اجرڪ جي وحدت تي وار نه ڪريو !
اها وحدت ، سجاڳي ۽ سگهه شايد ڪنهن کي نه ٿي وڻي ، جو ڏهن سالن جي ٿوري عرصي ۾ ئي ثقافت جي شديد مخالفت شروع ٿي وئي آهي. اها مخالفت ۽ تڪرار پنهنجن ئي شروع ڪيو آهي . مخالفت سبب اسان ورهائجڻ شروع ٿي ويا آهيون.
سنڌي ثقافت ۾ ڏار وجهڻ ۽ ان کي تڪراري بڻائڻ جو سلسلو گهڻ طرفو آهي. ڏاڍيءَ خوبصورتيءَ، مهارت، پنهنجائپ، صفائيءَ، تاريخي ترڪتالين ۽ عظمتن جي اَڙ وسيلي اهو ڪم جاري آهي. هتي رڳو اجرڪ جي وحدت کي ٽوڙڻ ۽ ورهائڻ جي حوالي سان مان اوهان جو ڌيان ڇڪايان ٿو . هن ڌيان ڇڪايو نوٽيس جا نتيجا مون کي ضرور ڀوڳڻا پوندا.
لفظ ثقافت جون مختلف معنائون ۽ مفهوم آهن، جن مان ”سڌارو“ به هڪ آهي . اهڙيءَ ريت ان جو دائرو به وسيع آهي. هن وقت تهذيب، تمدن، قديم ماڳ، ٻولي، لباس، رسمون، ادب، لوڪ ادب، راڳ رنگ ۽ شاعري وغيره به ثقافت جو حصو سمجهي وڃي ٿي. لفظن جي مفهوم ۾ وقت ۽ حالتن موجب ڦيرو ايندو رهندو آهي . ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ بدران اسان ثقافت تي اچون ٿا، جنهن ۾ قومن جون سُڌريل وَٿون ، ادب، ٻولي ۽ پوشاڪ وغيره اچي وڃي ٿي . قديم ماڳ ته جيئن جو تئين رهن ٿا، جن کي بچائڻ لاِءِ اُپاءَ ورتا وڃن ٿا. ادب ۽ ٻوليءَ ۾ واڌارو ۽ سڌارو ايندو رهي ٿو. پوشاڪ ۾ به سُڌارو ته اچي ٿو پر ان ۾ هڪ حد تائين اهو جاري رهي ٿو. تيستائين جاري رهي ٿو، جيستائين سڄو سماج، قوم ڪنهن هڪ بنيادي ڊزائين تي مڪمل اتفاق ڪري. جيئن سنڌي ٽوپيءَ جي موجوده ڊزائين تي سڄي سنڌي قوم (مسلمان توڙي غير مسلمان) متفق آهي . هاڻي جيڪڏهن ان ٽوپيءَ جو محراب اڳياڙيءَ بدران پٺيان يا پاسي کان ڪبو ته ٽوپيءَ جي وحدت ۽ قبوليت ۾ ڏار پئجي ويندا. اهڙيءَ ريت سنڌي ثقافت ۾ اڇو پٽڪو شامل آهي . ڪو اڇي بدران ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جو پٽڪو پهريندو ته ان کي ڪوبه ثقافتي پٽڪو نه سڏيندو. سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪو هر مذهب،رنگ،نسل ۽ ذات وارو سنڌي پائي ٿو.
ساڳيءَ ريت اجرڪ جي رنگن ۽ ڊزائين تي به سنڌي ماڻهن جو اتفاق آهي. ثقافت لاءِ لازمي آهي ته اُها سڀني کي قبول هُجي ۽ ان تي ڪنهن کي به اختلاف نه هُجي. اجرڪ جي رنگ ۾ ڳاڙهو، ڪارو ۽ نيرو، اڇو رنگ، ستارا، سج ۽ ڦيٿي جهڙا گول دائرا سڀني کي قبول آهن. ان نموني تي سڀ سنڌي متفق آهن. اجرڪ جو ڳاڙهو رنگ خوشيءَ ۽ تبديليءَ جو اُهڃاڻ (ڪنوار کي ڳاڙهي رنگ جو وڳو پارايو ويندو آهي) اڇو امن جو نشان ۽ نيرو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۽ آسمان جي رنگ جي ترجماني ڪري ٿو، جنهن سان خوشحاليءَ جو تصور اُڀري ٿو. بهرحال رنگن جون ٻيون به خوبيون ۽ خاصيتون ٿي سگهن ٿيون.
روايتي اجرڪ جي ان نموني ۾ ڪجهه تبديليون ڪري نيون ڊزائينون به تيار ڪيون ويون آهن پر انهن ۾ اجرڪ جي بنيادي جزن جهڙوڪ : ستارن، گول دائرن وغيره کي برقرار رکيو ويو آهي. گهڻي ڀاڱي ان جو بنيادي رنگ ڳاڙهو ۽ ڪارو برقرار رکيو وڃي ٿو.
ان اجرڪ سوين سالن جي سفر کان پوءِ قبوليت ۽ مڃتا ماڻي آهي . اڄ کان ڏيڍ هزار سال پهريان به ان کي سُوکڙيءَ طور پيش ڪيو ويندو هو. حضور صلي الله عليه وسلم کي به سُوکڙيءَ ۾ پيش ڪيو ويو هو. مطلب ته موجوده روايتي اجرڪ واري ذزائين ئي سوين سالن جو تسلسل مڃي وڃي ٿي.
جيئن جيئن سنڌي ثقافت جي مقبوليت وڌندي وڃي پئي ۽ خاص طور تي نئون نسل ان ۾ وڌ کان وڌ دلچسپي وٺندو وڃي پيو ته سنڌي ثقافت کي تڪراري بڻائڻ لاءِ مونجهارن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به تيز ٿيندي پئي وڃي . ته جيئن نوجوان مونجهاري جو شڪار ٿي سنڌي ثقافت کان پري ڀڄن.
مڃيل اجرڪ تي اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف اجرڪ ميدان تي آندا ويا آهن. ڪي بادشاهه اجرڪ ته ڪي لطيفي اجرڪ ته ڪي ٻولي اجرڪ وغيره .
لطيفي اجرڪ جو مُک رنگ نيرو آهي. حقيقت ۾ ان ڊزائين ۽ رنگ وارو اجرڪ سرائڪي ثقافت جو حصو آهي.
موهن جي دڙي مان مليل بادشاهه يا King Priest جي مورتيءَ کي ويڙهيل چادر واري ڊزائين کي اجرڪ ۾ اوتي ڏاڍيءَ خوبصورتيءَ سان اجرڪ جي اصليت تي وار ڪيو ويو آهي. ڀلي ڪو کڻي ان اجرڪ کي اصل اجرڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پر سڄي قوم جو ان کي مڃڻ ۽ ان تي اتفاق ڪرڻ ناممڪن آهي. نتيجي ۾ موجوده اجرڪ جي وحدت ۽ مڃتا ۾ ڏار پوندا. مقبول ۽ مڃيل اجرڪ جي وحدت تي وار ٿيڻ سان سنڌي قوم ورهائجي ويندي . نئون نسل باغي ٿي پوندو. هو سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کان به پري ڀڄندو .اسان کي ان جو نتيجو صدين تائين ڀوڳڻو پوندو .
موهن جي دڙي واري بادشاهه سان پيار ۽ محبت جا ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا. اسان کيس اوڙهيل چادر جي ڊزائين جا ڪوٽ ۽ واسڪوٽيون به ٺاهي سگهون ٿا. خدارا اجرڪ سان اهو ظلم بند ڪريو.
پنهنجي واپار وڌائڻ جي چڪر ۾ سنڌي ثقافت کي قربان نه ڪريو. مڃيل اجرڪ سان سنڌي ماڻهو ايترو پيار ڪن ٿا، جو مجموعي طور ڪروڙين اجرڪ خريد ڪن ٿا، جنهن سان ڪي ماڻهو ڪروڙين رپيا به ڪمائن ٿا. اسان کي سندن ڪمائيءَ تي ڪوبه اعتراض ناهي. اعتراض آهي ته اجرڪ جي بنيادي ڊزائين سان هٿ چراند تي آهي، جنهن سان سنڌي قوم جي ورهائجڻ جو سخت خطرو محسوس ٿئي ٿو.
ساڳيءَ ريت هو جمالي ۽ جهمر کي به تڪراري بڻايو پيو وڃي. جڏهن سنڌ جون ڪي نياڻيون انڊين نغمن خاص ڪري “ چولي ڪي پيڇي ڪيا هي” تي نچن ٿيون ۽ مدرسن ۾ معصومن سان هاڃا ٿين ٿا، اُتي ڪو خطرو ڪونهي ڪو.
فيس بڪ ۽ واٽس ايپ وغيره جي ڪجهه نشانين اسان جي ثقافت کي اُبتو ڪري ڇڏيو آهي . ڪي آڱوٺو ڏيکارن ته اسان ٻانهون ٻڌي ٿورا مڃيون ٿا. اسلام جا ٺيڪيدار ٻانهن ٻڌڻ واريءَ نيازمنديءَ تي ته اعتراض ڪن ٿا پر آڱوٺي جي نشان تي ٺري پون ٿا ۽ پاڻ به ڪتب آڻن ٿا. انهن معاملن تي وڌيڪ تفصيل سان لکبو،
اجرڪ جي لاءِ سڀني کي عرض آهي ته ان کي تڪراري بڻائيندڙن جي رستا روڪ ڪريو. اجرڪ سان ڍڪيل سنڌ جي اتحاد کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريو!
ان سلسلي ۾ مان سنڌ جي ثقافت جي وزير ۽ بهترين شاعر سائين سردار شاهه کي به اپيل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري اجرڪ جي عظمت، مقبوليت ۽ مڃتا کي بچايو سائين !
***