اوهان جو روزگار به ختم ته پڙهندڙ به گُم
اسان ليکڪ وڏيءَ خوش فهميءَ ۾ آهيون ته اسان ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ آهيون. ڪي ته سوين ڪتابن جا خالق آهن. هِن وقت تمام گهڻامقبول آهن. پر سچ پڇو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جون هزار ڪاپيون ڇپجن ٿيون، ته اهي گهڻي ڀاڱي اعززي ورهايون وڃن ٿيون.
ڪتاب کي ڏسڻ وارا ته سوين ٿي سگهن ٿا پر هزار ڪاپين واري ڪتاب کي پڙهڻ وارا پنجاهه به مشڪل هوندا. وري مڪمل طور پڙهي پنهنجي راءِ ڏيڻ وارا پنج ست به مشڪل سان هوندا.
ساڳي حالت اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ وارن مضمونن ۽ ڪالمن جي آهي . روز پنجاهه هزار يا ان کان مٿي شايع ٿيندڙ ڪاپين واريءَ اخبار ۾ ڇپيل مضمون يا ڪالم به مشڪل سان سئو کن ماڻهو مڪمل پڙهندا هوندا. باقي عنوان ۽ نالو پڙهڻ ۽ ڏسڻ وارا متان هزارن ۾ هُجن.
ٻيا ته ٺهيو پر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت عيوض ملندڙ اُجوري سان گهر هلائيندڙ اُستادن ۽ ملازمن به اخبار ۽ ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن.
اخبارن ۽ ڪتابن کان پوءِ سنڌي چينل ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ڇڏي ڏيندا. ڪاغذ جي مهانگائيءَ ۽ سوشل ميڊيا اخباري ۽ ڪتابي صنعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، مٿان وري پڙهندڙ ٻه ڌڪ ڪندس. نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نقصان ٿيندو.مان ڪو سوشل ميڊيا جي خلاف ناهيان، اها هڪ وڏي طاقت آهي. پر ان جي منفي اثرن جو ذڪر به ضرور ڪرڻ گهرجي. لينگئيج انجنيئرنگ تي وڏو ڪم ٿئي پيو، اهو به ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ضروري پاسو آهي. جن ٻولين خاص ڪري انگريزيءَ لينگئيج انجنيئرنگ ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. انهن به اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان انگريزيءَ جي تعليم کي ختم ناهي ڪيو بلڪه اڃا وڌايو آهي، تنهنڪري اسان به سنڌي ٻوليءَ جي تعليم وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻون.
علم ادب، ڏاهپ، ثقافت ۽ ماڻهپي جي منتقليءَ جا مامرا پنهنجيءَ جاءِ تي اهم پر انهن جي حاصل ڪرڻ جو وڏو وسيلو ٻولي آهي. جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته سنڌي ٻولي ڇڏڻ سان هو وڏي ترقي ڪندو ته اها خام خيالي آهي. ساڃاهه ۽ قومي شعور ٻوليءَ وسيلي ئي ايندو آهي.
ان صورت حال ۾ سڄي سماج خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن، استادن صحافين ۽ ميڊيا مالڪن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هاڻي رڳو ڪتاب لکڻ ۽ اخبار ڇاپڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي. ليکڪ کي ٻوليءَ بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
لکين استادن، صحافين، اخباري ۽ ميڊيا مالڪن توڙي پريس وارن جي روزگار ۽ عزت آبروءَ جو وڏو وسيلو سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ سان اڃا به هزارين ماڻهن کي روزگار به ملندو پر شرط اهو آهي ته سنڌ جا سمورا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ۽ بورڊ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لازمي ڪن . ائين پاڻهي ڪونه ٿيندو . ڪوبه گرهه ڀڃي وات ۾ ڪونه وِجهندو. اهڙا کوڙ بيروزگار ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي سنڌيءَ وارا سوشل ميڊيا تي منهنجا دوست آهن، جيڪي روزگار جا خواهشمند آهن. حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ سان سڀ کان اڳ ۾ انهن جو ئي فائدو ٿيندو. کين سُٺو روزگار ملندو.
پر افسوس انهن تي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن هُنن کي منهنجي پوسٽ شيئر ڪندي به تپ چڙهندو آهي. هي همراهه رڳو ڪُٽيءَ کائڻ وارا مجنا آهن. آغا خان ايجوڪيشن بورڊ، انٽرميڊئيٽ بورڊ ڪراچيءَ ۽ ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي کولڻ لاءِ منهنجي پوسٽ کي رڳو هڪ هزار سنڌي ٻوليءَ جا اديب، گريجوئيٽ، ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي هولڊر شيئر ڪن ته ڏسو ڪيئن نه ٿي سنڌي مضمون جي تعليم وڌي ۽ سوين نوجوان عزت ۽ وقار سان پنهنجو روزگار حاصل ڪن.
ڪڏهن ڪڏهن اها چوڻي سچ لڳندي آهي ته، ”ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪيري وِڌي ڪانون“
پڪ ڄاڻو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليم واريءَ تحريڪ ۾ منهنجو ڪوبه ذاتي مفاد ناهي. مون کي تمام سُٺو روزگار ۽ عزت آهي، تنهن ڪري مان اهو ڇڏي ڪنهن به نئين يونيورسٽيءَ ۾ کلندڙ سنڌي شعبي ۾ ڪونه ويندس. اوهان کي ئي انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اُستاد ٿيڻو آهي. تنهن ڪري اوهان پنهنجي مفاد خاطر هن تحريڪ ۾ حصو وٺو.
هيءَ تحريڪ آئين ۽ قانو موجب آهي. نه اسلام جي خلاف آهي نه ئي پاڪستان جي خلاف آهي. گهر ويٺي اوهان کي ڪابه شئي نه ملندي. قاعدن پُٺيان فائدا آهن. ٻڌيءَ ۾ ئي طاقت آهي. اجتماعي سوچ پيدا ڪريو. هن تحريڪ سان اهو ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي في الحال ڪو ترت فائدو نه پئي پر اوهان جي ڪنهن نه ڪنهن دوست يا مائٽ يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊگري رکندڙ کي ضرور فائدو پوندو. اها ڪاميابي به پنهنجي سوڀ سمجهو جيڪا اوهان کي به منزل تائين ضرور پهچائيندي.
منهنجي ليکڪن، خاص ڪري سينيئر اديبن، شاعرن، سنڌي ٻوليءَ جي پروفيسرن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي رٽائر توڙي حاضر سروس اُستادن صحافين، ميڊيا مالڪن ۽ ميلا مچائيندڙن کي عرض آهي ته اوهان پنهنجون انائون ڇڏيو. مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتل به هاڻي ته پنهنجا ذاتي مفاد ڇڏن.
سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ميدان تي نڪرو ۽ پنهنجن نوجوانن جي مدد ڪريو! ٻيءَ صورت ۾ تاريخ اوهان کي معاف نه ڪندي.