مختلف موضوع

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

ھيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھه ادارن مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ سنڌي شعبن جي نه کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ_ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجهه ٻيا مضمون شامل آھن. ڪتاب جو چوٿو حصو انگريزي لکڻين تي ٻڌل آھي.
Title Cover of book سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

تحقيق لاءِ وقت، مهارت ۽ سهولت سان گڏ پئسو به ضروري آهي

تحقيق لاءِ وقت، مهارت ۽ سهولت سان گڏ پئسو به ضروري آهي

مجموعي طور سڀني ليکڪن ۽ صحافين ۽ خصوصي طور اسان محققن جو هڪ قبيلو آهي. اسان جا هڪٻئي سان لک پڙهه ۽ سوشل ميڊيا وسيلي ته رابطا هوندا آهن پر روبرو به مختلف موضوعن تي ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن.
سوشل ميڊيا تي تحقيق جي حوالي سان سهڪار بابت محترم مظهر علي ڏوتيي ڪيترائي ڀيرا ڏُک ونڊيا آهن. هتي مان ڊاڪٽر آفتاب ابڙي صاحب ۽ محترم مختيار احمد ملاح سان پيڪاڪ پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ ۾ ٿيل هڪ ڪچهريءَ/بحث جو ذڪر ڪريان ٿو، ٻئي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا ناميارا محقق آهن. ڪچهريءَ جو مُک موضوع “تحقيق ۾ تڪليف ۽ رنڊڪ” هو. ملاح صاحب مون کي چيو ته سائين اوهان لکندا وڃو، ڇپجي ته ڀلي ڳالهه نه ته به اوهان جو ذخيرو وڌندو ويندو. مون ملاح صاحب کي جيڪي جواب ڏنا، انهن کي ٿورو سُڌاري ۽ وڌائي هتي پيش ڪريان ٿو.
1. تخليقي ادب ، خاص ڪري شاعريءَ ۾ ذهانت ۽ ڏات جي ضرورت هوندي آهي. ان لاءِ رُڳو اوهان وٽ قلم ۽ ڪاغذ هُجي پوءِ لکندا مَٽَ ۾ وجهندا ويندا ته اڳتي هلي قاضي قادن جي شاعريءَ وانگر اوهان جو ۽ اوهان جي شاعريءَ جو لازمي قدر ٿيندو يا شاهه لطيف جي شاعريءَ وانگر اوهان کي ڪو راڳي فقير ملندو، سيني بسيني اوهان جو فن پکڙبو ۽ مقبول ٿيندو ويندو. نتيجي ۾ اوهان جي مڃتا ٿيندي. ان کان سواءِ مختلف سگهڙن جا به مثال موجود آهن.
2. ڪهاڻيءَ لاءِ به رڳو قلم ۽ ڪاغذ گهُرجي. شاعريءَ، ڪهاڻيءَ ۽ ٻين لکڻين لاءِ ڪتابن جي مطالعي جي اهميت کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي. پر تحقيق لاءِ تمام گهڻا ڪتاب گهرجن ٿا، جن لاءِ به وڌيڪ پئسو گهُرجي .
3. ناول ۽ ڊرامو به تخليقي افسانوي ادب ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. پر انهن ۾ تحقيقي عنصر به شامل آهن. خاص ڪري تاريخي ۽ ڪرداري ناولن لکڻ لاءِ مطالعي سان گڏ مشاهدي، تحقيق ۽ سير سفر جي ضرورت پئي ٿي. انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سرمايو کپي ٿو.
4. سفرنامو ته آهي ئي پئسي جو کيل.
مٿيون سڀ صنفون جيڪڏهن وقت تي شايع نه ٿيون ته ضايع ۽ چوري ٿيڻ جو خطرو آهي. جيڪڏهن بچي ويون ته انهن کي تاريخ ضرور مڃتا ڏيندي .
تحقيق لاءِ اوهان ڀل ڪيڏا به ماهر ۽ ڏاها هُجو پر جيڪڏهن اوهان وٽ سهولتون ناهن ته اُها اڳتي نه وڌي سگهندي. ان لاءِ جيڪي شيون کپن ٿيون، انهن جو ذڪر ڪجي ٿو؛
1. وقت : اوهان کي سمورا لڳ لاڳاپا لاهي، رشتا ناتا پاسي تي رکڻا پون ٿا. کائڻ پيئڻ ۽ پائڻ جي تنگين کي مُنهن ڏيڻو پئي ٿو. سينگار به ڇڏڻا پون ٿا، نُور نچوئڻو پئي ٿو ۽ رت ست ڏيڻو پئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان سان اوهان جي تحقيق واري وقت مان ڪٽوتي ٿي ويندي. گهر جي ٻين ڪمن مان به هٿ ڪڍڻو پئي ٿو. ان جو نتيجو ڪهڙو نڪري ٿو، اهو اسان سڀ ڄاڻون ٿا. (وقت هر صنف کي ڏيڻو پئي ٿو پر تحقيق کي وڌيڪ وقت کپي ٿو)
2. مطالعو: تحقيق لاءِ گهڻا ڪتاب گهرجن ٿا، تنهن ڪري پئسو به وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو. ان سان گڏ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي ٻين سهولتن جي به ضرورت پئي ٿي.
3. لائبريريءَ ۽ فيلڊ تائين پهچڻ: آن لائين لائبريري ته اوهان پنهنجي گهر ۾ به حاصل ڪري سگهو ٿا پر فيلڊ لاءِ اوهان کي ڀاڙي ڀُتي / ٽرانسپورٽ جي ضرورت پئي ٿي.
4. سهولت: مواد تائين رسائيءَ جي سهولت، مختلف ماڻهن ۽ ادارن جي سهڪار وغيره جي سخت ضرورت پئي ٿي.
5. تحقيق جي ڇپائي: اهي سمورا مرحلا طئه ڪري اوهان جڏهن تحقيق لکي پوري ڪريو ٿا ته ان کي شايع ڪرائڻ جو مرحلو اچي ٿو. اخبارن ۽ رسالن وارن وٽ پنهنجي پسند ۽ ناپسند هلي ٿي. تحقيقي جرنلن جو پنهنجو حساب ڪتاب ٿئي ٿو. جيڪڏهن اوهان جو ڪو مضمون يا مقالو ڪنهن اداري شايع به ڪيو ته اوهان کي اعزازيو/معاوضو ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، اُٽلندو اوهان تي احسان جتايو ويندو.
6. تحقيق جي ڪتابي صورت: اوهان جي تحقيق جيڪڏهن هڪ ڪتاب جيتري آهي ته ان کي شايع ڪرائڻ لاءِ ڪيل تحقيق کان وڌيڪ محنت ۽ ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻي پئي ٿي. سرڪاري ادارا ڪجهه نه ڪجهه معاوضو ڏيندا آهن، جنهن مان اوهان جو ڪيل خرچ مَس لهندو باقي محنت عشق ۽ واهه واهه جي وَرِ چڙهي ويندي. جڏهن ته خانگي پبلشر ڪتاب ڇاپڻ جا به محقق کان پئسا وٺندا آهن.
7. پاڻ پنهنجي تحقيق ڇپرائڻ: اوهان جيڪڏهن سڀ خرچ ڀري پنهنجي تحقيق ڪتابي صورت ۾ آڻيو ٿا ته؛ اوهان جو ڪتاب شايد ئي ڪو خريد ڪري . بڪ اسٽالن وارا جيڪڏهن اوهان کان ڪجهه ڪاپيون وٺندا ته انهن جا اوهان کي پئسا نه ملندا. اسان وٽ ڪتاب جي وِڪري جو بهتر نظام ناهي.
شاعر ۽ ٻئي تخليقڪار کي وري به تڪڙي مڃتا ملي ٿي پر محقق کي جوڳو مانُ به نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته تحقيق پڙهندڙن جو انگ تمام گهٽ آهي.
جيڪڏهن تحقيق شايع ٿيڻ کان رهجي ويندي ته اُها نه رڳو ضايع ۽ چوري ٿي سگهي ٿي پر تحقيق ۾ تبديلي به ايندي رهندي آهي. ان ۾ واڌارن ۽ سُڌارن جي به ضرورت پوندي آهي. تنهن ڪري ان جو وقت سر ڇپجڻ لازمي آهي. ٻيءَ صورت ۾ محقق جي محنت ۽ خرچ پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويندو. ڏکن ڏاکڙن کي ڏسي اسان جا ليکڪ تحقيق کان پري ڀڄندا آهن. اهو ته ادبي تحقيق جو احوال آهي، سائنسي تحقيق جا سور ته سئو ڀيرا وڌيڪ آهن.
اسان جي نالي وارن محققن جهڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين کي جيڪڏهن علمي ۽ ادبي ادارن جي ڀٺڀرائي حاصل نه هُجي ها ته ايترو ڪم نه ڪري سگهن ها.
انهن محققن کي توڙي جو مڪمل سهولتون نه مليون پر ادارن جي بجيٽ ۽ عملو سندن حوالي هو. هُنن بجيٽ کي ايمانداريءَ سان ڪتب آندو . کين جسُ آهي. سندن تحقيق ۾ ڪيترائي معاون محقق شامل هئا. خاص ڪري لوڪ ادب رٿا ۾ وڏي انگ ۾ مددگار موجود هئا.
سنڌ جا علمي ادبي ادارا جهڙوڪ: سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ وغيره تحقيقي ادارا آهن، انهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ محقق بهتر نموني هلائي سگهن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ ، ڊاڪٽر الانا ۽ ميڊم فهميده اٿارٽيءَکي جهڙي نموني هلايو،ان جو مثال نه ٿو ملي.
مون جيڪو به ڪم ڪيو آهي، گهڻي ڀاڱي اڪيلي سِر ڪيو آهي. ثقافت کاتي منهنجو ڪم شايع ڪرايو آهي، جنهن لاءِ گل محمد عمراڻي صاحب، منظور احمد ڪناسري صاحب ۽ شمس جعفراڻي صاحب جو ٿورائتو آهيان. باقي ٻين اداران جي رويي تي ڏُک ضرور ٿيندو آهي. شاهه لطيف چيئر ۾ نوڪريءَ دوران ميڊم فهميده حسين تمام گهڻو همٿايو ۽ منهنجي تحقيق شايع به ڪرايائين. سندس ٿورا لاهي نه ٿو سگهان. جڏهن ميڊم ٻولي اٿارٽيءَ ۾ وئي ته ٻي ٿي وئي. ٿي سگهي ٿو ته مون ۾ ئي ڪا اوڻائي هجي.
سنڌ حڪومت ٻين کاتن ۾ تحقيق/رهنمائيءَ لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪندي آهي، جيڪي سال ٻه سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ سئو کن صفحن جيترو به مشڪل سان ڪتاب/رپورٽ تيار ڪندا آهن. اها تحقيق گهڻي ڀاڱي خانا پُري هوندي آهي. اُن هڪڙي ڪتاب تي مجموعي طور ڪروڙين رپيا خرچ ٿيل هوندا آهن. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي لکيل ايترن صفحن واري ڪتاب تي سڀ خرچ ملائي سرڪار جا ٽي چار لک به مشڪل سان خرچ ٿيندا آهن. جڏهن ته اسان جي تحقيق جي دائمي حيثيت آهي.
ان ٻٽي معيار به تحقيق کي وڏو ڌڪ هنيو آهي. تنهن ڪري هر شعبي جي تحقيق کي هڪجهڙو ڏٺو وڃي. ادارا محققن کي مڪمل سهولتون ڏين. تحقيق لکي مَٽَ ۾ نه ٿي وجهي سگهجي. سوشل ميڊيا تي ونڊڻ سان ماڻهن تائين پهچي ته سگهي ٿي پر اُن جي حفاظت لاءِ مونجهارا برقرار آهن يعني چوريءَ جو کٽڪو رهي ٿو.
***

(25 هين مئي، 2019ع)