91 کان 105
زندگي هڪ اٿاھہ ۽ اڻ- کٽ ساگر آهي. هڪڙا انسان مرندا تہ ٻيا ٻيا ڄمندا. پر، ها! مرڻ ۽ ڄمڻ وچ ۾ ٿورڙي وٿي ضرور رهي ٿي. جيئن سج بادلن جي اوٽ اچي وڃي ۽ جهٽ کان پوءِ ظاهر ٿيو پوي.
92
وقت ٿي ويو آهي، اُٿي تہ پوڄا ڪري اچئون.
پالڻھار جي؟
نہ، پيٽ جي.
93
اڙي مينڌرا! تون پاڻ پيو چوين تہ مان بہ تو وانگر هن صديءَ جو راڻو آهيان. مون واري مومل بہ تو واريءَ مومل کان سونھن ۽ سوڀيا ۾ گهٽ ناهي. پوءِ ٻڌاءِ تہ تو ۾ ۽ مون ۾ ايڏو وڏو فرق ڇو آهي؟
تون جذباتي تہ مان اوڏو ئي ماٺيڻو آهيان.
تو ڏسڻ کان پوءِ بہ پڇا ڪا نہ ڪئي، مون ٻڌو آ تہ، وڃي ڏٺو آ.
توهان جي تيز جذبن توهان ٻنھي کي ڏاڪ جھڙي دوزخ ۾ جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو.
اسان جا ماٺا جذبا، اسان کي هن ڌرتيءَ جي جنتن ڏانھن وٺيو پيا وڃن.
تہ پوءِ مڃين ڇو نہ ٿو تہ مان ۽ منھنجي مومل، تو ۽ تنھنجي مومل کان گهڻو مٿڀرا آهيون.
94
مان تو کي ڪيئن روڪيان تہ تون ”عقاب“ جي واکاڻ ڪرڻ ڇڏي ڏي! تو کي اها بہ خبر آهي تہ عقاب جو ٻيو نالو ”پرمار“ بہ آهي ۽ پرمار جي ڪردار توڙي اڏام کان تون واقف بہ آهين. تو کي اها سڌ آهي تہ عقاب جو ٽيون نالو ”شاهين“ بہ آهي. شاهين، جنھن کي ٻين ٻولين جي وڏن شاعرن، مٿي پھاڙن کان بہ مٿي پئي اڏايو آهي.
هان، نظرياتي طور تون جيڪڏهن انھن شاعرن جي جوڙ جو آهين تہ پوءِ تنھنجو پکي بيشڪ عقاب ٿي سگهي ٿو. پر اسان جو پکي ڪانگ آهي. ڪانگ- جيڪو جهڙپ هڻي، هٿن ۽ پنڊين مان اسان کان ٽڪر کسي وڃڻ کان پوءِ بہ اسان کي پنھنجو لڳندو آهي، ڇو تہ اها ماني پرائو مال نہ پر اسان جي پنھنجي هوندي آهي.
95
تون تہ مشرق جو رهواسي ناهين. تنھنجو ڳوٺ تہ هتان کان هزارين ميل پري ميسپيءَ جي ڪناري تي آهي. تون ئي پنھنجي هانءَ تي هٿ رکي ٻڌاءِ تہ دنيا جي چئن وڏن شاعرن، شيڪسپيئر، رومي، سعدي ۽ ڀٽائي مان تو کي هن ڌرتيءَ جو مھا ڪوي ڪير ٿو لڳي؟
”ادا، سچ پڇين تہ اهي چارني شاعر دنيا جا عظيم شاعر آهن. پر جي منھنجا مھمان ٿين تہ مان جيڪر ڀٽائيءَ جي کٽ ٿورو مٿڀرو رکان.“
96
”ڀائو ڀلي ڪري آئين.”
ڪنڌ ورائي ڏٺم تہ ٿوهر جو وڻ کيڪاري رهيو هو.
وراڻيو:
”ادا، جڙيو هجين.”
ٿوهر چيو:
”ڀائو! ڏينھن تپي ويو ٿئي. اچ، ڪا جهٽ منھنجيءَ ٿڌڙيءَ ڇانوَ ۾ گذار. اچ تہ ڪچھري ڪيون. پاڻي پيءُ، آرام ڪر ۽ کائي پيٽ بہ ڀر.”
مون سوچيو: ٿوهر جو وڻ ڇانو ڪٿان آڻيندو ۽ ڦر ڪٿان ڏيندو، جيڪو پاڻ پيو ٺوٺ زمين تي پساھہ پورا ڪري.
ٿوهر ڳالھايو:
”ادا ڇا پيو سوچين؟ تو کي پاڻ کي بہ خبر آهي تہ مان سنڌ جو وڻ آهيان، جنھن جي ماڻھن وٽ ڪُني ۾ ڪڻو نہ بہ هوندو آهي. تڏهن بہ آئي وئي جو دل کولي آڌرڀاءُ ڪندا آهن.”
97
هن پڇيو-
”وڏو ڪير، تون يا مان؟“
مون وراڻيو:
”ڇا ۾، عمر يا قد ۾“؟
هن چيو:
”واپار ۾.“
مون چيو:
”جنھن جو مذهب ماڻھپو آهي.”
98
ڇا تنھنجون ٻٽاڪون ٻڌي، مان اڃان بہ گونگو رهان ۽ تنھنجي رعب کان هيسيل ديس واسين کي اڃان بہ گُمراهيءَ جي آڙاھہ ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيان.
اي دوست! اهو مون کان سَٺو نہ ٿيندو. مون ۾ سھڻ جي سگهہ رهي بہ ڪٿي آهي! ٻڌي ڇڏ تہ پاڻمرادو ٻٽاڪون هڻڻ ائين آهي، جيئن ڪو فنڪار پاڻ ئي پنھنجيءَ نڙيءَ تي نَنھن ڏيئي، پاڻ ۽ پنھنجي فن کي وقت کان اڳي ماري ڇڏي.
99
تو پاڻ چيو هو تہ مور جي ٽور ٽِلندي، ڪانوَ کان پنھنجي اصل چال وسري وئي هئي.
تون تڏهن ٻين جي فن ۽ فڪر سان هٿ چراند پيو ڪرين!
100
اي حسينا!
تو پاڻ پنھنجي ٻانھن وارن گجرن مان پنھنجن مينديءَ لڳل هٿن سان فقط هڪ گل ڇني ڏي تہ مان ان جي عيوض تو تان عمر ڀر جون تخليقون نڇاور ڪيان.
101
هان، کڻ هيءَ بندوق- واعدو ڪر تہ هن بندوق جي هر گوليءَ کي تون دشمن تي ڪتب آڻي، وطن عزيز کي ڌارين جي عقابي چنبن مان آزاد ڪرائيندين يا- هن پنھنجي ٻڍڙي پيءُ وانگر دشمن جي وحشيت ڀرين ڪارواين جو نشانو بڻجي بيروت جي لوساٽيل زمين کي پنھنجي گرم خون سان شفق کان بہ وڌيڪ جذب نظر بڻائيندين.
102
مان فطرت جي هر جاندار شيءِ کي سڃاڻان. اهي پکي او....
ٻٻرن جي هن ڪوچي ۾ واهيرو ڪندا اٿئي، جن جا ٻچا، اجهو هاڻي ڏسيو پيو اچان تہ چھنبون کوليو، آکيرن کي ٺونگا هڻي رهيا هئا.
تو کي پاڻ کي بہ خبر آهي تہ هر جنس کي پاڻ جھڙيءَ جنس مان فطري پيار ۽ لڳ- لڳاءُ هوندو آهي. ان ڪري، اي ماري! تون انھن پکين کي، پنھنجي هن معصوم ٻچڙي هٿان، پڃري مان آزاد ڪري، فطرت جي اٽل ۽ اڻ- ڦرندڙ قانون جو احترام ڪر.
103
تون پنھنجي اڳيان، پنھنجي ان معصوم ٻچڙي کي ٽلندو ڏسي ڪيڏو نہ خوش پيو ٿئين!
اي ماري!
هنن پکين کي آزاد ڪري ڇڏ تہ جيئن هر ڪو پيءُ ۽ ماءُ، پنھنجن آکيرن ۾ پنھنجن ٻچڙن کي ڏسي، تو وانگر خوش ٿئي.
104
ٿر تي ڪا بوند نہ برسي آهي. ڏهرن جي ننگن وڻن تي تڙا تنواري رهيا آهن. ھھڙيءَ رُت ۾ تون ڀلي منھنجو سارنگ ڇيڙ، پر ڏسجان، متان تو کي پنھنجن شعرن کان نفرت نہ ٿي پوي.
105
مون ڏنو، تو نٽايو.
مون ٻڌو، تو ڪنايو.
مون مڃيو تو انڪار ڪيو.
مون ڏٺو، تو منھن ڦيرايو.
بس،
ڪوڙ ۽ سچ ۾ اجهو اهو فرق آهي.