ناول

فاتح مُرڪ

ھي ڪتاب جاويد سومري جو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي، ھن ناول ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ سنڌين پاران شروع ڪيل ان تحريڪ جي ڪھاڻي آھي جنھن ضياء مارشلا کي لوڏي وڏو ھيو. جاويد سومرو لکي ٿو:
”مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.
Title Cover of book فاتح مُرڪ

5

حسين جي حالت ڏسي حسين جي ماءُ کان رڙ نڪري وئي”ائي ابا خير ته آهي، ڇا ٿيو توکي؟“
حسين پنهنجي معمول جي مرڪ چهري تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو، ”امان ڪجهه نه، بس ٿاٻڙجي ڪري پيس جنهن سبب ڌڪ لڳو، اسپتال مان ملم پٽي ڪرائي آيو آهيان، خير آ، ڪا خاص ڳالهه ڪونهي.“
”ابا ڪهڙو خير آ، تنهنجي مٿي تي ايڏو ڌڪ لڳل آهي. ڪپڙا لٽا گپ ٿي ويا اٿي، ضرور ڪو جهيڙو جهٽو ڪيو اٿو يا پوليس وارن کان ڏنڊا لڳا اٿو.“ حسين جي ماءُ پريشان ٿيندي چيو.
”امان تون هروڀرو پريشان پئي ٿئين. توکي ڪيترا دفعا ٻڌايو اٿم ته مون کي ڪجهه نه ٿيندو. باقي هي هلڪڙا سلڪڙا ڌڪ ته زندگيءَ ۾ لڳندا ئي رهندا آهن. ڀلا جي گهر ۾ ويٺي مٿان پکو ڪري پوي ۽ مري وڃان ته ماڻهن سان اهڙا حادثا به ته ٿيندا آهن.“ حسين کلندي کلندي وراڻيو ۽ تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو.
حسين جي ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. هوءَ سمجهي نه پئي سگهي ته آخر هوءَ هن ڇوڪري کي ڪيئن سمجهائي.
حسين ڪپڙا لاهي ٽوال ٻڌي نڪري آيو ۽ سڌو غسل خاني ۾ داخل ٿي ويو پر ويندي ويندي رڙ ڪندي ماءُ کي چوندو ويو ته امان جيستائين آءُ وهنجي وٺان، ڀلا چانهه ته ٺاهي ڏيو نه.
حسين وهنجي تازو توانو ٿي گرما گرم چانهه پيتي ته سندس ڪجهه حالت ٺيڪ ٿي. حسين جو ننڍو ڀاءُ منصور ۽ سندس ڀيڻ آمنه به هاڻ اچي ساڻس ويٺا هئا ۽ سڀني ويٺي ڪچهري ڪئي.
”ادا، امان پئي چيو ته توهان پوليس جا ڏنڊا کائي آيا آهيو،“ آمنه حسين کان اوچتو پڇيو، سندس منهن تي شرارت ڀري مرڪ رقص ڪري رهي هئي.
” آمي اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي، تون خوش نه ٿي، تنهنجي اها خواهش ڪڏهن پوري نه ٿيندي.“ حسين سندس جملي جو جواب پنهنجي جوابي شرارتي جملي سان ڏنو.
”چڱو ڀلا جي پوليس وارن جا ڏنڊا نه لڳا هوندو، ته پوءِ مخالف سياسي پارٽيءَ وارن جا پٿر لڳا هوندوَ؟“ آمنه ڀاءُ کي وڌيڪ چيڙائيندي چيو.
”جي نه، اهڙو ڪجهه نه ٿيو آهي، بس موٽر سائيڪل جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي ڪري مٿي تي ٿورو ڌڪ لڳو آ، پر تون فڪر نه ڪر ائين نه مرندس. تنهنجي جان کائي پوءِ مرندس.“ حسين جواب ڏنو.
جڏهن اهڙي ڪچهري هلندڙ هجي ته منصور ڪيئن ٿي چپ رهي سگهيو؟ ”ادا توهان جي تحريڪ ڀلا ڪيستائين هلندي، آخر ڇو ڪو نه ٿا توهان پاڪستان بچائڻ جي جان ڇڏيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي نعري هيٺ متحد ٿيو.“ منصور چيو.
”يار هن وقت آءٌ ڏاڍو ٿڪل آهيان“، حسين جواب ڏنس، ”آءٌ ان موضوع تي هزار ڀيرا بحث ڪري چڪو آهيان وري توسان به ڪندس پر في الحال جي توکي سنڌ آزاد ڪرائڻ جي تڪڙ نه هجي ته مان چانهه پي وٺان.“ حسين کلندي جواب ڏنس، منصور ڪوئي جواب نه ڏئي سگهيو. آمنه زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي.


***

ڪمري جي دروازي کي آمنه زور زور سان کڙڪائي رهي هئي ۽ سندس آواز حسين جي ڪنن تي خواب جيان محسوس ٿي رهيا هئا. ”ادا توهان سان ڪو ملڻ آيو آهي.“
حسين گهري ننڊ مان سجاڳ ٿيو هو، چند ساعتن لاءِ سندس حواس ڪم نه پيا ڪن. پر پوءِ کيس محسوس ٿيو ته سندس ڀيڻ کيس اٿارڻ جي ڪافي دير کان ڪوشش ڪري رهي هئي. حسين ڪلهه رات اهو سوچي ستو هيو ته اڄ هو مڪمل آرام ڪندو، کيس مٿي تي لڳل ڌڪ ۾ سور هو ۽ هو ڪيترن ڏينهن جي مسلسل ڪم کان ڪجهه ٿڪجي به پيو هو، سو اڄ جو ڏينهن هن پنهنجي پر ۾ آرام جو ڏينهن رکيو هو، پر شايد هاڻ کيس اهو ممڪن نه پئي لڳو.
”ها بابا اچان ٿو ٻاهر ڪير آيو آ؟“ حسين ستي ستي ئي آمنه کان پڇيو.
”خبر نه آهي، ادا پر چوي ٿو تمام ضروري ڪم آ“. آمنه کيس جواب ڏنو.
حسين اکيون مهٽيندي دروازو کوليو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو. سندس سامهون نور جو ننڍو ڀاءُ منظور بيٺل هو. نور جو ڀاءُ ننڍي قد جو مضبوط قدڪاٺ وارو نوجوان هو. چهري مان ارڏو لڳندو هو، پر اڄ سندس چهري تي مايوسي ۽ ڏک جون ريکائون ڏاڍيون واضع هيون.
”ادا، منظور خير ته آهي، ڏکوئيل ۽ پريشان پيو لڳين؟“ حسين کانئس پڇيو.
”توهان جو ڇا خيال آ ته جنهن جو ڀاءُ گرفتار ٿيو هجي ۽ مٿس ٿرڊ ڊگري جو تشدد ڪيو ويو هجي، اهو توهان سان کلندي ڪڏندي ملندو؟“ منظور تلخ لهجي ۾ سوال جو جواب سوال سان گڏ ڏنس. حسين سندس درد سمجهي سگهيو ٿي، پر کيس منظور جي ان ڳالهه سان پريشاني ٿيڻ لڳي ته نور تي تشدد ٿيو آهي. ”نه منظور منهنجو اهو مطلب بلڪل ڪونهي ته توهان کلندي ڪڏندي ملو، پر مون ته توهان کان پريشانيءَ جو سبب پڇڻ ٿي چاهيو، توهان ٿا چئو ته نور تي تشدد ٿيو آهي؟“ حسين کانئس پڇيو. پر منظور وڌيڪ ناراض ٿيندي جواب ڏنس ”نور توهان جي تحريڪ جو آهي. توهان سندس گرفتاري ڏياري آهي، اهو ته توهان جو فرض هو ته سندس پرگهور لهو يا اسان کان پيا پڇو؟“
”ادا منظور تحريڪ ضرور سندس پرگهور لهندي ۽ شايد ڪي ساٿي مليا به هجنس. آءٌ زخمي ٿي پيو هوس، سو سوچيو پئي ته ساڻس سڀاڻي ملندس ۽ مون کي خبر نه هئي ته مٿس تشدد ٿيو آ.“
”مان نور سان ڪلهه رات ئي مليو هوس، سندس گرفتاري کان بعد، جيئن ئي اسان کي خبر پئي،“ منظور چيو، ”کيس شهر جي ٿاڻي جي سوڙهي چاوڙيءَ ۾ سترهن قيدين سان گڏ رکيوويو هو، مون کيس ماني وغيره پهچائي هئي. پر جڏهن آءٌ ساڻس اڄ صبح جو ملڻ ويس ته سندس حالت ڏسي نه سگهيس،“ منظور جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا.
حسين سندس اها حالت ڏسي وڌيڪ ڪو سوال پڇي نه سگهيو. بس هو چپ چاپ سندس اکين ۾ ڏسندو رهيو. منظور جي چهري تي تڪليف جا آثار هئا. حسين جي دل پئي چيو ته هو ترت ٿاڻي تي وڃي ۽ نور سان ملي. نور سان سندس دوستيءَ جو رنگ نرالو هو. هو ذري گهٽ هر معاملي تي اختلاف ڪندا هئا. ڇتا بحث ڪندا هئا. ڪيترا ڪيترا ڏينهن ڳالهائيندا به ڪو نه هئا، پر سندن دوستي به برقرار رهندي هئي. حسين کي نور ان ٻار جيان لڳندو هو، جنهن جو جسم ۽ طور طريقا ته وڏن ماڻهن جهڙا ٿي ويا هئا پر ذهني ۽ جذباتي طرح اڃا سندس ارتقا ڪنهن پٺئين مرحلي ۾ ڦاٿل هئي.
”هي ادا توهان لاءِ خط ڏنو آهي،“ منظور چند ڪاغذ حسين ڏانهن وڌائيندي چيو. ”اڄ جڏهن ساڻس ملڻ ويس ته هي خط توهان لاءِ ڏنائين ۽ چيائين ته سڀ کان پهرين اهو توهان تائين پهچايان.“
حسين هٿ وڌائي ڪاغذ منظور کان ورتا پر ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو،سندس نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. حسين کي لڳو ته هو ڳالهائيندو ته روئي ويهندو سو بس چپ رهيو.
منظور خط ڏئي روانو ٿي ويو. حسين کيس ڪيتري دير تائين ويندو ڏسندو رهيو.
حسين بس سانت ڪيو صوفي تي ويٺو رهيو ۽ پنهنجي مٺ ۾ ڀڪوڙيل ڪاغذن کي نهاريندو رهيو. سندس همٿ جواب ڏئي وئي هئي. هو چاهيندي به اهي ڪاغذ کولي نه پئي سگهيو.
کيس اندازو هو ته پوليس جو تشدد سهندڙ انسان جي خط ۾ ڇا هوندو. انسانن جي پوليس هٿان تذليل ۽ روح تائين زخمي ڪندڙ تشدد هن ملڪ ۾ ڪو لڪل معاملو نه آهي. وڏيرن ۽ فوج جي پٺڀرائيءَ سان خلق خدا سان پوليس جيڪي جٺيون ڪندي آهي، اهي ڪنهن مهذب انساني معاشري جو وهنوار نه پر اوائلي حيواني دور جو وهنوار لڳنديون آهن.
حسين کي خط پڙهڻ جي اڻ تڻ پڻ هئي، پر هو ان کي کولڻ کان ڊنل به هو. آخر هن پاڻ کي خط کولڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ ڀنل اکين سان پڙهڻ شروع ڪيائين.
” پيارا ساٿي حسين، جيئي سنڌ جيئي پورهيت عوام
شهر جي هن پوليس لاڪ اپ جي ننڍڙي ڪوٺڙي مان جڏهن توکي هي سٽون لکي رهيو آهيان ته منهنجا هٿ ٿڙڪن پيا، اکيون سڄل آهن ۽ ويهي سگهڻ جي حالت ۾ نه آهيان. خط توهان کي لاڪ اپ جي ٿڌي زمين تي پيٽ ڀر ليٽي پيو لکان. منهنجا چتڙ خون سان ڀريل آهن، مٿان کَل لهي وئي اٿن ۽ ڪنهن قيدي ساٿيءَ جي گوڏ ٻڌي ليٽيو پيو آهيان، جو شلوار خون ۾ لت پت ٿي وئي آ.
پيارا ساٿي، ڪالهه مون کي گرفتاري نه ڏيڻي هئي، ۽ توهان جنهن ساٿي ڪريم کي وٺي آيا هئا ان سان گڏ جمهوري تحريڪ جي وڏي جماعت جي هڪ ساٿي کي گرفتاري ڏيڻي هئي. پر ان جماعت جو ڪو همراهه گرفتاريءَ لاءِ آيو ڪو نه، ان ڪري ساٿين مون کان پڇيو ته توهان گرفتاريءَ لاءِ تيار آهيو ۽ مون ها ڪئي. پيارا ساٿي، معاف ڪجو، مان توهان کي اڳواٽ ٻڌائي نه سگهيس ته آءُ گرفتاري ڏيڻ پيو وڃان. خير، توهان کي اهو ته معلوم هوندو ته جڏهن مون ۽ ڪريم گرفتاري ڏني ان وقت ڪن ماڻهن پوليس ۽ فوج جي گاڏين تي فائرنگ ڪئي. ان واقعي لاءِ نه پاڻ تيار هئاسون ۽ نه ئي انتظاميه، سو ڏاڍي ڀڄ ڀڄان ٿي وئي هئي ۽ انتظاميه ۾ پڻ افراتفري جو ماحول هو. پوليس اسان کي لتون، مڪون هڻندي سڌو فوجي ڇانوڻي وٺي وئي. مون کي ڇانوڻي پهچي اندازو ته ٿي ويو هو ته سرڪار ڏاڍي ناراض آ ۽ اسان تي تشدد ٿي سگهي ٿو، پر مون پاڻ کي دلاسو ڏنو ته متان صرف پڇا ڳاڇا لاءِ ڇانوڻي وٺي آيا هجن. ساٿي ڪريم ڏاڍو مايوس پئي لڳو. مون کيس همٿ ٻڌرائي، کيس چيو ته انقلابي ۽ جمهوري تحريڪن ۾ گرميون سختيون اينديون آهن، ۽ پاڻ هر حالت جو مقابلو ڪنداسون. ساٿي ڪريم چيو ته مون همٿ نه هاري آ، پر سندس تاثرن مان لڳو پئي ته هو ڪافي ڊنل آ.
اسان کي ڇانوڻي جي لاڪ اپ ۾ بند ڪري فوجي سپاهي هليا ويا پر ڪجهه دير کان بعد ٻه سپاهي آيا ۽ اسان کي لاڪ اپ مان ڪڍي، هڪ ڪمري ۾ وٺي ويا، جتي هڪ ميجر ويٺو هو. سندس چهري تي غضب جي ڪاوڙ هئي. اسان جيئن ئي اندر پهتاسون، ميجر رڙ ڪندي اسان جي سڄي قوم کي گار ڏيندي چيو ته توهان سنڌي، هندن جا اولاد آهيو ۽ سمورن سوالن جو سچ سچ جواب نه ڏنوَ ته توهان ٻنهي جي چتا کي هتي آفيس ۾ ساڙي ڇڏيندس.
سندس اهي جملا ٻڌي مون کان کل نڪري وئي، مون محسوس ڪيو ته فوجي ميس ۾ شايد انڊين فلمون ڏسڻ کان سواءِ کيس ڪو ڪم ڪونهي. چيو مانس ميجر صاحب جي توهان کان تاريخ وسري وئي هجي ته توهانکي ياد ڪرايان توهان سميت پاڪستان ۽ هندستان ۾ موجود لڳ ڀڳ سمورا انسان هندن جو ئي اولاد آهن ۽ سڀ بعد ۾ مسلمان ٿيا هئا ۽ جيڪڏهن سوال اهو هجي ته پراڻو مسلمان ڪير آ ته ان ۾ به منهنجا ابا ڏاڏا توهان جي ابن ڏاڏن کان پهرين مسلمان ٿيا هئا جو سنڌ باب الاسلام آ ۽ ننڍي کنڊ ۾ اسلام هتان کان ئي ٻين هنڌن تائين پکڙيو آ.
منهنجا اهي جملا ٻڌي ميجر صاحب جو منهن صفا ڳاڙهو ٿي ويو، مون محسوس ڪيو ته ساٿي ڪريم جي نرڙ تي پگهر جون بوندون تري آيون هيون. مون جنهن وقت ميجر کي اهي جملا پئي چيا ته اوچتو منهنجي نظر ميجر جي ڪرسيءَ جي پويان ڀت تي لڳل محمد علي جناح جي تصوير تي پئي. ”جناح صاحب ويچارو“ مون سوچيو، هنن فوجين کيس به شيرواني ۽ جناح ڪيپ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. هو هڪ جمهوريت پسند، سيڪيولر، آزاد خيالن جو انسان هو جن کي هنن اهڙو ته پڪو پاڪستاني سچو مسلمان ڪري ڇڏيو آ جو پاڻ به جي ويچارو پاڻ کي ڏسي ته جيڪر سڃاڻي نه سگهي.“
”پاڪستان جي بانيءَ جا ابا ڏاڏا به مسلمان نه هئا“ مون ميجر کي ٻڌايو. بس پوءِ ته سندس پارو آسمان تي پهچي ويو.” بڪواس بند ڪر ڪتي جا پٽ، هو رڙ ڪندي اٿي بيهي رهيو، ۽ ٻه ٽي چماٽون منهنجي منهن تي وهائي ڪڍيائين. مان وڃي ڀت سان لڳس. وات ۾ خون جو گرم ذائقو محسوس ڪيم، ميجر ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهيو هو، سندس وات مان گڦ پئي ڳڙي، اکيون ڳاڙهيون، جهڙو رت جهڙيون ٿي ويون هئس ۽ کيس اڀ ساهي لڳي وئي هئي. پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. ”تون ۽ توجهڙا انسان صرف جوتن جي زبان سمجهندا آهيو“، ميجر ڏڪندڙ جسم ۽ آواز ۾ چيو، ”توهان جهڙن جاهل ماڻهن سان ڳالهائڻ اجايو آ، صرف گوليءَ جو کاڄ بڻائڻ جي لائق آهيو، وٺي وڃو هنن کي انٽيروگيش روم ۾“ ميجر رڙ ڪندي حڪم ڏنو.
ٻه فوجي ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ ڪريم ۽ مون کي کنڀي ميجر جي ڪمري مان ٻاهر وٺي آيا. اسان ٻنهي جا هٿ هٿڪڙين سان پويان ٻڌل هئا. فوجي اسان کي آفيسرن جي ڪمرن جي راهداري جي آخر ۾ پهچي ساڄي پاسي ڦريا جتان ٿورو ئي اڳيان هڪڙو دروازو هو جنهن تي هڪ وڏو تالو لڳل هو. فوجين تالو کولي دروازي کي کوليو ته پريان هڪڙي ڏاڪڻ هئي جيڪا هيٺ پئي وئي. مون سمجهي ورتو ته اها ڏاڪڻ تهه خاني جي ڏاڪڻ آهي ۽ هيٺ ضرور ٽارچر سيل يا اذيتن ڏيڻ وارو ڪمرو هوندو. ڪريم جي منهن تي سخت ڏک ۽ خوف ڇانيل هو. مون کي لڳي پيو ته هو ويچارو بس ڄاڻ روئي ويٺو. مون ڪريم ڏانهن ڏسي مشڪيو پر مون کي محسوس ٿيو ته هو ڪوشش جي باوجود به مشڪي نه سگهيو. ساٿي ڪريم دل نه لاهجان، مون کيس آٿت ڏيندي چيو پر هن منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. مون کي ٿورڙي پريشاني پئي ٿئي ته اڃا ته مٿس ڪو تشدد ئي نه ٿيو آهي ته سندس اها حالت آ، جي فوجين مٿس تشدد ڪيو ته پوءِ هو ويچارو ڪيئن منهن ڏيندو؟ مون اڃا اهو ئي سوچيو پئي جو فوجي اسان کي هيٺ تهه خاني ۾ وٺي آيا جتي روشني نالي ماتر هئي ۽ سم ۽ ڪلر جي بوءِ سان گڏوگڏ پيشاب ۽ پائخاني جي ڌپ به هر طرف پکڙيل هئي. منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. خيال آيو ته ڪاش منهنجي سنگهڻ جي صلاحيت عارضي طور تي ختم ٿي وڃي ته جيڪر مان هن ڌپ جي عذاب کان بچي سگهان.
فوجي اسان کي تهه خاني ۾ ٺهيل هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيا جتي گهپ اوندهه هئي. هڪڙي فوجيءَ ماچيس جي تيلي ٻاري بجلي جو بٽڻ ڳوليو ۽ بلب ٻاري ڇڏيو. ٻه سو واٽ جو بلب ڪمري ۾ روشن ٿيو ته ڪمري جو ماحول آهستي آهستي واضع ٿيڻ لڳو. ڪمري جي وچ ۾ هڪ لوهي ڪرسي رکيل هئي جنهن تي ڪٽ چڙهي وئي هئي. ڪرسيءَ جي هٿن تي لوهي هٿڪڙيون لڳل هيون. ڪمري جي ڇت مان مختلف قسمن ۽ ماپن جون رسيون لڙڪي رهيون هيون جن سان لوهه ۽ ڪاٺيءَ جا مختلف اوزار ٻڌل هئا. اهي هٿڪڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون پئي لڳيون. مون سوچيو انسان کي جڏهن انهن هٿڪڙين يا ڏنڊا ٻيڙين سان ٻڌي مٿن تشدد ڪيو ويندو هوندو ته اذيت ڪيئن سهي سگهبي هوندي؟ يا ڏاڍ سهندڙ ماڻهو ڪيئن محسوس ڪندو هوندو يا ڪهڙي اها حد هوندي جڏهن انسان جو عزم جواب ڏئي ويندو هوندو ۽ هو ٽٽي پوندو هوندو؟ مون ڇت ۽ ڀتين تي پکڙيل خون جا ڦوهارا ڏٺا. مون سوچيو اهي ڪهڙا انسان هوندا جن ٻين انسانن جي جسمن تي اهڙا ايذاءَ ڏنا هوندا جو هنن جي جسمن مان خون جا ڦوهارا نڪري هر طرف پکڙجي ويا هوندا. مون کي شيخ اياز وري ياد آيو. هن چيو هو ”رت اڏي تان اڏيو سنڌ ڏسندي رهي، ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي.“ رت سان رڱيل هي ديوارون ڏسي مون سوچيو جن انسانن جو هي رت اڏيو هوندو انهن اذيت ڏيندڙن جي سامهون ڇاڇا نه اعتراف ڪيو هوندو ۽ ڪهڙا نه راز اوڳاڇيا ڪيا هوندا؟
پر ان سوچ جي گهرائيءَ ماپڻ سان گڏ ئي مون کي ڪي جواب به ملڻ شروع ٿي ويا. هڪ راز مون تي به کليو، اُن رات کان پهرين مون زباني ڪلامي ته ڪيترا دفعا اهو چيو هوندو پر اصل ۾ اهو راز منهنجي مٿان هن اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بيٺي کليو ۽ اهو راز هو ته انسان جي عزم کان طاقتور دنيا جي ٻي ڪا طاقت ٿي نه ٿي سگهي. هي اذيتون، مارون، ڦٽڪا، گوليون، خون جا ڦوهارا سڀ انسان جي عزم جي سامهون بي معنيٰ ٿا ٿي وڃن. مون کي سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي ويو ته جن پنهنجي خون سان هنن ڀتين تي نقش چٽيا آهن انهن ڇا محسوس ڪيو هوندو. مون کي انهن پرعزم ماڻهن پاران اذيت ڏيندڙن تي ٺٺولين جا آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيا.
ساٿي، هن اونداهي ۽ بدبودار ڪوٺيءَ ۾ بيٺي بيٺي هڪ نئين نور جنم ورتو. منهنجي اکين جي سامهون هڪ وڏو، اوچو، پرعزم ۽ مضبوط نور اڀري آيو. ان نئين جنم جي احساس سان گڏ منهنجي چهري تي مشڪ تري آئي. مون کي ڏسي منهنجي ڀر ۾ بيٺل ڪريم به ڪجهه ڪجهه دل ٻڌڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
مون سندس هٿ پڪڙيو ۽ کيس چيو، ”ساٿي ڪريم لڳي ٿو ته پاڻ سان هتي ڪو چڱو ورتاءُ نه ڪيو ويندو. خبر ناهي ڪيترو وڙهن ۽ خبر ناهي ڪهڙيون اذيتون ڏين سو پاڻ کي مضبوط ٿيڻو پوندو. اهو ڏاڍ سهي به ساٿين ۽ تحريڪ جي باري ۾ فوجين کي ڪا به معلومات ڏيڻي ناهي.“ پر مون محسوس ڪيو ته ساٿي ڪريم منهنجي ڳالهه ٻڌي ته ضرور پر شايد هو ان سان سهمت نه پئي لڳو. چيائين ا دا نور مون کي ڪا خبر ته آهي ڪو نه، جي ٻڌائڻ به چاهيان ته ڇا ٻڌائيندس. هن چيو ته ڪوشش ڪري مضبوط ٿيندس ۽ کين ڪجهه نه ٻڌائيندس پر ٻيلي جي ٽٽي پوان ته معاف ڪجو. مون سندس اکين ۾ ڏٺو جن ۾ ڳوڙها بس پنبڻين تي اٽڪيل هئا. مان خاموش رهيس. اڃا اسان جي خاموشيءَ کي چند منٽ ئي مس گذريا هوندا جو ساڳيو ميجر، جنهن جي سيني تي لڳل نالي واري پٽيءَ تي سندس نالو عباس لکيل هو، اذيت خاني ۾ داخل ٿيو. سندس پويان ٻه ٻيا فوجي سپاهي به داخل ٿيا. ”هنن ڪافرن کي ڪو عقل آيو؟“ ميجر داخل ٿيندي ئي اندر موجود سپاهين کان پڇيو جيڪي ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيا هئا ۽ سجاڳ ٿيندي ئي کين سلوٽ هڻڻ ياد آيو هو. ”سر- اسان کانئن اڃان ڪجهه ناهي پڇيو،“ هڪ سپاهي جواب ڏنو.
”هنن حرامين کي هتي مهمان ڪري رهائڻو اٿو ڇا جو ڪجهه ناهي پڇيو.“ عباس رڙ ڪئي. سپاهي خاموش رهيا. ميجر اسان ڏانهن مخاطب ٿيو ”ڏسو! مان توهان سان اڃا تائين ڏاڍي شرافت سان پيش آيو آهيان. هاڻ جي ترت توهان پنهنجن ٻين غدارن جا نالا سندن ايڊريسون ۽ سندن ڏوهه نه باسيا ته پوءِ ڇت ۾ اونڌو ڪري ٽنگيا ويندئو“.
”اسان جا ٻيا ڪي به ساٿي ڪونهن سو انهن جي ايڊريسن ۽ ڏوهن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.“ مون ميجر کي جواب ڏنو. ”بڪواس بند ڪر ڪوڙي جا پٽ“، هو وري ڳاڙهو ٿي ويو ”ڇا تنهنجو خيال آ ته آءٌ تنهنجي ان ڳالهه تي يقين ڪندس ته توهان جا ڪي به ساٿي ڪونهن ۽ هيءَ نام نهاد جمهوري تحريڪ پاڻمرادو پئي هلي ۽ سڄي صوبي ۾ ماڻهو پاڻ گهرن مان نڪري اچي ٿا گرفتاريون ڏين ۽ جلسا جلوس ڪڍن ۽ فوج تي گوليون هلائين؟“
”نه پاڻمرادو نه ٿي هلي“ مون کيس چيو، ”ملڪ جون ڪئي اهم سياسي جماعتون گڏجي، جمهوري اتحاد جوڙي هيءَ تحريڪ هلائي رهيون آهن ۽ انهن سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي اپيل تي ماڻهو جلوس ٿا ڪڍن ۽ گرفتاريون ٿا ڏين. انهن سياسي جماعتن جي اڳواڻن جا نالا ۽ ايڊريسون توهان کي خبر آهن، ڀلي وڃي کين گرفتار ڪيو.“
ميجر اهو جواب ٻڌي ٻه ٽي وڏيون گاريون وهائي ڪڍيون ۽ سپاهين کي چيائين ته ”ٽنگيو هنن ڪتي جي پٽن کي.“
پوءِ ته بس مڪن، چماٽن ۾ لتن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. مان وڃي منهن ڀر ڪريس ۽ منهنجي نڪ ۽ وات مان خون وهڻ لڳو. زمين تي پئي ئي مون پاسي ۾ ڏٺو ته ڪريم سور ۾ ٻيڻو ٿي ويو هو ۽ ٻه فوجي سپاهي کيس ڳورن بوٽن سان ڪک ۾ ٿڏا هڻي رهيا هئا. منهنجي اکين آڏو اوندهه اچي وئي. ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي لڳو ته آءٌ بي هوش ٿي ويو هوس. جڏهن ڪجهه هوش آيو ته محسوس ڪيم ته هو منهنجي ٻنهي پيرن کي رسيءَ سان ٻڌي رهيا هئا. اکيون کولي پاسي ۾ ڏٺم ته ڪريم اُتي ڪو نه هو. ڪنڌ ورايم ته ڏٺم ڪريم ڇت ۾ ابتو لٽڪيو پئي. سندس بت بلڪل سانت هو. ڪا چرپر منجهس محسوس نه پئي ٿي. ”ايڏو سڪون!“ مون سوچيو، ”ڪو ابتو ٽنگيل ماڻهو ايڏو پرسڪون ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ ڪجهه دير لاءِ خيال آيو ته مري ته نه ويو آ؟ پر پوءِ ان خيال کي ڇڏي ڏنم. هاڻ ابتي ٽنگجڻ جو وارو منهنجو هو. منهنجون ٻئي ڄنگهون ٻڌي، ٻن سپاهين ڇت مان لڙڪندڙ رسيءَ جي ٻئي ڇيڙي کي ڇڪڻ شروع ڪيو ۽ جيئن جيئن هو رسي ڇڪيندا پئي ويا، منهنجو جسم هوا ۾ کڄندو پئي ويو. سور جي سٽ منهنجي سڄي جسم مان اڀري. منهنجي نڪ مان خون وهڻ ته بند ٿي ويو هو پر نڪ جي ناليءَ ۾ خون ڄمي وڃڻ سبب ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو هو. فوجي سپاهين جي ڪوششن سان هاڻ منهنجو جسم به ڪريم جي جسم سان گڏ لڙڪي رهيو هو.
ميجر عباس وڌي اچي منهنجي لڙڪندڙ وجود جي ويجهو بيٺو، سندس چهرو، منهنجي چهري جي ويجهو هو. هو مون کي ابتو بيٺل پئي محسوس ٿيو. مان سندس ويجهو هوا ۾ لڙڪي رهيو هوس. هن مون کي وارن کان جهليو ۽ چيو، ”توکان وري به پڇان ٿو، جي نالا ۽ ايڊريسون شرافت سان نه ٻڌايئي ته پوءِ پنهنجي حياتي ۽ جسماني جوڙجڪ جي نقصان جو تون پاڻ ذميوار هوندين.“
”ميجر صاحب نالو نور اٿم، سيوا منڊلي ۾ رهندو آهيان، پيءُ پرائمري ماستر آ ۽ هن همراهه ڪريم سان گرفتاري واري هنڌ مليو آهيان، “ کيس جواب ڏنم.
”حراميءَ جا پٽ،“ هن مون کي وري گار ڏني. هاڻ ته لڳي ٿو ڄڻ اهو ئي منهنجو نالو آ.
”مون تنهنجو نالو ۽ ايڊريس نه پڇي آ. پنهنجي تنظيم جي لوڪل اڳواڻن جا نالا ٻڌاءِ انهن ماڻهن جا نالا ۽ ايڊريسون ٻڌاءِ جيڪي هن علائقي ۾ دهشت گردي ٿا منظم ڪن.“
”اهڙا ڪي به ماڻهو ڪونهن، ۽ جي آهن به ته آءٌ کين نه سڃاڻان.“
ميجر منهنجو جواب ٻڌي ڳالهايو ته نه پر اسان جي ڀرسان بيٺل ڏنڊا بردار سپاهين ڏانهن نهاريو ۽ اکين سان ئي کين ڪو پيغام ڏنائين. چئني سپاهين حڪم جي بجا آوري ڪندي اسان مٿان ڏنڊن سان حملو ڪري ڏنو. ڏنڊن جي وسڪاري سان سڄو جسم ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ گرم ٽانڊن مٿان رکيو ويو هجي. جسم جي جنهن عضوي تي ڏنڊو پئي لڳو ته محسوس ائين پئي ٿيو ڄڻ ان عضوي کي ڪٽي ڌار ڪيو ويو هجي. صرف چند منٽن ۾ پوري جسم جو ڪو اهڙو حصو نه رهيو هو جيڪو لڇندو نه هجي. رت ٺينڊيون ڪري نڪ، وات ۽ مٿي مان پئي وهيو. سلوار ۽ قميص خون ۾ آلا ٿي ويا هئا. مون تي بي هوشي طاري ٿيندي پئي وئي. انتهائي ڪمزوريءَ جو احساس غنودگيءَ جو سبب پئي بڻيو. بس بيهوش ٿيڻ کان ڪجهه گهڙيون پهرين مون آخري ڀيرو ڪنڌ ورائي ساٿي ڪريم ڏانهن ڏٺو، سندس پيشانيءَ تان خون ٽمي، تهه خاني جي بدبودار زمين ۾ جذب پئي ٿيو. هن هڪ لمحي لاءِ اکيون کوليون ۽ منهنجين اکين بند ٿيڻ کان اول مون سندس اکين ۾ جهاتي پاتي. ساٿي ڪريم جي اکين ۾ هاڻ نه پريشاني هئي، نه ڊپ ۽ نه ئي مايوسي، سندس اکين ۾ هڪ گهري سانت هئي. اهڙي سانت جيڪا عزم مان جنم وٺندي آهي.“
”مون کي هوش آيو ته فوجي ٽرڪ ۾ پيو هوس، ۽ منهنجي ڀرسان ڪريم تقريبا بيهوش حالت ۾ ۽ سور ۾ پاهه، ڪنجهي پيو. ٽرڪ جي سيٽن تي فوجي سپاهي ويٺا هئا ۽ انهن مان ڪي سگريٽ پيا ويٺا ڇڪن ته ڪي وري بي مطلب ٻاهر ويٺا نهارين. ڪريم ۽ مان فوجين جي پيرن ۾ ٽرڪ جي لوهي چادر تي سامان جي ڳنڍڙين جيان پيا هئا سون ۽ گاڏيءَ جي لوڏن سبب جسم تي لڳل زخم وڌيڪ لڇي رهيا هئا. خون ڄمي ويو هو ان ڪري وهي نه پيو پر ان جي آلاڻ جسم، اکين ۽ وات ۾ اڃان محسوس پئي ٿي.
”ڪاڏي پيا وٺي وڃن اسان کي؟“ مون سوچيو، ”ڇا وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ وڏي ڇانوڻي پيا منتقل ڪن يا وري شهر کان ٻاهر وٺي وڃي جعلي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندا؟“ پر منهنجا انومان غلط ثابت ٿيا ۽ فوجي ٽرڪ اچي شهر جي پوليس ٿاڻي ٻاهران بيٺي.
فوجين اسان کي ڄنگهن ٻانهن کان کنڀي ٽرڪ مان هيٺ لاٿو ۽ کڻي اچي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ بند ڪيو. لاڪ اپ ۾ ڪيترا ٻيا قيدي به موجود هئا. جن اسان جي اها حالت ڏسي اسان کي سهارو ڏنو ۽ جاءِ ڪري اسان کي ليٽايو. مان ۽ ڪريم اڌ غنودگي ۽ اڌ سجاڳي جي حالت ۾ هئاسون. لاڪ اپ ۾ ڪنهن اچي اسان کي پاڻي پياريو ته وري ڪنهن ڪپڙو آلو ڪري اسان جي زخمن تي رکيو. جهٽ پل لاءِ غنودگي طاري ٿي وئي. ساٿي، هن حالت ۾ مون کي امان ڏاڍي ياد آئي. مان پاڻ کي اٺن سالن جو ڇوڪرو محسوس ڪيو ۽ ياد آيو ته ڪيئن اسڪول وڃڻ کان پهرين امان پنهنجن هٿن سان مکڻ ۽ ماني کارائيندي هئي ۽ گهران نڪرڻ کان پهرين الائي ڪهڙيون ڪهڙيون دعائون پڙهي شوڪارا هڻندي هئي ته جيئن مون کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي. آءٌ کلندو ڪڏندو گهران نڪري ويندو هوس. اهو منظر منهنجي زندگيءَ جو خوبصورت ترين منظر آ. اذيت جي هن گهڙيءَ ۾ به ماءُ جي محبت جي ڇهاءُ منهنجي تڪليف گهٽ پئي ڪئي. منهنجو اهو منظر گهڻي دير تائين هلي نه سگهيو جو هڪ پوليس واري اچي مون کي غنودگيءَ مان سجاڳ ڪيو ۽ چيو ته ايس ايڇ او صاحب وٽ تنهنجي پيشي آ.
لاڪ اپ ۾ بند قيدين مون کي وري سهارو ڏئي اٿاريو ۽ پوليس جي ٻن سپاهين بغلن کان کنڀي اچي ايس ايڇ او جانب جي ڪمري ۾ بيهاريو. ڪمري ۾ ايس ايڇ او کان علاوه ميجر عباس پڻ موجود هو.
جانب مون ڏانهن ڏسي، پنهنجي چهري تي پريشاني جا آثار آڻيندي چيو ”نور ڇو ٿو پاڻ تي ظلم ڪرين بابا؟ اڙي ميجر صاحب جيڪو توکان پڇي ٿو کڻي کيس ٻڌاءِ. ڇو ٿو جوانيءَ ۾ مارون کائي معذور ٿين؟“
”سائين مان ڇا ٻڌايان؟“ مون جانب کي چيو، ”جنهن شئي جو مون کي علم ڪونهي ان جي باري ۾ ڇا ٻڌايان؟“
”ڏس ڏاهو ٿي، سچي ڪر، پوليس جي مار ڏاڍي خراب آ.“
”سائين جي ڪا خبر هجي ها ته ضرور توهان کي ٻڌايان ها.“ مون کيس جواب ڏنو.
”ايس ايڇ او صاحب هن مادر چوت سان ڳالهين ۾ وقت وڃائڻ اجايو آهي.“ ميجر عباس، جانب سان مخاطب ٿيندي چيو، ”آءٌ هي توهان جي حوالي ڪري ٿو وڃان سڀاڻي تائين مون کي سڄي معلومات گهرجي. توهان کي جيڪي وڻي طريقو استعمال ڪيو.“ ميجر عباس پنهنجو فرمان جاري ڪري اٿي بيٺو ۽ ٿاڻي مان روانو ٿي ويو. جانب ٿڙندو ٿاٻڙندو ميجر عباس جي پويان پويان کيس ٻاهر تائين ڇڏڻ ويو ۽ جڏهن واپس آيو ته کيس پوري طرح اندازو هو ته سندس ٿاڻي تان بدلي ان صورت ۾ ئي رڪجي سگهي ٿي جڏهن هو مون کان سڀ ڪجهه سچ سچ باسرائي وٺندو.
”نور صاحب ڇا ارادا آهن سڀ ڪجهه باسبو يا پنهنجو ۽ اسان جو وڌيڪ وقت وڃائيندين؟“ ايس ايڇ او جانب طنزيه انداز ۾ منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي سوال ڪيو.
”مان ته ڪنهن جو وقت نٿو وڃائڻ چاهيان، پر مون وٽ توهان کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي.“
”بڪواس. اڙي پوليس وارن کي سڀ خبر پوندي آهي ته ڪير ڪوڙو آ ۽ ڪير سچو آ، تون سراسر ڪوڙ پيو ڳالهائين.“
”ايس ايڇ او صاحب مان بلڪل ڪوڙ نه پيو ڳالهايان. مون کي ڪا خبر ڪونهي ۽ توهان جي چواڻي جي پوليس وارن کي سڀ خبر پوندي آهي ته پوءِ توهان ئي ميجر عباس کي سندس بي وقوف سوالن جا جواب ڏيو.“
منهنجي ان جواب تي ايس ايڇ او جانب سخت طيش ۾ اچي ويو. هن رڙ ڪري ٻن چئن سپاهين کي سڏ ڪيو. رات جي هن گهڙيءَ ۾ سندس سپاهي به ننڊاکڙا هئا. جن اچڻ ۾ ٻه ٽي منٽ لڳايا ۽ پوءِ اکيون مهٽيندا، ٽوپيون، بيلٽ ۽ پنهنجون قميصون ٺيڪ ڪندا ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ داخل ٿيا. ۽ جيتري دير ۾ سپاهي سجاڳ ٿي پهتا، جانب ڪچين گارين ۾ فصاحت ۽ بلاغت جا درياهه وهائي ڇڏيا.
”اڙي هي ڪتي جو پٽ سمجهي ٿو ته اسان چوتيا آهيون، هن جي بڪواس سمجهي نٿا سگهون. ٻه اکر ڇا پڙهي ٿا وڃن هنن لوسين جو دماغ ئي خراب ٿيو وڃي،“ جانب سڄي ڪٿا وائڙن سپاهين جي سامهون بيان ڪري ڇڏي جيڪي ڪڏهن جانب ڏي پيا نهارين ته ڪڏهن مون ڏانهن.
جانب سپاهين جي وائڙپ ڏسي کين پٽي گار ڏني ۽ چيو ته ”نڀاڳا هن گڏهه کي ٿرڊ ڊگري ڪري سڀ ڪجه باسرايوس وٺي وڃو هن کي هتان.“ سپاهين کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو ڪجهه نه، پر هو مون کي ڇڪيندا، پٽيندا، چماٽون هڻندا ايس ايڇ او جي ڪمري کان ٻاهر گهلي آيا. مون به کين گاريون ڏنيون جنهن تي هنن جي ٺونشن جو وسڪارو اڃان تيز ٿي ويو.
هو مون کي ڪٽيندا ٿاڻي جي پاسي ۾ ٺهيل هڪ ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيا. هن ڪوٺڙيءَ ۾ عجيب طرح جي بوءِ هر طرف پکڙيل هئي. اهڙي بوءِ جنهن کي آءٌ ڪو نانءُ ته نه ٿو ڏئي سگهان پر اهڙي هئي جنهن کي سنگهي انسان کي قبر جو گمان ٿئي.
”اڙي لاهه سلوار ڪتي جا پٽ، باوردي سپاهين تي هٿ ٿو کڻين!“ هڪڙي سپاهي مون کي چماٽ هڻندي حڪم ڏنو.
مون سپاهيءَ جي حڪم جي تعميل ڪرڻ مناسب نه سمجهيو سو چپ چاپ بيٺو رهيس. مون کي هن وقت اهو اطمينان محسوس ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ هينئر ڪريم تي تشدد نه پيو ٿئي. ”اڙي هن نواب جي سلوار لاهيوس،“ سپاهي هاڻ پنهنجن ٻين سپاهين کي حڪم ڏنو جيڪي شايد کانئس رئينڪ ۾ گهٽ هئا. ٻن سپاهين اچي مون کي ٻانهن کان پڪڙيو. جڏهن ته ٽئين سٽ ڏئي منهنجي سوار لاهي ڇڏي. منهنجون ڄنگهون ڪمزوري ۽ سور سبب ٿڙڪي رهيون هيون ۽ غنودگي طاري ٿيندي پئي وئي. پر ساٿي اڄ ايترو تشدد برداشت ڪرڻ کان بعد مون کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته انسان جي سهپ جي صلاحيت جو ڪو انت ڪونهي. انسان جيڪڏهن اندر ۾ ارڏي ٿيڻ جو پڪو فيصلو ڪري ورتو ته پوءِ کيس تشدد سان جهڪائڻ يا ٽوڙڻ ناممڪن آهي. ٻن سپاهين منهنجا هٿ پير سوگها ڪري ڪوٺڙيءَ جي وچ تي پيل ٽيبل تي ليٽائي ڇڏيو جڏهن ته ٽيون سپاهي چمڙي جو ٺهيل هڪ ننڍڙو هنٽر کڻي آيو جنهن کي ”سچو پتر“ پيا چون.
”اڙي هنن سچوپتر وڏن وڏن چورن ڌاڙيلن کي سڌو ڪري ڇڏيو تون ڇاهين سنگل پاسري؟“ سچو پتر واري همراهه پاڻ پڏائيندي چيو، ”هاڻ سڀ سچ سچ ٻڌاءِ.“
”ڇا ٻڌايان؟“ مون کانئس پڇيو.
”جيڪو ايس ايڇ او صاحب پڇڻ پيو چاهي،“ سپاهي چيو.
”مون کان ته ايس ايڇ او صاحب ڪجهه پڇيو ئي ڪو نه هو“ مون کين جواب ڏنو. جواب ٻڌي چارئي سپاهي وائڙا ٿي بيهي رهيا.
”اڙي نيازي، جانب صاحب کان پڇي اچ ته هن نموني کان ڇا باسرائڻو آ“ سينيئر سپاهيءَ ٻئي همراهه کي هدايت جاري ڪئي. نيازي نالي هي سپاهي ٻڏتر ۾ هو. کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪيئن ايس ايڇ او صاحب کان وري پڇڻ وڃي. دل ٻڌي آخر هو ايس ايڇ او کان پڇڻ لاءِ روانو ٿيو. آءٌ اڃان ٽيبل تي اوگهاڙو، منهن ڀر ليٽيو پيو هوس ۽ هن ٿوري جهٽ ۾ به جڏهن منهنجي جسم تي تشدد نه پئي ٿيو، مون کي آرام جو احساس پئي ٿيو ۽ مورڳو ننڊ پئي آئي. خبر ناهي ته اها ننڊ هئي يا بيهوشي، اوچتو ڪوٺڙيءَ جو در انتهائي زور سان کليو، اهڙو جو مون کي محسوس ٿيو ته دروازو پنهنجين انجيسن مان نڪري آيو هوندو. ساڻ ئي جانب پنهنجي عملي کي گاريون ڏيندي داخل ٿيو ۽ سندس پويان نيازيءَ جي سائين جي سائين ڪندو داخل ٿيو. ”اڙي حرامي توهان کي دماغ آهي يا مٿي ۾ ميڄالي جي جاءِ تي گنهه ڀريل اٿو؟“ جانب گجگوڙ ڪئي ”هڪ معمولي ڇوري کان به ڪجهه باسرائي نٿا سگهو؟“
”پر سائين ڇا باسرائيون؟ توهان ڪجهه ٻڌايوئي ڪونهي.“ سپاهي ڏاڍي آهستگيءَ سان جواب ڏنو. جانب ڏانهنس مخاطب ٿيندي چيو، ”جمعدار سبحان هن کان پڇي ڏيو ته جمهوري تحريڪ جي قيادت ڪير ٿا ڪن، ڪٿان ٿي تحريڪ هلي ۽ کين پئسا ڪير ٿو ڏي؟“ جانب ڪجهه ٿڌو ٿيندي چيو.
”سائين مٺا ائين چئو نه،“ جمعدار سبحان ايفيشنٽ ٿيندي جواب ڏنو ”هاڻي ٿا سڀ ڪجهه باسرايونس، توهان هلي آرام ڪيو.“ جانب ڀڻ ڀڻ ڪندو ڪوٺڙيءَ مان نڪري ويو. جمعدار سبحان هاڻ پنهنجو ڌيان مون ڏانهن ڏنو ۽ پنهنجي آواز ۾ رعب پيدا ڪندي چيو ”اڙي سڀ ڪجهه سچي ڪر، هي تحريڪ ڪير پيا هلائين ۽ انهن جون ايڊريسون ۽ ٺڪاڻا ڪهڙا آهن؟ جلدي ٻڌاءِ نه ته اڄ صفا اڦٽ ماري ڇڏينداسون ئي.“
مان هنن جي ساڳي ساڳي بڪواس ٻڌي تنگ ٿي ويو هوس. سو جواب ڏنو مان ته، ”بابا اهڙا چوتيا سوال بند ڪيو ۽ جيڪا مار ڏيڻي اٿو ڏئي جان ڇڏايو. اجايو ويٺا دهمان ٻڌو.“
ساٿي، منهنجي اِن جواب کان بعد پوليس وارن منهنجن چتڙن تي سچو پترن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. پهرين پنجن ستن ڌڪن تي جان ڏاريندڙ سور ٿيو، هر ڌڪ سان محسوس پئي ٿيو ته چتڙ تان کله پٽجي پئي آئي پر پوءِ منهنجو هيٺيون جسم پوري طرح سُن ٿي ويو. چيلهه کان هيٺ جي جسم جو احساس به مري ويو. مون کي ياد ناهي پوءِ هو ڪيتري دير تائين منهنجي مٿان سچو وسائيندا رهيا. مان هڪ ڀيرو وري بي هوش ٿيندو پئي ويس. پر مڪمل بي هوشي طاري ٿيڻ کان پهرين مون کي اها پريشاني تنگ ڪرڻ لڳي ته ڇا هن تشدد سبب مان مڙسيءَ کان ته نه وهجي ويندس؟

***