سنڌ مدرسي اسڪول مان به سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ جي شروعات
هڪ پاسي تعليم جي وزير سيد سردار علي شاهه جا سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدم آهن، جن سبب ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي سوين خانگي اسڪولن سنڌي مضمون پڙهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسڪولن جي انتظاميه عملي اُپاءَ وٺڻ شروع ڪيا آهن. سائين سردار شاهه جي ان عمل جي نه رڳو ساراهه ڪئي پئي وڃي پر اسان کيس جَسُ به ڏيون پيا.
ٻئي پاسي سنڌ جي هڪ سرڪاري يونيورسٽي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر سنڌي شعبي نه کولڻ جو جهڙو ڪر قسم کڻي ڇڏيو آهي.
سڀني کي خبر آهي ته سنڌ مدرسو هڪ اسڪول ۽ ڪاليج مان يونيورسٽي بڻيو. سنڌي ميڊيم اسڪول جي سڃاڻپ آهي. اڄ به يونيورسٽيءَ ۾ پرائمريءَ کان هائير سيڪينڊري اسڪول موجود آهي. انتظاميه خوبصورتيءَ سان اسڪول مان سنڌي مضمون ختم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. سنڌي مضمون جو خاتمو ترقيءَ ۽ معيار جي نالي تي ڪيو پيو وڃي.
سنڌ مدرسي جي هاءِ اسڪول ۽ هائير سيڪينڊري اسڪول جو سنڌ جي سرڪاري بورڊن سان الحاق آهي، جتي سنڌي مضمون لازمي رکيل آهي. سرڪاري بورڊن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ مدرسي غير سرڪاري تعليمي بورڊ آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ ڏانهن ڊوڙ شروع ڪئي آهي. ابتدائي طور نائين درجي جو هڪ سيڪشن آغا خان بورڊ ۾ انرول ڪرايو پيو وڃي. سنڌ مدرسي جي سنڌي ميڊيم اسڪول جي پرنسپال سنڌي ٻولي ڳالهائڻ واري مقرر ٿيل ناهي. آغا خان بورڊ مهانگو بورڊ به آهي. غريب والدين تي خرچ جو ٻوجهه به وڌندو.
هوريان هوريان اسڪولن جو مڪمل طور آغا خان بورڊ سان الحاق ڪرايو ويندو. الحاق ۾ سنڌي مضمون شامل نه ڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ ڪجهه سالن اندر سنڌ مدرسي مان سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل نيڪالي ملي ويندي.
اخباري خبرن موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه جي وائس چانسلر ڊاڪٽر طيبه ظريف سنڌي شعبو کوليو آهي. طيبه ظريف سنڌي ڳالهائيندڙ نه آهي، جڏهن ته سنڌ مدرسي جو وائس چانسلر سنڌي ڳالهائيندڙ آهي. هُن وٽ تمام گهڻا وسيلا آهن. انهن وسيلن سبب اسان جي اڪثر سنڌي اديبن ۽ اخبارن جي خاموشي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
هُو اخبارن کي اشتهار ڏئي ۽ ساڃاهه وندن کي ڳاڙهو ٻوڙ کارائي نه رڳو ماٺ ڪرائي ٿو ڇڏي پر پنهنجي مانَ ۾ هو جمالا به ڳائرائي ٿو. ان جو تازو مثال سراج انسٽيٽيوٽ پاران ٿيل شاهه لطيف قومي ڪانفرنس جو ڪاڄ هو، جتي نه ڪانفرنس جي انتظاميه نه ئي ڪنهن اديب، شاعر، صحافيءَ ۽ سڄاڻ کانئس اهو سوال ڪيو ته: ”اوهان آخر سنڌي شعبو ڇو نه ٿا کوليو؟“ ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته: هُن صاحب يونيورسٽيءَ جي فنڊ مان اديبن، شاعرن ۽ محققن کي رات جي ماني پڻ کارائي.
جيڪڏهن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سنڌي ٻولي نه پڙهائينديون ته ڇا اسان جو نئون نسل لطيف کي پڙهي سگهندو؟ بلڪل نه پڙهي سگهندو. جنهن يونيورسٽيءَ جي انتظاميه لطيف جي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏئي، ان بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ مان سمجهان ٿو ته لطيف ڪانفرنس ۾ ماني کارائڻ جو وڏو مقصد رُڳو پنهنجي تشهير هو.
اسان جي اديبن کي ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌي ٻولي پڙهڻ لکڻ وارا گهٽجي ويا ته مون سميت ڪنهن به اديب، محقق، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جو ڪتاب ۽ اخبار وغيره پڙهڻ وارو ڳولهيو به نه لڀندو.
سائين سردار شاهه اوهان کي به ڪير ڪونه پڙهندو، هوريان هوريان ٻڌڻ وارا به گهٽجي ويندا. خدا نه ڪري ته جيڪڏهن سنڌي ٻولي وئي ته سنڌ به هلي ويندي!!
***