سنڌي ٻولي ۽ سوشل ميڊيا: مونجهارا ۽ حل
سڄيءَ دنيا سميت اسان وٽ به سوشل ميڊيا جي مقبولت وڌندي پئي وڃي. لڳ ڀڳ سموريون ٻوليون سوشل ميڊيا کي ڪتب آڻڻ لاءِ پروگرامنگ تي خاص ڌيان ڏين پيون. ڪمپيوٽيشنل لينگئيج ۾ مهارت ۽ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌي ٻولي به ان ڊوڙ ۾ شامل آهي. اسان جي ماهرن جي محنتن رنگ لاتو آهي پر اڃا وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.
فيس بڪ ۽ واٽس ايپ وغيره تي سنڌي ٻولي تمام گهڻي استعمال ڪئي پئي وڃي. پروگرامنگ جي حوالي سان ته ڪمپيوٽر جا ماهر ان بابت راءِ ڏيندا . اسان هتي ڪتب ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي صحت جو تجزيو ڪنداسين .
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تمام گهڻي آڳاٽي آهي، هزارين سالن جو سفر ڪري اڄ جي شڪل ۾ هڪ شاهوڪار ۽ سگهاريءَ ٻوليءَ جي حيثيت ۾ اسان جي آڏو آهي، ٻولين ۾ ان ٻوليءَ جي وڌيڪ حيثيت ڳڻي ويندي آهي، جيڪا لکي پڙهي وڃي ۽ ان ۾ شعر ۽ ادب به موجود هُجي. سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا به مختلف نمونا مليا آهن، اهي به هزارين سال پراڻا آهن، خاص ڪري موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن تي لکائي وغيره. ان لکت کي اسان اڄ تائين پڙهڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. ان کان پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا مختلف نمونا مليا آهن، جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
ٻوليءَ جي شاهوڪار ائپ جو هڪڙو پيمانو ان جو لوڪ ادب به هوندو آهي. اسان جي ٻولي ان مامري ۾ به خوش نصيب آهي.
سوشل ميڊيا جي اچڻ سبب سماج ۾ تڪڙيون ۽ تيز تبديليون اچن پيون. اسان جي پنھنجي رفتار ڀلي ڪھڙي به ھُجي پر دُنيا اسان تي رحم کائي ڪڏھن به انتظار نه ڪيو آھي نه ڪندي. اھڙيءَ صُورت حال ۾ ڪاهليءَ سبب معاشي، ثقافتي، سياسي ۽ سماجي مسئلن جي اُڀرڻ ۽ ڇيھي/نقصان ملڻ کان بچي نه ٿو سگھجي.
ان ماحول ٻولين کي به سخت مُتاثر ڪيو آھي. ڪيتريون ئي ٻوليون خاتمي ڏانھن وڌن پيون. ڪن ٻولين ۾ ٻوڏ وانگر ٻيا لفظ اچي، اُنھن جي شڪل بگاڙن پيا. نه رڳو لفظن کي غائب ڪيو پيو وڃي پر انھن جي اُچارن، گرامري ترڪيبن، مونث مُذڪر ۽ واحد جمع ۾ فرق به ٿيندا پيا وڃن. ٻولين جي لپي (Script) به مٽبي پئي وڃي. ٻولين جو قديم ادب، ثقافت، لوڪ توڙي ڪلاسيڪي ادب پڻ لَٽبو پيو وڃي. انھن سمُورن مسئلن کي سنڌي ٻولي به مُنھن ڏئي پئي.
ھتي سُوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان ان سڄي تبديليءَ کي قبُولي آرام جي ننڊ ڪريون؟ ڇا اھا تبديلي / بگاڙ مجمُوعي طور تي سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ کي فائدو ڏيندو؟ يا ان غير فطري تبديليءَ کي روڪڻ ۾ ڪا ڀلائي آھي؟
سنڌي ٻوليءَ جو زندهه رهڻ سنڌي قوم جي بقا جو ضامن آهي. سڄيءَ دُنيا ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن، اُنھن جو اثر دُنيا جي هر سماج، قوم ۽ ٻوليءَ تي لازمي پوي ٿو. تبديلين جا مُختلف ڪارڻ ٿين ٿا؛ جن ۾ مذهبن وسيلي تبديليون، مُختلف واقعن، حادثن ۽ حملن وسيلي تبديليون، مُختلف ايجادن خاص ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وسيلي تبديليون، ميڊيا يا سوشل ميڊيا وسيلي تبديليون، ڌنڌن ۽ قدرتي وسيلن (معدنيات وغيرهه) وسيلي تبديليون وغيرهه وغيرهه شامل آهن.
سماج ۾ مُختلف ڪارڻن ذريعي تبديليون نه رُڳو رهڻيءَ ڪھڻيءَ تي اثر ڪن ٿيون پر ٻولين تي به وڏو اثر ڪن ٿيون. هِتي سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل اثرن ۽ خطرن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.
مذهبن جا اثر يا تبديليون:
سنڌي ٻوليءَ تي مذهبن تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن. مُختلف مذهبن جي اختيار ڪرڻ سبب هزارين لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا. هِن وقت سنڌ جي اڪثريتي آباديءَ جو مذهب اسلام آهي. اسلام سبب عربيءَ ۽ فارسيءَ جو تمام وڏو اثر آهي. ان اثر سبب سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط (لکڻ جو طريقو) به تبديل ٿيو. هندو ڌرم جي اثر سبب هندي ۽ سنسڪرت جو اثر ٿيو ۽ لکت جو طريقو تبديل ٿيو. ياد رهي ته موهن جي دڙي مان مليل لکت بيان ڪيل سمُورن نمونن کان مُختلف آهي؛ جنھن کي اڄ تائين حتمي طور پڙهي نه سگهيا آهيون. انگريزن جي اچڻ سان عيسائي مذهب به سنڌي ٻوليءَ تي اثر ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اُردو ٻوليءَ جو اثر جاري آهي.
انھن سمُورن اثرن نئين نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيترا ئي مُونجهارا پيدا ڪيا آهن.
واقعن، حادثن ۽ حملن جا اثر:
سنڌ جي تاريخ ڪيترن ئي واقعن، حادثن ۽ حملن سان ڀري پئي آهي. سڀ کان و ڏو واقعو يا حادثو موهن جي دڙي جي بربادي آهي؛ جنھن سبب سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جو تسلسل ٽُٽي پيو. اهڙيءَ رِيت ارغونن ۽ ترخانن جي ڪاهن ۾ سنڌ جي لائبريرين کي ساڙڻ جي واقعن علم ادب جي مُنتقليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو؛ جنھن جا خراب اثر سنڌي ٻوليءَ تي پيا.
اِيجادن وسيلي تبديلي:
انساني ترقيءَ لاءِ سائنسي ايجادون وڏو ڪارنامو آهن. انھن ايجادن انسان جُون تڪليفون گهٽائي سُک ۽ شعُور ڏنو آهي. تنھن ڪري سنڌي ان مان فائدو رُڳو ان ڪري نه وٺن ته ٻوليءَ ۽ تھذيب کي نُقصان ٿيندو؛ سو به انتھائي غلط آهي. اسان کي اهڙو دَڳُ اختيار ڪرڻو پوندو، جنهن سان ٻولي، ثقافت ۽ ادب به ترقي ڪري ته سماج به سُک ماڻي. اِيجادن ٻولين تي گھرا اثر ڇڏيا آهن؛ خاص ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شين جي ايجاد ٿيڻ سان؛ انھن جا نالا دُنيا جي مُختلف ٻولين ۾ شامل ٿيا آهن؛ جيئن ريڊيو، ٽي وي، موبائيل فون وغيره.
پنهنجيءَ ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ ملڪ نئين ايجاد ٿيندڙ شئي، پراڊڪٽ وغيره جي نالن کي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پوءِ مارڪيٽ ۾ آڻن ٿا . هنن جا ماهر فيصلو ڪري ادارن کي عمل ڪرائين ٿا. اُن شئي جو نالو، لاڳاپيل لکت وغيره اُن شئي ۽ ان جي ڊٻي تي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ لکرائي پوءِ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي اجازت ڏين ٿا. ان سلسلي ۾ چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. دوائن جي شيشين، ڊٻن ۽ پيڪنگ تي اوهان کي عربيءَ ، چينيءَ ، جپانيءَ ۽ فارسيءَ وغيره ۾ به لکيل ملندو.
سنڌي ٻولي اوهان کي دوائن ۽ ايجادن وغيره جي نالن ۽ دٻن تي نظر نه ايندي.
ماضيءَ ۾ کُوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ نار استعمال ڪيو ويندو هو. هاڻي موٽر وسيلي پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو. اڳي ڏاندن وسيلي هر ڪاهيو ويندو هو. هاڻي اهو ڪم ٽريڪٽر ڪري ٿو؛ بلڪِه ڏاند يا سانُ ته هاڻي سکڻِيءَ ڦنڊر جي حيثيت تي اچي بيٺا آهن. گهڻي ڀاڱي انهن جانورن جو گوشت کائڻ ئي وڏو ڪارج سمجهيو پيو وڃي. ڪو زمانو هو ته ٺِڪر يا پٿر جي دانگيءَ تي ماني پچائي ويندي هُئي. هاڻي تئي ۽ ڪٿي ڪٿي ته مائيڪرو ويو اوون ۾ ماني پچي ٿي. انساني فطرت آهي ته هُو سھُولت کي ترجيح ڏيندوآهي. جڏهن پُراڻيون شيون استعمال ئي نه ٿينديون ته اُنھن جا نالا خاص ڪري اسان جي نئين نسل کي ڪٿان ايندا؟ ٻوليءَ جي اهڙن لفظن کي سُگهڙ سانڍيندا پيا اچن ۽ عالم لُغتن ۾ لکندا پيا اچن.
ميڊيا يا سوشل ميڊيا وسيلي تبديلي:
ميڊيا يا سوشل ميڊيا جا اوزار توڙي جو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي اِيجادون آهن پر انھن ٻولي ته ڇا پر سماجن کي ئي ڌوڏي ڇڏيو آهي. خاص ڪري سوشل ميڊيا سنڌي ٻوليءَ تي گھرا اثر ڇڏيا آهن. عربي سنڌي رسم الخط سان گڏ رومن رسم الخط به مُتعارف ٿي وئي آهي. هاڻي عربي فارسي لفظن جي صُورتن جو تيزيءَ سان بگاڙ پيو ٿئي ڇا ڪاڻ ته اسان وٽ مُختلف عربي اکرن جا آواز يا اُچار ساڳيا آهن. جيئن س، ث، ص ۽ ذ، ز، ظ، ض وغيرهه جو هڪ ئي آواز ۽ اُچار آهي. جڏهن نوجوان ذڪر لکن ٿا ته ز يا ظ يا ض سان به لکن ٿا. وري جڏهن رومن ۾ لکن ٿا ته ڳالھه ئي ٻي ٿي وڃي ٿي. انھن مسئلن ۽ مُونجهارن سبب سنڌي ٻوليءَ کي نُقصان پيو ٿئي.
زرار پيرزادي جي پوسٽ :
سنڌي ٻولي ھن وقت جنھن دور مان گُذري پئي، اُن ۾ لکت جو طريقو به بدلجندو پيو وڃي. ان کي رسم الخط، اسڪرپٽ ۽ لپي به چيو وڃي ٿو. اکرن جي شڪل يا لپي سنڌي ٻوليءَ جي مُختلف دورن ۾ مختلف به رھي آھي. موھن جي دڙي واري لکت، ديوناگري لکت، عربي سنڌي لکت ۽ رومن لکت اھم صُورتون آھن. ھن وقت ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري رومن لکت ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي. ان جو وڏو سبب انگريزي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ آھي، جيڪا ڪمپيوٽر جي ٻولي به آھي. ويھارو کن سال اڳي جڏھن حليم بروھي صاحب رومن رسم الخط جي ڳالھه ڪئي ھُئي ته؛ لڳ ڀڳ سمُورن عالمن اُن جي سخت مُخالفت ڪئي ھُئي. ھاڻي صُورت حال اھا آھي ته مُون سميت ھزارين ماڻھو ضرورت وقت سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻولي رومن اسڪرپٽ ۾ لکن ٿا. ھتي نالي واري صحافيءَ ۽ روزاني عوامي آواز اخبار جي ادارتي صفحن جي سنڀاليندڙ زرار پيرزادي صاحب جي لکيل رومن سنڌيءَ جو مثال ڏجي ٿو:
“Anwar Pirzado Sahb jadhn dawn aeen star me pahnje nale saan ka news ya colum likhando ho ta ‘anwar Pirzada’ na par ‘Pirzado’ likhando ho ta jean hoo Sindhi samjhio wanean chho ta Pirzadaza gair Sindhi b hoonda ahn.”
(پنجين سيپٽمبر 2018ع تي واٽس ايپ جي انور پيرزادي اڪيڊمي گروپ تي ڪيل پوسٽ)
رومن لکت واري تبديليءَ سبب به ڪيترا ئي مُونجھارا سامھون اچن پيا. عربي سنڌي لکت ۾ شايع ڪيل لکين ڪتابن کي پڙھڻ ۽ نئين لپيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ڪو سوَلو ڪم ناھي. ان چڪر ۾ خاص طور نوجوان ڏچي ۾ پئجي ويندو. ساڳيءَ ريت سنڌيءَ ۾ آيل عربي فارسي لفظن جي صُورت خطيءَ ۾ مُونجھارن به نئين نسل کي مُنجھائي ڇڏيو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جا ڪُجھه مثال ھتي ڏجن ٿا، جيڪي سوشل ميڊيا تان کنيا ويا آھن.
هڪ استاد جي پوسٽ:
استاد صاحب 23/04/2019 تي پنهنجي فيس بُڪ تي لکيو ته: ”اچانڪ گهرواريءَ جي تبيعت خراب ٿي پئي آ اينجو گرافي بعد اجيو پلاسٽي ٿيندي دوستن کي دعا جي اپيل.“
هو هڪ سرگرم ليکڪ آهي ٿي سگهي ٿو ته پريشانيءَ ۾ “طبيعت کي تبيعت لکي ويو هُجي ۽ اوچتي بدران اچانڪ لکجي ويو هجيس. اصل ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي اُچار ۾ ت ۽ ط جو فرقُ نه هئڻ برابر آهي، جنهن ڪري لکڻ ۾ غلطي ٿي وڃي ٿي.
واٽس ايپ تي هڪ صحافيءَ جي پوسٽ
”واٽس ايپ تي ميڊيا سينٽر سيٺارجا ۾ فون نمبر 0308368821 (نمبر سان سنڌي نجف ع.... نالو لکيل ھو) جو ھڪ مثال ھتي ڏجي ٿو:
”اڄ جو صحافي تي ھر احديدار تشدد پيو ڪري ڪٿي پوليس ته ڪٿي واپڊا وارا ته ڪٿي ڊاڪٽر پيا تشدد صحافي تي ڪن....” (پندرھين سيپٽمبر 2018ع جي پوسٽ)
انھن ٻن ٽن سٽن ۾ جُملن جي بيھڪ ۽ صُورت خطيءَ جو اندازو اوھان پاڻ لڳايو. ان کي ٻوليءَ جو بگاڙ چئون يا سُڌارو؟ اھا ٻولي سنڌ جي ڪنھن وڏي شھر جھڙوڪ: ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر جي رھاڪوءَ جي ناھي. ٻين ڳالھين کي کڻي ڇڏي ڏجي پر ھڪ ٻن غلطين کي ته بلڪُل نه ٿو ڇڏي سگھجي. جھڙوڪ “اڄ جو صحافي......” ھتي جُملي جي حساب سان لکبو اڄ جي صحافيءَ تي ھر...... احديدار جي صحيح صُورت خطي آھي عھديدار. ان لفظ بدران عملدار يا ڪامورو لکڻ بھتر ھو.
جڏھن اسان جي اُستاد، صحافيءَ ۽ اديب جي ٻولي درست نه ھُوندي ته؛ ان جو اثر شاگردن تي ڪھڙو پئي ٿو؟ ان حوالي سان ھيٺ ڏنل مثال ڏجي ٿو. فيس بُڪ تي ڏنل ڄاڻ مُوجب جُنيد احمد جُوڻيجو ھڪ شاگرد آھي، جيڪو يارھين اپريل 2003ع تي ڄائو. ھُو ھڪ سُٺو مُقرر به آھي. سندس تعلق نصيرآباد سان آھي. ھُن 10ھين سيپٽمبر 2018ع تي فيس بُڪ تي جيڪا پوسٽ رکي، اُھا اوھان آڏو پيش ڪجي ٿي.
جُنيد احمد جُوڻيجي جي پوسٽ:
”اڄ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول واسو ڪلھوڙو ۾ تعليم جو عالمي ڏھاڙو جي مُناسبت سان ڏينھن ملھايو ويو جنھن جي صدارت اسڪُول جي مانواري ھيڊماستر صاحب سائين عبدالاحد پتوجو صاحب جن ڪئي. جڏھن ته مھمان خاص ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قمبر شھداد ڪوٽ سائين سعيد احمد سولنگي صاحب ھيو ۽ ٻين...”
مٿينءَ پوسٽ ۾نه جملن جي بيهڪ صحيح آهي نه ئي لفظن ۾ گرامر جي ترڪيب درست آهي. ان پوسٽ کي هن ريت به لکي سگهجي ٿو؛ اڄ گورنمينٽ هاءِ اسڪول واسوءَ ڪلهوڙي ۾ تعليم جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن جي صدارت اسڪول جي هيڊ ماسٽر مانواري عبدالاحد پتوجي صاحب ڪئي. جڏهن ته خاص مهمان قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جو ايجوڪيشن آفيسر سائين سعيد احمد سولنگي صاحب هو.“
ٻين ٻولين مان آيل لفظ سنڌيِءَ ۾ ڪتب آڻڻ ڪو ڏوهه ناهي پر ترڪيبون تبديل ڪرڻ سان گهڻو نقصان ٿئي ٿو. مٿئين جملي کي اڃا به بهتر نموني لکي سگهجي ٿو پر شرط اهو آهي ته ترڪيبون صحيح استعمال ڪيون وڃن. ٻوليءَ سان ٿيندڙ اھڙيءَ جُٺ تي اسان سڀ ڏُکارا آھيون. پنھنجي وِت ۽ وَس آھر ٻوليءَ جي سُڌاري لاءِ ڪم به ڪندا رھندا آھيون ته تڙپندا ۽ لُڇندا به رھندا آھيون. پنھنجين تحريرن، تقريرن ۽ ڪچھرين ۾ سمجھائيندا به رھندا آھيون.
جوڻيجي سميع ساجد جي پوسٽ:
سميع ساجد جوڻيجو هڪ سُٺو شاعر آهي. سنڌ جي ڪنهن وڏي شهر بدران ننڍي شهر رتيديري سان تعلق رکي ٿو.
فيس بُڪ تي رکيل ڄاڻ موجب هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان به تعليم پرائي آهي. جوڻيجي صاحب 12/05/2019 تي پنهنجي فيس بڪ تي جيڪا پوسٽ رکي ان جي ٻولي پڙهي دل ماتم ڪرڻ ٿي چاهي. هو لکي ٿو ته: ”سنڌ جو نالي وارو اديب محترم سائين خليل مورياڻي صاحب سان سندس رهائش گاهه شڪارپور ۾ ساڻس عيادت ڪندي.“ درست جملو هن ريت آهي : سنڌ جي نالي واري اديب محترم سائين خليل مورياڻي صاحب کان شڪارپور ۾ سندس رهائش گاهه/ گهر تي طبيعت پڇندي.
سميع بلوچ جي پوسٽ:
ھتي نالي واري شاعر ۽ پي ٽي ويءَ جي اڳوڻي جنرل مينيجر سميع بلوچ صاحب جي ھڪ اھڙي دانھن پيش ڪجي ٿي، جيڪا ھُن 26ھين آگسٽ 2018ع تي پنھنجي فيس بڪ وال تي لکي. ھُو لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچائيزڊ بڻايو پيو وڃي، پنھنجن ٻارن کي صحيح سنڌي ڳالھائڻ سيکاريو. اھو اوھان تي ڌرتيءَ جو فرض آھي.“
انڊس ايشيا ۽ ان ڊفينس آف سنڌي لينگئيج جون پوسٽون:
فيس بُڪ تي ان نالي جي سڃاڻپن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نج لفظن جون پوسٽون رکيون وينديون آهن، جيڪي تمام گهڻيون ساراهڻ لائق آهن. ٻيا به ڪيترائي دوست ان حوالي سان ڪم ڪن پيا، انهن کي به جس هُجي.
17 هين مئي 2019ع تي انڊس ايشيا ۾ رکيل پوسٽ ۾ هيٺينءَ ريت ٺيٺ لفظن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
”هنن لفظن لاءِ هي سنڌي ٻول آهن.
درخت= وڻ
شجرڪاري= وڻڪاري= بارات= ڄڃ“
سوشل ميڊيا جي انقلاب جتي ڪيترا ئي فائدا ڏنا آھن، اُتي ڪُجھه نقصان به ڏنا آھن. اسان جا ڪيترا ئي سُڄاڻ انھن نقصانن کان بچائڻ لاءِ ڪم ڪن پيا. ان سلسلي ۾ جس آھي سائين ماجد ڀُرڳڙيءَ کي، جنھن سنڌي ٻوليءَ جي تقدير بدلائي ڇڏي. ٻين دوستن ۾ امر فياض ٻُرڙو، شبير ڪُنڀار، جاويد سولنگي، محمد سُليمان وَساڻ، علي حسن ملاح، مظهر علي ڏوتيو ، وزير علي ڄامڙو، جاويد مهر، عاصم امداد وڳڻ، جوڳي اسد راڄپر وغيره شامل آھن. (جن دوستن جا نالا شامل نه ٿي سگھيا آھن، اُنھن کان معافي گھُران ٿو.)
عبدالماجد ڀرڳڙي سينٽر فارلينگئيج انجنيئرنگ:
ھِتي سنڌ جي تعليم، ثقافت ۽ نوادرات جي وزير ۽ بھترين شاعر سيد سردار علي شاھه کي به جس ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان؛ جنھن وقتائتو قدم کڻي لينگئيج انجنيئرنگ جي لاءِ ادارو کوليو ۽ ان جو نالو عبدالماجد ڀُرڳڙي سينٽر فار لينگئيج انجنيئرنگ رکيو. ماجد ڀُرڳڙي صاحب کي جيئري ئي مانُ بخشڻ تي به سردار شاھه کي سلام ھُجي. ان اداري بابت امر فياض ٻُرڙي صاحب لکيو آھي ته:
”ھن اندر جديد قسم جي ليبارٽري ھوندي ان سان گڏ ٻوليءَ جي انجڻڪاري (Language Engineering) ڪئي ويندي. ھن اندر جديد قسم جي ليبارٽري ان سان گڏ ٻوليءَ جا ڊولپر دنيا جي مھا ڪنسورشيم ۽ ادارن جھڙوڪ گوگل مائيڪرو سافٽ ۽ يونيڪوڊ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي جديد دنيا جي تقاضائن جي مطابق بيھاريندا.“ (فيس بڪ پوسٽ، يارھين آگسٽ 2018ع)
اھو ادارو مجمُوعي طور تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاھيو ويو آھي. پَڪ سان ان وسيلي سنڌي ٻوليءَ جي هر رُخ تي ڪم ٿيندو بلڪه لوڪ ادب ۽ لطيف واريءَ ٻوليءَ کي بنياد بڻائي اڳتي وڌبو ته تمام سٺا نتيجا نڪرندا. ڇا ڪاڻ ته اڄ به اصل سنڌيءَ کي جيڪڏھن محفوظ ۽ منتقل ڪرڻو آھي ته لوڪ ادب ۽ شاھه جي رسالي واريءَ ٻوليءَ کان سواءِ ممڪن ڪونھي.
امر فياض سنڌي لفظن جي اصليت ۽ انگريزي لفظن جي سنڌي ٻوليءَ مان ڦٽڻ بابت به مختلف پوسٽون رکندو آهي.
سنڌي وڪيپيڊيا:
سنڌي وڪيپيڊيا کي متعارف ڪرائڻ ۾ جوڳي اسد راڄپر مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. ان سان گڏ جوڳي اسد راڄپر سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سٺو ڪم پيو ڪري. خاص ڪري هُو ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ وارن لفظن کي سنڌي بڻائڻ جي وڏي ڪوشش ڪري پيو . مثال : ڪلڪ لاءِ هُن لفظ لکيو آهي ٽڙڪ . اهڙيءَ ريت کليل ڄاڻ چيڪلو ۽ ٻيا لفظ پڻ متعارف ڪرايا اٿائين.
مختلف پيشن ۽ قدرتي وسيلن سبب اثر:
سنڌي ٻوليءَ تي مُختلف پيشن ۽ قدرتي وسيلن سبب به ڪيترا ئي اثر ٿيا آهن. سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙن جي اڪثريت زرعي سماج سان تعلق رکي ٿي. زراعت جي پيشي جا ڪيترا ئي لفظ آهن. هِن وقت سنڌ ۾ شھري سماج وڌندو پيو وڃي؛ جنھن سبب ٻھراڙيءَ واري سنڌي ٻولي به مُتاثر پئي ٿئي. صنعت ۽ واپار جي وڌڻ سان ان پيشي جا لفظ وڌندا پيا وڃن. ٿر مان ڪوئلي نڪرڻ سبب وڏي ترقي ٿيندي پر ٻوليءَ تي به وڏا اگرا اثر پوَندا. تيل، گيس ۽ چيني راهه داريءَ سبب ٿيندڙ لڏ پلاڻ جا سنڌي ٻوليءَ تي وڏا اثر پوَندا.
مسئلن جو حل:
هن وقت سوشل ميڊيا هڪ تمام گهڻو سگهارو ذريعو ٿي سامهون آيو آهي. ان وسيلي ماڻهون نه رڳو پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائي سگهي ٿو پر پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جي ويڙهه به وڙهي سگهي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن کي سوشل ميڊيا وسيلي انصاف پلئه به پيو آهي.
مون نه رڳو پنهنجن ذاتي مسئلن پر خاص ڪري اجتماعي ۽ قومي مسئلن کي سوشل ميڊيا تي اڀاريو آهي. ان ۾ به ٻوليءَ کي اوليت ڏني اٿم.
سنڌي ٻوليءَ جي تباهيءَ جا مٿي مختلف مثال ۽ بهتريون بيان ڪيون ويون آهن، انهن سببن ۾ وڏو ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ جي پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين جوڳي تعليم نه هجڻ آهي . حل لاءِ ڪجهه تجويزون هيٺ ڏجن ٿيون.
1. پرائمري سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لازمي ۽ معياري ڏني وڃي.
2. سنڌي ٻوليءَ جي استادن جي جديد گهرجن موجب تربيت ڪئي وڃي.
3. سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن ۾ شامل مواد کي سُڌاري، ڇپائيءَ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ٻارڙن لاءِ ڪتاب جي سهڻي ۽ رنگين ڇپائي به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندي.
4. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌي ادبي بورڊ ، تعليم کاتو، سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بڪ وغيره تي سنڌي ٻولي سيکارڻ ۽ ان جي درست استعمال بابت پوسٽون رکن.
5. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود سنڌي شعبن کي فعال بڻايو وڃي.
6. جن يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا ناهن، اتي جلد ئي شعبا قائم ڪيا وڃن.
7. سنڌي ٻوليءَ جي محققن ، عالمن، اديبن ، استادن ، شاعرن ۽ فنڪارن وغيره جو سرڪاري ادارا ۽ سماج نه رڳو قدر ڪري پر جوڳي عزت به ڏئي.
8. اسان سڀ سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ کي وڌ ۾ وڌ ڪتب آڻي، ان بابت لاڳاپيل مسئلن ۽ مونجهارن تي ڀرپور آواز اُٿاريون.
9. ميڊيا جا سموارا ادارا ( ريڊيو ، ٽي وي ۽ اخبارون وغيره) پنهنجي قومي ذميواري محسوس ڪري درست سنڌي ڪتب آڻين.
10. ادارن، ڪمپنين ۽ ڪارخانن کي سرڪار توڙي عوام مجبور ڪري ته اهي پنهنجين شين تي سنڌي ٻوليءَ ۾ نالا ۽ هدايتون لکن.
نوٽ : هن ليک ۾ سمورا حوالا سوشل ميڊيا تان کنيا ويا آهن، جن جو تفصيل اُتي جو اُتي ڏنو ويو آهي.