سون- مياڻيءَ سڏ ٿيو: تاجل بيوس
“هو ڏس!
هنن ٻوڪيل انبن جي ٽارين کي سيرون ڏيئي، هوءَ مالھڻ مون کي گل پئي آڇي.
هو ڏس!
هوءَ منڊي ڪڪري، ٿر وارن کي پلر پيارڻ لاءِ ٿر ڏانھن اڏاڻي پئي وڃي.
هو ڏس!
ڪانھن جي تازي نسريل ڍڍي ئي ڪڻڇي لاتيون پئي لنوين.
هو ڏس!
هن پورهيت جي پيشانيءَ تي پگهر ڦڙا مُنڊيءَ جون ٽڪون پيا لڳن.
هو ڏس!
هوءَ ڀاڳياڻي چاڏيءَ تان ڍڪڻ لاهي، چاڏيءَ ۾ نھاري چوي پئي تہ روشنيءَ جي جيڪڏهن ڪا حسين ڪائنات آهي تہ اُها سنديس کير- مکڻ واري چاڏي ئي ٿي سگهي ٿي.”
۽ پوءِ منھنجي ذهن ۽ شعور مان گشت ڪندا، منھنجا گيت ڪنھن ڪاڳر تي جنم وٺندا آهن.
ماڻھوءَ ۽ مٽيءَ (Man and Soil) جا مون کي سوين روپ نظر اچڻ لڳندا آهن. ساڻيھہ جي ڪردارن سان سينگاريل عنوان منھنجي ذهن ۽ شعور جي تلاءَ تي هنج ۽ سرخاب بڻجي لھندا آهن. عنوانن جي ميڙاڪن کي محسوس ڪندي، مان چوندو آهيان تہ اهي تخليقن جا ڪردار آهن يا ڪنھن کيت مان ڦٽيون چونڊيندڙ ڳوٺاڻيون!
بس، اهڙيءَ طرح ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا ايڏو تہ ٻھڪي پوندي آهي جو مون کي آسڪر وائيلڊ جو جملو دهرائڻو پوندو آهي، جنھن چيو آهي:
“فطرت منھنجي نگاھہ کي تازو ۽ تيز ڪندي آهي.”
شيخ اياز جو هيٺيون شعراڻو نثر ذهن تي ڪيئي چِٽَ چٽي ويندو آهي.
“اي سنڌ! تون ماءُ آهين.”
مان تنھنجي ڌرتيءَ مان شاعراڻو مواد ايئن حاصل ڪندو آهيان جيئن ٿر جي ڳاڙهي ڳئونءَ جي اوھہ مان اُن جو ٻچڙو کير پيئندو آهي.”
علي بابا پنھنجي ڪھاڻي “ڌرتيءَ- ڌڪاڻا” ۾ جلاوطن کان چوايو آهي:
“الا! منھنجي بہ ڪا ڌرتي هجي ها ۽ پوءِ مونکي پنھنجي ڌرتي وڻڻ سان گڏ وطن جا واڳون بہ وڻن ها.”
هڪ ڏينھن ڌرتيءَ جي جمالياتي جهلڪين بابت دادي گرداس واڌواڻيءَ کان سوال ڪيم تہ هو ڌرتيءَ جي انيڪ روپن مان ڪو بہ هڪ اهڙو روپ ٻڌائي جنھن جي حسن ۽ جمال کيس موهي وڌو هجي. هن وراڻيون هو:
“منھنجي ڌرتي سدا خوبصورت آهي، پوءِ ڀلي بھار هجي يا خزان.”
هر شيءِ کي پاسي رکي، مان جڏهن ماڻھوءَ سان مخاطب ٿيندو آهيان، تہ منھنجي ذهن ۽ شعور ۾ فقط ماڻھو ئي رهجي ويندا آهن. ايئن جيئن ڪنھن ڍنڍ جي ڪپ تان تاڙي وڄائڻ تي پکي اڏامي وڃن ۽ پاڻيءَ مٿان ڪنول ۽ نيلوفر جا گل جهوندا نظر اچن.
سچ پچ، ماڻھو مون کي ويجهي کان ويجها نظر ايندا آهن، جيڪي منھنجي محبت جي جواب ۾ هر طرف کان پنھنجن هٿن ۾ محبت ۽ خلوص جا گل جهلي، مون کي آڇڻ لڳندا آهن ۽ مون کين هيئن ٻڌايو هو:
”هڪ ڏينھن سڄو هٿ نرڙ تي رکي، مون سوچيو هو تہ: ڇا ماڻھوءَ کان مٿڀري، خوبصورت ۽ ڪارگر ڪا ٻي شيءِ بہ ٿي سگهي ٿي! مان ماضيءَ ۾ ايڏو تہ پٺتي هليو ويو هئس جيئن ڪو ٽوٻو سمنڊ جي گھراين ۾ وڃي موتي ڳولھيندو آهي. مون سامھون سورج۔ مکيءَ جي رقص ڪندڙ گلن ڏانھن ڏٺو هو. ماڻھوءَ جو مکڙو مون کي سورج- مکيءَ کان وڌيڪ تازو ۽ سھڻو لڳو هو. گلاب جي پنکڙين سان مون ڪيئي دفعا ٻنھي هٿن جون مٺيون ڀريون هيون، پر جڏهن منھنجن هٿن هڪ سندر گوريءَ جا ڪومل ڳل ڇھيا هئا تہ مون کان گلاب جي پنکڙين جو ڇھاءُ وسري ويو هو. ڪنڌيءَ تي لڏندڙ نيلوفر جي گلن کي سيرون ڏيئي، وچ ڍنڍ ۾ وڃي مان نيري ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي، ڪيئي دفعا ڍنڍ جي تري کي ڇھيو هو پر ماڻھوءَ جي چمڪندڙ اکين جي گھراين تائين مان اڃان سوڌو نہ پھچي سگهيو آهيان. ڪيئي بھارون وڙ وڙ جون خوشيون کڻي اينديون آهن پر جڏهن تڙڳڻ کان پوءِ منھنجي اڳيان هڪ گجر چيلھہ ڪلھن تي لٽڪندڙ زلفن کي ڇنڊڪو ڏيئي مون تي خوشبوءَ جي اوت ڪئي هئي، تڏهن مون عورت جي ڀڀڪيدار وجود کي ‘بھار’ سڏيو هو.
سج جي حرارت، چنڊ جو کڙڻ، ستارن جي جهرمر، سمنڊ جي گھرائي، درياءَ جي موج، مون کان ماڻھو ۽ ماڻھوءَ جي وٿ ڪين وساري سگهيا آهن. ماڻھو منھنجي ذهن تي ڇانيل ٿا رهن. پٺتي ماڻھو، وچ تي ماڻھو، اڳتي ماڻھو، ماڻھو ئي ماڻھو. بس هر وقت منھنجي ذهن تي ماڻھو قطارون جوڙيو بيٺا آهن.”
وري بہ مون کي آسڪر وائيلڊ جا هيٺيان ڏاهپ ڀريا نقطا ياد اچي ويندا آهن: ”جڏهن فنڪار کي محبت ۾ سرشار ڏسو تہ ان جو مطلب محض هيءُ آهي تہ هُن جي ذات ۾ حسن جو شعور گهر ڪري ويو آهي.“
وائٽ وٽمن ماڻھوءَ جي وجودي پوترتا ۽ آهميت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:
“ھرڪا شيءَ ماڻھوءَ مان ڦُٽي نڪري ٿي. سادي ماڻھوءَ مان- ماڻھوءَ مان- ۽ فقط ماڻھوءَ مان.” هونءَ بہ جسمن ۽ روحن جي شاعر چوائڻ ۾ وٽمن وڏو فخر ڪندو هو.
ڪنھن ڌرتيءَ ڄائي کي خوش ٿيندو ڏسي، شيخ اياز چيو آهي: ”مون کي ھزارن ڪتابن جي مطالعي مان اُھا خوشي حاصل نہ ٿي، جا هڪ ٻڍڙي هاريءَ جي گهنجيل منھن تي ڦھليل مرڪ ڏسي، ملي.“ پنھنجي ڪتاب ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۾ ھڪ ٻئي ھنڌ، ڪائنات جي حسين ۽ سندر شاهڪار عورت جي باري ۾ شيخ اياز چوي ٿو:
“اي آمارو! مون ڀڄائي آهي، تنھنجي سندري!
اڄ ھوءَ منھنجي شاعريءَ ۾ ميندي لائي ويٺي آهي ۽ اڳي کان بہ وڌيڪ سندر لڳي رهي آهي.”
روس جي مشھور شاعر ييسينين پنھنجي آتم ڪٿا ۾ پاڻ کي هاريءَ جو پٽ چوندي، وڏو فخر محسوس ڪيو آهي. هن چيو آهي تہ سندس پيءُ هاري هو ۽ هو هڪ هاريءَ جو پٽ آهي. يوري پروڪو شيف، يسينين جي فن ۽ سندس شخصيت تي لکندي، ٻڌايو آهي تہ يسينين پنھنجن آتم- ڪٿائن ۾ غريب هارين جي زندگيءَ کي فخر سان بيان ڪيو آهي.
مان بہ هاري، هاريءَ جو پٽ، پنھنجي شعري مجموعي ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ کان پوءِ اِجهو اوهان ديس واسين وٽ ”انبن جهليو ٻور“ کڻي حاضر ٿيو آهيان ۽ اوهان کي ٻُور سان جنجهريل ٽارين هيٺان وهڻ جون دعوتون پيو ڏيان، تہ ڪا گهڙي انبن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ ويھي اسين روح- رچنديون ڪيون. هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌي بيھڻ بدران اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون.
گورڪي ستن سالن جي ڄمار ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو. نون سالن ۾ کيس پاڻ- ڪمائڻ ۽ پاڻ- کائڻ وارا ڏينھن ڏسڻا پيا هئا. ٻارهن سالن جي عمر ۾ مجبور ٿي پنھنجن ظالم مائٽن کي ڇڏڻو پيو هئس ۽ پيٽ جي کڏ ڀرڻ لاءِ کيس در در جون ٺوڪرون کائڻيون پيون ھيون.
فطرت جو شاعر- وليم ورڊ سورٿ تيرھن سالن جي عمر ۾ يتيم ٿيو. نڍپڻ ۾ ئي ٽڪرين تان لھي، ٻيلا گهمڻ ۽ ٻيلا گهمي، ڍنڍن جو سير ڪرڻ سندس ذهني لاڙن ۽ ذاتي مشاهدن کي ارتقائي مرحلن مان گذاري، منجهس ڪم وارين تخليقن جو بنياد وجهي رھيا هئا.
گورڪي ۽ ورڊ سورٿ وانگي مان بہ ننڍڙائپ جو ڇورو ڇنو آهيان. اٺن سالن جو ٿيس تہ ابي سائينءَ اکيون ٻوٽيون ۽ اڃا سوڌو نہ پٽيون اٿائين، جنھن ڪري روزگار جي مسئلي ڪري، پڙهڻ ڇڏي، پنھنجن ڪچڙن ڪلھن تي ھيڏي ساري لٺ رکي پرائين- پنھنجين مينھن جي وڳ جو ڌنار بڻجڻو پيو. ان وقت مان پھريون درجو پڙهندو ھئس ۽ مونکي ورهاڱي واري لڏ- پلاڻ، ۽ ان وقت جي ريتن رسمن ۽ ڳوٺن واهڻن جا وهنوار ۽ ڏيک ويک چٽا پٽا ياد آهن. پيءُ گذاري ويو تہ اڌ مھيني کن اندر اسان جو وڏو ڀاءُ بہ اسان کان الڳ ٿي ويو. بس، جَتَ نہ ڪنھنجا مِٽ! اسان ٻئي ڀيڻ- ڀاءُ؛ مان ۽ منھنجي کير جھڙي ڀيڻ- بصر خاتون اھو اڌ مھينو پنھنجي وڏي ڀاءُ کي ‘ابو’ سڏڻ لڳا هئاسون. پرجيئن تہ پيءُ جي لاڏاڻي کي اڃان پندرهن ڏينھن مس گذريا، تہ وڏو ڀاءُ اسان کان جدا ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ اسان ڪنھن کي بہ ‘ابو’ نہ سڏيو.
مينھن چارڻ ڪري، ورڊسورٿ وانگي پڪي توڙي ڪچي کي مطالعي ڪرڻ جو موقعو مليو.
هتي، ڌرتيءَ جي سونھن ۽ فطري نظارن ۽ مشاھدن جو ذڪر ڪرڻ، مان مناسب نٿو سمجهان ڇاڪاڻ تہ اهڙو ٿورو ڪي گهڻو ذڪر مان پنھنجي پھرين ڪتاب ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ ۾ ڪري چڪو آهيان. ٻيو تہ منھنجي ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيل شاعراڻي نثرن کي تخليق ڪرڻ ۾ منھنجن انھن ماضيءَ وارن مشاهدن ۽ تجربن جو وڏو دخل آهي . مان تہ ايئن بہ چوندس تہ منھنجي غريب ماضيءَ جا مانيءَ ڀور مونسان ساٿ نڀائي، جيڪڏهن مونکي ڪچي ۽ پڪي ۾ نہ رلائن ها تہ مون لاءِ هنن ٻن ڪتابن کي جنم ڏيڻ مشڪل بہ هو تہ ناممڪن بہ- ‘انبن جهليو ٻور’ وارا هڪ سؤ سٺ شاعراڻا نثر، جيڪي منھنجي ذهني سوچ ۽ شعور مان لڪيءَ وارن چشمن وانگر هڪ ٻئي پويان ڦٽي نڪتا آهن، سي شايد جنم نہ وٺي سگهن ها. منھنجي لکڻين جو اُجورو توڙي ڌنڌلو آئينو آهن ئي اِهي نثر، جيڪي ٻاهرين عڪسن ۽ اولڙن پوڻ کان پوءِ ۽ ڪجهہ ٿوري گهڻي مطالعي کان پوءِ مون اوهان لاءِ ويھي لکيا آهن. ٽيون تہ ابي سائينءَ وانگر جيڪڏهن مون کي وقت کان اڳي اکيون نہ ٻوٽڻيون پيون ۽ زندگيءَ ساٿ ڏنو تہ پوءِ اهي ماضيءَ جون ڳالھيون مان پنھنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪندس. ان وقت ڌرتي، ڌرتيءَ جا نظارا مون کي ڪيئن لڳا، ماڻھوءَ کي مان ڪھڙين حالتن ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن ڏٺو. مان سڀ ڪجهہ پنھنجي آتم- ڪٿا ۾ لکندس.
معاشي بدحالي هجي يا سماجي اڻ- برابري، اهي ناانصافيون پنھنجي اک جو مشاهدو هجن يا ڪنھن برک ليکڪ جي ذهني پيداوار جو مطالعو مان ڪٿان نہ ڪٿان ضرور پئي ورتو.
ڪو بہ مھان شاعر يا ليکڪ تيستائين پنھنجين لکڻين ۾ ادب ۽ شاعريءَ جا ڇرڪائيندڙ قدر پيدا نہ ٿو ڪري سگهي جيستائين سندس مشاهدو ۽ مطالعو ڀرپور نہ هوندو. مون کي منھنجو تجربو ٻڌائي ٿو تہ هڪ برک تخليقار بڻجڻ لاءِ پھريون ڀرپور مشاهدو ۽ پوءِ ڳوڙهو مطالعو لازمي آهن. مشاهدن سان اک ۽ ذهن گهڻو ڪجهہ پيدا ڪري سگهي ٿو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو جڏهن رچرڊ لِي وئلن جي ناول ”هائو گرين واز ماءِ وئلي“ ۾ ماڻھوءَ بابت مان هيٺيون جملو پڙهيو هو:
”هيءَ دنيا سڀني ماڻھن لاءِ آهي، ۽ نہ ڪنھن خاص ٽولي لاءِ“. ظاهري طرح لِي وئلن جا لفظ بيشڪ سادا هجن پر فطري انساف جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ کان پوءِ اهي مٿيان لفظ وڏي ۾ وڏي معنيٰ ٿا رکن.
فرانس جو حسين، ڏاهو ۽ فلسفي روسو اِها ساڳي ڳالھہ هيئن ٿو ڪري:
”انسان ڄائو تہ آزاد آهي، پر جتي ڪٿي هو غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي.“
فضل احمد بچاڻي آسڪر وائيلڊ جي ڪتاب سزا جا سُک جو ترجمو ڪندي روح ۾ چڀي ويندڙ هڪ نڪتو هينءَ پيش ڪيو آهي:
”دنيا ۾ گناھہ نالي جي ڪا شيءِ نہ بہ هجي ها تہ اهي مذهبي پيشوا ڪو نہ ڪو گناھہ ايجاد ڪري ئي وٺن ها.“
مان مٿي ڄاڻايو آهي تہ ماڻھو ۽ ڌرتيءَ کان پوءِ ڪنھن ٽينءَ مٿاهين شيءِ جو مون وٽ تصور ئي ڪونھي. اهو ئي سبب آهي جو انھن ٻن مھان وٿن- ماڻھو ۽ ڌرتي- بابت مھان ۽ سدا جيئرن ديسي آديسي شاعرن ۽ ليکڪن جا حوالا بيان ڪيا اٿم، جيئن اسان کي خبر پوي تہ مختلف دورن ۾ ٻين مھان تخليقڪارن وٽ انسان ۽ ڌرتيءَ بابت ڪھڙا رايا هئا ۽ آهن. هر ڪنھن نثر ۾ ڪھاڻيءَ وانگر مقصد ڀريو ڇرڪائيندڙ نقطو (ڪلائيميڪس) رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، جيئن هر نثر پنھنجي جاءِ تي ڪھاڻيءَ واري ڏِکَ ڏئي. ڏند- ڪٿا (فڪشن) مان جان ڇڏائي حقيقت پڻي جو سبب بڻجي ۽ نہ آفيم جو روڙو کارائي ويتر سمھاري ڇڏي.
هنن نثرن کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نہ نثري نظمون، ڇاڪاڻ تہ هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪرا آهن، جن ۾ نڪي آهن شعر وارا پد ۽ نہ وري موسيقي، ليءِ، ڪافيو يا رديف، اهڙن نثرن کان نثري نظمون چوڻ ايئن آهن جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿيءَ کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منھنجو مطلب آهي تہ هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي تہ اهڙا نثر فقط شاعر ئي لکي ٿو سگهي جنھن ۾ سونھن سان گڏ فڪر ۽ ڪارج بہ هجي. نثر جي مٿان شاعر جو نالو نہ بہ لکيل هجي، تہ بہ پڙهندڙ سمجهي وڃي تہ هي نثر بس ڪنھن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ شاعراڻو نثر عام نثر کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.
مان ان ڏس ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان، اهو پارکن ۽ پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
جڏهن مان تنوير عباسيءَ کي ٻڌايو تہ هنن ننڍڙن ننڍڙن نثر جي ٽڪرن کي مٿين دليلن جي بنياد تي مان شاعراڻو نثر ٿو سڏيان تہ تنوير چپڙن تي مرڪ آڻي چيو هو تہ، برابر اهي شاعراڻا نثر ٿي سگهن ٿا.
وڌيڪ ٻڌايو هئائين تہ اُهي ئي نثر جا ٽڪر آهن جن کي ادبِ لطيف چيو ويندو هو ۽ 1957ع ڌاري مھراڻ ۾ بہ ڇپيا هئا. دستگير ڀٽي ۽ فقير محمد لاشاريءَ بہ وهوا ڪئي هئي ۽ اُن ڏينھن مان محسوس ڪيو هو تہ مان لوهن ڄارين جي ٺھيل پڃري مان سوين چتون ۽ چيھا آزاد ڪري اڏائي ڇڏيا ها.
هنن نثرن وسيلي ڪو بہ تخليڪار زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڪم وارا ۽ ڏاهپ ڀريا نڪتا بہ تخليق ڪري سگهي ٿو، جن کي محفلن ۾ توڙي لکڻين ۾ حوالن طور ڪتب آڻي سگهجي.
يونان توڙي ٻيءَ دنيا ۾ اڄ بہ سقراط جي ڏاهپ ڀريل قولن ۽ نڪتن جي ساک قائم آهي. ڪئريفان، ڏاهي ماڻھوءَ بابت جنھن بہ يونانيءَ کان پڇيو هو تہ کيس جواب مليو هو:
”سقراط کان وڌيڪ ڏاهو ٻيو ڪو بہ ماڻھو ڪونھي.“
بس، هي جو ڪجهہ بہ مون کان لکجي ويو آهي سو ساڻيھہ جي زرخيز مٽي، مٽيءَ مان جڙيل ماڻھوءَ جي پيار ۽ محبت جي هڪ موٽ آهي. مان پڙهندڙن جا ٿورا مڃيندس جيڪڏهن منھنجين اڻ- ڳڻين خامين ۽ ڪنھن خوبيءَ تي تبصرو ڪري، پنھنجي خوبصورت راءِ کان واقف ڪن. ان ڪري هر نثر کي عدد ڏيئي مان سندن نالا رکيا آهن. بس هاڻي هيئن چئي، هڪ ٻئي کان موڪلايون وري بہ ڪو نہ ٿا: ”سدائين گڏ.“
------------
”انھن کي بہ تہ ماڻھو ٿو سڏجي! جيڪي ڌرتيءَ جي گولي کي ڪنھن لاما جو مٿو سمجهي، پاڪيءَ جا ابتا سبتا رهڙڪا ڏيئي، سندس سونھن ۽ سندرتا کي چَٽُ ٿا ڪيو ڇڏين.”
”ڏاهو ڪير؟
اُهو جيڪو ڏاهپ ڀريون ڳالھيون ڪري.
نہ نہ، تنھنجو جواب اڻپورو آهي.
ڏاهو اهو آھي جيڪو نہ رڳو ڏاهپ ڀريون ڳالھيون ڪري پر انھن پنھنجن ڪيل ڳالھين تي خود پاڻ بہ عمل ڪري ڏيکاري.“
*
”هيءَ منھنجي ئي وڍيل ڄنگهہ ٿئي، جنھن جي هڏين کي تراشي، مان تير پيو ٺاهيان جيڪي سڀاڻي مون کي ويريءَ جي وجود تي ڪتب آڻڻا آهن.“
تاجل ”بيوس“
22 سيپٽمبر 1983ع