2
روڊ تان چرڙاٽ ڪري مٽي اڏائيندي ۽ دونهون ڇڏيندي جڏهن هڪ رڪشا گذري ته حسين جي خيالن جو سلسلو ٽٽو.
حُسين کي هوٽل تي ويٺي ويهه منٽ کن گذري ويا هئا ۽ ان دوران هو هڪ ڪوپ چانهه جو پي چڪو هو. کيس هوٽل تي ويٺي ويٺي اهو خيال تنگ ڪري رهيو هو ته جي ساٿين کيس گرفتاري لاءِ چيو ته هو گهر ڇا ٻڌائيندو. کيس اندازو هو ته سندس ماءُ کي شديد صدمو رسندو ۽ ڏاڍي تڪليف ٿيندس پر ساڳي وقت هو ان ڳالهه جي به اهميت سمجهي سگهيو ٿي ته تحريڪن ۾ تڪليفون اينديون آهن. آزاديءَ خاطر ماڻهو جانيون به قربان ڪندا آهن . کيس انهن سڀني ماڻهن جي قربانين جا واقعا ياد اچڻ لڳا جن جي باري ۾ هن ڪتابن ۾ پڙهيو هو يا وري ساٿين کان قصا ٻڌا هئائين. کيس مارڪس، لينن، هوچي منهه، مائوزي تنگ، چي گويرا، فيڊل ڪاسترو سميت ٻين انيڪ آزادي پسند اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا سندس ذهن تي تري آيا جن مقصد خاطر بي شمار قربانيون ڏنيون ۽ آخرڪار ڪامياب ٿيا.
”حُسين ڪهڙا حال ٿي؟“ اوچتو مراد جي آواز تي حُسين ڇرڪي مٿي نهاريو. مراد کي ڏسي سندس چپن تي مرڪ تري آئي. ”ڏي خبر هتي ويهبو يا ڪيڏانهن ٻئي پاسي هلبو؟“ حسين مراد کان پڇيو.
”هلبو ته ڪنهن ٻئي پاسي، پر اهو ٻڌاءِ تون ڪنهن کي اڄ جي گڏجاڻيءَ بابت ٻڌايو ته ڪونهي؟.“ مراد پڇيو.
”نه“، حسين وراڻيو، ”پر اهو تون ڇو ٿو پڇين؟“
”يار اصل ۾ اڄ ڪلهه خفيه وارا نوس نوس ڪندا ٿا وتن شهر ۾ ۽ توکي ته خبر آهي ته فوج ڪيڏا مخبر ڀرتي ڪيا آهن. هن تحريڪ ۾ رازداريءَ جي تمام سخت ضرورت آهي. اسان يا اسان جا ساٿي جي پڪڙجي پيا ته تحريڪ کي ڏاڍو ڌڪ رسندو.“ حسين کي مراد جي ان ڳالهه ٿورو خراب لڳي. هن دل ۾ سوچيو ته هو تحريڪ ۾ رازداري جي اهميت کان چڱيءَ طرح واقف آهي سو اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو ته هن ڪنهن سان ان باري ۾ ڳالهايو هجي ها؟ پر وري کيس خيال آيو ته مراد جو به ڏوهه ڪونهي، سمورا ساٿي هڪ جيترا ذميوار ٿي نٿا سگهن سو هو به خبردار ڪري، پنهنجو فرض پيو پورو ڪري.
”چڱو ساٿي آءٌ هاڻ هلڻ شروع ٿو ڪريان ۽ تون آهستي آهستي منهنجي پويان هلندو اچ“. مراد اهو چئي هوٽل مان نڪري ويو ۽ آهستي آهستي روڊ جي ٻئي پاسي تي هڪ گهٽيءَ ۾ داخل ٿي ويو.
حُسين چانهه واري کي پئسا ڏنا ۽ پوءِ مراد جي پويان ڪجهه وٿيءَ سان هلڻ لڳو. مراد پر اعتماد قدمن سان مختلف گهٽين مان هلندو وڃي هڪ گهر جي سامهون بيٺو ۽ گهٽيءَ جي ٻنهي پاسن ڏانهن ڏسي اها پڪ ڪيائين ته سواءِ حُسين جي ٻيو ڪنهن کيس نه پئي ڏٺو. مراد گهر جي دروازي کي هلڪو کڙڪايو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ حسين به اچي کيس پڳو. اندران در کلڻ جو آواز آيو. ٻنهي وري گهٽيءَ ۾ نظر ڊوڙائي پڪ ڪئي ته ڪو به گهٽيءَ ۾ ڪونهي ۽ کين ڪنهن به ناهي ڏٺو، پڪ ڪري هو گهر ۾ داخل ٿي ويا.
حسين هن گهر ۾ پهريون ڀيرو آيو هو. گهر جو دروازو اڱڻ ۾ کلندو هو ۽ وڏي اڱڻ کان پوءِ هڪ وڏو ڪمرو هو ۽ ڪمري جي پويان وري ٻه ننڍا ڪمرا هئا. گهرجي اڱڻ جي کاٻي پاسي رڌڻو ۽ غسل خانو ٺهيل هو.
سج لهي چڪو هو، بس آسمان تي هلڪي روشني باقي آخري پساهن ۾ هئي. گهر جي ٻاهران پپل جي وڻ ۾ پکين اچي پنهنجا ديرا ڄمايا هئا. اڱڻ ۾ ٻه کٽون ۽ ٽي چار ڪرسيون رکيل هيون. مراد ۽ حُسين جڏهن گهر ۾ داخل ٿيا ته کٽن ۽ ڪرسين تي ويٺل ساٿين سندن آڌر ڀاءُ ڪيو.
مرڪزي اڳواڻن محمد بخش، ڊاڪٽر احمد، هاري اڳواڻ غلام محمد، شاگرد اڳواڻ حميد ۽ سلطان ۽ هڪ ٻيو ساٿي پهرين ئي گهر ۾ موجود هئا. سڀني جي ويهڻ کان پوءِ تعارف ٿيو، تڏهن حسين کي خبر پئي ته جيڪو اڻ سڃاتل ساٿي اتي ويٺل هو اهو سنيل ڪمار هو. سنيل ڪراچيءَ مان آيل هو ۽ هو پارٽيءَ جو مرڪزي اڳواڻ هو.
شروعاتي عليڪ سليڪ کان پوءِ سنيل ڪمار کين ٻڌايو ته جمهوري تحريڪ جي اتحاد جي مرڪزي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته گرفتارين، جلسن جلوسن، مظاهرن ۽ پروپيگنڊا جي ٻين طريقن ۾ واڌارو ڪيو ويندو ڇو جو قيادت جي خيال ۾ فوجي حڪومت ڪمزور ٿي آهي ۽ هن وقت جيڪڏهن دٻاءَ ۾ اضافو ڪيو ويندو ته شايد فوجي جنرلن کي جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي.
ڊاڪٽر احمد، جيڪو سنڌ جي هن ضلعي ۾ تحريڪ جو اڳواڻ هو، ان اهو سڀ ويٺي غور سان ٻڌو. هو ننڍي قد جو ۽ انتهائي صاف سٿرو نظر ايندڙ شخص هو. مٿي تي ٿورا وار وڃي بچيا هئس ۽ نرڙ تي وار کسي وڃڻ سبب ٻه وڏا پولار ٺهي پيا هئس، جيڪي سندس شخصيت کي وڌيڪ پروقار بڻائي رهيا هئا. اکين تي نظر جي مستطيل شيشن واري عينڪ ۽ نهٺي آواز سبب سندس شخصيت پراسرار پئي لڳي ۽ هو پهرين نظر ۾ ڊاڪٽر گهٽ ۽ سرڪاري ڪامورو وڌيڪ پئي لڳو. ڊاڪٽر احمد، سنيل ڪمار جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان پوءِ موجود سڀني ساٿين ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ هوريان هوريان ڳالهائڻ شروع ڪيائين:
”ساٿيو اڄ جي اسان جي هيءَ گڏجاڻي تمام رازداريءَ ۾ رهڻ گهرجي. سڄي سنڌ ۾ تحريڪ پئي هلي ۽ ان جي قيادت بظاهر ته جمهوريت جو اتحاد ڪري رهيو آهي پر ان جي اصل قوت عوام جو خود رو جذبو ۽ فوجي حڪومت سان نفرت آ، ٻيو ان جي قيادت پاڻ ۽ پنهنجي تحريڪ ڪري رهي آهي، سو ان ڪري اهو تمام ضروري آ ته اسان تمام هوشياري ۽ رازداريءَ سان ڪم ڪريون، عوام جي جذبن کي سمجهون، کين رهنمائي به مهيا ڪيون پر ساڳئي وقت ساڻن گڏ هلون. اسان جيڪي ماڻهو هتي ويٺا آهيون، اهي ان حساب سان اهم آهيون جو اسان تحريڪ هلايون پيا سو اسان مان هر هڪ ماڻهو قيمتي آ ۽ گرفتار ٿيڻ نه گهرجي.“
ڊاڪٽر احمد جي ڳالهه ٻڌي حُسين کي اهو اعتماد ٿيو ته في الحال سندس گرفتاريءَ جو وقت ناهي آيو، پر کيس ڪم جي سلسلي ۾ اهم ذميواري ملي سگهي ٿي.
”پاڻ مرڪزي قيادت جي فيصلي تحت تحريڪ ۾ تيزي پيدا ڪنداسون.“ ڊاڪٽر احمد پنهنجي ڳالهه جاري رکي ”ان سلسلي ۾ اسان کي وڌيڪ ساٿي کپن جيڪي گرفتاريون ڏيندا. وڌيڪ ساٿي کپن جيڪي جلسا جلوس، مظاهرا ڪندا ۽ عوام کي روڊن تي آڻيندا.“ ڊاڪٽر احمد ٿوري دير لاءِ خاموش ٿيو.
”اسان ڳوٺن ۾ هارين کي پڻ تيار ڪيو آ ته اهي گرفتاريون ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار رهن،“ هاري اڳواڻ غلام محمد چيو. ڊگهي قد، چچين اکين ۽ وڌيل ڏاڙهي واري غلام محمد کي ڏسي ڪو چئي نٿو سگهي ته سندس اندر ۾ ڪيڏي باهه ۽ ولولو آ. هارين جي ميڙاڪن ۾ جڏهن هو تقرير ڪندو آ ته ڄڻ جلسي ۾ هڪ حيرت انگيز جوش پيدا ٿي ويندو آ.
”پاڻ هاري ساٿين جي هڪ لسٽ ٺاهي آهي، اهي سمورا گرفتارين ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ پارٽي سندن گهرو حالتن کي به جاچي ڏٺو آ، سمورا ساٿي گرفتاري ڏئي سگهن ٿا ۽ سندن گرفتاري سبب انهن جي گهرٻار تي ڪو تمام وڏو اثر نه پوندو،“ غلام محمد پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”پر مسئلو اهو آهي ته اسان جا ساٿي ته گرفتاريون ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر جمهوري اتحاد جي ٻين جماعتن جا وڃن ٿا ماڻهو کٽندا. ايستائين جو سڀ کان وڏي سياسي جماعت به کٽي وئي آهي.“ غلام محمد چيو، ”تنهن ڪري پاڻ کي به احتياط ڪرڻو پوندو، پاڻ ڪجهه ڏينهن اڪيلي سر گرفتاريون ڏينداسون پر جي پوءِ به ٻيون جماعتون ڪارڪن گرفتارين لاءِ نه آڻي سگهيون ته پوءِ پاڻ به مجبورن پنهنجن ساٿين جون گرفتاريون روڪي ڇڏينداسون.“ غلام محمد پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي.
محمد بخش، جيڪو هينئر تائين خاموش ويٺي ساٿيءَ کي ٻڌي رهيو هو، تنهن تجويز ڏني ته پاڻ ٻين معاملن تي فيصلا ڪجهه دير بعد ڪيون، پهرين پرڏيهي ريڊيو اسٽيشن تان خبرون ٻڌون.
تن ڏينهن ۾ ملڪي ٽيلي وزن توڙي ريڊيو ملڪ ۾ هلندڙ تحريڪ ۽ فوجي ڪاررواين بابت ڪا به خبر نه ڏيندا هئا. هر روز پهرين خبر ۽ پوءِ هر هڪ خبر يا ته ملڪ جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر جي سرگرمين بابت هوندي هئي، سندس اسلام، ملڪ، افغانستان ۽ ڪشمير لاءِ ڏنل قربانين بابت هوندي هئي يا وري افغانستان ۾ ”ڪافر“ سوويت يونين جي فوجن خلاف ”اسلام جي هر اول“ دستي، يعني افغان مجاهدن جي عظيم ترين فتحن بابت يا ڪشمير ۾ ”ڪافر“ هندوستاني فوج خلاف هلندڙ ”حريت پسند“ تحريڪ ۾ هندو ڪافرن جا ڏند کٽا ڪرڻ وارن مجاهدن جي جاهه و جلال بابت هوندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي بين الاقوامي خبرون پڻ سرڪاري ميڊيا تي اينديون هيون. اخبارن ۽ رسالن مٿان سخت مارشلائي سينسر شپ لاڳو ٿيل هو. ڪي ته اخبارون هيون ئي جنرل صاحب جون لاڏليون ۽ سڄو وقت پيون جنرل صاحب جي ثنا خواني ڪنديون هيون ۽ جمهوري تحريڪ کي دهشتگرديءَ جي خاني ۾ فٽ ڪنديون هيون، پر ٻيون وري جيڪي ان وقت حق ۽ سچ ڇاپڻ جون ڪوششون ڪنديون هيون، تن مٿان سخت سينسر هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي اخبارون ذري گهٽ سڄيون جو سڄيون خالي ڇپبيون هيون جو اخبار جي ڪاپي تيار ٿيڻ کان پوءِ سينسر لاڳو ڪندڙ عملدار خبرون ڪاپيءَ تان هٽائي ڇڏيندا هئا، ان ڪري اخبار جا مالڪ ائين جو ائين ڇاپي ڇڏيندا هئا. جيئن عام پڙهندڙن کي خبر پوي ته اخبار اهي سموريون خبرون ڇاپڻ چاهي پئي پر سينسر سبب اهي هٽائي ڇڏيون ويون آهن. اهڙين ئي حالتن سبب تن ڏينهن ۾ ماڻهو ملڪ جي حالتن بابت ڪنهن قدر باخبر رهڻ لاءِ پرڏيهي ريڊيو اسٽيشن تان خبرون ٻڌندا هئا.
ساٿي محمد بخش جي تجويز ٻڌي ويٺل سمورن ساٿين چيو ٺيڪ آ پهرين خبرون ٿا ٻڌون پوءِ باقي فيصلا ڪبا. محمد بخش کٽ تي ويٺي ويهاڻي جي هيٺان نيشنل ڪمپنيءَ جو ننڍڙو ٽه بينڊيو ريڊيو ڪڍيو، جنهن تي ناسي رنگ جو چمڙي جو پوش چڙهيل هو. کرڙ کرڙ آواز جي وچ ۾ ڪافي ڏکيائيءَ سان آخر محمد بخش کي اها ڄاتل سڃاتل ڌن ٻڌڻ ۾ آئي جيڪا اُن ريڊيو اسٽيشن جي سڃاڻپ هئي. سمورن ساٿين ڏاڍي غور سان ويٺي خبرون ٻڌيون، خبرون پڙهندڙ همراهن سڄي دنيا بابت مختلف خبرون ٻڌائڻ کان پوءِ مس وڃي پاڪستان جو ذڪر ڪيو.
خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ تحريڪ زور شور سان جاري آ، پنجاب صوبي جي گادي واري شهر لاهور ۾ وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪري جلوس ڪڍيو، جنهن مٿان پوليس ڏنڊا وسايا ۽ آنسو گئس جو استعمال ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي هڪ شهر ۾ فوج هڪ جلوس تي گوليون هلايون، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺ ماڻهو مارجي ويا آهن. جنهن بعد جمهوريت جي اتحاد سوڳ جي ڏينهن جو اعلان ڪيو آهي.
خبرون ٻڌي سمورن ساٿين جي چهرن تي ڏک جا آثار تري آيا. خبرون ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه وقت تائين ڪنهن هڪ اکر به نه ڪڇيو، رات جي وقت ۾ تارن ڀريل آسمان هيٺان، کٽن ۽ ڪرسين جي ويٺل ماڻهن جي خاموشي ڊيڄاريندڙ پئي محسوس ٿي. ان خاموشيءَ جي وچ ۾ ڪنهن ڪنهن وقت پاڙي جي ڪنهن گهر مان ڪنهن ٻار جي روئڻ، ڪن عورتن جي پاڻ ۾ ڳالهائڻ، ڪنهن مرد پاران دڙڪي ڏيڻ يا وري باورچي خاني مان ٿانون جي ٽڪرائڻ ۽ ڪُني ۾ ڏوئي جي هلڻ جا آواز ٿي آيا. رات جي ماني جي تياري پاڙي ۾ هلي پئي ۽ مصالحن ۽ رڌ پچاءَ جي خوشبو هوا تي سوار ٿي هن ميٽنگ تائين پهچي پئي.
اوچتو ڊاڪٽر احمد جو آواز گونجيو ”ساٿيو، فوج اسان جي ماڻهن سان ڏاڍايون ڪندي بلڪل نٿي ڪيٻائي، پنجاب ۾ به ڪنهن سطح تي تحريڪ هلي پئي پر اُتي گولي هلائڻ جي جرئت نه ڪري سگهي آ، پر سنڌ ۾ کيس ڪنهن به طرح جي لڳي ٿو جهل پل ڪونهي.“
غلام محمد هڪ وڏي گار ڏيندي چيو فوجي جنرلن بنگال ۾ معصوم ماڻهن مٿان گوليون وسايون، نتيجي ۾ ملڪ ٽوڙايائون، وري بلوچستان جي عوام خلاف آپريشن ڪيو ۽ بلوچن کي غدار سڏيائون ۽ هاڻ هو سنڌين خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ جو جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ نه صرف سڄي ملڪ ۾ پئي هلي پر ان کي نالو به پاڪستان بچائڻ جي تحريڪ جو نالو ڏنو ويو آهي.“
غلام محمد جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر احمد پنهنجي اکين تان عينڪ لاٿي ۽ ان جا شيشا صاف ڪيا ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ساٿيو- فوج پاران هي زيادتيون اسان جي حقن ۽ جمهوريت جي تحريڪ کي دٻائي نه ٿيون سگهن. اسان کي خبر آهي ته آزادي ۽ حقن لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، جن لاءِ اسان تيار آهيون. اسان کي پنهنجي قوم جي اڪثريت يعني هاري ۽ مزدور ماڻهن کي پڻ هڪ وڏي جدوجهد لاءِ تيار ڪرڻو آهي،“ ڊاڪٽر احمد هڪ ساعت لاءِ خاموش ٿيو ۽ ويٺل ساٿين مٿان اڇاتري نظر وجهي وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”اسان جي پارٽي جو اڳواڻ ڪيترن سالن کان جيل ۾ قيد آهي، سندس ڏوهه اهو آ جو هو جمهوريت ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿو ڪري. پر ساٿيو اسان جي اڳواڻ ساٿي جيل مان به اهو پيغام ڏنو آ ته هڪ ڊگهي جدوجهد لاءِ عوام کي تيار ڪيو وڃي. هيءَ جمهوري تحريڪ، صرف جمهوريت جي بحاليءَ تائين آهي، ان ۾ اسان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسون. پر اسان جي اصل منزل اڃا ڪا ٻي آ ۽ ان تائين پهچڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. ساٿيو في الحال پاڻ کي ٻه ٽي ڪم ڪرڻا آهن. هڪ هي ته ڪو ساٿي ان شهر وڃي جتي فوج گوليون هلايون آهن ۽ اتي صورتحال جو جائزو وٺي اچي ، ٻيو هي ته سوڳ جي ڏينهن جي تياريءَ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سموريون تياريون ڪري، جن ۾ چاڪنگ، پوسٽر هڻڻ، بيان جاري ڪرڻ ۽ مختلف تعلقن ۾ وڃي ماڻهن کي ضلعي ۾ وڏي مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار ڪرڻ وغيره شامل هجي ۽ ٽيون هي ڪم ڪرڻو آ ته ڪو ساٿي ڀر واري ڳوٺ مان وڃي ساٿي ڪريم کي گرفتاريءَ لاءِ وٺي اچي. سڀاڻي سندس گرفتاريءَ جو وارو آ.“ ڊاڪٽر احمد پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ساٿين ڏانهن سوال ڀريل نظرن سان ڏٺو.
حُسين جيڪو هينئر تائين خاموش هو، ۽ ويٺي سموريون ڳالهيون غور سان پئي ٻڌائين، تنهن چيو ته هو سوڳ ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ به تيار آ ۽ جي ضرورت هجي ته ڀر واري ڳوٺ مان ساٿي ڪريم کي به وٺي اچي سگهي ٿو.
گڏجاڻي ختم ٿيڻ کان پهرين فيصلو ٿيو ته حميد ان شهر ويندو ساٿين سان ملڻ جتي فوج گولي هلائي ماڻهو شهيد ڪيا آهن، جڏهن ته مراد، سلطان، محمد بخش ۽ غلام محمد سوڳ ڪميٽيءَ ۾ هوندا ۽ ان ڪميٽيءَ جو صدر ڀائو سليمان هوندو، جيڪو هن گڏجاڻي ۾ ته شريڪ ڪونهي پر کيس بعد ۾ اطلاع ڏنو ويندو. حسين تي ذميواري رکي وئي ته هو ڀر واري ڳوٺ مان وڃي ڪريم کي وٺي ايندو ۽ پوءِ سوڳ ڪميٽيءَ وارن سان گڏجي ڪم ڪندو.
رات ٿي وئي هئي. صبح جو سڀني ساٿين کي ڪيترا ڪم ڪرڻا هئا. ٻاهران آيل سنيل ڪمار کي ٻئي ضلعي ڏانهن روانو ٿيڻو هو ۽ غلام محمد کي به پنهنجي ڳوٺ رات وچ ۾ پهچڻو هو، سو سڀني ڀاڪر پائي موڪلايو. هڪ هڪ ساٿي الڳ الڳ ٿي روانو پئي ٿيو، تمام احتياط سان پهرين ڏسي پڪ ٿي ڪيائون ته جاءِ مان نڪرندي کين ڪو مشڪوڪ ماڻهو ته نه پيو ڏسي ۽ پوءِ وڏا وڏا قدم کڻندي گهٽين ۾ غائب ٿي پئي ويا.
حُسين جڏهن جاءِ مان نڪتو ته سندس اندر ۾ هڪ اڻ تڻ هئي. سندس ذهن ۾ اُن خبر جا لفظ پڙاڏو ٿي پئي گونجيا جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته جلوس مٿان فوج فائرنگ ڪري اٺ ماڻهو ماري ڇڏيا. هو سوچي رهيو هو ته جلدي صبح ٿئي ته جيئن هو ڀر واري ڳوٺ روانو ٿئي ۽ ساٿيءَ کي گرفتاري لاءِ وٺي اچي. کيس لڳي پيو ته تحريڪ ۾ سرگرم ٿي شايد هو انهن ماڻهن جو ڪجهه قرض چڪائي سگهي جيڪي جمهوريت جي راهه ۾ ماريا ويا هئا.
تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو حسين گهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ رات جو اونداهين گهٽين ۾ هلندي کيس هڪ لمحي لاءِ اوچتو ياسمين جو خيال آيو.
***
ياسمين جڏهن عورتن جي ميڙاڪي مان ٿي شهر پهتي ته شام ٿي چڪي هئي. شهر ۾ گرم ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي وري زندگيءَ جي رونق واپس اچڻ لڳي هئي. رستن تي هلندڙ گاڏيون، روڊن کي روشن ڪندڙ بلب ۽ ٽيوب لائيٽون، گهٽين ۾ ٻارن جون رانديون ۽ رستن تي ماڻهن جي اچ وڃ سڀ وڻندڙ پئي لڳا.
ياسمين بس اسٽاپ تان رڪشا ۾ سوار ٿي، پر پنهنجي گهر وڃڻ بدران خبر ناهي ڇو کيس حُسين جي گهر وڃڻ جو خيال آيو. هن رڪشاواري کي حسين جي گهر جي ايڊريس ڏني. رڪشا وارو زوڪٽ ڪندي ٻڌايل ايڊريس ڏانهن روانو ٿي ويو. ياسمين پنهنجن سوچن ۾ گم هئي ته اوچتو کيس محسوس ٿيو ته رڪشا وارو آئيني مان کيس ٿوري ٿوري دير ۾ ڏسي رهيو آهي. وڏين مڇن واري رڪشا ڊرائيور جو ائين چتائي ڏسڻ ياسمين کي خراب لڳو پر هوءَ ڪجهه ڪري نه سگهي. هن پنهنجو رئو ٺيڪ ڪيو ۽ پنهنجون اکيون ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيون.
ياسمين جڏهن حُسين جي گهر پهتي ته هو اڃان گهر نه پڳو هو. حُسين جي ماءُ ياسمين کي چڱي طرح سڃاڻندي هئي. هن ياسمين کي کيڪاريو ۽ کيس ڪمري ۾ ويهاري چانهه آڻي ڏني.
”ماسي حسين ڪڏهن ايندو؟“ آخر جڏهن حسين جي ماءُ اچي ويٺي ته ياسمين کانئس پڇيو.
” پٽ توکي ته خبر آهي حسين جي، الائي ڪهڙن ڏکين ڪمن ۾ ڦاٿل آ، نه سندس اچڻ جي وقت جي خبر نه سندس وڃڻ جي، مان ته ڏاڍي پريشان آهيان.“ حسين جي ماءُ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس چهري تي ڏک ۽ پريشانيءَ جا آثار تمام واضح هئا. ”بابا توکي ته خبر آ، ملڪ ۾ ڪهڙيون حالتون آهن، پوليس ۽ فوج ٿي نوس نوس ڪندي وتي. خدا ته ڪري خير، پر جي کيس ڪجهه ٿي پيو ته پوءِ اسان جو ڪير آ، جيڪو پوليس ۽ ٿاڻا ڪندو.“ حسين جي ماءُ ڪجهه ساعتن لاءِ چپ ٿي ته ياسمين کيس دل جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ماسي الله خير ڪندو. حسين اهڙي ڪنهن ڳالهه ۾ ناهي جو کيس ڪا تڪليف پهچي.“
”پٽ ملڪ ۾ ماڻهو بي گناهه ٿا ٻڌا وڃن. فوج کين شڪ ۾ به کنڀي ٿي وڃي ۽ تو خبرن ۾ ٻڌو ته هوندو اڄ ئي ڪنهن شهر ۾ فوج فائرنگ ڪري اٺ ماڻهو ماري ڇڏيا آهن. پوءِ ڪيئن پريشان نه ٿيان؟“
”پر ماسي اڄ جا نوجوان باشعور به آهن، ملڪ ۾ جڏهن اهڙو عذاب هجي، بي گناهه ماڻهن مٿان فوج ظلم ڪري ملڪ مٿان مارشل لا مڙهي وڃي ۽ قومن جا حق غصب ڪيا وڃن، ته پوءِ نوجوانن کي ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻو ئي پوندو آهي؟ جدوجهد ڀلا نه ته ڪير ڪندو؟“ ياسمين آخر پنهنجن اصل خيالن ۽ جذبن کي لڪائي نه سگهي.
حُسين جي ماءُ کي اهي ڳالهيون ٻڌي ٿورو خراب لڳو. ”پر پٽ جمهوريت وڃي پوي کڏ ۾، اهي سياستدانن جا ڪم آهن، توهان ۽ اسان عام غريب مسڪين ماڻهو آهيون اهي ڪي فوج سان وڙهي سگهندا ڇا؟“
”ها ماسي اسان جهڙا غريب مسڪين ماڻهو ئي حقن لاءِ وڙهندا آهن. دنيا ۾ ڪيترن ملڪن ۾ ائين ٿيو آهي. چين، روس، ويٽ نام ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ غريب هارين، مزورن، شاگردن ۽ وچين طبقي جي ماڻهن ويڙهيون ڪيون آهن ۽ ظالم فوج، سرمائيدارن ۽ وڏيرن مٿان فتحون حاصل ڪيون آهن. سو اسان به ڪري سگهون ٿا. هن ملڪ ۾ به اهي سرمائيدار، جاگيردار ۽ وڏيرا ڪو نه وڙهندا. سندن پيٽ ته ڀريل آهن. اهي اسان جهڙا عام ماڻهو هوندا آهن جيڪي دنيا ۾ تبديليون ۽ انقلاب آڻيندا آهن.“ ياسمين جي منهن تي ڳاڙهاڻ تري آئي هئي. سندس آواز ۾ لرزش پيدا ٿي وئي هئي ۽ اکين ۾ آلاڻ صاف ظاهر هئي.
حسين جي ماءُ کيس ويٺي غور سان ٻڌو ۽ سوچيائين ته هي نوجوان ويچارا ڪيترا نه ڀليل آهن. کين ڪيئن نه ان ڳالهه جي پڪ ڪرائي وئي آهي ته هنن جي ئي محنت ۽ لڙائي سان ڪا تبديلي ايندي ۽ پوءِ هي اهي ماڻهو هوندا جيڪي ان تبديليءَ جو لاڀ به حاصل ڪندا.
”پٽ اهي جذباتي ڳالهيون آهن، اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪا تبديلي نه ايندي. توهان جا ليڊر ئي خسيس آهن، ڀلا توهان جو ليڊر به توهان کي ته چوي ٿو ته وڃي فوج سان وڙهو پر سندس پنهنجا ٻار ته مزن ۾ ٿا رهن، توهان به سٺو ڄاڻو ته پڙهو، لکو ۽ چڱيون نوڪريون ڪيو، هروڀرو پنهنجون زندگيون خراب نه ڪيو.“ حسين جي ماءُ نصيحت ڀري انداز ۾ ياسمين کي چيو. ياسمين سوچي رهي هئي ته ويچاري پراڻن خيالن جي آ. کيس ڪهڙي خبر ته عوام جي طاقت دنيا ۾ ڇا ڇا ڪيو آ؟ ياسمين کي اهو پڻ ذهن ۾ آيو ته حسين سندس وڏو پٽ آ، کيس سندس زندگي ۽ مستقبل جو ضرور الڪو هوندو ۽ ماءُ جي پيار ۾ هوءَ ظاهر آ ته ائين ئي سوچيندي.
ياسمين جي خيالن جو سلسلو جاري هو ته دروازو کڙڪيو. حُسين جي ماءُ دروازو کوليو ته حسين گهر ۾ گهڙي آيو. کيس سندس ماءُ ٻڌايو ته اندر ڪمري ۾ ياسمين ويٺي آ.
حسين کي عجيب لڳو، پر کيس خوشي به پئي ٿي. هو سوچي پيو ته اڄ ياسمين اچڻي ته نه هئي پوءِ ڇو آئي؟
حُسين ڪمري ۾ داخل ئي ٿيو ته ٻنهي جي چپن تي مرڪ تري آئي، هن وڃي ياسمين کي کيڪاريو، پوءِ پڇيائينس ته ”سڀ ڪجهه ٺيڪ ته آهي نه، هوءَ اوچتو ڪيئن آئي آهي؟“
”ها سڀ ٺيڪ آ،“ ياسمين چيو، ”بس توسان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون هيون سو سوچيم ملندي وڃان.“
”ٺيڪ آ، ويهه آرام سان چانهن پي، آءٌ هٿ منهن ڌوئي وٺان ته پوءِ ڳالهايون ٿا.“ حسين پنهنجي ڳالهه پوري ڪري غسل خاني ۾ هليو ويو. خبر ناهي ڇو هو ياسمين سان نظرون ملائڻ کان لنوائي رهيو هو. ياسمين، حسين کي غسل خاني ڏانهن ويندي ڪجهه گهڙيون ڏسندي رهي ۽ پوءِ وري پنهنجي چانهن جون سرڪيون ڀرڻ لڳي.
حسين جي ماءُ ڪمري ۾ آئي ۽ ياسمين کي چيائين ”پٽ آءٌ وڃان ٿي بورچي خاني ۾ رات جي ماني تيار ڪرڻ تون ويهجانءِ ۽ ماني کائي پوءِ وڃجان.“
ياسمين ٻڏتر ۾ هئي، هن نه ها ڪئي ۽ نه ئي نه ڪري سگهي. جنهن جو مطلب حسين جي ماءُ ها سمجهو ۽ پوءِ هوءَ بورچي خاني ۾ هلي وئي.
ياسمين کي ڏاڍو سٺو لڳو. هن کي محسوس ٿيو ته حسين جي ماءُ کي سندس لاءِ دل ۾ ڪيڏو پيار آ. کيس محسوس ٿيو ته هوءَ عورت تمام بهادر ۽ سخت محنت ڪندڙ آ ۽ ان سبب ڪري ئي اهڙيون عورتون انقلاب لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿيون.
”ها، سو تو چيو پئي ته ڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن، هاڻ ٻڌاءِ ڪهڙيون ڳالهيون آهن؟“ حُسين ياسمين جي ڀر واري صوفي تي وهندي کانئس پڇيو.
ياسمين چند لمحن لاءِ سندس اکين ۾ ڏٺو، جن ۾ کيس شرارت پئي نظر آئي. ”ٻڌ. آءٌ اڄ ڀر واري ڳوٺ وئي هيس، جتي عورتن جو ميڙاڪو هو. ڏاڍي سٺي گڏجاڻي ٿي ۽ ڪيتريون ڀينرون ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وينديون.“
”زبردست“ حسين جواب ڏنو ۽ سندس اکين ۾ چمڪ تري آئي، ”اهو تو ڏاڍو اهم ڪيو آهي، آءٌ چوندس ته وري جلد ئي ان ڳوٺ ۾ گڏجاڻي رکرايو ۽ ڪجهه وڌيڪ اديون شهر مان وٺي وڃ ته جيئن ڳوٺ جي ڀينرن کي احساس ٿئي ته هنن سان ان جدوجهد ۾ ٻيون ڪيتريون ئي ڀينرون شريڪ آهن.“
ياسمين کي حسين جا چيل جملا ڏاڍا سٺا پئي لڳا، سندس اکيون ٻهڪن پيون ۽ جسم ۾ سيسراٽ محسوس ڪيائين. کيس اندر ۾ هڪ عجيب خوشي هئي ته هو سندس ڪم کي ساراهي رهيو هو. هوءَ گڏجاڻيءَ بابت به کيس ٻڌائڻ پئي چاهي، پر هوءَ حُسين کي پنهنجي دل جو هڪ احوال به ٻڌائڻ چاهي پئي. کيس دل جي ڳالهه ٻڌائڻ جو خيال ايندي ئي ياسمين جي دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار اوچتو تيز ٿي وئي. هن کي لڳو ته هوءَ هڪ خواب ڏسي رهي آهي. ياسمين ۽ حسين ڪيتري عرصي کان گڏ ڪم ڪندي هڪ ٻئي جا سٺا دوست ته ٿي ويا هئا، پر کيس ان ڳالهه جي پڪ نه هئي ته جڏهن هوءَ پنهنجي اندر جي ڳالهه زبان تي آڻيندي ته حُسين کي ڪيئن محسوس ٿيندو ۽ هو ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪندو. ان ئي بي يقيني جي حالت ۾ ياسمين جي نرڙ تي پگهر جون هلڪيون بوندون تري آيون. سندس زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو هوءَ هڪ اڻ ڏٺي ۽ مٺي خوف مان گذري رهي هئي ۽ سندس دل ايڏي تيز ڌڙڪي رهي هئي جو کيس ان جو آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
حسين کي ماحول ڪجهه بدليل بدليل محسوس ٿيو، کيس لڳو ته ياسمين ڪجهه چوڻ ٿي چاهي ۽ هن کي اندروني طور ان ڳالهه جو احساس به هو ته هوءَ ڇا ٿي چوڻ چاهي پر هن ياسمين جي حالت مان ڪجهه وڌيڪ دير لاءِ مزو ماڻڻ پئي چاهيو سو کانئس شرارتي انداز ۾ پڇيائين ”ها ته اها ڪهڙي ٻي ڳالهه آ جيڪا تو ڪرڻ چاهي پئي؟“
ياسمين کي هاڻ پنهنجي ڪنڌ جا وار اڀا ٿيندي محسوس ٿيا. کيس جسم ۾ هڪ ڇڪ پئي محسوس ٿي، هن پنهنجي سڄي طاقت ۽ همٿ گڏ ڪري، حسين جي اکين ۾ ڏٺو. سندس دل ايڏو تيز ڌڙڪڻ لڳي جو هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ڪجهه دير وڌيڪ ٿي ته دل ٽپو ڏئي سيني مان ٻاهر نڪري ايندي. خبر ناهي هن کي اها بجلي ۽ طاقت ڪٿان آئي جو هن اوچتو حسين جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيو ۽ هڪ ئي ساهي ۾ چئي ڏنو ”حسين اڄ جي رات آءٌ تو وٽ رهڻ آئي آهيان.“
ماحول ۾ سانت ڇانئجي وئي، حسين کي ڪجهه گهڙين لاءِ يقين ئي نه آيو ته هن ڇا ٻڌو، کيس ان ڳالهه جو ته اندازو هو ته ياسمين کيس پسند ڪندي آ ۽ شايد هوءَ ان جو اظهار ئي ڪرڻ چاهيندي هوندي، پر هن سوچيو به نه هو ته ياسمين اڄ جي رات وٽس گذارڻ آئي هوندي. هو ياسمين جي اکين ۾ وائڙن وانگر ڏسي رهيو هو ۽ اندر ئي اندر ۾ سندس همٿ ۽ بهادريءَ تي رشڪ ڪري رهيو هو. کيس خيال آيو ته هوءَ ڪيڏي نه همٿ ڀري ڇوڪري آ؟ ڪيڏو نه ڏکيو آ سندس معاشري ۾ اهو سڀ ڪجهه سوچڻ ۽ چوڻ جيڪو چند گهڙيون اڳ ياسمين چيو آ. حسين جي اکين ۾ سندس لاءِ پيار ۽ عزت جا اهڃاڻ تري آيا. هن ياسمين جو هٿ پڪڙيو، کيس پنهنجي چپن سان لاٿو ۽ سندس اکين ۾ نهاريندي چيو، ”ياسمين، منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ بي انتها پيار آ. تون منهنجي سٺي دوست به آهين ۽ انقلابي ساٿي به پر منهنجو خيال آ ته تون پنهنجي گهر وڃ، منهنجي گهر رهڻ جو تنهنجو فيصلو اسان لاءِ سٺو ثابت نه ٿيندو.“ حسين اهو چئي ته ويو، پر خبر نه آهي ڇو هن کي پنهنجي چيل ڳالهه تي پورو يقين نه هو. هن جي ذهن ۾ هڪڙو خيال آيو پئي ته ڀلي رهي، پر کيس محسوس پئي ٿيو ته شايد اهو ٻنهي جي نقصان ۾ ويندو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو پنهنجي ماءُ کي ڇا چوندو ۽ سڀاڻي ساٿين کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندو. کيس اهو سڀ ڪجهه تمام ڏکيو ۽ غير مناسب پئي لڳو. کيس خيال آيو ته هو هڪ جدوجهد جي وچ ۾ آهن. سو في الحال پنهنجن ذاتي مزن بابت سوچڻ ڄڻ گناهه هجي. پر سندس ذهن جي اونهائي ۾ هڪ سوال اڀريو ته ڇا واقعي ائين هو؟ يا هو ياسمين کي هڪ ساٿي ۽ دوست طور ته پسند پيو ڪري پر کيس جسماني طرح پرڪشش نه پيو محسوس ڪري؟ يا وري کيس اهو سڀ ڪجهه تمام ڏکيو پئي محسوس ٿيو ۽ کيس ايتري همٿ نه هئي ۽ هن کي محسوس پئي ٿيو ته هو ڪنهن اڻ ڏٺي امڪاني مصيبت ۾ ڦاسي پوندو.
”پر آخر آءٌ ڇو ڪو نه ٿي تو وٽ رهي سگهان؟“ ياسمين جي سوال تي حسين جي سوچن جو سلسلو ٽٽو، هن وراڻيو، ”ان ڪري جو منهنجي ماءُ ڇا سوچيندي ۽ تنهنجي گهر وارن کي جي خبر پئي ته اهي ڇا سوچيندا ۽ ساٿين کي خبر پئي ته کين ڪيڏو خراب لڳندو؟ تون ٻڌاءِ پارٽيءَ ۾ پنهنجي ساک ڪيڏي خراب ٿيندي؟ ٻڌ ياسمين اسان جي رشتي لاءِ ضروري ته ناهي ته تون مون وٽ رات گذارين؟“
”نه ضروري ته نه آهي، بس منهنجي دل چوي پئي ته توسان کوڙ ساريون ڪچهريون ڪيان، تنهنجي وڌيڪ ويجهو اچان.“
”منهنجي دل به چوي ٿي ته توسان وقت گذاريان. پر ڏس پاڻ هن وقت اهو سڀ نه ٿا ڪري سگهون، ڪنهن ٻئي ڀيري، تون ناراض نه ٿجان.“
”آئون ناراض نه ٿيندس، پر آءٌ اڄ رات گهر نه ٿي وڃي سگهان، ڇو جو آءٌ گهر چئي آئي آهيان ته آءٌ ڀر واري ڳوٺ ۾ رات ترسنديس. جي تون پنهنجي گهر ۾ نٿو رکين ته پوءِ مون کي ثريا جي گهر ڇڏي اچ. ياسمين ٿورو خفي ٿيندي چيو، کيس ڪاوڙ به اچي رهي هئي پر هوءَ حسين جي صورتحال به سمجهي پئي سگهي.“
حسين کي کيس پاڻ وٽ نه ترسائڻ جو ڏک پئي ٿيو پر هو فيصلو ڪري چڪو هو ته ائين نٿو ڪري سگهي. ”ٺيڪ آهي. هل ته توکي ثريا جي گهر ڇڏي اچان، رات ڪافي ٿي وئي آ.“
ٻئي جڏهن گهران نڪرڻ لاءِ تيار ٿيا ته حسين جي ماءُ ياسمين کان پڇيو ”پٽ ماني نه کائيندينءَ؟“
”نه ماسي مون کي ڪٿي پهچڻو آ، دير پئي ٿئي، ماني وري ڪنهن ٻئي ڀيري.“ ياسمين جملو پورو ڪندي ڪندي دروازي مان نڪري وئي ۽ حسين به ساڻس پويان ٻاهر آيو. رات واقعي گهڻي ٿي وئي هئي. ٻنهي کي ڳالهين ۾ احساس ئي نه رهيو هو. ٻاهر نڪرڻ سان کين محسوس ٿيو ته رات ۾ ٿڌڪار هو. حسين روڊ تي هڪ رڪشا کي روڪيو ۽ ٻئي ان ۾ سوار ٿي ويا. رڪشو زوڪٽ ڪندو ثريا جي پاڙي ڏانهن روانو ٿيو.
***
سمونڊ سنڌيءَ جي اوطاق تي اڄ هڪڙي هنگامي گڏجاڻي رکيل هئي. سندس جماعت جا ڏهاڪو کن ڪارڪن اوطاق تي گڏ ٿيا هئا. لٽي ڪپڙي ۽ ڳالهه ٻولهه مان سمورا همراهه ڪاليجي شاگرد پئي لڳا. اوطاق ۾ سگريٽن جو دونهون ڀريل هو ۽ ٽيبل تي ٻه پستول رکيا هئا. ڪجهه همراهن ويٺي چانهه جون سرڪيون ڀريون، جڏهن ته ڪي وري اوطاق ۾ رکيل کٽ تي ڄنگهون مٿي رکيو آرام سان ويٺا هئا.
”ڪامريڊ دوستو اڄ اسان هڪڙي اهم معاملي تي حال احوال ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون.“ سمونڊ سنڌيءَ گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”توهان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ نام نهاد جمهوريت جي تحريڪ پئي هلي. جنهن ۾ سنڌي ماڻهن کان قربانيون ڏياريون پيون وڃن.“ سمونڊ ڪجهه ساعتن لاءِ گڏجاڻي ۾ ويٺل همراهن تي اڇاتري نظر وڌي ۽ وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”اسان هن تحريڪ ۽ ان کي هلائيندڙن جي اصليت کان واقف آهيون. هيءَ تحريڪ پنجاب جي اشاري تي پئي هلي ۽ پاڪستان کي بچائڻ جي تحريڪ آ، جڏهن ته اسان ان کي ٽوڙڻ ٿا چاهيون. تنهنڪري اسان جي جماعت سمجهي ٿي ته اها سنڌ جي مفادن جي خلاف تحريڪ آ ۽ اسان کي نه رڳو ان ۾ شامل ناهي ٿيڻو پر ان کي هلڻ کان روڪڻ جي ڪوشش به ڪرڻي آ.“ سمونڊ جي ڳالهه ٻڌي گڏجاڻيءَ ۾ ڄڻ هرڪو ماڻهو سوچ ۾ پئجي ويو.
”پر ڪامريڊ پاڻ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪيون، سنڌين سان جدوجهد ۾ گڏ هلڻ جي ڳالهه ٿا ڪريون سو اهو ڪيئن ممڪن آ ته جڏهن سنڌي ماڻهو فوج خلاف جدوجهد ۾ مصروف هجن ۽ گولين جو کاڄ بڻبا هجن ته اسان خاموش تماشائي بڻيا رهون يا مورڳو ماڻهن کي تحريڪ هلائڻ کان ئي روڪيون.“ ڪامريڊ سڪندر گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي ڳالهه رکي.
ڪامريڊ سمونڊ کي سڪندر جي ڳالهه ٿورو اڻ وڻندڙ لڳي. سمونڊ وراڻيو، ”ڪامريڊ ڳالهيون ٿوريون پيچيده آهن. بظاهر تنهنجي ڳالهه درست آ ته سنڌ جي ماڻهن کان الڳ ڪيئن رهجي، پر سوچ ته اسان جي جدوجهد هن ملڪ کي ٽوڙڻ لاءِ آهي ڇو جو سنڌ جي سمورن ڏکن ۽ زيادتين جو سبب هي ملڪ آ ۽ جي اهو ٽٽو ته پاڻ سڀ آزاد هونداسون. هاڻ جيڪي به قوتون ملڪ کي بچائڻ جي ڳالهه ٿيون ڪن اهي پنهنجون دشمن آهن پوءِ ڀلي اهي سنڌي جماعتون هجن يا رستو ڀليل عام سنڌي ماڻهو هجن.“ سمونڊ پنهنجو دليل جاري رکندي چيو ”هيءَ تحريڪ پنجاب جي مفاد ۾ آ. اسان جي رهبر جو به اهوئي چوڻ آهي ته اسان جمهوريت جي تحريڪ ۾ شامل نه ٿا ٿي سگهون. هاڻ ڪامريڊ سڪندر تون ٻڌاءِ ته تنهنجي سوچ ٺيڪ هوندي يا رهبر جي؟“ ته سمونڊ پنهنجي ڳالهه پوري ڪري پراعتماد نظرن سان سڪندر ڏانهن نهاريو. سڪندر جي ذهن ۾ ڪيئي سوال هئا، ڪئي انومان هئا پر هو خاموش رهيو. هن پاڻ ۾ ايتري سگهه محسوس نه ڪئي ته پنهنجي رهبر جي سوچ بابت ڪو سوال اٿاري سگهي.“
” ٺيڪ آ ڪامريڊ پاڻ تحريڪ ۾ نه هونداسون پر اسان جي ڪامريڊن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ گڏجاڻي ۾ ويٺل قربان پهلوان سوال ڪيو. قربان پوري ساري قد جو جانٺو جوان هو ۽ سندس منهن تي سنهڙن چپن جي مٿان گهرا ڪارا شهپر هئا. ڳالهائڻ ۾ نهٺو پئي لڳو پر سندس اکين ۾ شوهه تمام واضح هو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو ڏوهن ۾ به ملوث رهيو آ پر اڃان کيس ڪنهن به ڏوهه ۾ جهليو نه ويو هو.
”پنهنجي اڳواڻن جو حڪم آ ته ماڻهن کي سمجهايون ته جمهوريت جي تحريڪ سنڌ جي خلاف آ، ان ڪري ان ۾ حصو نه وٺن.“ سمونڊ جواب ڏنو .
”پر ڪامريڊ ماڻهن جي تمام وڏي اڪثريت تحريڪ جو ساٿ پئي ڏئي، هو هزارن جي انگ ۾ جلوسن ۾ شامل ٿا ٿين، سنڌي ماڻهن جي مرڻ سبب سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جو احساس آ، ماڻهو فوج جي خلاف مرڻ مارائڻ لاءِ تيار آهن، اهڙي حالت ۾ کين ڪيئن چئجي ته هو فوج خلاف تحريڪ ۾ شامل نه ٿين؟“ قربان پهلوان پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ته سندس آواز ۾ لرزش اچي وئي هئي. گڏجاڻيءَ ۾ ويٺل ڪامريڊن مان ڪن سندس حمايت ۾ ڪنڌ پئي ڌوڻيا، ٻيا وري اهڙا هئا جن جي چهرن جي تاثر مان محسوس پئي ٿيو ته هو کيس جذباتي ۽ بي وقوف سمجهي رهيا آهن.
ڪامريڊ سمونڊ ويٺي سڀني جو جائزو ورتو. ”پيارا جذباتي ٿيڻ جي ڳالهه ڪونهي. سنڌي ماڻهو اُن ڪري پيا وڙهن جو ڪي سياسي ڌريون پنهنجن مفادن خاطر کين استعمال ويٺيون ڪن.“ ڪامريڊ سمونڊ چيو. ” پاڻ کي سنڌي ماڻهن کي استعمال ٿيڻ کان بچائڻو آهي.“
”پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، اسان سنڌي ماڻهن کي ڪيئن ٿا روڪي سگهون.“ سڪندر سوال ڪيو.
”هڪ ته اسان ماڻهن ۾ پمفليٽ ورهايون،“ سمونڊ ڳالهه جاري رکي، ”ٻيو بيان جاري ڪيون ۽ ٽيون انهن ڪارڪنن کي پادر هڻي چپ ڪرايون جيڪي ماڻهن کي غلط رستي تي پيا هلائين. اسان جو فرض ٿو بڻجي ته هر ان تحريڪ کي روڪيون جيڪا ملڪ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ سنڌي ماڻهن کي مارائي.“ سمونڊ سنڌي جا جذباتي دليل ٻڌي گڏجاڻيءَ ۾ ويٺل سمورا ڪامريڊ خاموش ٿي ويا.
ڪن جي چهرن مان پئي لڳو ته هو ڪي سوال اٿارڻ پيا چاهين پر منجهن جرئت نه ٿي سگهي.
ڪجهه ساعتن جي خاموشيءَ کان پوءِ رمضان دودي آخر چپ چوريا ”ڪامريڊ پوءِ ڪهڙي حڪمت عملي آهي، پاڻ ڇا ڪيون؟“ سمونڊ سنڌيءَ جي چپن تي هاڻ مرڪ تري آئي هئي. کيس محسوس ٿيو ته هو پنهنجي ڳالهه تي گڏجاڻيءَ کي متفق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن هاڻ رازدارانه انداز ۾ هوريان هوريان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”ڪامريڊ ساٿيو سڀ کان پهرين ته پاڻ کي اڄ ئي بيان جاري ڪرڻا آهن جن ۾ عوام کي اپيل ڪبي ته هو نام نهاد جمهوريت جي پاڪستان بچايو تحريڪ کان پاسو ڪن ۽ اهو پڻ عوام کي ٻڌايو ويندو ته اها تحريڪ پنجاب جا ايجنٽ پيا هلائين. ٻيو ته ٽن ڏينهن کان پوءِ شهر ۾ جيڪو ڪوڙي جمهوريت جي حق ۾ جلوس نڪرڻو آ، ان مٿان حملو ڪبو ته جيئن پنجاب جا ايجنٽ ڪامياب نه ٿي سگهن.“ سمونڊ هڪڙي لمحي لاءِ چپ ٿيو ۽ پوءِ قربان پهلوان ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائين، ”ڪامريڊ جلوس ڪڍندڙن مٿان حملي جي اڳواڻي تون ڪندين، توسان رمضان دودو ۽ ٻيا ساٿي گڏ هوندا.“ ان بعد سمونڊ، سڪندر ڏانهن نهاريو جيڪو اڃا تائين خاموش ويٺو هو. ”ڪامريڊ سڪندر تون شهر ۾ جمهوريت جي حق ۾ لڳل پوسٽرن ۽ بينرن کي لاهڻ جي اڳواڻي ڪندين ۽ توسان چار ٻيا ڪامريڊ گڏ هوندا.“ سمونڊ پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي.
گڏجاڻي ۾ ويٺل سمورا ماڻهو هاڻ پنهنجي پنهنجي ڪم کان واقف ٿي ويا هئا. خاص طور تي رمضان دودي ۽ قربان پهلوان کي پاڻ مٿان وڏي ذميواري جو احساس هو. ڪمن جي ورهاست کان پوءِ گڏجاڻي ته پوري ٿي وئي هئي پر چانهن ۽ سگريٽن جو سلسلو جاري رهيو. سڪندر موڪلائي روانو ٿي ويو. جڏهن ته رمضان وري ٽيبل تي رکيل پستول کنيو، ان جو ميگزين ڪڍي گوليون ڳڻيون ۽ وري ميگزين واپس پستول ۾ وجهي، پستول ور ۾ هڻي موڪلائڻ لاءِ اٿي بيٺو. قربان پهلوان به ساڻس گڏ اوطاق مان نڪري ويو.
***