136 کان 160
مان ٽوڪيو (جپان) ۾ هڪ دڪان تان قميص خريد ڪري رهيو هئس. وڪرو ڪندڙ ڇوڪري، منھنجي ڏٺل وائٺل ۽ جپان جي هڪ ڪامريڊ شاعرہ هئي. مون کيس چيو هو تہ ”منھنجو هڪ دوست هيءَ ساڳي قميص، تنھنجي جپان جي، ناگا ساڪي شھر مان هڪ سؤ ‘ين’ (جپاني سڪو) گهٽ ۾ وٺي ويو هو. ٽوڪيو ۽ ناگاساڪي منھنجي ڳوٺ کان هڪ جيتري مفاصلي تي آهي. مان بہ شاعر آهيان ۽ تون بہ شاعرہ. ڏس! تہ تنھنجو ۽ منھنجو ڪيڏو نہ خوبصورت رشتو آهي! ۽ پوءِ بہ تون مون کان وڌيڪ پئسا وٺي رهي آهين!!“
مرڪندي چيو هئائين:
”شاعر صاحب! هن قميص ۾ تنھنجي سنڌ جي ڪپھہ ڪتب آيل اٿئي.“
مون اکيون بند ڪري، پئسا ڏيئي، قميص وٺي، پنھنجي بريف ڪيس ۾ وجهي ڇڏي هئي.
137
منھنجا دوست!
ڀٽائيءَ جي جُتيءَ ۾ پير پائڻ ڪا بري ڳالھہ ناهي. پر، ڀٽائي سڏائڻ بري
ڳالھہ آهي. جيڪڏهن تون ائين ڪندو رهندين تہ پوءِ تنھنجي ڏات جي عقاب کان پنھنجي اصلي اُڏام وسري ويندي. ائين جيئن مور جي ٽور ٽلندي، ڪانوَ کان پنھنجي چال ويئي هئي.
138
مان ڪنھن ضرورتمند جي سڏ جو جواب آهيان ۽ ڪنھن بکايل لاءِ ٻاجهريءَ جي مکيل ماني.
هاڻي، هاڻي تو مون تي ۽ منھنجي فن تي ڳالھائيندي چيو پئي: ”خبر ٿئي؟ مِٽيءَ ۾ ملڻ کان پوءِ بہ تون اسان وٽ وري وري پيو ايندين. گلن جي خوشبوءِ ۾ ۽ ٿر مٿان پلر جي پالوٽ ۾.“
139
اڄ وري مون کي منھنجي ‘ڏات’ ڏائڻ کان وڌيڪ بڇڙي پئي لڳي.
شايد وري ڪو عمر ڪنھن مارئيءَ کي زوريءَ کوھہ تان پيو کڻي.
140
اڄ هر شعر منھنجي شعور مان ‘ڪراڙ’ جو ڪنول بڻجي ٿو. اُسري، شايد، وري ڪو عمر ڪنھن مارئيءَ کي آزاد پيو ڪري.
141
مان ڄاڻان ٿو تہ ان ڪپھہ مان، ڦٽن چيٺڻ لاءِ پھا ٺاهي تون محاذ تي کڻي ويندين.
منھنجا دوست! تو ڪيڏو نہ وقت پئي وڃايو آهي! ان کان بھتر آهي تہ تون هيءَ بندوق کڻي، مون سان محاذ تي هليو هل.
142
جانڻ، خانڻ کان پڇيو:
”خانڻ! ڇا پيو ڪرين؟“
”سمنڊ ۾ سُئي ڪري پئي آهي، ان کي ڳولھيان پيو.“
جانڻ عجب وچان، خانڻ کي گهوري ڏسڻ لڳو.
خانڻ جواب ڏنو:
”تو بہ تہ پنھنجي ڄمار جون چاليھارو کن بھارون پاڻي ولوڙيندي گذاري ڇڏيون آهن ۽ مان ڏسان پيو تہ اڃان بہ تنھنجي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو طوق لٽڪي رهيو آهي.“
143
ڌرتيءَ جي گولي کي فطرت اوندھہ جي ڪاريءَ چادر ۾ صبح کان سانجهيءَ تائين قيد ڪري ڇڏيو هو. ڌرتيءَ شبنمي ماڪ وهائي، هر وڻ کي، هر ٻوٽي کي وهنجاري ڇڏيو هو.
هو ڏس، هن ڇپر مٿان ڌرتيءَ جا لڙڪ.
جڏهن اوندھہ جي ڪاري چادر جي ڳنڍ ڇوڙي، فطرت، ڌرتيءَ کي آزاد ڪيو آهي تہ ڌرتيءَ جي سونھن ڀريو سندر پڻو ٻھڪي پيو آهي. ڏسين نہ ٿو تہ ڪيئن نہ هنن جبلن جي سيرن مان سورج ليئو پائي، ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا کي ڏسي رهيو آهي.
144
مڃان ٿو تہ تو وٽ بہ ضمير آهي. پر، اُهو ضمير، ضمير متڪلم آهي، جنھن جو مطلب آهي ”مان“.
ائين کڻي چئجي تہ تو وٽ ”مان“ جو مڙئي گهڻو وهنوار آهي.
ضمير مون وٽ بہ آهي، جنھن جا پار- پتا تون پنھنجن ئي پارکن کان بہ پڇي سگهين ٿو. جيڪي تون جيئرو آهين تہ بہ تو کي ‘مئل’ ٿا چون ۽ مان جڏهن مري ويندس تہ پوءِ بہ هو مون کي جيئرو چوندا.
145
ڪو تہ ڪم ڪر.
منھنجن ڦٽن تي هي ڪپھہ جا پھا ويھي رک، يا گهڙيءَ کان پوءِ او.... هن مورچي ۾ هلي، منھنجيءَ هن بندوق ۾ مون کي گوليون وجهندو ڏيندو وڃجانءِ. ڏسين نٿو تہ دشمن منھنجن ٻنھي هٿن جي آڱرين جا ڏوڏا ڀڃي، مون کي لکڻ کان بيڪار ڪري ڇڏيو آهي! هاڻي مون واعدو ڪيو آهي تہ مان دشمنن سان قلم وسيلي نہ پر پنھنجي جلاوطن پوڙهي پيءُ جي هِن بندوق سان وڙهندو رهندس.
146
آمريڪي شاعر والٽ وٽمن ليوز آف گراس (گاھہ جا پن) ۾ نئون فڪر ڏيئي، ککر ۾ کڙو اڇلايو هو. هو ‘ڏوهاري راڪاس’ سڏجڻ لڳو هو. جتان ڪٿان مطالبا ڪيا ويا هئا تہ سندس اگهاڙي پٺيءَ تي بيٽ جا چھبڪ وهايا وڃن.
تنگ ٿي وٽمن کي چئڻو پيو هو تہ هن دوزخ گهريو ۽ کيس دوزخ مليو. پر، پوءِ بہ هو لکندو رهيو هو. ايستائين جو آخر هن لکي ورتو هو:
”هر ڪا شيءِ ماڻھن مان پيدا ٿئي ٿي. ميرن ۽ گدلن ماڻھن مان، ماڻھن مان- ماڻھن مان- فقط ماڻھن مان.”
اي دوست! ڇا ٿي پيو جيڪڏهن تنھنجين لکڻين کان نفرت ڪئي ٿي وڃي. مون کي خبر آهي تہ تنھنجيون لکڻيون ڦٽ پاٿ تي اُس ۾ سڙي، سڙي ڦِٽي چڪيون آهن. اونداهين ڪوٺين ۾ کين اُڏوهي ۽ تِڏون کائي رهيون آهن.
منھنجا دوست! تون پوءِ بہ لکندو رھہ. سقراط وانگي سچ جو ڳولھائو ٿيءُ. وٽمن وانگي نقادن ۽ پارکن جي عقابي چنبن هيٺ اچڻ جي پاڻ ۾ سگهہ ۽ همت پيدا ڪر، تہ پوءِ ئي تو کي ميري ۽ گدلي ماڻھوءَ جو فلسفو سمجهڻ ۾ اچي ويندو. نہ رڳو ايترو پر پوءِ تنھنجون تخليقون والٽ وٽمن جي تخليق وانگي دلين جي گَھرائيءَ تائين بہ لھي وينديون.
147
مان زندگيءَ جي انيڪ تجربن مان نڪري، هڪ ڊگهو سفر ڪري، اچي هن شھر ڀيڙو ٿيو آهيان.
هي شھر!
جتي انسان جو ڪردار، ڪنھن بگهڙ جي ڪردار کان گهٽ ناهي.
منھنجي ڏات جي پنڇيءَ جا مور جھڙا ‘پر’ تہ ڏسو! منھنجي ڏات جي پنڇيءَ جي عقابي ‘نھار’ تہ ڏسو!!
هِن شھر ڏي بہ نظر ڪيو، هن شھر مون کي ڇا نہ ڏنو آهي!! اڙي پيٽ! مون کي اجازت ڏي، تہ مان هاڻي جو هاڻي پنھنجي ننڍڙي ڳوٺ وڃي، نٽھڻ اس ۾ پگهر ڳاڙيندڙ انسانن مٿان ڏات وارا پَرَ ڦھلايان، ائين جيئن ڪو اجرو بادل، ٿر جي اڌ- ساون ڪونپٽن ۽ ڪرڙن تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ اوچتو رڪجي وڃي.
148
مان ڪلالڪي دڙي تي بيھي، سنڌوءَ ڏانھن نھاري رهيو هيس.
اوچتو منھنجو هڪ دوست اچي ويو. مون کائونس پڇيو:
”تون اچڻو نہ وڃڻو، تو هتي اچڻ جي زحمت ڪيئن ڪئي آهي؟ تون تہ ھھڙن ڀڙڀانگ دڙن کان نفرت ڪندو آهين.“
وراڻيائين:
”دوست! مان ڀُليل هئس. پنھنجن گناهن کي گهٽائڻ لاءِ، هِن دڙي مان ڇائي پائڻ آيو آهيان.“
مون کيس چيو:
”مان تو کي موهن جي دڙي مان ڇائي پائڻ ڪو نہ ڏيندس. هن مِٽيءَ کي وڏو مانُ آهي. هيءَ مِٽي ٻين مِٽين کان بلڪل نياري مِٽي آهي.
تون جيڪڏهن ڪنھن دڙي مان ڇائي پائي، ڇنڊڪو ڏيئي، گناھہ گهٽائڻ گهرين ٿو تہ پوءِ تون رحمڪي بازار جي ڀٽن ڏانھن نڪري وڃ.“
149
تون منھنجون هي تخليقون نہ پڙھہ تہ سُٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ هِنن ۾ فقط منھنجي ئي ”نمائش“ ٿيل آهي. هِنن تي مونکي ماچيس جي تيلي وڃائڻ بہ مھانگي ٿي لڳي. مان اِنھن تخليقن کي کڻي ٿو هِن کوھہ ۾ ڦٽو ڪريان.
مون عزم ڪيو آهي تہ هن کان پوءِ منھنجي هر لکڻيءَ ۾ فقط تنھنجا ئي عڪس چِٽيل هوندا، جيڪي ڇپرائي، مان توکي ئي پيش ڪندس.
150
مارئي هر دؤر ۾ پيدا ٿيندي آهي. پوءِ اُها سنڌ جي ڪنھن ننڍڙي ڳوٺ ملير ۾ جنم وٺي يا لبنان جي ڪنھن بستيءَ ۾. ٿريلياڻي مارئي عمر کي وصيت ڪئي هئي:
”پويون ٿئي پساھہ – تہ نجان مڙھہ ملير ڏي.“
اسان جي مانواري مائي اينيمري شمل وصيت ڪئي آهي تہ جڏهن هوءَ مري وڃي تہ کيس سنڌ – ساڻيھہ جي مڪلي قبرستان ۾ پوريو وڃي.
مانواري مائي شمل جو اهو فيصلو اسان سنڌ واسين کي اڃان تائين سمجهہ ۾ نہ اچي سگهيو آهي.
151
چون ٿا تہ گارشيا مارڪئيز کي جڏهن کان ادب جو عالمي”سونو ٻلو“ مليو آهي ، تڏهن کان هُن لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڀريءَ بازار ۾ ڪنھن چيو ٿي تہ ڪالھہ بہ گارشيا چرين وانگر رڙيون ڪري، مُنھن – مٿو پٽي، چئي رهيو هيو:
”مون ڪھڙو ڪبيرو گناھہ ڪيو هو جو پيلي رنگ جو ”ٻلو“ ڏيئي، مون کان منھنجي ڏات ڦُري ويئي آهي.“
152
مان چاهيندو آهيان تہ منھنجو هر دوست، مون واري لھجي ۾ ڳالھائي.
نٿو سمجهين.
منھنجو اهو مطلب هرگز ناهي تہ ڪو منھنجي هر دوست وٽ، مون واري زبان ۽ مون وارو ذهن هئڻ کپي.
تون اڃان بہ نہ ٿو سمجهين.
مان توتي پنھنجي فيصلي مڙهڻ جي بلڪل ڪوشش نٿو ڪيان.
مان تہ توسان پيار، پنھنجائپ، سونھن ۽ سندرتا جو دل کولي پيو اظھار ڪيان.
153
تون شراب کي شباب ٿو چوين: مان شباب کي شراب چوندو آهيان.
154
تون بندوق کڻي، منھنجو پيڇو نہ ڪر، هاڻي جو هاڻي اها بندوق وڃي بارودخاني ۾ جمع ڪراءِ.
تون سمجهين ٿو تہ بندوق کان ڊڄي، مان گناھہ ڪرڻ ڇڏي ڏيندس!
ٻُڌي ڇڏ تہ مان ماڻھو آهيان، مان ڪو بہ گناھہ نہ ڪندو آهيان. هان اِها ڳالھہ ٻي آهي تہ، تنھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي، ٿي سگهي ٿو تہ مان ڪو وڏو گناھہ ڪري وجهان!
155
مون ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ:
”نانگ نہ ويندين نڪري- تو ڏر مٿي پير.“ پڙهي، پنھنجي مھانگي ڳاٽ کي جهڪايو هو.
اي دوست! ذات جو ٽوپلو پائي، تون مون کي اِن هٿيار سان نہ مار. تون جيڪڏهن مون کي ڪا وڏي شڪست ڏيڻ ٿو چاهين تہ پوءِ ڪا اهڙي سِٽ سُڻاءِ، جيئن مان هڪ دفعو وري پنھنجو مھانگو ڳاٽ جهڪائي ڇڏيان.
156
مون جيڪو ڪالھہ لکيو هئو، اڄ بہ اهو ئي پيو لکان، فرق رڳو وقت ۽ وايو منڊل جو آهي. ڪالھہ منھنجيءَ ڏات ٻہ ٻُڪ پاڻيءَ جا واهيءَ مان پيتا هئا ۽ اڄ مان هِن جام مان، کيس مڌ جون سرڪيون پياري رهيو آهيان.
ڏس تہ! ڀٽائيءَ کي اک بند ڪَئي ڪيڏا سال گذريا آهن ۽ پوءِ بہ سندس هر سِٽ اڄ واري وقت ۽ وايو منڊل لاءِ لکيل ئي لڳي.
157
اي دوست! مڌ چکڻ سان ئي تون ذات جو خول پائي، اچي ٿو منھنجي سامھون بيھين! مان مڌ چکان، پر پوءِ بہ هر ڳالھہ تنھنجي پيو ڪيان.
مون کي تو تي فخر آهي جو ڍِيڪن ڏيڻ ۾ تو مھارت حاصل ڪري ورتي آهي. هاڻي تون تہ اِهي ڍِيڪ ڏيڻ ڇڏي ڏئين، پر ڍِيڪ تو کي نہ ڇڏيندا. ائين جيئن ‘جن’ تہ ڇڏيو هو ‘جنيءَ’ کي پر جنيءَ نہ ڇڏيو هو جِن کي.
158
”ڏاڍو ڪو ڌرتيءَ جي معاملن ۾ هٺيلو ۽ ارڏو آهين!“
”ارڏو مان بہ آهيان، پر مون کان وڌيڪ ارڏو ۽ هٺيلو استاد بخاري اٿئي، جنھن کي سنڌوءَ جي وڏي ڌيءَ منڇر جنم ڏيئي، دودو نالو رکي، دادوءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي.“
159
”وڏو ڪير، دودو يا دادو؟“
”مون کي ڪا بہ خبر ڪانھي، مون کي رڳو و ۽ الف واري فرق جي خبر آهي.“ منھنجي پاڙي ۾ رهندڙ، هڪ پاڙيسريءَ جواب ڏنو: مون ساڳيو سوال ڇپر تي گڏ ويٺل هڪ ٻئي دوست کان پڇيو:
وراڻيائين:
”ادا، مان هِن پنھنجي ٻُڪ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي پيئندو رهيو آهيان، ان ڪري تنھنجي اندر جي ڳالھہ تو سان مان ئي چڱيءَ طرح ڪري سگهندس.
وڏو دودو نہ پر دادو آهي، ڇو تہ دادو، دودي جو جمع ٿي ويو آهي. منھنجو مطلب آهي تہ دادو، دودن جو پيءُ آهي، جنھن هزارن دودون کي جنم ڏنو آهي، ائين جيئن ٿر جي ڏهر ۾ ڪنھن ڪرڙ تي ڏنئرا جنم وٺندا آهن.“
160
“هاڻي ٻڌاءِ تہ تو وارن هٺيلن ڪردارن وارو ‘سچ’ ڪيڏانھن ويو؟ هو ڏس! هُن چؤسول واري ٽياس تي هو لاش لَٽڪي رهيو آهي! ۽ هيسيل ماڻھو پنھنجن ڪلھن تي نا اميديءَ جا صليب کنيو، واپس گهرن ڏانھن موٽي رهيا آهن.“
---
”ٻُڌي ڇڏ تہ، جڏهن خدا جي مخلوق چرين وانگر گهٽين ۾ نڪري ايندي آهي.
جڏهن ماڻھوءَ جي پوترتا کي پيرن ۾ لتاڙيو ويندو آهي.
جڏهن ‘سچ’ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويندو آهي.
تڏهن وقت جي بادشاھہ تي دؤرا پوڻ شروع ٿيندا آهن.
کيس ننڊ ۾ ‘اوٿارا’ اچڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ هو ڇرڪ ڀري، رڙيون ڪري، وٺي ڀڄندو آهي.“
---