سگا ڪراچيءَ پاران مذاڪرو
بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضرورت
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي شاخ پاران 24 هين اپريل 1848ع ۾ انگريز سرڪار پاران سنڌي ٻوليءَ کي مليل سرڪاري حيثيت جي مڃتا جي مناسبت سان 24هين اپريل 2018ع تي هڪ مذاڪرو ڪوٺايو ويو، جنهن جو موضوع هو ”سنڌ مدرسي ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضروت ۽ اهميت“. مذاڪري جي صدارت سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ناليواري معاشي ماهر ۽ ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشيءَ ڪئي. جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ناليواري ليکڪا ڪامريڊ حميده گهانگهرو، سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ڊاڪٽر بدر سومرو ۽ فضل سليمان قاضي شامل هئا. سگا ڪراچي شاخ جي صدر اشرف علي کهاوڙ آجياڻو پيش ڪيو. جڏهن ته سگا ڪراچي شاخ جي نائب صدر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي مذاڪري جا مقصد ٻڌايا ۽ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل آهي ته سنڌ مدرسي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ نوابشاهه ۾ سنڌي شعبن قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي جائز مقام نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري اسان جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انگريزي ميڊيم جي جاءِ تي سنڌي ميڊيم اسڪول کوليا وڃن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي چيو ته 24 هين اپريل 1848ع تي انگريز سرڪار سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏني، جيڪا اڃا تائين برقرار آهي پر عمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته سنڌ مدرسي ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ ڪاليج جي زماني ۾ سنڌي مضمون پڙهايو ويندو هو. پروفيسر اعجاز قريشيءَ چيو ته مان سنڌ مدرسي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن نه کولڻ جي مذمت ڪريان ٿو. يونيورسٽين جي وي سين جي سوچ ڪراچيءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي تڙڻ واري آهي. اشرف علي کهاوڙ چيو ته سگا سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندي رهي آهي. سنڌي شعبن جي قيام جا ڪيترائي ڀيرا مطالبا ڪري چڪي آهي پر يونيورسٽين جا وائس چانسلر ڌيان نٿا ڏين. ڊاڪٽر بدر سومري چيو ته جيڪي سرڪاري ادارا سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪن ٿا، حڪومت انهن جي سربراهن کان سخت پڇاڻو ڪري. هن چيو ته هنن مسئلن جي حل لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي وڃي، جنهن جي سڄي هال ۾ ويٺلن تائيد ڪئي. فضل سليمان قاضيءَ چيو ته هي جائز مطالبا آهن انهن جي حمايت ڪريون ٿا. جان محمد راڻي چيو ته منهنجو تعلق لياريءَ سان آهي، مون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جي مشاورت سان ٻه ٽي دفعا سنڌ مدرسي ۽ لياري يونيورسٽي انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن پر مختلف بهانا ڪري ٽاريو وڃي ٿو. حميده گهانگهرو چيو ته سنڌي ٻولي يا شعبو ڪنهن به هڪ فرد جو مسئلو ناهي، سڄيءَ سنڌي قوم جو مسئلو آهي، تنهن ڪري فوري طور شعبا قائم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي. ڊاڪٽر احمد سومري چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي تعليم سان شاگردن جو فائدو ٿيندو. نين يونيورسٽين ۾ اڪثريت سنڌي شاگردن جي آهي، جيڪي ٻين مضمونن سان گڏ سنڌي مضمون به پڙهڻ چاهين ٿا. ڊاڪٽر اڪبر چانڊيي چيو ته سنڌي ادبي سنگت، سگا مرڪز ۽ ٻيون شاخون ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽي به هن سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سوشل ميڊيا ۽ عام ميڊيا تي پنهنجن مطالبن کي دهرايو وڃي. ٺهرائن وسيلي سنڌ مدرسي، لياري يونيورسٽي، نوابشاهه يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ، سنڌي ٻوليءَ کي دفتري حيثيت ڏيڻ، سائن بورڊ لکڻ ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون جي مسئلن کي حل ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا. تقريب کي ولي محمد روشن، قادر بخش سانگي، وقار پاٽولي، مريد ڄامڙي، ڪرم چند ڪنگراڻي، ڊاڪٽر خليل الرحمان شيخ، ڊاڪٽر سڪينه سمون، علي گل ڇٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو.