121 کان 135
جِتي بہ وڃ، جڏهن بہ وڃ، تو کي سنڌ، سنڌو، سنڌي ۽ سنڌيت ائين نظر ايندا، جيئن چاڏيءَ ۾ مکڻ، مَھي، لسي ۽ ڌنئنرو.
122
هڪ شاعر دوست بحث ڪندي چيو:
”تون ٿرن ۽ ٿوهرن- اُتر ۽ اوڙڪن- ٻنين ۽ ٻانڌن- چوڙن ۽ چوڙيلين- رڇن ۽ مڇن- چڙن ۽ چونگارن- ڪينجهر ۽ ڪارونجهر- پتڻ ۽ پاتڻين- گَجن ۽ گجرين، تي لکڻ بدران پنھنجي آسپاس وارن شھري ڪردارن- رستن ۽ رشتن- ملين ۽ ماڙين- چمنين ۽ چِلمن- بسين ۽ بدڪن، تي ڇو نہ ٿو لکين؟”
مون کيس جواب ڏنو:
”ادا، مان ٿورو ڪي گهڻو ضرور لکيو آهي.“
چي:
”تون پاڻ کي ۽ پنھنجن ذهني لاڙن کي ڳوٺن مان شھرن ڏانھن موڙي اچ.“
مون کيس ٻڌايو:
”پھريائين مور کي چؤ تہ ڪارونجهر ڇڏي وڃي- ڪونج کي چؤ تہ مٽرن جي لوڙهن ۾ ڪچي مٿان نہ اڏامي- ڪنول ۽ نيلوفر کي چؤ تہ ڪنھن ڍنڍ يا گڻنگ ۾ نہ کڙن- پوءِ مان ائين ڪندس، جيئن تون چوين ٿو.“
123
مان ۽ علي بابا اونداهي رات جو ڪتيءَ لٿي پاري ۾ ڏڪندا ٻن ڀٽن جي وچ ۾ هڪ ڏهر مان گذريا هئاسون.
علي بابا چيو:
”اڙي، تاجل! ڀٽن ۾ اڇا، اڇا ڳور پٽ بہ ٿيندا اٿئي.“
مون وراڻيو:
”توکان ۽ مون کان مٿي ڪو ٽيون ڳورپٽ بہ ٿيندو آهي ڇا؟“
اوچتو، مون کان رڙ نڪري ويئي.
”علڻ، ڳورپٽ ڙي ڳور پٽ!“
ڳور پٽ اسان ڏانھن وڌندو رهيو ۽ اسان پوئين پير، پٺتي هٽندا رهياسين.
”سلاماليڪ.“
”اڙي علڻ، هيءُ تہ چوڙين وڪڻڻ وارو لالو آ، جنھن تي مٿان وڏي ڊرک پيل آهي.“
124
هڪ ڏينھن لڪيءَ وارن لڪن مان لنگهندو، سھڪندو ۽ تيز ڊوڙندو، مان هڪ وڏي غار ۾ هليو ويس. ڏسان تہ سامھون ڀٽائي هڪ وڏي ڏانگهہ کنيو، رستو روڪيو بيٺو آهي- مون کي ڪاوڙ مان چيائين:
“اي روشنيءَ جا ٺيڪيدار! تو کي خبر آهي تہ سڀ ماڙهو، مرگهہ، پکي ۽ پکڻ- اوندھہ کان ماندا ۽ مونجها آهن ۽ تون اکين ۾ هيڏي ساري روشني لڪايو آيو آهين غار ۾ لِڪڻ!”
مون ادب سان وراڻيو:
”سائين! مان تہ تنھنجو رسالو پڙهي، کيرٿر جبل جي مٿاهين چوٽيءَ تي بيھي، سج سان اکيون ملائي، وٺي ڀڳو آهيان.“
ڀٽائيءَ دڙڪو ڏيندي چيو:
”موٽي وڃ.“
مون وري بہ ادب سان عرض ڪيو:
”پر، سائين! منھنجون اکيون تہ ڪبيرڻ منھنجي پرينءَ لاءِ ڪانگ وٽ بوڪ ڪرائي ويو هو، جيڪو ڪنڊيءَ تي ويھي مون کي هر روز قريبن جون ڪارون رسائيندو آهي ۽ جنھن لاءِ، سائين! تو بہ سُر پورب لکي، مون کي تاڪيد ڪيو آهي تہ مان ڪبيرڻ جي بڪنگ تي عمل ڪريان. مان تہ جلد ئي اکين جو پارسل ڪانگل وٽ بوڪ ڪرائڻ وارو آهيان.”
ڀٽائي چيو:
”پٽ! ڏاهو ٿيءُ- پرکڻ ۽ پرجهڻ جي ڪوشش ڪر- داخلي ۽ ذاتي مفادن کان خارجي ۽ گڏيل مفاد اهم ۽ گنڀير ٿيندا آهن.” پوءِ مون اکين کي هڪ نوڪدار پٿر جي تيز نوڪ مٿان رکي ٻئي پٿر سان ڌڪ هڻي، اکين کي کوپن سوڌو ٻاهر ڪڍي، روشني واپس ڪئي.
125
هڪ ڏينھن ڀٽائيءَ، بابا بلي شاھہ کي ميارون ڏيندي چيو:
”اڙي، بليا، حيف ٿئي جو ڀوڳن ۾ چڙي، وڃي گهر ويھي رهين. پڪي ياراڻي تون انھيءَ کي چوندو آهين؟ آڱرين تي حساب ڪري ڏس، تون اسان وٽ پوري مھيني کان پوءِ آيو آهين. اڙي، تو کان تہ خوشحال سٺو آهي، جنھن کي چرچن ڀوڳن ۾ مان وڌيڪ تنگ ڪندو آهيان. مجال آ جو خوشڻ ڪا وٿي وجهي ويھي رهن. وارَ کي توَ ڏي تہ اچي ٿو پر گهٽ ٿئي.”
بابا بلي وراڻيو:
”مان واندو ڪو نہ هئس.”
ڀٽائيءَ پڇيو:
”ڇا پئي ڪيئي؟”
چيائين:
”سنڌ جي اُترينءَ سرحد وٽ، سنڌوءَ کي ٻنڊو پئي ڏنم.“
126
عالم ارواح ۾ روحن سان بحث ڪندي، منھنجي روح کين چيو:
”منھنجي عمر هڪ هزار سان مقرر ڪري، مٽيءَ جي بوتي ۾ واپس اماڻي، جيڪڏهن مون کي ٻيھر سنڌ جي ڪنھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ڏنو وڃي تہ هوند توهان کي ڀٽائيءَ جي جوڙ جو شاعر ٿي ڏيکاريان. ڀٽائي- جنھنجو پوري عالم ارواح ۾ ٿرٿلو متل آهي تہ هو ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.”
روحن کي منھنجي تجويز ڏاڍي پسند آئي. جلوس ڪڍيائون، بک هڙتالون ڪيائون ۽ ٺھرائن تي ٺھراءُ پاس ڪري، نيٺ خلقڻھار کان ڌرتيءَ تي مون کي ٻيھر جنم ڏيڻ، قبول ڪرايائون ۽ مون سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٻيھر جنم ورتو.
رٿيل پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ مون ڪڏهن ٿر ۾ تہ ڪڏهن جابلو حصن ۾ وڃي ٻولي، پھاڪا ۽ چوڻيون سکيون. اهڙيءَ طرح سِري، وچولي ۽ لاڙ وڃي، ڪڙمين، ڪاسبين، ٻيڙيائتن، سامونڊين، کاهوڙين، سنياسين، سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن سان سنڌ جي قصن، ڪھاڻين، ريتن، رسمن، ٻولي، ثقافت تي بحث مباحثا ڪيا. بس، سچ پچ پاڻ کي رچائي ريٽو ڪري ڇڏيم. مجال آ ڪنھن شاعر کي جو مون سان مقابلي جي هام هڻي- شاعرن جا لاھہ ڪڍي ڇڏيم- منھنجي شاعريءَ جا هنڌين ماڳين هُلَ هلاچا ٿي ويا.
هزار سال پورا ٿيا تہ موت جي فرشتي مون کي اک ڇنڀ ۾ ليٽائي رکيو ۽ اهڙيءَ طرح وري منھنجو روح وڃي روحن سان مليو. جيڪي عالم ارواح ۾ منھنجو سخت انتظار ڪري رهيا هئا. جلوس جي شڪل ۾ جهمريون هڻي، جمالا ڳائي مون کي هڪ وڏي ميدان تي وٺي ويا. بجاءِ جو ڀٽائيءَ جي روح کي ڳولي ڦولي هٿ ڪري اچن، ڀٽائيءَ جو روح بيت ۽ وايون ڳائيندو، وڏي حوصلي سان اچي روحن جي هڪ ميڙ ۾ بيٺو. ڀٽائيءَ واري روح کي ڏسي، پھريائين تہ مان ڇرڪي ويس، مقابلي ڪرڻ واري هر ڳالھہ مون کان وسري وئي ۽ سوچڻ لڳس تہ سندس ئي چيل سُر سارنگ ۽ سُر کاهوڙيءَ مان کيس ٻہ- چار بيت ٻڌايان، پر جلد ئي سوچي ويس تہ، مون کي تہ مقابلو ڪرڻو آهي، ان ڪري آڪڙجي بيھي رهيس.
هڪ ترقي پسند ڪامريڊ روح مشاعري جي ڪاروائي هلائي، ۽ اسان ٻنھي شاعرن کي ڪيئي ڀيرا اسٽيج تي آندو ويو. سڄو ميدان روحن سان ڀريو پيو هو. اک جي نھار تائين روح ئي روح پئي نظر آيا. تِرَ ڦٽي ڪرڻ جيتري بہ جاءِ ڪا نہ هئي. فيصلي ٻڌائڻ لاءِ چار جج مقرر ڪيل هئا. روحن کان داد ۽ وهوا وٺڻ لاءِ مون تہ فقط فڪري ۽ ڪارج ڀريل قدرن جو مظاهرو ڪيو پر هر قسم جا طريقا ۽ حربا بہ استعمال ڪيا، ائين جيئن ڪو ملھہ ٻئي ملھہ کي ليٽائي وجهڻ لاءِ پڇاڙيءَ ۾ اَڙي بہ هڻي وٺندو آهي. مگر ججن جي فيصلي ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي هڪ پاڙيسري روح جي مدد سان، کسڪندو، روحن کان اک بچائيندو، ڀت ڀڃي، وڃي دوزخ ۾ داخل ٿيس.
127
عالم ارواح ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر بابت ڪن روحن جي وچ ۾ گرمان گرم بحث ٿي رهيو هو. ڪو چوي تہ دنيا جو وڏو شاعر شيڪسپيئر هو ۽ ڪو چوي تہ رومي- ڪنھن ڀٽائيءَ جو نالو پئي ورتو تہ ڪنھن سعديءَ جو مطلب تہ جيترا ها روح اوترون هيون ڳالھيون.
هڪ سياڻي روح ٽپ ڏئي چيو: ”توهان سڀ بڪواس پيا ڪيو. جڏهن انھن چئني شاعرن جا روح ارواح ۾ اسان سان گڏ پيا رهن تہ پوءِ ڇو نہ هڪ وڏي مشاعري جو انتظام ڪري، مقابلو ڪرايو وڃي.“
اها تجويز سڀني روحن کي وڻي ۽ اُن جو اُن وقت، مقابلي لاءِ تاريخ ۽ وقت مقرر ڪيو ويو. راتو رات روحن ڏانھن دعوتون موڪليون ويون.
بس، روحن جو ميلو لڳي ويو. مشاعرو شروع ٿيو. جيڏو مزو هو شعرن ۾، اوڏو هو ڪاروائيءَ ۾- هر هڪ شاعر واري واري سان شعر ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو- جج، پنھنجو فيصلو اڃان ترتيب ڏئي رهيا هئا تہ هڪ ئي وقت، شيڪسپيئر، سعدي ۽ رومي، سُرٻاٽ ڪري، اُٿي کڙا ٿيا ۽ وچ تي، ميز تي رکيل ‘سونو ٻلو’ کڻي، وڃي ڀٽائيءَ جي گيڙوءَ- رتي جام ۾ هنيائون ۽ پوءِ روحن تاڙيون وڄايون.
128
هڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تہ ڀٽائي ۽ بلي شاھہ هڪ ٻئي جي طاقت آزمائڻ لاءِ شام ويلي، هڪ ميدان تي ڪٺو ٿي رهيا آهن. ڳالھين ڳالھين ۾ ڀٽائيءَ، بُلي شاھہ کي تعارف ڪرائيندي ٻڌايو:
“بُلا! مان سڌو سنئون کيڏارن مان آهيانءِ. منھنجو واسطو ۽ رشتو انھن ماڻھن سان ٿئي، جيڪي ‘سچ’ کائين ۽ سچ پيئن، ٻيلي راند ۾ مون سان کوٽ نہ ڪجان.“
بُلي شاھہ کي ڀٽائيءَ جي ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي. ڀٽائي انگوڇي جي لنگ ڪڍڻ لاءِ اڃان ڪپڙا لاهي رهيو هو تہ بُلي شاھہ نہ ڪئي هم نہ تم، ڀٽائيءَ تي ٺؤنشن جو وسڪارو لائي ڏنائين. ۽ پوءِ بُلي شاھہ وڃي پِڙَ جي ٻاهرين ليڪي تي بيٺو. ڀٽائيءَ رئفريءَ وٽ احتجاج ڪيو تہ رئفريءَ بہ کيس ٻہ- چار مڪا ۽ گُوسا وهائي ڪڍيا ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا بُلي شاھہ ۽ رئفري دنبھا هڻندا اتر ڏانھن روانا ٿي ويا.
129
هڪ وڏيرو ماني کائي رهيو هو تہ ٻن اڌ- اگهاڙين اپاهج نينگرين سندس آڏو پنھنجا ميرا ۽ نرم هٿ وڌائي ڇڏيا.
”الله جي نالي، هڪ ماني ۽ ٿورو ٻوڙ ڏيندين؟“
”معاف ڪريو.“
”ڀلا الله نالي اڌ ماني ۽ هڪ ٻوٽي ڏيندين؟“
”جواب مان ڪو نہ سمجهو جنن جي اولاد؟“
”ڀلا الله جي نالي، هٿ جيترو رکو سکو ڳڀو ڏيندين تہ تو کي وڏي ۾ وڏي دعا ڪريون؟“
وڏيري صاحب کي ماني کائڻ ۾ وڏي رنڊڪ ۽ تڪليف محسوس ٿي رهي هئي. ڇا کاوان، ڇا نہ کاوان. پھريائين ڇا کاوان وچ ۾ ڇا کاوان ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڇا کاوان. هِن بسيءَ مان ڪيترو ۽ هُن بسيءَ مان ڪيترو کاوان.
وڏيري صاحب رڙ ڪري، هڪ نينگريءَ جو هٿ هٽائي، کيس منھن تي ٻوڙ هاڻو چنبو وهائي ڪڍيو. نينگريءَ منھن ڀر وڃي زمين تي ڦھڪو ڪيو.
ان ڏينھن کان پوءِ منھنجو پاڙيسري دوست وڻ تي آکيرو ٺاهي، پکين وانگر رهندو آهي. ڪو ماڻھو ڏسندو آهي تہ آکيري ۾ لِڪي ويندو آهي ۽ مان اُن واقعي کان پوءِ لکندو رهندو آهيان.
130
ڏسين ڇا ٿو؟ مان فلسطيني آهيان ۽ منھنجي ٻارڙن کي منھنجي سامھون چيري ڦاڙي ماريو ويو هو ۽ مون کي سنگينن جي نوڪن سان اڌ- مئو ڪري، سرحد پار اڇلائي، جلاوطن ڪيو ويو هو. مون تہ هر ذاتي واقعي کي ياد ڪري، وري وساري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي مان بندوق کي چمي ڏيئي، وڏڙن جي وطن کي واپس وٺڻ لاءِ دشمنن ڏانھن وڌي رهيو آهيان.
131
هر اک جي نھارَ هڪ جھڙي هوندي آهي پر هر ڪا عينڪ الڳ الڳ عڪس ٺاهيندي آهي.
تون مون کي عينڪ لڳائي ڏسندو رهيو آهين. اڄ عينڪ لاهي ڏس ۽ پوءِ ٻڌاءِ تہ مان تو کي ڪيئن ٿو لڳان؟
132
‘سچ’ جڏهن سوچيو هو تہ صبوح جو پھريون ڪرڻو بڻجي، مون تي روشنيءَ جي بارش ڪئي هئائين ۽ هاڻي جڏهن ڏمريو آهي تہ اوندھہ عطا ڪري ويو آهي.
133
سچ توڙي سج- ٻئي وڏا آهن.
سچ، روشني عطا ڪري، مون کي ماڻھوءَ ۽ ڌرتيءَ لاءِ گيت لکايا آهن.
سج ڌرتيءَ تي روشنيءَ جا بادل برسائي، هر جيوَ کي طرح طرح جي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي.
134
دل ٿي چاهي تہ اهڙا ۽ ايترا شعر لکان جو ڀٽائيءَ جي رسالي جيڏي ڏِکَ ڏين مگر ڊڄان ٿو تہ قيامت ۾ جڏهن وڏن شاعرن کي سڏ ٿيندو تہ پوءِ منھنجو حشر ڪھڙو ٿيندو!
135
منھنجا ڀاءُ!
مان سمجهي ويو آهيان تہ تون ٻن ڏينھن کان ماني نہ کاڌي آهي. پر پوءِ بہ مان هنن پئسن مان تو کي هڪ روپيو بہ ڪو نہ ڏيندس ڇو تہ هي پئسا، مون پنھنجن تخليقن کي ڀريءَ بازار ۾ وڪڻي، ڪٺا ڪيا آهن، جن مان رائفلون ۽ گوليون خريد ڪري، مان تنھنجن دشمنن (ڏڪارين) تي استعمال ڪندس.