ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

انبن جهليو ٻور

تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”هنن نثرن کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نہ نثري نظمون، ڇاڪاڻ تہ هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪرا آهن، جن ۾ نڪي آهن شعر وارا پد ۽ نہ وري موسيقي، ليءِ، ڪافيو يا رديف، اهڙن نثرن کي نثري نظمون چوڻ ايئن آهي جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿيءَ کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منھنجو مطلب آهي تہ هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي تہ اهڙا نثر فقط شاعر ئي لکي ٿو سگهي جنھن ۾ سونھن سان گڏ فڪر ۽ ڪارج بہ هجي. نثر جي مٿان شاعر جو نالو نہ بہ لکيل هجي، تہ بہ پڙهندڙ سمجهي وڃي تہ هي نثر بس ڪنھن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ شاعراڻو نثر عام نثر کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.“ 
  • 4.5/5.0
  • 642
  • 254
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book انبن جهليو ٻور

61 کان 75

61

مومل! مان تنھنجي تڪليف سھي نہ سگهيس. هو ڏس! چندن جي وڻن جو سڄو سارو باغ لڳايو اٿم. جنھن لاءِ مون کي ڏڍا ڪشالا ڪڍڻا پيا آهن. مِٽي بہ مون کي پري پري کان آڻڻي پئي آهي. اڳتي راڻو جڏهن بہ تنھنجو مھمان ٿئي تہ اُٺ جو چارو مون کان پئي وٺجان. چندن جون خوشبودار ٽاريون تو کي پھچائي بہ مان پيو ڏيندس. تون رڳو ايترو ڪجان، جو راڻي جي اچڻ جو اطلاع تون پاڻ پنھنجي سر پئي ڏجانءِ.

62

گج تي ڪاوا، نڪ ۾ لونگ، نرڙ تي ڏينڀوڙي ۽ وارن ۾ رابيل جا گل- منھنجي نظر جو معراج آهن.

63

مان تنھنجي آڏو هي سڀ هٿيار ڦٽا ڪندس، جيڪڏهن تون مون وانگر منھنجي ٻوليءَ جو ڪو هڪڙو جملو بہ اچاري ڏيکارين. مان هٿيار کڻي تنھنجو پيڇو ڪندس، جيڪڏهن تو ٻيھر ڪينجهر کي ڪلري ڪوٺيو آهي.

64

تو ۾ ۽ مون ۾ فرق؟
تون پاڻ لاءِ سوچيندو آهين ۽ مان ٻين لاءِ، جنھن ۾ تون پاڻ بہ اچي وڃين ٿو.

65

هڪ درويش جنت جون خوبيون بيان ڪندي فرمايو تہ: جنت ۾ حسين عورتن ۽ ڳڀرو ڇوڪرن سان گڏ ماکيءَ ۽ کير جا واھہ ۽ شاخون بہ هونديون. هر قسم جا ميوا بہ هوندا. بس، ڪنھن بہ ميوي جي خواهش ڪبي تہ پاڻمرادو ڇڻي اچي وات ۾ پوندو.......
سندس تقرير روڪيندي، مون کائونس پڇيو تہ: درويشڙا! ٻڌاءِ تہ ڪارونجهر جي ڪور تان مور اڏامندا نظر ايندا؟ سرنھن جي ڦولارن مان ڪا ڳوٺاڻي نينگري ڳنر پٽڻ ايندي؟ ٿر جي ڪنھن ڏهر ۾ ڪا ڀوري ٽپڪيون ڏيئي ڏيلھا ٽڪيندي؟ ڪنھن ڍنڍ جي ڪپرن تي ڪنول رقص ڪندا؟ ڪجلي رت جي ڪڪرن وسڻ کان اڳ ڪا منڊي ڪڪري، هوا جي ڪلھن تي سوار ٿي، ٿر ڏانھن ڊوڙندي نظر ايندي؟ ڪا ڪونج چھنب ۾ جوءُ ڪري، ڪچي مٿان ڪرلائيندي؟
چيائين: ڪھڙو ڪفر پيو بڪين؟
مون کيس ٻڌايو تہ مون اڳ ۾ ئي وصيت ڪري ڇڏي آهي. تہ مرڻ پڄاڻان منھنجي لاش کي ڪن ٻن ڀٽن وچ ۾ ڦٽو ڪري مٿان واريءَ جو هلڪڙو تھہ ورائي ڇڏجو.

66

تو ۾ ۽ مون ۾ فرق؟
تنھنجي اک مايا جي موھہ لاءِ توکان راتاها هڻائيندي آهي. منھنجي اک اڃايل چپ ۽ بکايل پيٽ پئي جاچيندي آهي.

67

اَن- اُپائيندڙ بھشت ۾ ويندا تہ واھہ، نہ تہ مان بہ ڪو نہ ويندوسانءِ.

68

اُٿي تہ قرض چڪائي اچون.
سيٺ جو؟
نہ، مٽيءَ جو.

69
مان شعر ٿو پڙهان تہ وڻ بہ لامون جهڪائي داد ٿا ڏين.
تنھنجو منھنجو ديس بہ ساڳو تہ ويس بہ ساڳو آ- پر پوءِ بہ تون گونگو ٿو رهين! ٻڌاءِ تہ تون منھنجي ٻولي ڪڏهن سِکندين؟

70

ياد اٿئي؟
تو پاڻ بہ فرمايو هو تہ ٻين جي تخليق مان موضوع چورائي شعر لکڻ ائين آهي، جيئن ڦٽي ڪيل هڏيون ۽ چوپا وري چوسجن. تون پوءِ بہ پنھنجين من- گهڙت تخليقن تي فخر پيو ڪرين!

71

هو ڏس! هنن ٽڙيل گلن جي ٽارين کي سيرون ڏيئي، هوءِ مالھڻ مون کي گل پئي آڇي.
هو ڏس! هوءَ منڊي ڪڪري ٿر وارن کي پلر پيارڻ لاءِ ٿر ڏانھن ڊوڙندي پئي وڃي.
هو ڏس! ڪانھہ جي تازي نسريل ڊڍي تي ڪڻڇي لات پئي لنوين.
هو ڏس! هن پورهيت جي پيشانيءَ تي پگهر- ڦڙا مُنڊيءَ جون ٽِڪون پيا لڳن.
تون پوءِ بہ مون کان پڇين ٿو تہ منھنجي من ۾ هيءُ سارنگ جھڙا گيت ڪيئن سرجيندا آهن!

72

مان هن ڍنڍ تي لھندڙ پکين جو قسم کڻي ٿو چوان تہ هي منھنجا پڪا گهڙا تنھنجي ڪنھن بہ سھڻيءَ کي نہ ٻوڙيندا. هاڻي تہ تون منھنجي درياءَ تي دانھن نہ ٿيندين نہ؟

73

ڪيتريون سھاڳڻيون ۽ سندن ور رلائي ماريا اٿئي! مون کي ڪھڙي خبر نہ تون اڃان سوڌو ساڳيءَ جاءِ تي ٽِڪ ٻڌيو بيٺو آهين.
گول مانيءَ جھڙي ڪيڪ تي ڇريءَ کي رقص ڪرائڻ ۽ ٻرندڙ ميڻ بتين کي وسائي ڇڏڻ، مان ڪيئن برداشت ڪيان! اچ تہ تو کي سالگرھہ جي رسم کان واقف ڪيان.
اهي گل ٿيل ميڻ بتيون وري ٻار ۽ ان وڍيل ڪيڪ جي ٻنھي اڌن کي پاڻ ۾ ملائي جوڙي ڇڏ.
هاڻي تاڙي وڄاءِ.

74

تو ٿوري وقت ۾ گهڻن کان سُٺو لکيو آهي. تو پاڻ ائين ڪڏهن بہ نہ چيو هوندو. اهو تو تي ڪنھن الزام لڳايو آهي. اڙي! هان، تون تہ ائين چئي بہ نہ ٿو سگهين، ڇاڪاڻ تہ تو ادب جي چَڪَ تان جيڪي بہ گهڙا لاٿا آهن، تن مان ڪنھن هڪ گهڙي ۾ بہ تو چيڪي مٽي ڪتب نہ آندي آهي ۽ نہ وري ڪو ڪنھن ڪاريگر وارو ڪمائتو چِٽُ چِٽيو اٿئي.

75
تون پاڻ ٿو چوين تہ ڏات تو کان رسي وئي آهي.
اي دوست! تو کي اها خبر آهي تہ مون وٽ جيڪي بہ ڏات ڪڻا آهن انھن مان ڪجهہ مون ملھہ خريديا آهن ۽ ڪجهہ دوستن کان اڌارا ورتل آهن. پوءِ بہ تون پنھنجين لکڻين کي منھنجي نانءِ ڪري، پنھنجي ڏات کي اڃان بہ وڌيڪ رسائڻ ٿو چاهين!