4
”ڇو امان تنهنجون اکيون ڳاڙهيون ٿيون لڳن. طبيعت ته ٺيڪ آ تنهنجي؟“ حسين پنهنجي ماءُ جي اکين ۾ نهاريندي پڇيو.
”ها- ٺيڪ آهيان،“ سندس ماءُ منهه ڦيريندي رکائي سان جواب ڏنو.
”پوءِ تنهنجو منهن ڇو لٿل آ، ڪا پريشاني آ؟“
” نه پريشاني ڪونهي. تون صبح کان ڪاڏي ويو هئين“
”مان ڀر واري شهر ويو هوس، دوستن سان ملڻو هو.“ حسين جواب ڏنو.
”ڀلا تنهنجا اهي ڪم ڪڏهن ختم ٿيندا يا نه؟ توکي خبر آ زمانو ڪيڏو خراب آ، اڃان ڪالهه ئي فوجين فائرنگ ڪري ڪيترا ماڻهو ماري ڇڏيا آهن. روز گرفتاريون پيون ٿين. تون ڇو ٿو ڪنهن مصيبت ۾ پوڻ چاهين؟ اسان جو ڇا ٿيندو ابا؟ توکي خبر آ مان تنهنجي ڪري ڪيڏي پريشان ٿي رهان. ڇڏي ڏي اهي پنهنجون سرگرميون.“ حسين جي ماءُ ڏک وچان کيس چيو.
”امان، ته اها ڳالهه آ توهان منهنجي ڪري ويٺا پريشان ٿيو. پر مان توهان کي ٻڌايو آ ته مون کي ڪجهه نه ٿيندو، آءٌ محتاط آهيان ۽ ڪجهه اهڙو ته ڪيان به نٿو ته پوءِ آخر مون کي ڇو ڪوئي نقصان رسندو؟“
”تون ڪجهه ڪرين ئي نٿو!؟“ حسين جي ماءُ ناراض ٿيندي چيو؟ ”اڃان ڀلا ڇا ڪندين. ڇا مون کي خبر ڪونهي ته سڄو ڏينهن ۽ سڄي سڄي رات توهان ڇا ڪندا وتندا آهيو، سڄو وقت باهه سان ٿا کيڏو، اڃان چوين ٿو ته ڪجهه ڪيان ئي نٿو.“
حسين کي پنهنجي ماءُ جي ڳالهين تي کل اچي وئي، خاص طرح سان باهه سان کيڏڻ جي تصور تي. هن کيس ڀاڪر پائيندي چيو، ”امان توکي ته فخر ڪرڻ گهرجي. اسان ظلم ۽ ڏاڍ خلاف وڙهون پيا، تنهنجي مذهب ۾ به ته اهو فرمان آهي نه!“
”چڱو چڱو، ظلم خلاف پيا وڙهو، پوءِ ڀلا توهان جي ليڊرن جا ٻار ڇو ڪو نه ٿا وڙهن انهي ظلم خلاف؟ ٻين جي ٻارن کي باهه ڏانهن ڌڪڻ سولو آهي.“ حسين جي ماءُ خفي ٿيندي چيو.
”ڀلا جيستائين جيئرا ۽ آزاد آهيون تيستائين چانهه ملندي يا نه؟ امان صبح کان چانهه نه پيتي آ خبر ناهي سڀاڻي وري ملي يا نه ملي.“ حسين ماءُ کي تنگ ڪندي چيو.
سندس ماءُ جي اکين ۾ آلاڻ هئي. پر هوءَ وڌيڪ ڪجهه چوڻ بنا رڌڻي ۾ هلي وئي ۽ حسين وهنجڻ لاءِ غسل خاني جو رخ ڪيو.
***
شهر جي مرڪزي روڊ سان لڳو لڳ گلن واري گهٽي آ، جتي گلن ۽ پئسن جا هار وڪڻندڙن جا ڪيترائي دوڪان ۽ کوکا ٺهيل آهن. گلن واري گهٽيءَ جو ڍنگ نرالو آ، سڄي شهر ۾ گندگي جا ڍير هوندا، ناليون ۽ گٽر ٽٽل هوندا، سندن پاڻي گهٽين ۽ رستن تي جمع هوندو پر گلن وارن دوڪانن ۽ کوکن جو نظارو سدائين وڻندڙ ۽ سڳنڌ سان واسيل هوندو آهي. انهن دوڪانن جا ڌڻي شام جو پنهنجن دوڪانن جي چوڌاري ڇڻڪار ڪري دز مٽيءَ کي ماحول ۾ اڏامڻ کان روڪيندا آهن ۽ پنهنجن دوڪانن تي هر طرف پکڙيل گلاب، موتئي، گيندي، سورج مکي ۽ ٻين ڪيترن قسمن جي گلن تي پاڻي وسائي کين تازو توانو ۽ خوبصورت بڻائي رکندا آهن. انهن ئي دوڪانن تي نوٽن جا هار به ملندا آهن جن تي رپئي کان وٺي پنج سئو رپين تائين جا نوٽ ڏاڍي ڪاريگري ۽ خوبصورتي سان لڳايا ويندا آهن.
ان گهٽيءَ کان گذرندڙ واٽهڙن لاءِ اهو منظر ڏاڍو ڇڪيندڙ هوندو آ، آلي مٽيءَ مان اٿندڙ خوشبو، گلاب ۽ موتئي جي لازوال خوشبوءَ سان ملي جنهن سڳنڌ کي جنم ڏيندي آهي ان جو شايد ڪو نالو ته ڪونهي پر اها سرهاڻ شهر جو هر واسي ڄاڻي ٿو. شايد اها سنڌ جي خوشبو آ، سنڌ جي هر وستيءَ جي خوشبو آ ۽ هر وستيءَ ۾ وسندڙ گلن واري گهٽيءَ جي خوشبو آهي.
جڏهن کان جمهوري تحريڪ زور ورتو آ ۽ گرفتارين جو سلسلو شروع ٿيو آ، هر شام سوين ماڻهو گلن واري گهٽيءَ سان لڳ شهر جي مرڪزي روڊ ۽ چوڪ تي اچي گڏ ٿا ٿين، جتان پوءِ جمهوري ڪارڪن گرفتاريون ٿا ڏين. سڄي علائقي ۾ پوليس جون ڪيتريون گاڏيون ناڪابندي ڪيو بيٺيون هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن پوليس سان گڏ فوج به اچي ٿي، ۽ ذري گهٽ هر شام جو پوليس ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ چڪريون به ٿين ٿيون. ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا هلن ٿا. هٿين خالي، شهري ڳوڙها گئس ۽ فائرنگ کان بچڻ لاءِ گهٽين ۾ پناهه وٺن ٿا. پوليس جا باوردي سپاهي ۽ سول ڊريس ۾ پوليس جي خفيه جا سپاهي ماڻهن کي ڊوڙائين ٿا ۽ مٿن ڏنڊا وسائيندي، ڪن کي گرفتار ڪري ٿا وڃن. اهو روز جو معمول ٿي ويو آ ۽ گلن جي دوڪانن وارا همراهه ان سڄي ڪارروائيءَ جي وچ ۾ بي يارو مددگار موجود رهن ٿا. ڪي ته ويچارا مورڳو دوڪان بند ڪري، پاڻيءَ جون بالٽيون ڀري، انهن ۾ ڪپڙا آلا ڪيو بيٺا هوندا آهن، ۽ جيئن ئي ڳوڙها گئس هلندي آ، ۽ ماڻهو ڳوڙها ۽ سنگهه وهائيندا، کنگهندا ۽ ٿڙندا ٿاٻڙندا گهٽيءَ ۾ پناهه وٺندا آهن ته اهي همراهه سندن اکين ۽ منهن تي آلا ڪپڙا رکي سندن لاءِ ان عذاب جي شدت ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
حسين جڏهن شام جو پنجين ڌاري گلن واري گهٽيءَ مان ٿيندو شهر جي چوڪ ڀرسان پهتو ته کيس اندازو ٿيو ته اڄ صورتحال روز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت آ. چوڪ جي هر پاسي کان پوليس جي وڏي نفري موجود هئي ۽ گڏوگڏ فوجين جون ٻه ٽرڪون به بيٺل هيون، فوجي پنهنجون رائفلون بلڪل تيار ڪيو بيٺا هئا ۽ سندن آفيسرن جي چهرن مان وحشت بکي رهي هئي. حسين کي اندر ۾ خطري جو احساس ٿيو. کيس اوچتو ساٿي ڪريم جو خيال آيو جنهنکي هو اڄ ڀر واري شهر مان گرفتاري ڏيارڻ لاءِ وٺي آيو هو. هن کي هڪڙي پل لاءِ پنهنجي شخصيت جو پڻ احساس ٿيو ۽ کيس لڳو ته هو ڪيڏو نه اهم ۽ عظيم ڪم ڪري رهيو آهي. حسين سوچيو ته هو چوڪ جي آس پاس ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهن جي وچ ۾ بيٺو آهي پر ڪنهن کي خبر ڪونهي ته هو هن سڄي تحريڪ کي هلائڻ ۾ ٻين هزارين ماڻهن سان گڏ اهم ذميواريون پوريون ڪري رهيو آهي. تحريڪ جي ذميوارين جو خيال ايندي ئي کيس نور جو خيال آيو. ”نور ڪٿي آهي، اڃان مون سان مليو ڇو ڪونهي؟“ هن سوچيو حسين فيصلو ڪيو ته اڄ گرفتاريون ٿيڻ کان بعد، هو نور سان ملندو ۽ ساڻس ڪيترن اهم مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. حسين ۽ نور سٺا دوست به آهن پر سندن وچ ۾ ڪيترين ئي ڳالهين تي اختلاف به رهندا آهن. خاص ڪري هن کي نور جي اها ڳالهه بلڪل نه وڻندي آ ته هو هر ڳالهه تي ڳت ڏئي بيهي رهندو آ. حسين کي ياد آيو ته هڪ ڀيري هن نور کي چيو هو ته جيڪا ڳالهه کيس پارٽي پاران ٻڌائي وڃي يا چئي وڃي ضروري ناهي ته ان تي اکيون ٻوٽي يقين ڪيو وڃي. حسين کيس چيو ته هر انسان وٽ دماغ آهي، ان ڪري سمورين شين تي سوچڻ گهرجي ۽ سوال ڪرڻ گهرجي نه ڪي هر ٻڌايل ڳالهه تي انڌو عقيدو رکيو وڃي. اها ڳالهه ٻڌي نور ساڻس چڙي پيو هو ۽ کيس چيو هئائين ته هو پارٽيءَ جو سچو ڪارڪن ڪونهي ۽ هو پارٽي جي فيصلن تي شڪ ٿو ڪري. ”انقلاب شڪ ڪرڻ سان نه ايندا آهن. ڪارڪنن کي فيصلن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ بس.“ نور کيس خفي ٿيندي چيو هو. حسين ساڻس ان معاملي تي وڌيڪ بحث نه ڪيو هو، پر هن کي خبر هئي ته اهو رويو پارٽين ۾ ڊڪٽيٽر شپ ۽ شخصيت پرستيءَ کي جنم ڏيندو آهي ۽ انقلاب، خاص طور تي هڪ اهڙي انقلاب طرف نه وٺي ويندو آهي، جيڪو سائنسي بنيادن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن ۾ هڪ جمهوري، آزاد ۽ منصفاڻو سماج جوڙڻ جي صلاحيت هجي.
حسين سوچي ئي رهيو هو جو سندس ڌيان چوڪ طرف ويو جتي اوچتو پوليس وارن ۽ فوجين پوزيشنون وٺڻ شروع ڪيون ۽ سمورا ماڻهو روڊ جي اولهندي پاسي واري گهٽي ڏانهن نهارڻ لڳا، جتان ٻه نوجوان اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پايو، ڳلي ۾ هار وجهيو ۽ هٿن ۾ فوجي آمر خلاف لکيل نعرن جون تختيون کنيون گرفتارين لاءِ ظاهر ٿيا.
ڏسندي ڏسندي مختلف گهٽين مان سوين ماڻهو نڪري آيا، ڪيترن کي هٿن ۾ جهنڊا ۽ تختيون هيون، چوڌاري اڀ ڏاريندڙ نعرا گونجڻ لڳا، ”جيڪو فوجين جو يار آ سو غدار آ، غدار آ، جيڪو مارشل لا جو يار آ، غدار آ، غدار آ، جمهوريت بحال ڪيو،سياسي قيدي آزاد ڪيو. ...“ ۽ ٻيا ڪيترائي قسمين قسمين نعرا فضا ۾ بلند ٿيا.
سوين ماڻهو هاڻ هڪ ننڍڙي جلوس جيان ٿي پيا هئا جيڪو گرفتاري ڏيندڙ ڪارڪنن جي پويان پويان پوليس ۽ فوج جي جٿن ڏانهن وڌي رهيو هو.
حسين کي ماڻهن جي هجوم ۾ نظر نه پئي آيو ته گرفتاري ڏيندڙ ساٿي ڪيئن آهن، هو کين ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن نعرا پئي هنيا. جوش ۾ سندس نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. کيس پنهنجين رڳن ۾ خون تيزيءَ سان گردش ڪندي محسوس ٿيو ۽ سندس دل ايڏي تيز تيز ڌڙڪي رهي هئي جو هو ان جو آواز پاڻ به ٻڌي پئي سگهيو.
هو نعرا هڻندو جلوس سان گڏ هلي رهيو هو، ماڻهن جي انبوهه کي چيريندو هو اڳتي وڌي رهيو هو، هن چاهيو پئي ته هو سڀني کان اڳتي پهچي ۽ بس آخري دفعو ساٿي ڪريم کي گرفتاري ڏيندي ڏسي. حسين کي لڳو ته بس هو ٻن ٽن منٽن جي ٻي ڪوشش سان جلوس ۾ سڀني کان اڳيان پهچي ويندو پر سندس قدم اوچتو ڄڻ ته بيهجي ويا. کيس جلوس مان گوليون هلڻ جا آواز آيا، ٻن فائرن جا هن آواز ٻڌا پر پوءِِ جلوس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جيڪي ماڻهو گرفتاريون ڏيندڙ ساٿين جي پويان پويان پوليس طرف وڌي رهيا هئا، انهن واپس گهٽين ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو. حسين اڃان بيٺو ئي هو ته جلوس طرف کيس وڌيڪ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ”ٺا-ٺا-ٺا“ هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. کيس اڃا تائين اندازو نه هو ته فائرنگ ڪهڙي پاسي ڏانهن پئي ٿئي ۽ ڪير پيو ڪري. هاڻ فائرنگ ۾ اڃا واڌ آئي. پوليس وارن به جلوس واري پاسي ڏانهن گوليون هلائڻ شروع ڪيون هيون. حسين کي حالتن جي خرابي جو اندازو ٿيڻ شروع ٿيو، هن اڳتي وڌڻ جو خيال ڇڏي پوئتي ڊوڙڻ شروع ڪيو. هڪ زوردار ٺڪاءُ ٿيو ۽ سندس پيرن ۾ ڳوڙها گئس جو هڪ شيل اچي ڪريو. شيل مان تيز سرمائي دونهون تيزيءَ سان نڪري هر طرف پکڙجي ويو. سندس نڪ مان سنگهه وهڻ لڳي، اکيون سڙي رهيون هئس. منجهائن پاڻي وهي رهيو هو. ماڻهن جو انبوهه پنهنجو سربچائڻ خاطر ڊوڙي رهيو هو. هڪ همراهه اچي زور سان حسين سان ٽڪرايو، حسين کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. همراهه اچي حسين جي نڪ ۾ لڳو هو ۽ حسين جي نڪ مان رت وهڻ شروع ٿي ويئي. يڪدم وري پوليس جي فائرنگ شروع ٿي وئي هئي. حسين ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ۽ پوليس جي ٽرڪ پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي ڊوڙندو هڪ گهٽيءَ ۾ داخل ٿي ويو. سندس پير هڪ ناليءَ ۾ اٽڪيو ۽ هو منهن ڀر وڃي زمين تي ڪريو. سندس مٿي تي ڌڪ لڳو جنهن سبب هاڻ سندس نڪ ۽ مٿي مان خون وهڻ لڳو هو. حسين تي بيهوشي طاري پئي ٿئي ۽ سندس اکيون بند پئي ٿيون. هو هاڻ گهٽيءَ ۾ اچي ويو هو تنهن ڪري کيس اهو اطمينان هو ته پوليس جي گوليءَ جو نشانو ته نه ٿيندو. هن زمين تي منهن ڀر پئي پئي روڊ ڏانهن نهاريو. جتان پوليس جي ڊاٽسن گاڏي زوڪٽ ڪندي پئي وئي. بي هوشي طاري ٿيڻ کان چند ساعتون اول گاڏي جي پوئين حصي ۾ هن ڏٺو ته پوليس وارا گاڏيءَ جي سيٽن تي ويٺا هئا ۽ سندن پيرن ۾ گرفتاري ڏيندڙ ٻه ساٿي ويٺل هئا جن کي سپاهي وارن کان جهليون ويٺا هئا. انهن ۾ هڪ ڪريم هو ته ٻيو نور.
***
حُسين کي جڏهن هوش آيو ته هو هڪ ڪمري ۾ کٽ تي ليٽيو پيو هو. سندس مٿي تي پٽي ٻڌل هئي ۽ نڪ تي ڪو آلو ڪپڙو محسوس ڪيائين. سندس مٿي ۾ شديد سور هو ۽ اکيون اڃا به پيون سَڙِنِسِ. هي هڪ ننڍڙو ڪمرو هو جنهن ۾ سامهون دروازي سان گڏ هڪڙي دري هئي. ڪمري جي ڀتين تي بلو رنگ ڏنل هو جن تي هندو ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون لڳل هيون. ڇت پڪين سرن جي ٺهيل هئي جن کي وڏن لوهي ٽيئرن ۽ گيڊرن سان مضبوط بڻايو ويو هو. ڪمري ۾ هڪ عجيب قسم جي خوشبوءَ هئي. جهڙي اگر بتين جي ٻرڻ سبب پيدا ٿيندي آهي. حسين جنهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ان جي ساڄي طرف ٻه صوفا پيا هئا ۽ انهن جي سامهون هڪڙي ميز تي چانهه جا ٻه ڪوپ رکيل هئا جڏهن ته صوفن تي ٻه نوجوان پاڻ ۾ هوريان هوريان آواز ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. حسين پاڻ کي هڪ اجنبي ڪمري ۾ ٻن اجنبي نوجوانن جي موجودگيءَ ۾ ستل ڏسي حيران ٿيو ۽ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مٿو ڦرندو محسوس ٿيس ۽ وري ڦهه ٿي ڪري پيو.
”ادا، ستو پيو هج، تڪڙ نه ڪر، ٿوري دير آرام ڪندين ته بهتر محسوس ڪندين، توکي مٿي تي زوردار ڌڪ لڳو آ“ نوجوانن مان هڪڙي حسين کي چيو.
”توهان جي مهرباني ڀائو. پر توهان ڪير آهيو ۽ آئون هتي ڪيئن پهتو آهيان؟“ حسين کانئس سوال ڪيو.
”توهان جلوس جي دوران شايد زخمي ٿي ڪري پيا هئا اسان جي گهٽيءَ ۾ ،جتان توهان کي سڪندر ۽ آءٌ کڻي آيا آهيون. بيهوشيءَ جي حالت ۾ هئا توهان ۽ سڪندر چيو ته توهان کي ائين رستي تي ڇڏي وڃڻ مناسب نه ٿيندو.“ نوجوان ٻئي نوجوان طرف اشارو ڪندي چيو. ”ڪامريڊ مان سڪندر آهيان، جلوس ۾ شريڪ ته ڪو نه هوس پر ڏسڻ آيو هوس ته اوچتو فائرنگ ۽ ڳوڙها گئس هلي ۽ ان ڀڄ ڀڄان ۾ توهان کي بي هوش ڏٺم.“ هاڻ ٻئي نوجوان ڳالهائڻ شروع ڪيو جنهن پنهنجو نالو سڪندر ٻڌايو، ”هي منهنجو دوست ڊاڪٽر رام داس آهي هن گهر ۾ رهندو آ. مون توهان کي بي هوش ڏٺو ته رام کي پاڻ سان گڏ وٺي توهان کي کڻي گهر آياسون ۽ پوءِ رام توهان جي زخم تي ملم پٽي ڪئي.“
حسين کي ٻنهي نوجوانن پاران ايڏي انسانيت جي عمل تي سندن لاءِ بي انتها عزت جاڳي ۽ سندن تمام گهڻا ٿورا مڃيائين.
”ڪا ڳالهه ناهي ڪامريڊ، سنڌي ماڻهن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، حالانڪه اسان کي توهان جي جمهوري تحريڪ سان شديد اختلاف آ پر پوءِ به سنڌيءَ جي حيثيت ۾ مدد ڪرڻ اسان جو فرض آ.“ سڪندر جي ڳالهه ٻڌي چند گهڙين لاءِ حسين ڪجهه سوچيندو رهيو. پوءِ مشڪي ڏنائين ۽ چيائين، ”سڪندر يار سلامت، صحبت باقي، اڄ جي لاءِ توهان ٻنهي جي تمام گهڻي مهرباني باقي رهيو سوال جمهوري تحريڪ جو، سو مون کي اميد آ ته وري، ضرور ملنداسون ته پوءِ ان تي به دل کولي ڳالهائينداسون.“
”توهان جو نالو ڇاهي ادا؟“ رام داس سوال ڪيو.
”مان حُسين آهيان“ حسين جواب ڏنو ۽ پنهنجي سموري سگهه سهيڙي هڪ دفعو وري اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين، کيس مٿي ۾ تمام گهڻو سور پئي ٿيو پر آهستي آهستي ڪوشش ڪري حسين اٿي ويهي رهيو.
رام داس هن لاءِ چانهه جو ڪوپ کڻي آيو ۽ گڏوگڏ کيس سور جون گوريون به آڻي ڏنائين. حسين گوريون کاڌيون ۽ پوءِ گرم گرم چانهه جون سرڪيون ڀرڻ لڳو. هن ٻنهي نوجوانن جو غور سان پئي جائزو ورتو. کيس لڳو ته سڪندر جي اندر ۾ ڪا اڻ تڻ آهي ۽ هو ساڻس ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهي. کوڙ ساريون ڳالهيون. سڪندر هڪ سنهڙو ۽ ننڍي قدبت وارو نوجوان هو جنهن جون اکيون گهريون ناسي هيون، ۽ سندس ننڍي چهري تي هلڪيون مڇون چڱيون پئي لڳيون. سندس ڳالهائڻ جي رفتار تيز هئي ۽ ڳالهائيندي ڪي ڪي لفظ اڌورا ادا پئي ڪيائين. سندس ڳالهائڻ جو انداز ائين هو ڄڻ هن کي پنهنجا جملا پورا ڪرڻ جي تڪڙ هجي. الائي ڇو سڪندر، حسين کي اجنبي نه پئي لڳو. کيس محسوس ٿيو ته شايد هو سڪندر کي پراڻو سڃاڻيندو هجي. رام داس ڪلين شيو نوجوان هو. رنگ جو صاف ۽ سندس وار ننڍا ڪٽيل هئا. سندس نقش تکا هئا. سنهيون ڀرون، ننڍيون اکيون، سنها گلابي چپ ۽ نڪتل کاڏي.
رام داس کي ڏسي ائين پئي محسوس ٿيندو، ڄڻ سندس هر هڪ قدم ۽ عمل توريل تڪيل هجي. هو ڪافي ذهين پر گهٽ ڳالهائو پئي لڳو. سندس اکين ۾ ذهانت هئي.
.ادا سڪندر ۽ رام داس هاڻ مون کي اجازت ڏيو، رات ٿي وئي آ ۽ صبح کان ڪافي ٿڪجي پيو آهيان، هاڻ گهر وڃي آرام ٿو ڪيان،“ ائين چوندو حسين آهستي آهستي اٿي بيٺو. رام داس جيڪي سور جون گوريون ڏنيون هئس انهن پنهنجو اثر ڏيکاريو هو ۽ هن سور جي شدت ڪجهه گهٽ محسوس ڪئي.
”پر ان کان پهرين جو آءٌ توهان کان موڪلايان اهو ٻڌايو ته وري پاڻ ڪڏهن ملنداسون؟“ حسين ٻنهي طرف نهاريندي پڇيو.
”ڪامريڊ حسين پاڻ سڀاڻي به ملي سگهون ٿا“ سڪندر وراڻيو.
”نه سڀاڻي نه، هڪڙو ڏينهن آرام ڪيان، پوءِ پرينهه ملون، شام جو ڇهين بجي، شهباز هوٽل تي؟“ حسين چيو.
”ٺيڪ آهي، پرينهن ڇهين وڳي شهباز تي.“ سڪندر وراڻيو.
حسين ٻنهي سان هٿ ملايو، هڪ ڀيرو وري سندن ٿورا مڃيا ۽ اوطاق مان ٻاهر نڪري ويو.
رات ٿي وئي هئي، کيس لڳو ته هن کي ڌڪ لڳڻ کان پوءِ ٽي چار ڪلاڪ گذري ويا آهن. هو آهستي آهستي گهر ڏانهن وڌندو رهيو. کيس اوچتو پوليس جي ڊاٽسن ۾ ويٺل ڪريم ۽ نور جا چهرا سامهون ڦري آيا، جن کي پوليس وارا وارن کان جهليو سوگهو ڪيو ويٺا هئا. سندن حالت تي حسين کي ڏک پئي ٿيو. هو سوچي پيو ته نور کي اڄ گرفتاري ته نه ڏيڻي هئي پوءِ اهو اوچتو ڪيئن ٿيو؟ حسين کي خيال آيو ته نور ساڻس هميشه گڏ هوندو هو ۽ هو گرفتار ٿيندڙ ساٿين جي پرگهور گڏوگڏ لهندا هئا هاڻ ته هو اڪيلو ٿي پوندو.
حسين جي ذهن ۾ اهي به سوال پئي اٿيا ته جلوس مان فائرنگ ڪنهن ڪئي. جمهوري تحريڪ ته پرامن تحريڪ آهي، پوءِ اها فائرنگ ڪنهن ڪئي ۽ ڇو ڪئي؟
شهر جي گهٽين مان ٿيندو حسين جڏهن گهر پهتو ته دروازي تي کيس پنهنجي ماءُ جو خيال آيو. هن کي اندازو هو ته سندس مٿي تي پٽي ۽ سندس هي حال ڏسي کيس ضرور صدمو ٿيندو. هن سوچيو ”خير آ اڄ ٿورو ڪوڙ کان ڪم وٺبو.“
***
ثريا جي ماءُ صبح جو سوير اچي ياسمين ۽ ثريا کي ننڊ مان اٿاريو ۽ کين چانهه آڻي ڏني. ٻنهي جي رات دير تائين ڪچهري هلندي رهي هئي ان ڪري سندن ننڊ اڃا پوري نه ٿي هئي، ۽ سندن اکيون اڃا ننڊاکڙيون هيون. ٻئي بستري مان اٿي ويٺيون ۽ گرم گرم چانهه جون سرڪيون ڀرڻ لڳيون پر سندن ذهنن ۾ رات جي ڪچهريءَ جا پڙاڏا اڃان گونجن پيا.
ثريا آخر اٿي رڌڻي ۾ هلي وئي ۽ ياسمين کي چيائين ته هوءَ وڃي ٿي نيرن ٺاهي تيستائين ڀلي هٿ منهن ڌوئي وٺ.
ياسمين کيس مشڪندي هاڪار ڪئي.
ياسمين کي ڪالهه ڳوٺ ۾ ڪيل ڀينرن جي ڪچهري ياد آئي، حسين سان گهاريل گهڙيون ياد آيس ۽ هاڻ هوءَ پنهنجي همٿ تي پاڻ به حيرت ڪري رهي هئي. پر هوءَ اڃا تائين ان سوال تي پئي سوچي ته حسين سندس دل ڇو ٽوڙيو، ”ڇا حسين ڪنهن ٻئي کي ٿو پسند ڪري؟ ڇا حسين سائره کي ٿو پسند ڪري؟“ هن کي اوچتو سائره جو خيال آيو. سائره سندس دوست آهي. هو ساڳي اسڪول جون شاگردياڻيون آهن. ٻئي هڪ ٻئي جو ڪافي خيال رکنديون آهن ۽ جمهوري تحريڪ ۾ به گڏ آهن، پر سائره ايتري سرگرم يا ذميوار ڪونهي جيتري ياسمين آهي. سائره بس ڪجهه گڏجاڻين وغيره ۾ ايندي آ، ڪي ڪتاب پڙهندي آ، پر کيس وڌيڪ شوق لکڻ، پڙهڻ، شاعري ڪرڻ ۽ هار سينگار سان آهي.
هوءَ ڊگهي قد ۽ سنهڙي چيلهه واري هڪ خوبصورت ڇوڪري آ، جنهن جي سنهڙن نقشن ۽ وڏين گهرين اکين ٿي جديد طرز تي تراشيل وار ڏاڍا دلڪش لڳندا آهن. سائره هميشه سٺا جديد سلائي وارا ڪپڙا ۽ سينڊل پائيندي آهي ۽ سندس جسم مان هميشه اوچي پرفيوم جي خوشبو ايندي رهندي آهي. سائره جتي به هوندي آ، توجهه جو مرڪز بڻجي ويندي آ ۽ کيس تعريفي نظرون ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ ته ڪڏهن سئون سڌو گهورينديون آهن، ڊگهيون پلڪون کڻي جڏهن هوءَ ويندي آ پنهنجي وڏين ناسي اکين سان ڪنهن نوجوان طرف نظر وجهندي آ ته ڄڻ ان نوجوان جو ساهه مٺ ۾ اچي ويندو آ. سندس خوبصورت رسيل گلابي چپ ڏسي انهن کي چپن سان ڇهڻ جي لازوال خواهش هر دل ۾ اڀرندي آ. سائره جي ڳلي ۾ پهريل سنهڙو خوبصورت نيڪلس، جنهن تي دل جو نشان ٺهيل آ، هميشه سندس ڇاتين تي راند کيڏندو رهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهو نيڪلس سندس گولائين جي وچ ۾ اٽڪي پوندو آ، پر سائره پنهنجي ترنگ ۾ ان کي ڪڍڻ جي تڪليف به گوارا نه ڪندي آهي.
ياسمين کي دل ئي دل ۾ سائره سان ٿورو ساڙ ٿيندو هو. خاص طور تي ان ڏينهن کان جڏهن سائره کيس ٻڌايو ته هن حسين کي هڪ شعر لکي موڪليو آ، جيڪو حسين کي ڏاڍو وڻيو هو. پوءِ سائره پنهنجي ڊائري مان اهو شعر ياسمين کي ٻڌايو
”میرے مخروطی انگلیاں کرچياں چنتی ہيں،
لیکن وه اتنے زخمی نہيں جتنی اس وقت ہوئيں
جب انہون نے مرے دل کی کرچياں چن کر، کتابوں میں محفوظ کرلين“
”ياسمين تون اڃان کٽ تي ويٺي آهين؟ ادي مان نيرن تيار ڪري آئي آهيان. جلدي وڃي هٿ منهن ڌوئي اچ ته نيرن ڪيون.“ ثريا جي آواز تي ياسمين جي خيالن جو سلسلو ٽٽو. ياسمين غسل خاني ۾ داخل ٿي وئي ته ثريا ڪمري ۾ رکيل ننڍڙي ميز تي تريل بيدا ۽ گهه ۾ ٺاهيل ڪڻڪ جون مانيون اچي رکيون. ٻنهي نيرن ڪئي ۽ پوءِ ياسمين ثريا ۽ سندس ماءُ کان موڪلائي پنهنجي گهر لاءِ رواني ٿي وئي. ياسمين جڏهن گهر پهتي ته گهر ۾ صرف سندس ماءُ هئي، باقي سندس ڀيڻ، ڀاءُ اسڪول ويل هئا، جڏهن ته سندس والد پڻ نوڪري تي ويل هو.
ياسمين ڀيڻ ڀائرن ۾ سڀ کان وڏي آهي. کيس هڪ ننڍو ڀاءُ منظور احمد آهي، جيڪو ستين جماعت جو شاگرد آ، جڏهن ته سندس ڀيڻ نورين اڃان پنجين جماعت جي شاگردياڻي آهي. سڀ کان وڏي هئڻ سبب ياسمين کي گهر ۾ ڪي آزاديون ۽ سهوليتون به آهن پر گڏوگڏ کيس پاڻ مٿان ذميوارين جو اندازو به آهي.
ياسمين جو پيءُ چاچو غلام اڪبر ننڍو سرڪاري ملازم آهي ۽ سندس پگهار مان گهر جو خرچ مڙئي ڇڪي تاڻي پورو ٿيندو آهي. پر جيئن جيئن ٻار وڏا پيا ٿينس، سندن ضرورتون ۽ تعليمي خرچ وڌندا پيا وڃن ته چاچي غلام اڪبر جي پريشاني ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي. چاچي غلام اڪبر جي خواهش آهي ته ياسمين ڊاڪٽري پڙهي ۽ ڊاڪٽر ٿي گهر جي خرچ پکي ۾ مدد ڪري. گڏوگڏ هو ياسمين جي شادي ڪنهن چڱي هنڌ ڪرڻ جا خواب به پيو ڏسندو آهي. چاچي غلام اڪبر کي جيتوڻيڪ ياسمين تي مڪمل اعتماد آهي ۽ هو کيس سياسي سرگرمين کان روڪيندو به ڪونهي پر ياسمين جي تمام گهڻو سرگرم هجڻ تي ٿورو ٿورو فڪرمند به رهندو آهي.
کيس پاڙي اوڙي وارن جا ياسمين بابت ڪي ڪي جملا بلڪل زهر لڳندا آهن. چاچو غلام اڪبر پنهنجي پڙهڻ جي عادت سبب دنيا جهان جي علمن، فلسفن، مذهبن جي آغاز، انسان جي ارتقا، سماجي تبديلين، طبقن جي ڇڪتاڻ ۽ قومن جي ڇوٽڪارن جي تاريخ کان ڪافي حد تائين واقف آهي.
هن کي خبر آهي ته سنڌ جو معاشرو اڃان قبائلي ۽ جاگيرداري معاشرو آهي، سرمائيداري اڃا صرف پيدا ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي. کيس اندازو آهي ته عورتن جي آزاديءَ ۽ برابريءَ جو تصور جيستائين ڪنهن ٺوس شڪل ۾ سامهون اچي ان کي اڃا گهڻو وقت لڳندو. پر هو ان ڳالهه تي به پورو يقين رکندو هو ته معاشري جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته فرد پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ جنهن قسم جي معاشري کي اڏڻ چاهين ٿا يا جنهن قسم جي معاشري جي تمنا رکن ٿا، حالتن آهر ان معاشري جون خصلتون پاڻ ۾ پيدا ڪن ۽ انهن شخصي روين، قدرن ۽ معيارن جو عملي ثبوت ڏين جن جي هو ٻين کي تلقين ڪن ٿا. چاچي غلام اڪبر کي انهن ماڻهن تي انتهائي سخت ڪاوڙ ايندي هئي ۽ اهڙن ماڻهن سان سندس هر وقت پيو مهاڏو ٿيندو هو، جيڪي روين ۽ قدرن جي سڄو ڏينهن پيا تقريرون ۽ واعظ ڪندا هئا پر عملي طرح سندن ڪردار انهن جي بلڪل ابتڙ هوندو هو.
حسين ۽ چاچي غلام اڪبر جون پڻ ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون ۽ هو انسانن جي انهي منافق رويي کان وٺي روس جي آڪٽوبر انقلاب تائين هر موضوع تي بحث ڪندا هئا.
”پٽ ياسمين اچي وئين؟ نيرن ڪندين؟“ ياسمين جي ماءُ کانئس گهر ۾ داخل ٿيڻ تي پڇيو.
”امان مان نيرن ڪري آئي آهيان، هاڻ ٿوري دير ڪمري ۾ آرام ٿي ڪريان پوءِ اچي ٿي منجهند جي ماني تيار ڪيان،“ ياسمين وراڻيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي. هن ٿيلهو ميز تي رکيو ۽ سينڊل لاهي پنهنجي بستري تي اکيون ٻوٽي سمهي پئي. خبر ناهي ڇو سندس زور زور سان روئڻ تي دل پئي ڪري. هوءَ اداس هئي. سندس ذهن ۾ مسلسل ڪالهه وارا سمورا واقعا گهمي رهيا هئا. هن کي حسين تي پڻ ڏاڍي ڪاوڙ پئي آئي پر ان کان وڌيڪ پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهي هئس. هن کي پنهنجي رجيڪشن جو احساس ٿي رهيو هو. ياسمين اکيون ٻوٽي پاڻ کي پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ وڏا وڏا ساهه کڻي، اندروني طور تي پرسڪون ڪيفيت طاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ کيس اهو ياد نه رهيو ته ڪهڙي وقت سندس اک لڳي وئي.
***