سنڌي قوم کي محقق نه کپن
(فنڪارن بابت ڪتاب: سنڌي ثقافت جا امر آواز جي پسمنظر ۾ ليک)
منهنجو هيءُ ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي 2003ع ۾ شايع ڪرايو. ان کان اڳ ۾ منهنجو پهريون ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران 1998ع ۾ ڇپجي چڪو هو، جيڪو طارق عزيز شيخ ۽ مون گڏجي لکيو هو.
اهڙيءَ ريت هڪ مصنف، محقق ۽ مرتب جي حيثيت سان منهنجا چاليهاروکن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپائيءَجي انتظار ۾ آهن. ٻارهن شمارا تحقيقي جرنل ڪارونجهر جا پڻ ايڊٽ ڪري چڪو آهيان.
شاهه لطيف چيئر پاران نڪرندڙ تحقيقي جرنل ڪلاچيءَ جي باني سب ايڊيٽرن منجهان آهيان،جنهن جي باني ايڊيٽرمنهنجي استاد پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه آهي.
تازو منهنجي ڪتاب سنڌي ثقافت جا امر آواز جي حوالي سان احمد مغل صاحب جيڪا دانهن ڪئي.ان جي موٽ ۾ سوشل ميڊيا تي جيڪو رد عمل آيو، تنهن ۾ احمد مغل سان سنڌي ماڻهن جو پيار ته شامل هيو ئي پر ڪيترن ئي دوستن منهنجي ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ ئي نه رڳو اختلافي اسٽيٽس هلايا پر مون کي گاريون پڻ ڏنيون. وضاحت کان پوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو.
اختلاف ته هر ڪنهن جو حق آهي پر گهٽ وڌ ڳالهائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
اها خوشي آهي ته اڪثر اديبن، شاعرن، محققن ۽ صحافين منهنجي موقف جي پٺڀرائي ڪئي ۽ بدشد لکندڙن کي جواب پڻ ڏنا . مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان.
اسان جي سماج ۾ عالمن، اديبن ، ڏاهن، ليکڪن ۽ شاعرن سان مجموعي طور ۽ محققن سان خصوصي طور جُٺيون ٿينديون رهنديون آهن.
ماهر آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار کي تحقيق دوران ماريو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحقيق جي سلسلي ۾ عدالتن جون حاضريون ڀريون. مون سان جيڪو ٿيو آهي، اهو ڪجهه ته سوشل ميڊيا تي اوهان ڏٺو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا منهنجي ڪيريئر، مانَ مرتبي ۽ ڏاهپ جو قتل ڪيو ويو آهي. لڳ ڀڳ سمورا ساڃاهه وند تماشو ڏسندا رهيا آهن. ( خودداريءَ سبب هتي وڌيڪ تفصيل نه ٿو ڏيان)
احمد مغل جي رڙين تي اهڙن دوستن کي به وارو ملي ويو، جن مون پاران شروع ڪيل سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ جي مهم تي شايد ڪڏهن لائيڪ به نه ڪيو هُجي. مون کي ائين لڳو ته ڄڻ انهن کي احمد مغل جو ڏک گهٽ، منهنجي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري واريءَ مهم تي ڪاوڙ گهڻي هُئي . نه ته پندرهن سال پهريان واري معاملي تي اوچتو ٻڙڌڪ ڪيئن متو؟
آئين ۽ قانون موجب سنڌي ٻوليءَ لاءِ اُٿاريل آواز تي سرڪاري ادارن جو ڏمر پنهنجيءَ جاءِ تي پر ادبي ميلن وارن کي به سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ نه ٿي وڻي، تنهن ڪري هنن به راڄ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ائين محسوس ٿئي پيو ته ڪجهه دوست ڄڻ ڪنهن جا ونگارو هُجن. صوفي تحريڪن وارن کان به صوفيت وسري وئي.
خير وٺون ٿا اصل ڳالهه يعني ڪتاب کي:
سنڌ جي فنڪارن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي . مون کان اڳ ۾ ممتاز مرزا صاحب جا ڪجهه ڪتاب ۽ ٻيو ڪو هڪ اڌ ڪتاب ان سلسلي ۾ اچي چُڪو هو. انهن جي نوعيت ڪجهه مختلف هئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هِن قسم جو پهريون ڪتاب ”سنڌي ثقافت جا امر آواز“ آهي، جنهن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ راڳين، موسيقارن ۽ سازندن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏنل آهي.
جڏهن اڳ ۾ اسان وٽ فنڪارن بابت ڪتابي صورت ۾ ڇپيل مواد تمام گهٽ هو ته ، ان صورت ۾ هڪ محقق جي ڏکيائين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي وڃي ٿو . نتيجي ۾ هُن کي فيلڊ ۾ وڃڻو پئي ٿو. ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پئي ٿي. لاڳاپيل ماڻهن سان ملڻ لاءِ نه رڳو ڀاڙو ڪرايو کپي ٿو پر انهن کان وقت وٺڻ به هڪ مسئلو بڻجي وڃي ٿو.
اسان جا ڪي فنڪار، شاعر ۽ اديب ته اهڙا آهن، جيڪي جڏهن ملندا ته چوندا يار اسان تي لک! وري جڏهن انهن کان وقت گهربو ته چوندا واندا ناهيون. ڪن جو رويو ته اهڙو هوندو آهي جو لکڻ تان ارواح ئي کڄي ويندو آهي.
مون کي هن ڪتاب لکندي هڪ ٻي ڏکيائي اها ٿي ته جڏهن فنڪار کان ڪا ڄاڻ ورتم ته اُها هن جيڪا ڏني ان ۾ تصديق کان پوءِ فرق ۽ تضاد نظر آيو. مثال ڪنهن پنهنجي ذات يا تعليم هڪڙي ڏسي، وري جڏهن ٻئي کان پڇيم ته هُن چيو ته سائين اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ڏهه درجا به پڙهيل ڪونهي ۽ اوهان کي ايم اي ٻڌائي اٿائين . ذات جو مڱڻهار /لنگهو آهي ۽ توکي خاصخيلي يا چانڊيو ٻُڌايو اٿائين . وغيره وغيره.
اهڙيءَ صورت ۾ محقق ڇاڪري؟ هُن وٽ وسيلا به نه هُجن، ڪتاب شايع ڪرائڻ جا پئسا به نه هُجن . آسان رستو ته خاموش ٿي ويهڻ وارو آهي. مون آساني نه پر ڏکيو رستو اختيار ڪيو. سوچيم ته تحقيق حتمي نه ٿيندي آهي . منهنجيءَ تحقيق کي رد ڪرڻ، اڳتي وڌائڻ ۽ درست ڪرڻ وارا ضرور پيدا ٿيندا.تنهن ڪري منهنجو سفر جاري رهڻ کپي.
اسان وٽ سرڪاري ادارن ۾ اهو تمام گهٽ رواج آهي ته ڪنهن محقق کي مڪمل سهولتون ڏئي پوءِ ان کان ڪتاب لکرائجي. جيڪڏهن هو ڪو اعزازيو ڏيندا به ته ان مان ڀاڙو ڪرايو به مشڪل سان نڪرندو . پنهنجي مُنهن تحقيق ڪري پوءِ شايع ڪرائڻ لاءِ سرڪاري ادارن وٽ ڌڪا کائڻا پون ٿا.
مون لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب پهريان لکيا ۽ پوءِ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪشالا ڪاٽيم. ڪجهه ڪتابن جي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جا اڄ تائين پئسا ناهن مليا. ڪجهه ادارن کي ته پئسا ڏئي ڪتاب شايع ڪرايم. جيڪڏهن ڪُڇان ٿو ته ڪافر...............
ڪوششن ۽ محنتن جي باوجود ڪٿي ڪا غلطي رهجي ٿي وڃي ته دوستن جا ڌوڙيا آهن.
ڪتاب سنڌي ثقافت جا امر آواز اهو ڪتاب آهي، جنهن کي ريڊيي ، ٽي ويءَ ۽ اخبارن وارن وڌ ۾ وڌ ڪتب آندو آهي. جڏهن به ڪنهن فنڪار جي ورسي يا سالگره ايندي آهي ته ان مان مضمون کڻي هلائيندا آهن.
ڪن دوستن ته ائين به ڪيو آهي ته سڄو مضمون کڻي پنهنجي نالي تي هلايو آهي. هو حوالي ڏيڻ جي به زحمت نه ڪندا آهن. سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پنهنجي انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ به ان ڪتاب کان مدد ورتي آهي ۽ آخر ۾ حوالو ڏنو آهي. منهنجن ٻين ڪتابن تان به اٿارٽيءَ مدد ورتي آهي. پر ان مدد لاءِ هنن نه ڪڏهن مون کان اجازت ورتي نه ئي ڪڏهن ڪو ٿوري جو خط لکيو آهي.
هو معاوضو ڏين يا نه ڏين پر خط سان گڏ سنڌيانا جي هڪ اعزازي ڪاپي ئي موڪلن ها ته به سمورا ٿڪ لهي وڃن ها. ان سلسلي ۾ اٿارٽيءَ جي ٻن چيئرمينن کي زباني ۽ هڪ کي لکت ۾ به عرض ڪيم، پر موٽ نه ملي.
ميڊيا جي ادارن تي افسوس آهي ته هُنن منهنجي ڪتاب سنڌي ثقافت جا امر آواز کي ڪتب ته آندو پر ڪڏهن به دل کولي ڪتاب جي محقق کي داد نه ڏنائون.
احمد مغل جي رويي بابت ڪتاب ۾ لکيل راءِ جي تصديق ان مان به ٿي وڃي ته ، مون جڏهن سوشل ميڊيا تي کانئس معافي گهُري ته ان جي باوجود همراهه جو غصو ختم نه ٿو ٿئي.
اُٽلندو چوي ٿو ته ؛ هُن کان مون ڪيسيٽون گهريون هيون، سي مونکي نه ڏنائين؛ تنهن ڪري مون سندس بابت ڪتاب ۾ راءِ لکي.
منهنجو احمد مغل سان ڪو به جهيڙو نه ٿيو هو ۽ نه ئي مون هُن کان ڪي ڪيسيٽون گهريون هُيون. مون پنهنجيءَ ايمانداريءَ سان راءِ ڏني هُئي. هُو قومي راڳي آهي، جيڪو چوندو، سو اکين تي. هاڻي ان حوالي سان خاموش رهڻ کي ئي اوليت ڏيندس.
جيئن احمد مغل لاءِ اڄ کان ويهارو سال اڳ ۾ منهنجي راءِ هئي، تيئن پنهنجي لاءِ به منهنجي راءِ آهي ته ويهه سال اڳ ۾ منهنجي تحقيقي صلاحيت ۽ پختگي تمام گهٽ هئي، تنهن ڪري ڪم ۾ ڪيتريون ئي ڪچايون هونديون، جن کي صحيح ۽ بهتر ڪرڻ جي جستجو جاري رهندي.
***
28 هين فيبروري 2019ع