76 کان 90
تون ڪيستائين منھنجا ڪبوتر بازن جي بِلي ڪندين؟
جڏهن منھنجا ڪبوتر تو کي وٺ نہ ڏيندا تہ پوءِ اهي باز تو کي ئي چيري ڦاڙي کائي ڇڏيندا.
77
هن کان پوءِ مان جو بہ شعر لکندس ان جا ڪافيا بازن کان بہ تيز اڏامندا.
ٻڌاءِ تہ پوءِ تنھنجا ”شڪرا“ ڪاڏي ويندا؟
78
ڌرتيءَ جي گولي کي فطرت اوندھہ جي ڪاري چادر ۾ ٻڌي سانجهيءَ کان صبوح تائين قيد ڪري ڇڏيو هو تہ ڌرتيءَ شبنمي لڙڪ وهائي، هر وڻ کي، هر ٻوٽي کي وهنجاري ڇڏيو هو.
هو ڏس! هن ڇٻر مٿان ڌرتيءَ جا لڙڪ.
هاڻي جڏهن اوندھہ جي ڪاريءَ چادر جي ڳنڍ ڇوڙي، ڌرتيءَ کي فطرت آزاد ڪيو آهي تہ ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا ٻھڪي پئي آهي. ڏسين نٿو! تہ ڪيئن نہ هنن اوڀر وارين جبلن جي قطارن منجهان سورج ليئو پائي، ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا ٽڪي رهيو آهي.
79
مٿان انب جو ٻوڪيل وڻ آ. هيٺان ٽي گراٺيون ويڪري واهي آهي، جنھن ۾ کوھہ جو شفاف ۽ اجرو پاڻي ترڪندو باغ جي چلھن ڏانھن وڃي رهيو آهي: جنھن جي ڪپرن تي هيرڻ ۽ رابيل جا ٻوٽا هوا جي هلڪن جهوٽن تي جهومي رهيا آهن. نار جي ڍينگي ۽ چڪر جا آواز ۽ آهڏ ۽ پاڙڇ ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جي ڇم ڇم، ماحول ۾ ترنم پيدا ڪري رهيا آهن.
منھنجي کاٻي پاسي کان هي ڏاڙهونءَ جي گلن جون ٽاريون تنھنجن مينديءَ رتل هٿن ۽ ٻانھن جھڙيون لڳي رهيون آهن. تنھنجون ٻانھون- جيڪي تو گج جي ٻانھن ۾ ڇپائي ڇڏيون آهن، جن تي پَسيءَ جي گلن جھڙا گُل لٽڪي رهيا آهن. هن لوڙهي ۾ بيٺل ٻوڙي تي ڪڻڇي لات لنوين رهي آهي. تون منھنجي اڻڀن وارن تي هٿ ڦيري رهي آهين.
منھنجي محبوبا!
ڪيئن مڃان، تہ هن کان وڌيڪ حسين، ڪا ٻي دنيا بہ ٿي سگهي ٿي.
80
هڪ رچنا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مون کي فطرت جي ڪن بہ ٻن آوازن ٻڌڻ جي ضرورت ٿي. مان سڌو سنئون سنڌوءَ ڏانھن هليو ويس. ڇولين جي ڇڇڪن مان اڀرندڙ آواز ۽ ڪُنن جا ڪڙڪا ٻڌي، مون هڪ باغ جو رخ رکيو. مور جي ”رڙ“ ۽ ڪوئل جي ”ڪوڪو“ ٻڌڻ کان پوءِ، مان ٿر جي ڀٽن کان وڃي نڪتس. ڀٽن تي بوندون برسي رهيون هيون ۽ پوءِ وڏ ڦڙي جا وسڪارا شروع ٿي ويا. مون کي لڳو هو، ڄڻ فطرت ڇير ٻڌي، نچي رهي هئي. مون نوٽ بوڪ ڪڍي، ڪجهہ لکي ورتو هو. بارش وسڻ کان بس ڪئي تہ مان هڪ ڏهر ۾ لھي ويس. ڏٺم تہ منھنجي سامھون هڪ اڪيلي بيٺل کٻڙ تي اچي تاڙو ويٺو، جنھن پلر جي پالوٽ کان پوءِ خوشيءَ جي اظھار لاءِ تنوارڻ شروع ڪيو هو. ايتري قدر جو فضا ۾ ڦڙڪڻ وقت بہ پنھنجي خوشيءَ جي اظھار جا گيت ڳائيندو رهيو. مون وري بہ نوٽ بوڪ ڪڍي، ڪجهہ لکي ورتو هو ۽ پوءِ پنھنجن وٿاڻن ۾ واپس اچي، پنھنجي رچنا کي مڪمل ڪيو هو.
81
گوتم ذات پات جي ويڇن ۽ ورهاڱن کي ختم ڪندي، چيو هو تہ: ”اهو ماڻھو سڀني کان اُتم آهي، جيڪو سچ ۽ نيڪيءَ جي واٽ ٿو وٺي.“ وقت ۽ حالتن کي سامھون رکندي، ٿورو لھجو ڦيرائي، مون بہ تہ ساڳي ئي ڳالھہ ٿي ڪئي، پر پوءِ بہ پنھنجي مھانگي ڳاٽ کي جهڪائي، ڦيٿن جھڙن پيرن کان اجايو ڪم وٺي، پنھنجا تيشن جھڙا هٿ وڃيو ٿو هن وڏي جبّي ۽ ٿلھي پيٽ واري ماڻھوءَ جي پيرن تي رکين ۽ پيو ٿو مون کي ۽ گوتم کي ناراض ڪرين.
82
تون جڏهن بہ يوناني فلاسفر ارسطوءَ جو ذڪر ڪرين تہ مھربان ڪري منھنجي اڳيان سندس شاگرد سڪندر اعظم جو نالو نہ وٺجانءِ. سڪندر- جيڪو ڌرتي- ماتا ۽ ڌرتي- ڄاين جي ڇاتين ۾ ڇرا ٽبيندو، هليو هو، دنيا فتح ڪرڻ.
تون جيڪڏهن نہ مڙين تہ پوءِ منھنجي ڪنھن بہ هڪ شاگرد جو نالو وٺجانءِ. منھنجا شاگرد- جيڪي اڄ ڪلھہ ڌرتيءَ جي گولي تان لڪيرن ۽ دائرن کي ڊاهڻ ۾ رڌل آهن.
83
منھنجي هڪ ڪامريڊ دوست مون کان پڇيو:
”ٻڌاءِ تہ انسان ۽ انسان جي آزاديءَ جي اهڙي سھڻي ۽ اثرائتي اپٽار جو گس تو ڪيئن ڳولھي ڪڍيو؟”
مون سندس آڏو پنھنجي عملي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جا انيڪ نقطا پيش ڪيا. سڌا ۽ اڻ سڌا حوالا بيان ڪيا. پر پوءِ بہ منھنجو دوست مون تي کِلندو رهيو. مون ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙي ۽ سر گهاتوءَ مان ٻہ چار بيت پڙهي، کيس انھن جون سمجهاڻيون ۽ مطلب سمجهايو.
منھنجي ڪامريڊ دوست، ماچيس جي تيليءَ سان ميز تي رکيل ميڻ بتي ٻاري، مون کي ٽھڪن سان وندرايو هو.
84
تون پنھنجي ان دوست کي ٻيھر دوست نہ چئجانءِ، جيڪو تنھنجي ڪنھن هڪ جملي ۾ بہ شڪ ڪري. تون پاڻ بہ ان دوست جو ٻيھر دوست نہ چوائجانءِ جنھن جي ڪنھن هڪ جملي ۾ بہ تو کي شڪ جي بوءِ اچي. اهي ايڏا جملا مان ان ڪري چئي ويٺو آهيان جو سچ پچ تہ تو پنھنجي سڄي ڄمار جي عملي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جا ڏاهپ ڀريا نقطا منھنجي اندر ۾ پرٽي ڇڏيا آهن. تون بيشڪ ڏاهو آهين، تون بيشڪ ڏاتار آهين.
85
مان جنھن وسنديءَ ۾ زندگيءَ جا پورا ٽيھہ سال گذاري آيو آهيان، اتان جي رهواسين کي اڄ بہ زندگيءَ جي ڪا اهم شيءِ اڻ- مَئي ۽ اڻ- ماپي نٿي ملي. اهي ساڳا ماپا ۽ ماڻ! جيڪي هڪ جو پيٽ ڀرين تہ ڏهن کي بکيو رکن.
جيڪڏهن ڪنھن سانجڻ ۾ پنڊيءَ تي ڪا گول ماني پئي آ تہ ان مانيءَ تي بہ دنيا جي گولي وانگر ڪيئي دائرا ۽ لڪيرون نڪتل آهن. دنيا جي گولي تي اهڙا دائرا ۽ لڪيرون جيڪڏهن اڻ ٽر عمل آهي تہ پوءِ ساڳي کيت مان پيدا ڪيل ان- داڻن جي پچايل مانيءَ تي اهي لڪيرون ۽ دائرا ڪھڙي معنا ٿا رکن؟
86
اي دوست! تنھنجون تخليقون پڙهي، ٺري ٿو پوان. پر جڏهن بہ تو سان ملان ٿو تہ تنھنجي مٿان ذات جو خول چڙهيل ڏسي ڊڄي ٿو وڃان، نراس ٿي ٿو موٽان ۽ اچي پنھنجي شاعراڻي وحشت ۽ جنون سان ٿو جهيڙيان.
ڇا تون منھنجين مٿين سٽن کي پڙهي ۽ پُرجهي، مون تي ٽِڪي نٿو چاڙهي سگهين؟
87
مون فطرت جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي، ۽ پنھنجي ڪلاسيڪي ادب ۽ شاعريءَ کي پڙهڻ سان گڏ سمجهو بہ وڌيڪ اٿم.
تو مُدي خارج ادب ۽ شاعري پڙهي آهي، جيڪا حال کان ڪٽجي چڪي آهي ۽ پوءِ بہ تون ان مدي خارج ادب ۽ شاعريءَ جي رٿ ۾ سوار ٿي پنھنجي نمائش ڪري رهيو آهين. اڙي، هائو! تنھنجي اک، فطرت جو مطالعو بہ اڌورو ۽ مٿاڇرو ڪيو آهي.
تنھنجي منھنجي وچ ۾ بس اهو ئي فرق آهي!
88
تنھنجي هر تازي تخليق جي ڪنھن هڪ سٽ ۾ بہ خوشيءَ جو تاثر نہ ٿو ملي! ڇا زندگي، خون ڙي! گهل ڙي!! الا ڙي!!! جو نالو آهي؟
اڄ وري منھنجي هڪ قداوار ۽ قدامت پسند دوست، رهڙ پائي مون کان سوال پڇيو.
مون کيس جواب ڏنو:
”پٽ مائيءَ جا! جيستائين سچ کي برداشت نہ ڪيو ويندو، جيستائين ڌرتيءَ تي حد بندين جو عمل جاري رهندو،
جيستائين رت وهائڻ جو ڪارڻ ذاتي ڏمر هوندو،
جيستائين ماڻھن ۾ درجي بنديون هونديون،
جيستائين انسان جي پوتر جسم کي ٿلھا لڪڙ زخمي ڪندا، تيستائين منھنجون تخليقون شايد توکي خوشين جي ڪا امداد نہ ڏئي سگهن.”
89
جڏهن سڙهن جا ساڪا پاڻمرادو ٽٽي پوندا آهن.
جڏهن ڪو تازو ڄاول مينھن جو ڦر ڍِڪون ڪندو آهي.
جڏهن سنڌوءَ جي ڪا ويڙهاڪ ڇولي ڪَرَ کڻي، ڪناري ڏانھن ڊوڙندي آهي.
جڏهن ڪو ابھم ٻالڪ ٻنڊ مان ٻوٿ ڪڍي، رئڻ لڳندو آهي، تڏهن پڪ ڪو ڌاريو سنڌ جي سرحد اورانگهي اندر ڌوڪيندو ايندو آهي.
90
ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، جڏهن ڪنھن ميڙ ۾ ڪنھن ڳوٺاڻيءَ جي بدن تي ڪپڙن جو نئون نڪور وڳو ڏسندو آهيان.
ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، جڏهن ڌر- تتيءَ جو پيرن اگهاڙي ڪنھن انسان کي ڳاھہ ڳاهيندي ڏسندو آهيان.