءِ ڦُرلٽ وڌي وڃي ٿي. پوءِ استاد پڙهائي نه ٿو، ڊاڪٽر علاج ڪري نه ٿو ، ڪامورو ڪميشن کان سواءِ ڪم ڪري نه ٿو ۽ انصاف ملي نه ٿو.
اهي سڀ بيماريون سياستدانن ۾ به آهن ته منصفن ۽ ٻين ۾ به آهن. انهن سڀني جي اهڙي ته ٻَڌي آهي، جو جيڪو به سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو، ان خلاف ڪات ڪهاڙا شروع ڪري ٿا ڏين.
مون هڪ استاد جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت لکي ۽ جاکوڙ ڪري ڪنهن تي ٿورو نه ڪيو آهي بلڪه پنهنجو فرض نڀايو آهي . سنڌي ٻوليءَ جو استاد به جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نه لکندو ته ٻيو ڪير لکندو؟
اوهان کي عرض آهي ته مون کي جَسُ ڏيڻ بدران اصل موضوع /سوال تي لکجو ۽ سوچجو!
ڇا سنڌي ٻولي ترقيءَ ۾ رنڊڪ آهي ؟