ناول

فاتح مُرڪ

ھي ڪتاب جاويد سومري جو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي، ھن ناول ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ سنڌين پاران شروع ڪيل ان تحريڪ جي ڪھاڻي آھي جنھن ضياء مارشلا کي لوڏي وڏو ھيو. جاويد سومرو لکي ٿو:
”مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.
Title Cover of book فاتح مُرڪ

پنهنجي پاران

سن 1979ع جو اهو هڪ گرم ڏينهن هيو، جڏهن منهنجي پرائمري اسڪول ۾ اوچتو اسان سمورن شاگردن کي استادن اچي ٻڌايو ته اسڪول کي موڪل ٿي وئي آهي ۽ توهان گهر هليا وڃو. استادن اسان کي اسڪول جي اوچتي موڪل جو سبب نه ٻڌايو پر چوٻول هو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي آهي ۽ وڳوڙ جي خطري سبب اسڪول کي موڪل ڏني پئي وڃي.
منهنجو ٻاراڻو ذهن معاملي کي چڱيءَ ريت سمجهي ته نه پئي سگهيو پر اندر ۾ خوف جو احساس ٿيڻ لڳو هو. مان تڪڙ تڪڙ ۾ ڪتاب، سليٽ سنڀالي گهر روانو ٿيو هوس. رستا، روڊ ۽ گهر ڏانهن ويندڙ گهٽيون ويران هيون. منهنجي گهر جي ويجهو ڇولا ۽ ڪچالو کپائيندڙ چاچو به غائب هو. ان جي پاسي ۾ اردو ڳالهائيندڙ مولوي صاحب جو جيڪو هٽ هيو سو به بند هيو. “خدا خير ڪري.”مون دل ۾ دعا گهري.
جڏهن مان گهر پڳس ته گهر ۾ عورتون سڏڪا ڀري روئي رهيون هيون، جڏهن ته سمورن ڀاتين جي چهرن تي ڏک واضع هيو. مون ڊڄندي ڊڄندي امان کان پڇيو، “امان سڀ ڇو ٿا روئن، ڇا ٿيو آ.“
“پٽ ڪاڻي دجال ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏئي ڇڏي آ.” منهنجي امان وراڻيو ۽ وري سڏڪا ڀرڻ لڳي.
ان واقعي ۽ پوءِ جي صورتحال منهنجي ذهن تي تمام گهرا اثر ڇڏيا ۽ منهنجي سياسي توڙي علمي ۽ ادبي سمجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان ڏينهن کان پوءِ وارا ڪيئي سال سنڌ توڙي پاڪستان جي جمهوري عوام لاءِ ڏاڍا ڏکيا هئا. جنرل ضياءَ ۽ سندس حڪومت جمهوري ڪارڪنن مٿان سخت مصيبتون نازل ڪيون. جمهوري سياسي اڳواڻ يا ته جيلن ۾ صعوبتون برداشت ڪري رهيا هئا يا جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا. جمهوريت، انصاف، قانون يا سماجي انصاف جي ڳالهه ڪندڙ دانشور، اديب، صحافي، وڪيل، شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو ڳولهي ڳولهي قيد پئي ڪيا ويا ۽ اخبارن مٿان سخت سينسر جون پابنديون هيون.
سرڪار جي ظلمن جي سنڌ سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيل هئي ۽ فوجي حڪمران کانئس جمهوريت پسند هئڻ ۽ ڀٽي صاحب جي محبت جو بدلو وٺي رهيا هئا. ملڪ جي سموري جمهوري ۽ قومپرست سياسي قيادت جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، ولي خان، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي، فاضل راهو، امام علي نازش، سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا لاتعداد اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا، يا ته نظربند هئا يا وري جيلن ۾ قيد.
ان دوران افغانستان ۾ سوويت يونين جي مدد ۽ حمايت سان قائم حڪومت خلاف پاڪستان جي وسيلي آمريڪا جي لڙائي جاري رهي. آمريڪا پنهنجي نام نهاد قومي مفادن سبب نه صرف جنرل ضياءَ جي ظلمن ۽ غيرجمهوري عملن کي نظرانداز ڪندو رهيو پر کيس اڃا وڌيڪ مضبوط ڪندو رهيو.
ضياءَ جي طاقت ۽ تڪبر کي جيڪڏهن ڪنهن ان وقت لوڏي ڇڏيو هوته اهي هئا سنڌ جا قومي ۽ جمهوري ڪارڪن، سنڌ جا وڪيل، اديب، دانشور، صحافي، هاري، مزدور ۽ شاگرد. سندن 1983ع جي موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (ايم آر ڊي) يا جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ اها شاندار ۽ عظيم تحريڪ هئي، جنهن سنڌي قوم بابت سمورن مدي خارج راين ۽ روين کي پرزا پرزا ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. سنڌي عوام اهو ثابت ڪيو هو ته جيڪڏهن کين مخلص، بهادر ۽ سمجهو اڳواڻ ملي ته هو ظالم ۽ ڦورو طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿا. سنڌين 83ع جي جمهوري تحريڪ کان اول ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين اهڙي جدوجهد نه ڪئي هئي ۽ ان تحريڪ کان پوءِ وري هن وقت تائين به اهڙي تحريڪ سنڌ ۾ نظر نه آئي آهي.
منهنجي گهڻي وقت کان خواهش ۽ جستجو هئي ته هن تحريڪ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه لکان ۽ ان جستجو جي نتيجي ۾ ايم آر ڊي جي پس منظر ۾ هن ناول لکڻ جي شروعات ته مون ڪئي سال پهرين ڪئي هئي پر صحافت جي نوڪريءَ سان گڏ لکڻ جو ڪم ڪافي ڏکيو پئي ثابت ٿيو. پر آءٌ لکندو رهيس ۽ خواهش هئي ته جيڪا شروعات ڪئي آهي ان جي چڱي پڄاڻي ٿئي.
ناول جي آخري بابن جو وڏو حصو آمريڪي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ۾ ان وقت پورو ٿيو، جڏهن سن 2009ع جي ڊسمبر مهيني ۾ اتي شديد برفباري ٿي ۽ آءٌ پورو هڪ هفتو گهر ۾ ڄڻ نظربند ٿي ويو هوس. اتفاق سان منهنجي زندگيءَ جي ساٿي نازيه ۽ منهنجو پٽ روحل تن ڏينهن ۾ سنڌ ويل هئا، سو مون حالتن جو فائدو وٺندي ناول کي ذري گهٽ مڪمل ڪري ڇڏيو. باقي ٻه باب وڃي مون ڪراچيءَ ۾ لکيا، جن لاءِ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ سائين نوراحمد ميمڻ صاحب جي صلاحن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان.
سائين نوراحمد ميمڻ صاحب سان ٻه سال اڳ جڏهن مون اوچتو ذڪر ڪيو ته مون ايم آر ڊي جي پس منظر ۾ ناول لکيو آهي ته هنن مون تي پورو اعتماد ڪيو ۽ اتي جو اتي چيائون ته هو اهو ڇاپڻ لاءِ تيار آهن.سندن اعتماد ۽ علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ سندن جاکوڙ سبب آءٌ کين نهايت قدر جي نظر سان ڏسان ٿو.
مان پنهنجي زندگيءَ جي همسفر ڊاڪٽر نازيه جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي لکڻ لاءِ سدائين همٿايو آهي ۽ ڪوشش ڪري اهڙيون حالتون پيدا ڪيون آهن جون لکي سگهان.
آخر ۾ مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.
هي ناول سنڌين جي هڪ عظيم جدوجهد کي ادبي رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي. اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو. توهان جي راءِ ٻڌڻ لاءِ منهنجو ذهن ۽ دل هميشه کليل رهندا.

[b]جاويد سومرو
[/b]لنڊن
8 فيبروري 2011ع