3
حُسين تڙ تڪڙ ۾ وهنجي، نيرن ڪري بس اسٽاپ ڏانهن روانو ٿيو جتان کيس ڀر واري شهر وڃڻو هو. پنڌ ڪندي شهر جي رستن تان گذرندي حسين کي محسوس ٿيو ته شهر ۾ ڪارن، موٽرن، رڪشن، ٽانگن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ عام رواجي نموني جاري هئي. کيس هڪڙي لمحي لاءِ خيال آيو ته جيتوڻيڪ ماڻهن جو هڪ چڱو تعداد فوج خلاف جدوجهد ۾ شامل آ،. پر کيس پوءِ به لڳو پئي ته جيئن ڀرپور نموني سان سڄي ملڪ جي ماڻهن کي ٻي هر شئي ڇڏي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ گهرجي هو اهڙي طريقي سان ڪونهن. ”ڀلا جڏهن ايترا ماڻهو فوج جي گولين جو کاڄ بڻجن ۽ ماڻهن مٿان ظلم جي حد ٿي وڃي پوءِ به هي ماڻهو اهڙا بي حس رهن اهو ڇو ٿو ٿئي.“ حسين سوچيو ”شايد ان جو سبب متان اهو هجي ته سياسي ڪارڪن اڃان پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا نه پيا ڪن، يا وري شايد ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ وارين جماعتن جو اثر عوام مٿان تمام گهڻو آ، يا وري عوام کي ان جي پرواهه ئي ڪونهي ۽ رڳو سياسي جماعتون پيون واويلا ڪن؟
حُسين جڏهن بس اسٽاپ تي پهتو ته ويگن اڃا خالي هئي ۽ صرف چند سيٽن تي ماڻهو پنهنجا رومال، ڪتاب يا سگريٽ جا پڪيٽ رکي ويا هئا. جن جو مطلب اهو هو ته اهي سيٽون والارجي ويون آهن پر همراهه آس پاس ۾ ڪنهن چانهن جي دوڪان يا وري ڪمند جي جوس جي کوکي تي ويٺا آهن يا وري پاسي ۾ بيهي سگريٽ يا ٻيڙي پيا ڇڪن. حسين به هڪڙي خالي سيٽ تي پنهنجو ڪتاب رکي سيٽ کي والاري ڇڏيو ۽ پاڻ پاسي ۾ بيهي آسپاس جو واءُ سواءُ وٺڻ لڳو. بس اسٽاپ تي ڪافي رش هئي. صبح جو وقت هئو ۽ بسون ۽ ويگنون پسگردائيءَ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي مسافرن سان سٿيون پيون هيون. عورتن، مردن، ٻارن، پوڙهن ۽ جوانن جا انبوهه هئا جيڪي ڌڌڙ اڏائيندڙ بسن ۽ ويگنن مان لهن ۽ چڙهن پيا. مسافرن مان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ تندرست، هشاش بشاش ۽ مڇي مانيءَ وارا پئي لڳا نه ته اڪثريت ماڻهن جي ڏٻري، ڪمزور، بيمار ۽ پريشان پئي لڳي. اڌ اگهاڙا ٻار، پيرين اگهاڙين عورتن جي سينن سان چنبڙيل هئا، جيڪي ڏٻرن مردن پويان ڏاڍي نهٺائي سان هلنديون پئي آيون.
حسين جي دل ۾ سٽ اڀري. ”اسان انقلابي آهيون، ۽ هنن ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ پيا وڙهون.“ هن سوچيو، ”جمهوريت ته هڪ رستو آ ان انقلاب ڏانهن وڌڻ جو جنهن جو بنياد مارڪس ۽ لينن رکيو ۽ جنهن کي مائوزي تنگ ۽ هوچي منهه اڳتي وڌايو. اسان کي جدوجهد تيز ڪرڻ کپي.“ حسين کي اهو خيال ايندي ئي خون جي گردش ۾ تيزي محسوس ٿي. هن کي لڳو ته هو هڪڙي عظيم مقصد خاطر پنهنجي زندگي کي وقف ڪري رهيو آهي.
”هلو هلو بابا، چڙهو ويگن تي ويهو ته روانا ٿيون.“ اوچتو ويگن جي ڪلينر جي اعلان سبب حسين خيالن جي سلسلي مان واپس وريو. ويگن ۾ ماڻهن ويهڻ شروع ڪري ڏنو هو. سو حسين به وڃي پنهنجو ڪتاب کڻي سيٽ تي ويٺو. بظاهر ته ويگن ڀريل هئي پر ڪلينر اڃا ٻين مسافرن لاءِ واڪا ڪري رهيو هو. هڪ ٻن مسافرن کيس ناراض ٿيندي چيو ته ويگن ڀريل آ، هاڻ کڻي هل. ”ڇا ٻين مسافرن کي اسان جي ڪڇ ۾ ويهاريندين؟“
پر ڪلينر کي انهن طعنن جي ڄڻ ته ڪا پرواهه ئي نه هئي ۽ لڳي پيو ته هو روز اهڙن بد دماغ مسافرن سان پيو ملندو آ. ڪلينر مسافرن جا واڪا هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيا پر پنهنجا واڪا جاري رکيا. انهيءَ وچ ۾ ڊرائيور ويگن کي اڳتي پوئتي ڪندو رهيو جڏهن ته ڪلينر ويگن جي در تي زور زور سان هٿ هڻي واڪا ڪندو رهيو ته روڪ، استاد روڪ! ڄڻ ته جيڪڏهن ڪلينر رڙيون نه ڪري ته جيڪر ڊرائيور ويگن ڪاهيو هليو وڃي. جيتوڻيڪ گذريل پنجويهن منٽن کان مسافر ويگن ۾ سوار هئا ۽ ڪلينر جي روڪ استاد روڪ لڳي پئي هئي. آخر خدا خدا ڪري ڪلينر ٽي مسافر ٻيا ويگن ۾ ويهاريا ۽ سڀني ماڻهن لاءِ سوڙهه ڪري ڇڏيائين پوءِ وڃي کيس آرام پهتو، جنهن بعد هن دروازي ۽ سيٽ جي وچ واري وٿيءَ ۾ پاڻ کي ڦاسائي، ويگن جو در ڇڪي بند ڪيو ۽ مٿي تي ويڙهيل مفلر لاهي جهولي ۾ رکندي ڊرائيور کي چيو ”استاد هليو هل هاڻي.“ ڪلينر جي چهري تي هاڻ اطمينان نظر آيو ۽ هن کاٻي ڪن ۾ اٽڪايل ٻيڙي ڪڍي اُن کي دکايو. حسين کي اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو دلچسپ پئي لڳو. ڪيترا مسافر ان سڄي طريقي تي ڪاوڙيا پر حسين ان کي هڪ مشاهدي جي نظر سان پئي ڏٺو، کيس لڳي پيو ته جڏهن هو ملڪ ۾ انقلاب آڻيندا ته پوءِ سموريون شيون تبديل ٿينديون ۽ ان مان هڪ نئين قوم جنم وٺندي جنهن جا رويا، طريقا ۽ سوچ جا انداز سڀ مختلف ۽ بهتر هوندا.
ويگن شهر مان نڪري پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هئي. دريءَ مان کيس ٻنهي پاسن کان اونچا اونچا وڻ ۽ نظر کٽڻ تائين سر سبز ٻنيون پئي نظر آيون. سج به مٿي چڙهي آيو هو، جنهن سبب گرميءَ جو احساس پڻ ٿئي پيو. پر دريءَ مان ايندڙ تيز هوا حُسين کي فرحت پئي ڏئي ۽ سندس وڏا وار تيز هوا ۾ سندس چهري تي وکرجي ويا هئا. خبر ناهي ڇو اها ساعت کيس ڏاڍي رومانوي پئي لڳي. ۽ کيس اوچتو ان غزل جا لفظ ذهن تي تري آيا جيڪو هو رات ٻڌندي ٻڌندي سمهي پيو هو.
”کٹھن ہے راہ گذر، تھوڑے دور ساتھ چلو
بہت کڑا ہے سفر تھوڑے دور ساتھ چلو
تمام عمر کہاں کوئی ساے دیتا ہے،
میں جانتا ہوں مگر، تھوڑے دور ساتھ چلو.“
شهر جي ٻاهران شاخ جي ڀرسان ننڍڙي باغ ۽ گهاٽن ساون وڻن جي وچ ۾ جهانزيب جي اوطاق هئي، جتي حُسين کي پهچڻو هو، هو ويگن مان لهڻ کان پوءِ دز ۽ مٽيءَ سان سٿيل رستا ۽ گهٽيون لتاڙيندو اچي جهانزيب جي اوطاق تي پهتو، ۽ اتي ويٺل همراهن کان جهانزيب جو پڇيائين. اوطاق تي موجود همراهن حُسين کي کيڪاريو ، کيس ويهاريو ۽ هڪڙي ٻار کي جهانزيب جي گهر موڪليائون ته کيس وڃي ٻڌائي ته سندس مهمان آيو آ. حسين اوطاق جي ٻاهران شاخ جي ڀر ۾ ڪرسي تي ٿي ويٺو ته کيس شهر جي وٺ وٺان ۽ گاڏين ۽ رڪشائن جي شور ۽ گهمسان کان ٻاهر نڪري سڪون جو احساس ٿيو. هو شاخ ۾ وهندڙ ميٽاڻي پاڻيءَ کي ڏسي رهيو هو ۽ سندس ذهن ڪجهه ساعتن لاءِ ٻيو سڀ وساري صرف ان اونهي سڪون جو مزو وٺي رهيو هو جيڪو هن خوبصورت منظر سبب کيس ملي رهيو هو. حسين کي ويٺي اڃان ڏهه پندرهن منٽ مس گذريا هوندا ته کيس پري کان جهانزيب جو خوشيءَ ۾ ٻهڪندڙ چهرو نظر آيو. حسين ۽ جهانزيب ڏڍا سٺا دوست آهن. پارٽيءَ جا لڳ ڀڳ هڪ جهڙا سٺا ڪارڪن آهن ۽ سندن وچ ۾ دوستي ٻارن جي هڪ گڏجاڻيءَ کان شروع ٿي هئي.
جهانزيب اچي حسين سان ڀاڪر پائي مليو ۽ پوءِ جڏهن ٻنهي گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو ته حسين کي جهانزيب جي گرفت ڏاڍي پرخلوص ۽ مضبوط لڳي. جهانزيب ڪيترا ڀيرا حسين کي سندس ڳوٺ اچڻ لاءِ دعوت ڏني هئي پر هو اچي نه سگهيو هو. اڄ حسين جي اچڻ تي جهانزيب کي حيرت به هئي ته خوشي به. ”ڪر خبر حسين اوچتو ڪيئن اچڻ ٿيو؟ اطلاع به نه ڪيو اٿئي، پر هاڻ آيو آهين ته منجهند جي ماني کائي وڃجان.“ جهانزيب ڏاڍي پاٻوهه مان سڀ ڪجهه هڪ ساهي چئي ويو.
”يار ڪجهه سنگت جو ڪم آ، ان سلسلي ۾ آيو آهيان. تو وٽ ڪجهه دير ويهندس، چانهه پيئنداسون پر مانيءَ جي تڪليف نه ڪر، وري موٽي وڃڻو آهي.“ حسين چيو.
”چانهه به پيئون ٿا ۽ سنگت جو ڪم به ڪيون ٿا پر آرام ڪر. ماني کائي پوءِ وڃ.“
”نه جهانزيب اصل ۾ هتي هڪڙو ساٿي رهندو آ ڪريم، آءٌ ان کي وٺڻ آيو آهيان. سنگت فيصلو ڪيو آ ته کيس جمهوري تحريڪ ۾ اڄ گرفتاري ڏيڻي آ. سو آءٌ کيس وٺي واپس ورندس ۽ شام جو پنجين وڳي کيس گرفتاري ڏيڻي آ.“
جهانزيب کي هاڻ معاملي جي سمجهه آئي، ”ٺيڪ آ، آءٌ ننڍي ڀاءُ جي هٿان چانهن ٿو موڪليان ۽ پاڻ وڃي ڪريم کي وٺي ٿو اچان.“
”ٺيڪ آ،“ حسين وراڻيو. حسين جهانزيب کي ويندي ڏسي مسڪرائڻ لڳو. سندس ڀرسان اتان جو هڪ ٻيو ساٿي ويٺو هو. ٻنهي عليڪ سليڪ کان پوءِ حالتن بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ٿوري دير ۾ ئي جهانزيب جو ننڍڙو ڀاءُ چانهن جو ڪوپ کڻي ايندو نظر آيو. سندس ڪوپ کڻي اچڻ هڪ معجزي کان گهٽ نه هو. ٻنهي هٿن ۾ ساسر پڪڙي، ڪوپ کي کڙڪائيندو، کڙڪائيندو، چانهه ڇلڪائيندو ۽ سڄي واٽ ڪوپ ۾ نظر وجهيو ڄڻ ته سرڪس جي رسيءَ تي هلندي هلندي جهانزيب جو ڀاءُ حسين تائين پهتو هو.
”ادا چانهه پئو“، ننڍڙي ڏاڍي عزت سان چانهه جو ڪوپ حسين ڏانهن وڌائيندي چيو. حسين مشڪندي کانئس چانهه جو ڪوپ وٺي کيس مصيبت مان آجو ڪيو ۽ پيار سان سندس مٿي تي هٿ رکيائين . هو خوشيءَ مان ٺينگ ڏيندو، ڊوڙندو نظرن کان غائب ٿي ويو. حسين چانهه جي ڪوپ مان سرڪ ڀري، وري اوطاق تي ويٺل همراهن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو. هو ويٺلن مان گهڻن کي نه سڃاڻيندو هو، ان ڪري ساڻن حال احوال به ڏاڍي احتياط سان پئي ڪيائين. حسين کين پنهنجي اچڻ جو سبب به نه ٻڌايو، پر مجموعي سياسي صورتحال تي هو انهن سان هڪ عام ماڻهوءَ جي حيثيت سان ڪچهري ڪندو رهيو.
لڳ ڀڳ مني ڪلاڪ کان پوءِ جهانزيب ۽ ڪريم به پنهنجي ٿيلهي سان گڏ اچي اوطاق تي پهتا. حسين وڌي وڃي ڪريم سان هٿ ملايو ۽ هوريان سان ٻنهي کي چيائين ته هو اوطاق تي ويٺل همراهن جي سامهون گرفتاري متعلق حال احوال نه ڪن.
جهانزيب ۽ ڪريم ڳالهه کي سمجهيو ۽ اچي سڀ وري ڪرسين ۽ کٽن تي ويٺا.
حسين اڌ ڪلاڪ کن ويهڻ کان پوءِ جهانزيب ۽ ٻين کان موڪلايو جنهن بعد ڪريم ۽ هو بس اسٽاپ ڏانهن روانا ٿيا جتان کين ضلعي جي وڏي شهر واپس اچڻ لاءِ بس ملڻي هئي.
ڊاڪٽر احمد، حسين کي سمجهايو هو ته ڪريم کي هوٽل تي ماني کارائي، پوءِ شام جو پنجين وڳي کيس شهر جي چوڪ وٽ ان هنڌ وٺي اچي جتان کيس گرفتاري ڏيڻي آهي. ان ماڳ تي کيس گرفتاري ڏيڻ وارا هڪ يا ٻه ٻيا ساٿي به ملندا ۽ پوءِ سڀ گڏجي، گلن جا هار پائي، فوجي حڪومت جي خلاف ۽ جمهوريت جي حق ۾ نعرا هڻندا، جلوس جي شڪل ۾ سول نافرماني جي تحريڪ جي تحت گرفتاري پيش ڪندا.
حسين سڄي صورتحال ڪريم کي سمجهائي ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته گرفتاري کان بعد کيس سندس روزاني استعمال جو سامان ۽ سندس ٿيلهو پهچايو ويندو.
ٻئي ڳالهيون ڪندا ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندا اچي بس اسٽاپ تي پهتا، ۽ شهر ڏانهن ويندڙ بس ۾ سوار ٿيا. ڪريم جي چهري تي پريشانيءَ جا آثار هئا. هو جيتوڻيڪ گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ رضامند هو ۽ پارٽيءَ کي ڪيترا دفعا چيو هئائين ته گرفتاريءَ لاءِ تيار آ، پر هاڻ جڏهن وقت اچي پڳو هو ته کيس اڻ ڏٺل آئيندي بابت اَنومانُ جاڳي پيا هئا. ڪريم پنهنجي گرفتاريءَ جو پنهنجي گهر وارن کي به نه ٻڌايو هو سو کيس اها اڻ تڻ به هئي ته جڏهن سندس گهر وارن کي معلوم ٿيندو ته هو ڪيترو نه پريشان ٿيندا. حسين سندس ذهن ته پڙهي نه پئي سگهيو پر سندس چهري جي تاثر مان اهو سمجهي ٿي سگهيو ته هو دليون پيو هڻي. ”ڪريم ڇا پيو سوچين؟“ حسين کانئس پڇيو.
”ڪجهه به نه“ ڪريم وراڻيو.
”ٻڌ ساٿي، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي يا گرفتاري نٿو ڏيڻ چاهين ته هاڻي ٻڌاءِ“
”نه نه، اهڙي ڳالهه ڪونهي مان گرفتاري ڏيندس. پر صورتحال خبر ناهي ڇا ٿئي. ان بابت ته انسان سوچيندو آ نه؟“ ڪريم چيو.
حسين سندس ڳالهه ٻڌي ٿوري دير لاءِ سندس اکين ۾ ڏسندو رهيو پوءِ ڪنڌ ورائي بس جي دريءَ مان ٻاهر پري پري تائين سرسبز ٻنين ڏانهن ڏسڻ لڳو. سندس ذهن ۾ ڪيئي خيال گردش ڪري رهيا هئا.
هن گذريل ڏينهن جي ساٿين جي ميٽنگ بابت سوچيو جنهن ۾ هن پاڻ به پئي اڻ ڏٺل مستقبل بابت سوچيو، ۽ کيس پنهنجي گهر وارن جي پريشانين جون سوچون پئي آيون.
هن کي پنهنجي ننڍپڻ جا خيال پڻ آيا جڏهن هو اٺن سالن جو هو ۽ کيس سندس نانو چوندو هو ته، ”بابا جلدي وڏو ٿي ۽ پنهنجي ماءُ کي ڪمائي کاراءِ، تون ئي ته گهر جو وڏو آهين.“ کيس سندس ماءُ جا راتين جو لڪي لڪي ڳوڙها وهائڻ پڻ ياد آيا جيڪي هوءَسندس ڳڻتيءَ ۾ وهائيندي هئي. حسين جي ماءُ کي سدائين اهو کٽڪو هوندو هو ته هو گرفتار ٿي ويندو يا کيس ڪا گولي لڳي ويندي. حسين سدائين پنهنجي ماءُ کي چوندو هو ته ”امان مون کي ڪجهه به نه ٿيندو.“ ۽ پوءِ کلندو کلندو گهر کان نڪري ويندو هو. پر کيس خبر هئي ته سندس ماءُ هر وقت الڪي ۾ هوندي هئي ۽ جيستائين هو رات جو گهر واپس نه ورندو هو تيستائين ويٺي سندس انتظار ڪندي هئي.
هڪ پل لاءِ حسين جي ذهن ۾ ياسمين جو خيال آيو، سندس سڳنڌ بس جي دريءَ مان ايندڙ تازي هوا مان کيس پنهنجن حواسن ۾ محسوس ٿيو ۽ چهري تي لڳندڙ هوا ۾ کيس محسوس ٿيو ته ياسمين جا وار سندس چهري تي ناچ ڪري رهيا آهن. گذريل رات ياسمين کي پاڻ وٽ نه رهائڻ تي حسين کي ندامت جو احساس به ٿي رهيو هو. ”ويچاريءَ جو دل ٽٽي پيو هوندو، کيس ڪيڏو ڏک ٿيو هوندو؟“حسين کي خيال آيو. پر پوءِ هن پنهنجي ئي خيال جي نفي ڪئي، ”ڀلا آخر آءٌ ڇا ڪريان ها؟ ڪيئن ممڪن هو ته کيس پاڻ وٽ ترسايان ها؟“ هن پاڻ کان ئي سوال ڪيو، ”نه مون بلڪل ٺيڪ ڪيو.“
حسين کي اوچتو ان شهر جو خيال آيو جتي ڪالهه فوج جلوس تي فائرنگ ڪري ڪيترا ماڻهو شهيد ۽ ڦٽي ڪري وڌا هئا. ان خيال سان حسين پنهنجي رت جي وهڪري ۾ تيزي محسوس ڪئي. سندس چهري جي تاثرن ۾ سختي پيدا ٿي وئي. ”هي وقت جدوجهد جو آ، پنهنجي قوم ۽ ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ هلائي ملڻ جو آ، پيار محبت جهڙيون شيون اجايون آهن.“ حسين ڄڻ پاڻ کي ڪو نڪتو مڃائڻ لاءِ خود ڪلامي ڪئي.
”ڀائو، حسين مون سان گڏ ٻيو ڪير گرفتاري ڏيندو؟“ اوچتو ڪريم کانئس سوال ڪيو.
”ڀائو ڪريم في الحال مون کي خبر ڪونهي پر شهر هلي خبر پوندي.“ حسين جواب ڏنو، ”منهنجو خيال آ ته ٻيو همراهه جمهوري اتحاد جي ڪنهن ٻئي جماعت جو هوندو.“
”ڀلا جيل ۾ اسان جي سار سنڀال ته لهندؤ نه؟“ ڪريم پڇيو.
حسين مشڪي سندس هٿ تي هٿ رکيو ڄڻ ته کيس سار سنڀال جي پڪ ڏياري پر زبان سان ڪجهه نه ڪڇيو.
حسين ۽ ڪريم جڏهن شهر پهتا ته ان وقت منجهند جا ٽي ٿيڻ وارا هئا. گرفتاريءَ جو وقت پنج وڳا هو ۽ ٻنهي کي بک به ڏاڍي لڳي هئي. حسين، ڪريم کي وٺي اچي هڪڙي هوٽل تي ويهاريو. منجهند جي سخت گرميءَ سبب روڊن ۽ رستن تي ماڻهو توڙي سواريون ايڪڙ ٻيڪڙ هيون ۽ هوٽل تي به صرف ڪي ٻه چار ماڻهو ويٺا هئا. حسين ۽ ڪريم اُتي ماني کاڌي، حسين کي شام جي گرفتاريءَ جي اڻ تڻ هئي ۽ کيس ساٿين سان ڳجهي جاءِ تي ملي کين اطلاع پڻ ڏيڻو هو ته هو ڪريم کي وٺي آيو آهي. هن ڪريم کي چيو ته هو ويهي انتظار ڪري هوٽل تي تيستائين هو واپس ٿو اچي. حسين هوٽل مان نڪري تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ساٿين واري جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن هو ڳجهي جاءِ تي پهتو ته اتي ڊاڪٽر احمد ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي موجود هئا. هن کين ٻڌايو ته ڪريم هوٽل تي ويٺو آهي. کيس سڀ ڪجهه سمجهائي ڇڏيو آهي ۽ گرفتاري کان ڪجهه وقت پهرين ذميوار ساٿي ساڻس ملي کيس ساڻ ڪري پوءِ گرفتاريءَ واري هنڌ وٺي اچن. حسين جو ڪم هاڻ پورو ٿيو هيو ۽ وڌيڪ ذميواري ٻين ساٿين جي هئي. کيس هاڻ شام جو پنجين وڳي کان اول گرفتاريءَ واري هنڌ تي پهچي جلوس ۾ شامل ٿيڻو هو. جتان پوءِ گرفتاري ڏيڻ وارا ساٿي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار پائي فوجي حڪومت خلاف نعرا هڻندي گرفتاري پيش ڪندا. حسين پنهنجي کيسي مان واچ ڪڍي ڏٺي اڃا گرفتاري جي وقت ۾ ڪلاڪ هو. هو تڪڙو تڪڙو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
***
سمونڊ سنڌيءَ جي اوطاق تي ٿيل گڏجاڻيءَ مان سڪندر ان ڳالهه سان متفق ٿي نڪري ته آيو هو ته هو وڃي جمهوري تحريڪ وارن جا پوسٽر، بينر ۽ جهنڊا شهر جي مختلف هنڌن تان لاهيندو پر کيس اها ڳالهه مناسب نه پئي لڳي. هو مونجهاري جو شڪار هو. هن کي ان ڳالهه تي ته يقين هو ته ملڪ جو ٽٽڻ قوم جي مفاد ۾ آهي ۽ غلاميءَ مان ڇوٽڪاري جو واحد ذريعو قومپرست انقلاب ئي آهي، پر سڪندر ان ڳالهه سان سهمت نه پئي ٿي سگهيو ته سنڌين جي جمهوري تحريڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪجي، يا ان خلاف ڪوششون ڪجن ۽ ان تحريڪ هلائيندڙن کي تشدد جي وسيلي روڪجي.
سڪندر انهي ٻڏتر ۾ شهر جي مختلف رستن تي هلندو رهيو.
کيس اهو پڻ خيال آيو ته هو هڪ جماعت جو ڪارڪن آهي ۽ هن لاءِ تنظيم جي فيصلن جي پابندي ڪرڻ لازم آهي. ”پر ڇا اسان تي هر فيصلي جي پابندي ڪرڻ فرض آ، جيتوڻيڪ اهو فيصلو غلط به محسوس ٿيندو هجي؟“ سڪندر سوچيو، ”پر شايد اهو غلط نه هجي ۽ صرف منهنجي ننڍڙي جذباتي ذهن کي غلط لڳندو هجي، پر اصل ۾ قوم جي مفاد ۾ ئي هجي. نه ائين ناهي، منهنجو ذهن ننڍڙو سهي، پر هي جي لکين ماڻهو سڄيءَ سنڌ ۾ رستن تي آهن، پنهنجون جانيون پيا ڏين اهي سڀ غلط ته نه ٿا ٿي سگهن؟ جمهوريت جي تحريڪ ڀلا غلط ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ ملڪ ڪو تڪڙو ته ٽٽڻ وارو آهي ڪو نه، پوءِ ڇو ڀلا ان وقت تائين آمريت کي برداشت ڪجي.“ سڪندر جو ذهن خيالن جو ميدانِ جنگ ٿي چڪو هو. هن کي خيال آيو ته سندس جماعت ۽ جمهوري تحريڪ جي سڀ کان وڏي جماعت، جيڪا ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول سياسي جماعت به آهي، هڪ ٻئي جي سخت خلاف آهن ۽ ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ هڪ ٻئي مٿان سخت ڇوهه ڇنڊيندا رهندا آهن.
”ڀلا اسان جو جمهوري تحريڪ ۾ شامل نه هجڻ جو سبب اهو ته ڪونهي ته وڏي جمهوري تحريڪ جو فوجي حڪومت هٿان ڦاسي چاڙهيل محبوب اڳواڻ ۽ اسان جو قوم پرست اڳواڻ هڪ ٻئي جي سخت خلاف هئا، ۽ هاڻ ملڪ جي انهي سڀ کان وڌيڪ محبوب اڳواڻ جي ڌيءَ سان به اسان جي رهنما جي نه ٿي لڳي؟“ سڪندر جو ذهن اڃان به وڌيڪ پيچيده ۽ ڏکين سوالن ۾ منجهي پيو هو. هو اهو سڀ سوچيندو اچي شهر جي مکيه روڊ تي پهتو هو، جتي کيس جمهوري تحريڪ جو هڪ وڏو پوسٽر لڳل نظر آيو. هن کي خيال آيو ته پنهنجي ذميواري مطابق ان پوسٽر کي ڦاڙي ڇڏي. پوسٽر تي لکيل هو ته جمهوري تحريڪ ملڪ کي بچائڻ لاءِ آهي، جمهوريت ۽ بنيادي انساني حقن لاءِ آهي ۽ اها دهشتگرد ۽ وڳوڙي تحريڪ نه آهي جيئن فوجي حڪمران کيس سڏي رهيا آهن، سڪندر کي ملڪ بچائڻ وارا جملا پڙهي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، کيس محسوس ٿيو ته سمونڊ سنڌيءَ شايد صحيح پئي چيو ته اها پنجاب جي اشاري تي پئي هلي. هن وڌي پوسٽر کي ڦاڙي ڇڏڻ پئي چاهيو، پر کيس ڪنهن خيال اهو ڪرڻ کان روڪيو. هن کي اهو پڻ ياد آيو ته کيس سندس هڪ ڪامريڊ دوست محمد جميل ٻڌايو هو ته سنڌ ۾ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سندن جماعت جا ڪارڪن ۽ حمايتي مرڪزي اڳواڻن جي خواهشن جي برخلاف جمهوري تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، ۽ جلسن جلوسن ۾ شامل ٿا ٿين.
سڪندر کي اوچتو خيال آيو ته ڪنهن فيصلي تي پهچڻ کان پهرين هو به وڌيڪ مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو. هن لڳل پوسٽر تي پڙهيو ته اڄ پنجين وڳي شهر جي مکيه چوڪ تي جمهوري ڪارڪن گرفتاري ڏيندا ۽ جلوس ۾ شرڪت جي عام ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي هئي.
سڪندر جا قدم ڪنهن اڻ ڄاتل ڇڪ سبب شهر جي مکيه چوڪ ڏانهن روانا ٿي ويا.
***
ياسمين جڏهن ثريا جي گهر جو دروازو آهستگيءَ سان کڙڪايو ته سندس دل ان وقت زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. رات ڪافي گذري چڪي هئي ۽ گهٽيءَ ۾ مڪمل سانت هئي. رات جو پهريون پهر ذري گهٽ پورو اچي ٿيو هو ۽ گهٽيءَ ۾ بجليءَ جي ٿنڀي تي لڳل بلب جي ميرانجهڙي هلڪي روشنيءَ ۾ کيس رڳو هڪ رولاڪ ڪتو نالي جي ڀرسان ويٺل نظر آيو.
سندس ذهن ۾ ڏک ۽ پشيمانيءَ جا گڏيل جذبا اڀري رهيا هئا. کيس ڏک ان ڳالهه جو هو جو کيس حسين مان ان روئي جي اميد نه هئي. کيس حسين تي ڪاوڙ به اچي رهي هئي. هوءَ سوچي پئي ته جيڪڏهن منجهس ايتري جرئت نه هئي ته پوءِ ڇو هن کيس ايڏي ويجهڙائي جو احساس ڏياريو هو. کيس خيال آيو ته جيڪڏهن هو ساڻس پيار نه به پيو ڪري تڏهن به ان ۾ ڪهڙي اربع خطا هئي ته هوءَ سندس گهر ۾ رهي پوي ها! انهن خيالن سان گڏ ياسمين کي ان ڳالهه جي پشيماني به هئي ته آخر هن اهڙو قدم کنيو ئي ڇو؟
ڇو هن بغير سوچڻ سمجهڻ جي وڃي حسين سان اهو سڄو دل جو حال اوريو جنهن سبب هاڻ کيس دلي تڪليف پهتي آ؟“
”ڪير آ؟“ اوچتو ياسمين کي گهر اندران ثريا جي ماءُ جو آواز آيو. ياسمين ۽ ثريا ڪيتري وقت کان سنگتياڻيون هيون سو ثريا جي ماءُ کيس چڱيءَ ريت سڃاڻي پئي.
”ماسي مان آهيان- ياسمين، ثريا آهي گهر ۾؟“ ياسمين آهستگيءَ سان جواب ڏنو.
”بابا، ياسمين، تون آهين، خير ته آهي؟“ ثريا جي ماءُ جملو پورو ڪندي دروازو کوليو ۽ ياسمين گهر ۾ داخل ٿي وئي. ”ها ماسي خير آ، ڪجهه ڪتاب وٺڻا هئا ثريا کان جيڪي سڀاڻي هڪڙي گڏجاڻيءَ ۾ کڻي وڃڻا آهن، ان ڪري هن وقت آئي آهيان.“ ياسمين کيس بهانو بڻائيندي جواب ڏنو.
ثريا جي ماءُ کي سندس ههڙي وقت تي اچڻ وڻيو ته ڪو نه پر هن کڻي ماٺ ڪئي ۽ ياسمين تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي ثريا جي ڪمري ۾ هلي وئي. ثريا ان وقت پنهنجي بستري تي ليٽي ڪو ڪتاب پڙهي رهي هئي. سندس ڪمرو ننڍڙو ۽ ڪافي بي ترتيب هو. ڪمري ۾ هڪڙي ننڍڙي ٽيبل ۽ هڪڙي ڪاٺيءَ جي ننڍڙي ڪرسي پيل هئي. ان کانسواءِ هڪ ڪپڙن جي الماري ۽ ڪتابن جي هڪ ننڍڙي دري پڻ هئي. پر هر شيءِ بي ترتيب هئي. ٽيبل تي ڪتاب وکريل هئا. جڏهن ته ڪپڙن جي الماڙي جو در کليل هو ۽ ڪيترا ڪپڙا ڏاڍي اڍنگي انداز ۾ ان ۾ سٿيل هئا.
ڪمري جي هڪ پاسي ۾ ثريا جي کٽ ۽ بسترو هو ۽ ان ئي پاسي جي ڀت تي هڪ بلب لڳل هو. ڪمري جي ڀتين جو پلستر ڪيترن هنڌن تان سم ۽ ڪلر سبب ڇڻي ويو هو ۽ مٽيءَ ۽ پلستر جا ڪي ذرڙا ڪمري ۾ بستري ۽ ٽيبل کان وٺي هر هنڌ نظر اچي رهيا هيا.
ثريا هيٺين وچين طبقي جي خاندان سان تعلق رکندي هئي ۽ هاري مزدور انقلاب ۾ انتهائي پختگي سان يقين هوس ۽ هوءَ ننڍي قد ۽ سنهڙي جسم جي معمولي شڪل صورت جي ڇوڪري هئي پر سندس انقلابي تعليم کيس ڪڏهن به احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو هو.
”ياسمين، تون هن مهل..... خير ته آهي؟“ ياسمين جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ تي ثريا حيران ٿيندي پڇيس.
”ها، خير آ، پريشان نه ٿي. ويهان ته حال احوال ڏيانءِ ٿي.“ ياسمين اهو چوندي پنهنجو ٿيلهو لاهي ٽيبل تي رکيو ۽ سينڊل لاهي بستري تي چڙهي ويهي رهي. ”ٻڌ ثريا وڃي چانهه جو پاڻي رکي اچ ته ڪچهري ڪيون.“ ياسمين جي چوڻ تي ثريا رڌڻي ۾ هلي وئي ۽ چانهه جو پاڻي رکي تڪڙي موٽي آئي. ”ها هاڻ ڪر خبر چار.“
”ثريا توکي آءٌ ڪي ڳالهيون ٻڌايان ٿي پر ان شرط تي ته اهي مري به ويندينءَ ته ڪنهن سان نه ڪندينءَ“ ياسمين ثريا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي کيس چيو.
”چري پاڻ دوست آهيون. تون مون تي مڪمل اعتماد ڪري سگهين ٿي. جيڪي تنهنجا راز هوندا اهي راز ئي رهندا ۽ آءٌ سوچي به نه ٿي سگهان ته اهي ڪنهن سان ونڊيان.“ ثريا ياسمين جي اکين ۾ ڏسندي کيس پيار ڀرين نظرن سان پڪ ڏياري.
”آءٌ حسين جي گهر وئي هيس اڄ شام ۽ رات وٽس رهڻ پئي چاهيم.“ ياسمين ثريا جي چهري تان نظر هٽائڻ بنا چئي ڏنو.
”ڇا! تون حسين وٽ رات رهڻ پئي چاهين!“
ثريا ذري گهٽ رڙ ڪندي پڇيو، ”تون چري ته نه آهين، اسان جي معاشري ۾ ائين ٿيندو آ ڇا؟ توکي خبر آ اهو ڪيڏو نه وڏو گناهه تصور ڪيو ويندو آ اسان جي سماج ۾. هڪڙو منٽ بيهه. آءٌ چانهه کڻي اچان پوءِ ٿي تنهنجي ڳالهه ٻڌان، اها ته ڏاڍي دلچسپ ڪهاڻي آ.“ اهو چوندي ثريا وري رڌڻي ڏانهن رواني ٿي وئي.
ياسمين، ثريا کي ايترو حيران ٿيندي ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهي هئي، کيس محسوس ٿي رهيو هو ته هن ڪيڏو نه غير معمولي ڪم ڪرڻ پئي چاهيو، جنهن جي رڳو تصور سان ئي گهڻين ڇوڪرين جون وايون بتال ٿيو وڃن. ياسمين پنهنجي همٿ ۽ آزادي پسند رويي تي اڃان خوش ئي ٿئي پئي جو ثريا چانهه جا ٻه ڪوپ کڻي واپس اچي وئي، ”هاڻ ٻڌاءِ تو ڇا پئي چيو؟“ ثريا چانهه جا ڪوپ ٽيبل تي رکندي چيو.
”مون اهو پئي چيو ته آءٌ حسين سان محبت ٿي ڪيان. سندس ذهني ۽ جسماني قربت ٿي چاهيان ۽ ان ڪري اڄ آءٌ سندس گهر ويس ۽ کيس چيم ته رات آءٌ تو وٽ رهڻ آئي آهيان. پر هو ان لاءِ تيار نه هو ۽ مون کي پاڻ وٽ رهائڻ جي بجاءِ، هتي تو وٽ ڇڏي ويو آهي. آءٌ چونديس هو تمام خراب ۽ ڪمينو آ جو منهنجن جذبن جو خيال نه ڪيائين.“
”تنهنجي جذبن جو خيال نه ڪيائين؟ تون بي وقوف ته ڪو نه آهين؟ هو ڪمينو نه بلڪه هڪ چڱو انسان ۽ سٺو دوست آ جو توکي هت ڇڏي ويو آ. خبر اٿئي تنهنجي ان قدم جو نتيجو ڇا ٿي پئي سگهيو؟“ ثريا حيران ۽ پريشان ٿيندي پڇيو.
”مون کي نتيجي جي پرواهه ڪو نه هئي ۽ نه ئي آهي. آءٌ صرف اهو ٿي ڄاڻان ته جيڪڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪيو ته پوءِ کيس حاصل به ڪيو ۽ سندس قربت جو لازوال سرور به ماڻيو.“
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ فلاسفر پر ان جون به ڪي حدون آهن. پر اسان جي سماج ۾ قربت جي سرور کان پهرين توکي قبر جو مزو به ملي سگهي ٿو.“
”محبت جي قربت جي سرور کان پوءِ جي کڻي قبر جو مزو به ملي ته ڪنهن ڪافر کي ان جي پرواهه ؟“ ياسمين هڪ عجيب بي پرواهه انداز سان جواب ڏنو. جنهن تي ثريا سندس چهرو ئي تڪيندي رهجي وئي ۽ ياسمين، ثريا کي اهڙين وائڙپ واري نظرن سان ڏٺو ته زور زور سان کلڻ لڳي. ”اڙي آهستي کل نه ته امان اچي پادر هڻندي،“ ثريا، ياسمين کي سرٻاٽن ۾ تنبيهه ڪندي چيو.
ياسمين تڪڙ ۾ پنهنجا ٻئي هٿ وات تي رکي پنهنجي کل کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس اکين ۾ عجيب شوخي هئي.
”ٻڌ ياسمين آءٌ تنهنجي ڳالهه سمجهان ٿي، ۽ شايد اهو چاهيندي به هجان پر چري اسان جي سماج ۾ توکي خبر آ، ڇوڪرين تي ڪيتريون ذميواريون ۽ پابنديون آهن؟ ايستائين جو پوري خاندان جي عزت بچائي رکڻ جي ذميواري به ڇوڪرين تي آهي.“ ثريا سنجيده ٿيندي چيو، ”اهو ڏاڍو سٺو ٿيو جو حسين تنهنجي بي وقوفي جي موٽ بي وقوفي سان نه ڏني، نه ته خبر ناهي ڪهڙا مسئلا پيدا ٿي پون ها.“
ياسمين کي هاڻ صورتحال جي نزاڪت جو ڪجهه ڪجهه احساس ٿئي پيو پر پوءِ به هن کي ان ڳالهه تي چڙ قائم هئي ته عورتن کي مردن جي ٺاهيل سمورن قانونن ۽ رسمن کي چپ چاپ برداشت ڪندو نه رهڻ گهرجي، خاص طور تي اهڙين عورتن کي جيڪي هن معاشري کي گندو ۽ غير منصفاڻو سمجهن ٿيون ۽ ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ رڌل آهن.
”ٻڌ ياسمين گهڻي دير ٿي وئي آ هاڻ سمهڻ گهرجي، صبح جو وري ڪيترا ڪم ڪرڻا آهن.“ ثريا پنهنجو جملو پورو ڪرڻ کان اول ئي کٽ جي ڀرسان لڳل بٽڻ مٿي ڪري، بلب وسائي ڇڏيو.
گهپ اونڌائين ڪمري مان سندن ڳالهائڻ جو هلڪو هلڪو آواز ڪجهه دير اڃان به وڌيڪ جاري رهيو.
***