ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

انبن جهليو ٻور

تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”هنن نثرن کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نہ نثري نظمون، ڇاڪاڻ تہ هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪرا آهن، جن ۾ نڪي آهن شعر وارا پد ۽ نہ وري موسيقي، ليءِ، ڪافيو يا رديف، اهڙن نثرن کي نثري نظمون چوڻ ايئن آهي جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿيءَ کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منھنجو مطلب آهي تہ هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي تہ اهڙا نثر فقط شاعر ئي لکي ٿو سگهي جنھن ۾ سونھن سان گڏ فڪر ۽ ڪارج بہ هجي. نثر جي مٿان شاعر جو نالو نہ بہ لکيل هجي، تہ بہ پڙهندڙ سمجهي وڃي تہ هي نثر بس ڪنھن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ شاعراڻو نثر عام نثر کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.“ 
  • 4.5/5.0
  • 642
  • 254
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book انبن جهليو ٻور

16 کان 30

16

او ڌرتي!
مون کي منھنجي ڏات موٽائي ڏي، جيئن مان وري تو کي گيتن جا هار پارائي سگهان. سچ پچ مون کان ڪو بہ ٻيو ڪم ڪيو نہ ٿو ٿئي.

17

اي دوست! هنن پئسن مان آءٌ تو تي هڪ روپيو بہ خرچ نہ ٿو ڪري سگهان، ڇو تہ هي پئسا ڀريءَ بازار ۾ پنھنجون تخليقون وڪڻي مون گڏ ڪيا آهن، جن مان مون کي رائفلون ۽ گوليون خريد ڪرڻيون آهن.

18

انھن کي بہ تہ ماڻھو ٿو سڏجي!، جيڪي ڌرتيءَ جي گولي کي ڪنھن لاما جو مٿو سمجهي، پاڪيءَ جا ابتا سبتا رهڙڪ ڏيئي، سندس سونھن ۽ سندرتا کي چٽ ڪيو ٿا ڇڏين!

19

ڇا مان پنھنجن ڪبوترن مٿان تنھنجي اڍنگيءَ اڏام کي اڃان بہ خاموشيءَ سان ڏسندو رهان؟
اي عقاب! چڱو ٿيو تہ اهي اوڌر تي ورتل سون- ورنا پر ۽ کنڀ هاڻي ئي لاهي ڦٽا ڪر يا اوتريون ڦڙڪيون هڻ، جو سڀاڻي جيڪڏهن اهي پَر ۽ کنڀ توکان واپس بہ ورتا وڃن تہ تون پنھنجي اصلي اڏام برقرار رکي سگهين.

20

ڄام تماچي ۽ سندس دوست هٿ هٿ ۾ ملائي ڪينجهر جي ڪپ تي پسار ڪري رهيا هئا. نوري ٻيڙيءَ جي پاڇل تي پاڻيءَ ۾ پير لٽڪايو ويٺي هئي ۽ ٻانھون ڦھلائي ڪنڍيءَ کي ماٺي جل تي اڇلائي ڇڏيائين. ڄام تماچيءَ کي سندس دوست چيو: ”تو ڪارن ۽ ڪوجهن مھاڻن سان مِٽي ڪري سٺو نہ ڪيو.“
اُن وقت نوري پاڻيءَ مان پير ڪڍي، ٻنھي هٿن سان ڪنڍيءَ ۾ ڦاٽل مڇيءَ کي ڇڪي رهي هئي. مٿان هنج اڏامي رهيا هئا ۽ اتر جي هوا تي ڪنول جا گل پاڻيءَ مٿان رقص ڪري رهيا هئا. تماچيءَ ڊوڙي وڃي ڪنڍيءَ مان موراکي ڪڍي ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا- تماچي ۽ نوري- اڪيلا اڪيلا ٻيڙيءَ جا پڳھہ کڻي تانگهو ڇڏي تار ڏي روانا ٿي ويا ۽ ڪنڌيءَ تي پنڊ پھڻ، جيان بيٺل تماچيءَ جو دوست کين ڏسندو ئي رهجي ويو.

21

مون جڏهن رچرڊ لي وئلن جو ناول پڙهي پورو ڪيو تڏهن مون ناول کي ڏاهپ جي تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ۽ ٻئي پڙ ۾ ڪتاب جو ٽائيٽل ڪور وڌو، جنھن تي لکيل هو: هائو گرين واز ماء وئلي! مون کي ٽائيٽل ڪور وارو پُڙ ڳورو لڳو هو. وري مون ناول کي ٻيھر ڏاهپ جي تارازيءَ جي هڪ پُڙَ ۾ ۽ انتساب وارن لفظن: ٽُہ ماءِ فادر ائنڊ دي لئنڊس آف ماءِ فادر کي ٻئي پڙ ۾ وڌو تہ تڏهن بہ مون کي انتساب وارو پڙ ڳورو لڳو هو. پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ جڏهن ناول کي مون سمجهي ورتو تہ پوءِ پنھنجي ڏاهپ جي تارازيءَ جا ٻئي پڙ ڀڃي ڇڏيا هئم.

(رچرڊ لي وئلن، ويلس (انگلستان) جو رھاڪو، ڪلاسيڪي ادب جو ھڪ برک تخليقڪار)

22

هڪ ڏينھن ٻئي هٿ نرڙ تي رکي، مون سوچيو هو تہ ڇا ماڻھوءَ کان وڌيڪ خوبصورت، ڪارگر ۽ اڻ- ملھي ڪا ٻي شيءِ ٿي سگهي ٿي. مان ماضيءَ ۾ ايڏو تہ اونھو هليو ويو هيس، جيئن ڪو ٽوٻو سمنڊ جي گھراين ۾ وڃي موتي ڳوليندو آهي. مون سورج گلن جي رقص ڪندڙ کيت ڏانھن ڏٺو هو. مون کي ماڻھوءَ جو مکڙو سورج مکيءَ کان وڌيڪ تازو ۽ سھڻو لڳو هو. مون گلاب جي پنکڙين سان ڪيئي دفعا ٻنھي هٿن جون مُٺيون ڀريون هيون پر جڏهن منھنجن هٿن هڪ سندر ناريءَ جا ڪومل چپ ڇھيا هئا تہ مون کان گلاب وسري ويو هو. مون ڪنڌيءَ تي لڏندڙ نيلوفر جي گلن کي سيرون ڏيئي وچ ڍنڍ ۾ وڃي، نيري ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي، ڍنڍ جي تري کي ڪيئي دفعا ڇھيو هو پر ماڻھوءَ جي اکين جي گھراين تائين مان اڃان سوڌو نہ پھچي سگهيو آهيان. مون وٽ ڪيئي بھارون وڙ وڙ جون خوشبويون کڻي اينديون آهن پر جڏهن تڙڳڻ کان پوءِ منھنجي اڳيان هڪ گجر، چيلھہ ڪلھن تي لٽڪندڙ وارن کي ڇنڊڪو ڏيئي، مون تي خوشبوءِ جي اوت ڪئي هئي، تڏهن مون عورت جي ڀڀڪيدار وجود کي ‘بھار’ سڏيو هو.
سج جي حرارت، چنڊ جو کڙڻ، ستارن جي جهرمر، سمنڊ جي گَھرائي، درياءَ جي موج، مون کان ماڻھو ۽ ماڻھوءَ جي وٿ ڪين وساري سگهيا آهن. ماڻھو منھنجي ذهن تي هر وقت ڇانيل ٿو رهي. پٺتي ماڻھو- وچ تي ماڻھو- اڳتي ماڻھو- ماڻھو ئي ماڻھو- بس ماڻھو هر وقت منھنجي ذهن تي قطارون جوڙيون بيٺا آهن.

23

مون کي ٻي تہ خبر ڪانھي، باقي هڪ واقعو جيڪو منھنجي ذهن تي نہ مٽجي سگهندڙ نقش ڇڏي ويو آهي سو هيءُ آهي تہ مان اڃان ننڍڙو هئس جو اوڀر کان هڪ ڪاري آنڌاري اٿي هئي. هوا جا کھا سوساٽ ڪيو گهر جي جنڊي منجهان اندر داخل ٿي رهيا هئا ۽ ٻئي پاسي ڪليءَ ۾ ڀت تي ٽنگيل سڪل ٻيرن جي ڪنڍلن کي جهومائي رهيا هئا. طوفان جي هڪ زوردار کھٻي تي ٻيرن جا سمورا ڪنڍلا اچي پٽ تي پيا هئا ۽ ڳاڙها ٻير داڻو داڻو ٿي ويا هئا. مان وائڙو ٿي ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪري آيو هئس. هڪ ڳوٺاڻي عورت جي مٿي تان سنگن سان ڀريل کارو ڪري پيو هو ۽ سنگ طوفان جي ڇوهن تي اک ڇنڀ ۾ الائي تہ ڪيڏانھن ٽڙي پکڙي ويا هئا. منھنجي سامھون بيٺل انب جي وڻ جو ڏار ٽٽي پيو هو ۽ سڀ پکي ٽاھہ کائي اڏاڻا هئا ۽ پوءِ جڏهن طوفان بند ٿيو هو تہ پوري اوڀر کي ماڪڙ جي ڪٽڪن ڪارو ڪري ڇڏيو هو.

24

مون کي ڇڏي ڏي، تہ مان ڪائنات جي هر هڪ شاهڪار جي حُسن جي تعريف ڪندو رهان. ائين نہ چئو تہ مومل جي حُسن جي واکاڻ رڳو راڻي کي ئي سونھين ٿي. مومل مون وٽ بہ آهي. سنديس اک وڻندي، تہ مان سنديس اک جي تعريف ڪندس. سنديس هٿ ۾ ڪو گل هوندو تہ مان ان گل کي ساراهيندس ائين نہ سمجهہ تہ مان ايراني شاعرن وانگي رڳو گل، بلبل، رباب ۽ شباب جي تعريف ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. هاڻ، هيءُ بہ ٻُڌي ڇڏ تہ مان *آسڪر وائيلڊ وانگي “جمالياتي تحريڪ” جو نڪي رهنما آهيان ۽ نہ وري ڪو ڪارڪن. خوبصورتيءَ جي تعريف ڪرڻ جو منھنجو بنيادي مقصد انسانن مان بدصورتيءَ جي جذبي کي ختم ڪرڻ آهي.

(* انگلستان جو هڪ برک ليکڪ، جنھن تي الزام لڳايا ويا هئا تہ هو ڳڀرو ڇوڪرن کي خراب ٿو ڪري. هڪ امير زاديءَ عدالت ۾ سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائي کيس ٻہ سال ٽيپ ڏياري، پنھنجي غصي کي ٿڌو ڪيو هو. نہ فقط ايترو پر جيل خاني مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ بہ آسڪر کي جلاوطن ٿيڻو پيو هو. )

25

هن ڍڳي ڏانھن ڏس! جيڪو آهر مان منھن ڪڍي، پنھنجي مالڪ جا ڪلھا چٽي رهيو آهي.
اي انسان جا ٻچا! تون جيڪڏهن ڪنھن دکي انسان جي دکن کي ڌوئي صاف نٿو ڪري سگهين تہ پوءِ ڪنھن کي ڏکوءِ بہ نہ.

26

تون ائين پيو چوين نہ؟ تہ ڪينجهر جي ٻنھي ڪپن تي اِهي مھاڻن جون مياڻيون آهن.
جڏهن تون ابن ڏاڏن واري ٻوليءَ ۾ ساڻن ڳالھائي ڏسندين تہ پوءِ تو کي پتو پوندو تہ انھن مياڻين ۾ ڪير پيا رهن.

27

تون ڪالھہ آيو آهين ۽ پوءِ بہ مون کان پڇي رهيو آهين، تہ مون کي تھذيب ڪنھن سيکاري!
مون وٽ ان سوال جو جواب تنھنجي رڌڻي مان لڌل هي ميرڙو ڪاغذ آهي، جنھن تي موهن جو دڙو ڇاپيل آهي.

28

تون چوين پيو تہ *گارشيا مارڪوئس واري نوبل پرائيز تي مون کي ساڙ ٿيو آهي! ان تہ منھنجي ذهن کي زرخيز ڪري شعور ۾ سگهہ پيدا ڪئي آهي. هاڻي تخليق جو هر لفظ عقاب يا ڪبوتر بڻجي ٿو نڪري. هان، ٻڌي ڇڏ، تہ مان پنھنجي ‘نوبل پرائيز’ کي عقاب جي چنبن ۾ نہ، پر ڪبوتر جي چھنب ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان.

(گارشيا مارڪوئس: لاطيني آمريڪا جو مھان اديب، جنھن کي سال 1982ع جو سندس ناول ‘هنڊريڊ ييئرس آف ساليٽيوڊ’ تي نوبل پرائيز مليو.)


29

اڌ رات لڙي چڪي هئي. اوڀر کان چنڊ ڪانو کن مٿي چڙهي آيو هو. گلور ول جي وٿين منجهان، مان چنڊ کي ڏسي رهيو هئس. ڏٺم تہ وڻن جي پاڇن مان هڪ عورت اچي رهي هئي، جا ٽي- چار ڪانا پري وڻ جي ٿڙکي ٽيڪ ڏيئي، شرمائجي بيھي رهي. مون چنڊ کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو. سوچيم: ”هيءَ موهن جي دڙي واري نچڻي ٿي سگهي ٿي. نہ نہ، اها قلوپطرا آهي، جيڪا واٽ ڀلجي سنڌ پھتي آهي. پر ائين بہ ناهي. هيءَ اها حسينا ٿي سگهي ٿي جنھن کي منھنجن گيتن گهائي وڌو آهي ۽ وتي ٿي مون کي ڳولھيندي.

هائو، هاڻي سمجهيم. *اها ڪِرم لِڪا جي آدرشي محبوبا آهي جيڪا کائونس ڪاوڙجي مون وٽ پھتي آهي. مان اڳتي وڌي سنديس هٿ کي چمڻ چاهيو. سنديس هٿن ۾ چندن جون ٽاريون هيون. چيائين: ”سڃاڻين ٿو؟ مان مومل آهيانءِ. مون هي چندن جون ٽاريون راڻي جي اُٺ لاءِ آنديون آهن.“

(* زيڪو سلو ويڪيا جو مشھور چترڪار جنھن جي چترڪاريءَ جا خاص عنوان “عورت” ۽ “عورت جا جمالياتي روپ” هئا.)

30

هو ڏس! هنن ٻوڪيل انبن جي ٽارين کي سيرون ڏيئي، هوءَ مالھڻ مون کي گل پئي آڇي.
هو ڏس! هوءَ منڊي ڪڪري ٿر وارن کي پلر پيارڻ لاءِ ڪيئن نہ ٿر ڏانھن ڊوڙندي پئي وڃي.
هو ڏس! ڪانھہ جي نسريل ڊڍي تي ڪڻڇي مٺڙي مٺڙي لات پئي لنوين.
هو ڏس! هن پورهيت جي ڳٽن تي پگهر ڦڙا منڊيءَ جون ٽڪون پيا لڳن.
تون پوءِ بہ مون کان پڇين پيو تہ منھنجي من ۾ هي سارنگ جھڙا گيت ڪيئن سرجيندا آهن.