ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

انبن جهليو ٻور

تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”هنن نثرن کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نہ نثري نظمون، ڇاڪاڻ تہ هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪرا آهن، جن ۾ نڪي آهن شعر وارا پد ۽ نہ وري موسيقي، ليءِ، ڪافيو يا رديف، اهڙن نثرن کي نثري نظمون چوڻ ايئن آهي جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿيءَ کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منھنجو مطلب آهي تہ هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي تہ اهڙا نثر فقط شاعر ئي لکي ٿو سگهي جنھن ۾ سونھن سان گڏ فڪر ۽ ڪارج بہ هجي. نثر جي مٿان شاعر جو نالو نہ بہ لکيل هجي، تہ بہ پڙهندڙ سمجهي وڃي تہ هي نثر بس ڪنھن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ شاعراڻو نثر عام نثر کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.“ 
  • 4.5/5.0
  • 642
  • 254
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book انبن جهليو ٻور

1 کان 15

1

تون مون کي ‘ڪارونجهر’ جي چوٽيءَ تان ڌِڪو ڏيئي، ڪڏهن بہ ختم نہ ڪري سگهندين، ڇو تہ هيٺيان، منھنجي ئي ڌرتي آهي، جيڪا مون کي پنھنجين ٻانھن تي جهٽي وٺندي.
تون جيڪڏهن مون کي اهڙيءَ طرح ختم ڪرڻ ٿو چاهين، تہ پوءِ آلپس يا جبرالٽر تي وٺي هل.

2
تنھنجا ڀيلا گهڙا سوين سھڻين کي ٻوڙڻ هوندي بہ اگهامي ويا. مان اڃا سوڌو پنھنجن پَڪن گهڙن تان، آويءَ واري خاڪ هٽائي نہ سگهيو آهيان. تون تڏهن تہ چوين پيو تہ مان توکان ڪيترو نہ پٺتي رهجي ويو آهيان!

3
مان توکي پنھنجي پتڻ تان ٽپڻ ڪو نہ ڏيندس، ڇو تہ سڀاڻي هتان ڄام تماچي اُڪرڻو آهي جيڪو مون کي ميارون ڏيندو. تو ئي تہ نوريءَ جي مائٽن کي ڪينجهر تان تڙايو هو.

4
هيءَ منھنجي ئي وڍيل ڄنگهہ اٿئي، جنھن جي هڏين کي تراشي، مان تير پيو ٺاهيان، جيڪي سڀاڻي مون کي ويريءَ جي وجود تي ڪتب آڻڻا آهن.
5
مان ڏات جو سورج اڀاري، اڳتي وڌيس. منھنجين مايوسين منھنجي ڏات جي سورج کي ڏيئو بڻائي، هر شام کي منھنجي منزل جو آخري پٿر مقرر ڪيو. پوءِ بہ مون ۾ ايترو حوصلو آهي، جو مان هِن ٽمڪندڙ ڏيئي کي هٿ ۾ کنيو، صبوح جا پيرا کڻي رهيو آهيان.
6
چون ٿا تہ سنڌوءَ مان هڪ هلڪي سُرخ رنگ جي لھَر اُٿندي آهي.
مائرن جي امرت ڀريل ڇاتين مان سفيد رنگ جا لڙڪ ڳڙندا آهن. ڌرتيءَ جي اڀريل ڇاتيءَ ۾ هڪ زوردار تير لڳندو آهي.
جڏهن ڪنھن ڪاري ڪيل سھا ڳڻ جي ڪوڻيءَ جھڙي نرم جسم تي ڪھاڙيون رقص ڪنديون آهن.

7
او ڌرتي! او منھنجي ماءُ!!
تون چوين ٿي تہ مان تنھنجي تعريف ڪرڻ ڇڏي ڏيان! تون گستاخي سمجهين يا بي ادبي. گونگو رهڻ منھنجي وس کان ٻاهر آهي، منھنجي جيجل!
تون جيستائين پنھنجو جلوو، پنھنجو جمال پسائيندي رهندينءَ، مان تيستائين تنھنجي تعريف ڪندو رهندس. سچ پچ، جڏهن بہ تنھنجو حسن ۽ جمال ڏسان ٿو، مون کان دانھن نڪري ٿي وڃي. مان بي خود ٿي ٿو وڃان. ان وقت منھنجي سوچ تي، منھنجي شعور تي، تنھنجو ئي قبضو هوندو آهي ۽ مان فقط تو ۾ ئي گم هوندو آهيان.
پر هان، منھنجي واتان پنھنجي تعريف ٻڌي، ڪڏهن ڪڏهن تون ڇو پڇندي آهين تہ ڇا برابر تون ايڏي خوبصورت آهين، جيڏي مان تنھنجي تعريف ڪندو آهيان؟
منھنجي ماءُ!
ڇا تون سچ کي سچ چوڻ نہ ٿي چاهين؟
ڇا واقعي تون پنھنجي سونھن، پنھنجي حسن کان بي خبر آهين؟
ماءُ! تون اهڙن احساسن جو ڇو ٿي شڪار ٿئين؟
مون کي چوڻ ڏي جيڪي مان چوڻ چاهيان.
هو ڏس!
هو ڳوٺاڻي شرميلي ڇوڪري چُنيءَ جو ڪانبو ٻڌي، ڦولاريل سرنھن جي کيت مان ساڳ ۽ ڳنر پئي پٽي.
هو ڏس!
هُن گڻنگ مان هوءَ ڌنارڻ مينھن جي پٺيءَ تي ويھي، نيلوفر گلن جي قطارن وچ ۾، ڪُمن ۽ پٻڻ سان جهول ڀريندي، ڪچي کان پڪي ڏانھن پئي وڃي.
هو ڏس!
هوءَ هارياڻيءَ جي ڌيءَ مٿي تي مانين جو ٿھو ۽ ڪڇ تي لسيءَ جو ڪينگر کنيو، بنا ڊپ جي نٽھڻ اس ۾ هر هلائيندڙ پنھنجي پيءُ ڏانھن پئي وڃي.
هو ڏس!
باک ڦٽي آ ۽ هُن سَرَ تي کير جھڙا اجرا هنج پيا لھن.
هو ڏس!
هُن کوھہ تي ٻہ ڳوٺاڻيون چيلھہ تي گهڙا کنيو پنھنجي پنھنجي واري جو انتظار ڪري رهيون آهن.
هو ڏس!
هوءَ ڪونجن جي قطار ڪُرلائيندي، واپس وطن وڃي رهي آهي ۽ هيٺان هوءَ اڪيلي ڇوڪري نرڙ تي هٿ رکيو ڪھڙي نہ خوبصورت انداز سان کين ڏسي رهي آهي!
هو ڏس!
هوءَ مالھڻ انب جي ٻوڪيل ٽارين کي سيرون ڏيئي مون کي گلاب ۽ رابيل جا هار پئي آڇي.
هو ڏس!
هوءَ ڀاڳن- ڀري منرو هٽائي، چاڏيءَ ۾ نھاري، چوي پئي تہ: جيڪڏهن روشنيءَ جھڙي ڪا حسين ڪائنات آهي تہ سندس کير واري ماٽي ئي ٿي سگهي ٿي.

8
جڏهن مران، تہ مون کي سنڌ جي ڪنھن بنجر زمين ۾ پوري ڇڏجو، ڇو تہ جنت جي پسار ڪرڻ بدران، مون کي ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ وري اوهان وٽ موٽي اچڻو آهي. ٻٻرن جي پلڙن جي روپ ۾، ٻيرين جي پيلن گُلن جي روپ ۾. پر ان کان وڌيڪ مان ٻاجهر ۽ ڪڻڪ جي تيلن جو روپ وٺي اڀرڻ ٿو گهران، جيئن مان ڪنھن نہ ڪنھن انسان جي پيٽ ڀرڻ جي ڪم اچي سگهان.

9
مون جڏهن آفريڪا جي هڪ ڏڪاريل ملڪ جي ڪارن ماڻھن جون هڪ اخبار ۾ ڇپيل، هڏاون پڃرن جھڙيون تصويرون ڏٺيون تہ مون کان وحشت ڀري رڙ نڪري وئي هئي. هٿن تي مٿو ٽيڪيندي، مون جهيڻي آواز ۾ چيو هو:
اي خالق! تو انسان جي ڪتب ايندڙ هر شيءِ لاءِ ماپا ۽ ماڻ مقرر ڪري، ڪنھن کي ڀري تہ ڪنھن کي ڀاڪر، ڪنھن کي ڪاسو تہ ڪنھن کي ٽويو تہ عطا ڪيو، پر ڪيڏو نہ سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن پيٽ جي کڏ ڀرڻ لاءِ اَن داڻن جي ورڇ هڪ جيتري ڪرين ها.

10
هڪ ڏينھن پاڻيءَ جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي، خدا فرمايو: ”اي پاڻي! تو هن وقت تائين منھنجن لکن ۽ ڪروڙن بندن جي پئي اڃ اجهائي آهي. جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر.“
پاڻيءَ جواب ڏنو:
”اي خدا! تو مون کي ماڪ ڦڙن جي صورت بخشي، گلن جي مکڙين تي جنم ڏئي، ايڏي تہ سونھن عطا ڪئي آهي، جو منھنجي پيو آهيان تہ ان کان وڌيڪ ٻيو مان تو کان ڇا گهران!“

11
او ڌرتي! او منھنجي جيجل!!
ڪو تو کي فٽ بال سمجهي، ٿڏي رهيو آهي تہ ڪو گدرو سمجهي، تو کي ڦارون ڦارون ڪري رهيو آهيو.
تڏهن تہ جڳ مشھور روسي حمزي رسول چيو هو:
”او ڌرتي! اچ تہ مان تو کي سيني سان لڳايان.“
لکين ڪروڙين سال گذري چڪا آهن، مان ڏسان پيو، منھنجي جيجان! تہ اڄ بہ تنھنجي ڪُک مان پيدا ٿيل انسان تنھنجي اُڀريل ڇاتيءَ ۾ سنگينون ٽنبي رهيو آهي.
۽ مان،
او منھنجي جيجل!
وحشت ۾ اچي، تنھنجن ڦٽن تي چولي جا پَھا رکي، مٿن هلڪڙيون چُميون ڏيئي، خشڪ چپڙن کي ريٽو ڪري، تنھنجي هر قاتل جو پيڇو ڪري رهيو آهيان.

12
ڏسو نہ ٿا تہ پاڻيءَ جي هر تلاءُ تي لڌڙن جو قبضو آهي! هڪڙا لڌڙا پُڇُ هنيو، اجرو پاڻي لُڙيو ڪيو ڇڏين تہ ٻيا وري مٽون ڀري، وڃيو ڇانوري ۾ هارين.
وقت جا بگل ۽ الارم هر هر وڄي، ايندڙ خطرن کان آگاھہ ڪري رهيا آهن پر هر ڪو پوتي تاڻيو، ستو پيو آهي.
اُٿو شڪارين جا پٽئو!!
ڪاهيو پنھنجا ڪتا، کڻو پنھنجا ڏڦا، تہ پوري سَر منجهان لڌڙن جي لوڌين کي هڪالي ڪڍجي، جيئن سج اڀرڻ کان پوءِ واريءَ مٿان لڌڙن جي پيرن ۽ ڍڍرين جا فقط نشان رهجي وڃن.

13
چيخوف جي رچنائن جي هماليا تي تخليقي عمل ۽ سماجي ڪارج جا هر وقت مون کي آبشار وهندا نظر ٿا اچن. سندس رچنائن جي اهڙي رچاءَ جو خاص سبب اهو ٿي سگهي ٿو، تہ چيخوف جا وڏا غربت ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿيل هئا. منھنجا وڏا تہ ڇا! پر ننڍا بہ غربت ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿيل آهن. پوءِ ڇو ڀلا منھنجون رچنائون هيل تائين نہ ڪنھن کير ٿر کي جنم ڏئي سگهيون آهن ۽ نہ وري ڪنھن آبشار کي!

14
تون ٿو چوين تہ مان نہ لکندو ڪيان؟
پنھنجي ذهن جي زرخيزيءَ جي تو کي ڪھڙي ڳالھہ ٻڌايان. قلم ۽ ڪاغذ تي نظر پوڻ سان ئي منھنجي ذهن تي عنوانن جا ميڙاڪا ٿا لڳي وڃن، ائين جيئن ڪنھن کيت ۾ ڦٽيون چونڊيندڙ ڳوٺاڻيون يا بسنتي رُت ۾ سنڌوءَ مٿان رنگ برنگي دريائي پکين جون قطارون. اکيون ٿو ٻوٽيان تہ ڊڪنسن املي پنھنجي باغ ۾ شاه بلوط جي وڻ کي ٽيڪ ڏيو، چارلس ورڊس ورٿ جي فڪر کان ڇوٽڪاري وٺڻ لاءِ هر وقت ڪا نہ ڪا نظم لکندي نظر ٿي اچي.

15
شاعري ڪندي، ڪھاڻين لکڻ جو تحفو مونکي ائين مليو آھي، جيئن يونان جي بادشاھہ *پيلياس جي سئوٽ *جئسن کي ڪارو سمنڊ جهاڳڻ کان پوءِ شاھہ بلوط جي وڻ ۾ ٽنگيل ”سونيون تارون“ ملڻ سان گڏ کيس اتان جي بادشاھہ جي گلن جھڙي نازڪ ۽ کير جھڙي اجري وڏور ڌيءُ *ميديا ملي وئي ھئي.

(*آمريڪس جي برک شاعرہ، جيڪا واڊس ورٿ تي اڪن ڇڪن ٿي پئي ھئي ۽ جڏھن کيس خبر پئي تہ واڊسوٿ اڳ ۾ ئي ٻن ٻارن جو پيءُ آھي ھو تہ سنديس لونءِ لونءِ لھسجي پئي ھئي ۽ ان کان پوءِ ھوءَ پنھنجن ھٿن سان لڳايل باغ ۾ وڃي دل وندرائيندي ھئي.)
(*يوناني ڏند ڪٿائن تي ٻڌل ادبي ڪھاڻيءَ جا ڪردار)