1
شهر جي وچ مان وهندڙ ڪينال جي ڪپرن تي گهاٽن وڻن ۾ سڄي ڏينهن جي ٿڪل پکين جون ٻوليون هوريان هوريان غائب ٿي وينديون آهن. انهيءَ سانت ۾ ڪنهن ڪنهن مهل، ڪنهن رولاڪ پکيءَ جي پنهنجي آکيري جي ڳولا ۾ آخري صدا بلند ٿيندي آهي، جيڪا ڏيڏرن، تڏين ۽ ٻين جيت جڻن جي سڄي رات جاري رهندڙ آوازن سان ملي هڪ پراسرار تاثر پيدا ڪندي آهي.
هن مند ۾ ڪينال جو پاڻي گهٽجڻ شروع ٿيندو آهي، پر پوءِ به مستيءَ ۾ وهندڙ پاڻي پٿر ۽ مٽيءَ جي ٺهيل ڪنارن سان ٽڪرائجي، هڪ اونهو سڪون ڏيندڙ جلترنگ پيدا ڪندو آهي. جڏهن سانوڻ جي مند پنهنجي عروج تي هوندي آهي ۽ ٽپهريءَ جو ڀانئجي ته ڪانءَ جي اک پئي نڪري تڏهن ڪينال جي گجگوڙ ڪندڙ پاڻيءَ جي ته ڳالهه ئي الڳ هوندي آهي. شينهن جيان گجندڙ پاڻيءَ جا ڇنڊا ڪينال جي باغن ۾ دور دور تائين ويٺل ماڻهن کي پيا پسائيندا آهن. پُل وٽ بيهي جي ڪينال جي وهڪري کي ڏسجي ته جهڙو دهشت ورايو وڃي.
ڪينال کان ٿورو پرڀرو شهر تي نظر وجهبي ته لڳندو شهر تي مٽي ۽ دونهين جي هڪ سنهڙي چادر چڙهيل آهي. ڪڏهن تيز طوفاني هوائن هلڻ سبب اها چادر اڃا به وڌيڪ گهري ٿي ويندي آهي ۽ وڻن ۾ لڪل پکي خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري هڪ اڻڏٺي ڊپ ۾ وڪوڙجي ويندا آهن. ڄڻ ته کين انهن واقعن جي اڳواٽ خبر پئجيو وڃي جيڪي اڃا ٿيا به نه هوندا آهن. شايد پکين کي اها ڏات قدرت عطا ڪئي آهي.
سانوڻ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن جو به پنهنجو هڪ حسن آهي. انهن جو احساس عجيب آهي. سخت گرميءَ جي ساڙيل انسانن کي الائجي ڇو بهارجي اچڻ جو پيغام ملندو آ. اهو سوچي دل ۾ هڪ خوشيءَ جو احساس اڀرندو آهي ته سيارو اجهو شروع ٿيو ۽ ڄاڻ ڏينهن آيا جڏهن باهه جي مچ چوڌاري ويهي راتين جو دير تائين ڪچهريون ڪبيون ۽ چانهه جا دور هلندا. سوڙين ۾ لڪي آکاڻيون ٻڌبيون ۽ مڱيرا کائبا. ڪڏهن ڪڏهن جهڙالي ۽ وسندڙ مينهن ۾ گرم ڪپڙا پائي دوستن جي محفل ۾ وڃبو ۽ بدمست ٿبو.
پر هيل هي سانوڻ هڪ اڻکٽ ڏهڪاءُ کڻي آيو آهي. هڪ اهڙو ڏهڪاءُ جنهن شهر جي رهواسين کي پکين جيان هڪ اڻ ڏٺي ڊپ ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. راتيون اهڙيون ٿي ويون آهن جن ۾ ڊيڄاريندڙ صدائون ٿيون بلند ٿين.
حسين ۽ نور اهڙين ئي صدائن جا آواز ٻڌي بيهي رهيا هئا. هو وچ شهر کان لڳ ڀڳ هڪ ميل پنڌ ڪري پهتا هئا. شهر کان نڪرندي هنن ڪينال جي پل پار ڪئي. جنهن کان پوءِ سڙڪ تي روشني تمام گهٽ هئي ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو لنگهيا پئي، گاڏين جي اچ وڃ به نالي ماتر هئي.
ٻنهي روڊ جي ڪناري تي بيهي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اڃا کين ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. اڃا تائين هو رڳو ٿوري ٿوري دير کان بعد بلند ٿيندڙ آهون ٻڌي رهيا هئا. دانهن ۽ صدائن جي وچ ۾، ڌاري ٻوليءَ ۾ ڪن ماڻهن جي ڳالهائڻ ۽ ٽهڪن جا آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيا. هوا جي لهرن تي تري ايندڙ آواز ڪنهن وقت چٽا پئي ٿيا ته ڪنهن وقت مورڳو غائب ٿيو پئي ويا. کين انهن آوازن ۾ اهڙا آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيا جن مان معلوم ٿي رهيو هو ته چمڙي جي ڪنهن پٽي سان لڳاتار ڪنهن جسم تي وار ڪيا پيا وڃن ۽ هر وار سان گڏ ڪا دٻيل دانهن بلند پئي ٿئي.
حسين ۽ نور جي جسم مان سيسراٽي نڪري وئي. ٻئي شهر جي پوليس ٿاڻي کان ٿورڙي پنڌ تي بيٺا هئا. سندن هٿن ۾ انهن ساٿين لاءِ ماني، سگريٽ ۽ ٻيو سامان هيو جن گرفتاريون ڏنيون هيون.
حسين اڃا سوچي ئي رهيو هو ته ڇا ڪجي، ته اوچتو چمڙي جي پٽي جي انساني جسم تي برسات وري شروع ٿي وئي. ”ڪون هين وه جو تمهين گرفتاريان دلوارهي هين؟“ چمڙي جي وسڪاري ۾ ڪنهن پڇيو. جواب ۾ فقط هڪڙو نعرو بلند ٿيو، ”مارشل لا مرده باد“. سوال پڇندڙ آواز هاڻ ڪچين گارين ۾ تبديل ٿي ويو هو” اي ڪتي دي پتر ڪڇ نهين بتاوڻ گي- بند ڪردو انهان نون،“
ٿاڻي مان اذيت سبب ڪنجهندڙ آواز، ۽ ماڻهن جي پاڻ ۾ ڳالهائڻ جا آواز اچي رهيا هئا. هاڻ دانهون بند ٿي ويون هيون، ٿوريءَ دير ۾ ائين لڳو ته ڪي ماڻهو گاڏين ۾ سوار ٿي رهيا آهن، ۽ پوءِ گاڏين جي انجڻين جي گرڙاٽ سان گڏ انهن جون بتيون به روشن ٿيون.
”اسان کي ٿورو پرڀرو بيهي انتظار ڪرڻ گهرجي،“ اوچتو حسين کي نور جو آواز ڪنن تي پيو.
”هان! ها، ها- ٺيڪ ٿو چئين،“ حسين وراڻيو ۽ پوءِ ٻئي آهستي آهستي روڊ کان پري، وڻن جي اوٽ ۾ بيهي رهيا. ٿوري جهٽ کان پوءِ هڪ جيپ نظر آئي جنهن ۾ چار فوجي آفيسر ويٺا هئا. سندن پويان هڪ فوجي ٽرڪ هئي جنهن ۾ ويهارو کن فوجي جوان مڪمل چوڪس پوزيشن ۾ ويٺل هئا. ٽرڪ تي مشين گن لڳل هئي جنهن سان گڏ گولين جو هڪ ڊگهو پٽو چمڪي رهيو هو. هڪ فوجي جوان ٽرڪ جي وچ ۾ بيٺل پوزيشن ۾ هو. سندس اڌ ڌڙ ٽرڪ جي ڇت کان ٻاهر نڪتل هو، سندس آڱر مشين گن جي گهوڙي تي بلڪل تيار حالت ۾ رکيل هئي. گاڏين جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ به ڪيتري دير تائين ٻئي ڄڻا چپ چاپ بيٺا تڪڙا تڪڙا ساهه کڻندا رهيا. آخر حسين سانت کي ٽوڙيو. ”منهنجو خيال آ هاڻ پاڻ هلون. اندر هلي ساٿين جو حال احوال وٺون ۽ کين سامان پڄايون، دير تمام گهڻي ٿي وئي آهي.“
ٻنهي وڌيڪ هڪ لفظ به نه ڳالهايو. سندن اندر ۾ ڪاوڙ، ڏک ۽ بي وسيءَ جو هڪ گڏيل احساس هو. حسين کي لڳو ته ڪا شئي سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي آهي. سندس اکين ۾ آلاڻ هئي.
حسين ۽ نور ٿاڻي جي چوڌاري ڏنل ڀت جي دروازي ڏانهن ننڍڙن قدمن سان وڌندا رهيا. سندن ڪنن تي دور ويندڙ ٽرڪن جو ڪمزور آواز اڃا تائين پهچي رهيو هو. ڪنهن ڪنهن مهل اذيتون سهندڙ ساٿين جي ماحول ۾ رهجي ويل ڪا آخري دانهن سوين ميلن جو سفر ڪري پڙاڏي جي صورت ۾ موٽي ٿي آئي.
ٻئي جيئن ئي ٿاڻي جي حدن ۾ داخل ٿيا ته دروازي تي بيٺل سپاهيءَ سان سندن نظرون مليون. سپاهي نظرون چورائي ويو. ٿاڻي جا ڪيترا سپاهي هاڻ کين سڃاڻي ويا هئا ۽ کين خبر هئي ته هي روز ايندڙ نوجوان آهن. جيتوڻيڪ ڪي سپاهي ان خوف جو اظهار ڪنداهئا ته ڪنهن ڏينهن سندن نوڪري نه هلي وڃي. پر پوءِ به هنن ڪڏهن کين سياسي قيدين لاءِ سامان سرڙو آڻڻ، ۽ ساڻن ملاقاتن ڪرڻ کان نه روڪيو هو. تن ڏينهن ۾ فوجي حڪمرانن پاران سياسي قيدين جون ملاقاتون مڪمل طرح بند رکڻ جا پروانا جاري ڪيا ويا هئا. ٿاڻي جو اڪثر عملو انهن حڪمن جي باوجود سياسي قيدين لاءِ همدرديءَ جو جذبو رکندو هو. جان محمد جاني سپاهي ته چوندو هو ته، ”عوام جي اڳواڻ کي رات جي ڪاري پيٽ ۾، ڪوڙي ڪيس ۾ اڙائي ڦاسي ڏيڻ ۽ ملڪ مٿان ظالم فوجي آمريت مڙهڻ ڪهڙو قانوني آ جو اسان توهان جي ملاقات ڪرائي غير قانوني ڪم ٿا ڪيون؟“ هو چوندو هو، ”اسان پوليس وارا به ظالم آهيون پر پوءِ به اسان ڏوهارين کي لتر هڻندا آهيون، هي صاحب ته مورڳو بي ڏوهي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن، شاگردن، هارين ۽ مزدورن تي پيا سچو پتر وسائين. سندن ڏوهه اهو آهي جو چون ٿا ته فوج سرحدن جي حفاظت ڪري ۽ ملڪ جي واڳ چونڊيل نمائندن جي هٿ ۾ ڏني وڃي.“
”ڪير آهيو.... ڪاڏي پيا وڃو؟“ اوچتو ڪنهن سپاهيءَ نور ۽ حسين کي هڪل ڪئي. ٻئي بيهي رهيا. سپاهي ڊوڙندو سندن ويجهو آيو ۽ سهڪندي سهڪندي کانئن پڇيائين، ”بنا اجازت ڪاڏي پيا وڃو؟“
”اسان گرفتار دوستن لاءِ ماني آندي آهي،“ نور کيس جواب ڏنو.
”پر ملاقات بند آ. توهان اول ايس ايڇ او صاحب کان اجازت وٺو. ڏسو نه ٿا فوجي آفيسر اسان مٿان ڏمريا پيا آهن، چون ٿا اسان قيدين سان نرمي پيا ڪيون.“ سپاهيءَ پنهنجي اڀ ساهي ٺيڪ ڪندي چيو.
”پر اسان ته هنن همراهن سان روز ملڻ ايندا آهيون پوءِ اڄ ڇا ٿيو آهي؟“ حسين چيو.
”سائين مون کي علم ڪونهي پر مان ائين توهان کي ملاقات ڪرڻ نه ڇڏيندس پهرين انسپيڪٽر صاحب سان ملو،“ سپاهيءَ بيزاريءَ مان وراڻيو.
حسين ۽ نور چند سيڪنڊن لاءِ هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ نور سپاهيءَ کي چيو، ”هل ڀلا اسان کي انسپيڪٽر جي ڪمري تائين وٺي هل ته هلي ساڻس ڳالهايون.“ هڪ ڪمري جي دروازي تي هلي سپاهي بيهي رهيو ۽ اشارو ڪري چيائين ”هي آهي انسپيڪٽر صاحب جو ڪمرو“.
حسين ۽ نور ڇٽ ۽ پردو پري ڪري اندر نهاريو ۽ ڪرسيءَ تي ويٺل ٽن ڦولن واري هڪ ٿلهي متاري انسپيڪٽر کان پڇيائون ته هو اندر اچن. انسپيڪٽر کين ڪنڌ جي اشاري سان اندر اچڻ جي اجازت ڏني.
جيئن ئي ٻئي انسپيڪٽر جي ويجهو پهتا، انسپيڪٽر رڙ ڪندي کين چيو، ”ڇو اسان جي نوڪرين جي ڪڍ پيا آهيو. ميان پاڻ ته مرندؤ اسان کي به مارائيندؤ.“
”سائين اسان ته رڳو ماني کڻي آيا آهيون. ڏئي هليا وينداسي“ حسين پنهنجي ڊپ کي لڪائيندي چيو.
انسپيڪٽر حسين کي چتائي ڏٺو، ڪجهه دير سوچيندو رهيو ۽ آخر چيائين، ”اسان کي چريو ٿا سمجهو ڇا؟“
” مون کي خبر آهي ته توهان رڳو ماني کڻي نٿا اچو ٻيا ڪي نياپا سنيها به آڻيو ٿا. اڙي ٻڌايو ته صحيح توهان وٽ پئسا ڪٿان ٿا اچن جو روز همراهن لاءِ ماني ٿا آڻيو؟ توهان پڪ انهن ماڻهن سان رابطي ۾ آهيو جيڪي هيءَ گرفتارين جي مهم پيا هلائين. توهان کي به ويهاري ڇڏيون ٿاڻي تي، چار لتر لڳنوَ ته سڀني جا نالا ۽ ايڊريسون ڏيندؤ.“
حسين جي اندر ۾ وري خوف ڪر کنيو. ٿاڻي جي ڊگهي راهداري جي ٻنهي پاسن تي ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل هئا جن جي ٻاهران ڪانن جا ڇٽ لڳل هئا. ڦڪي رنگ تي نيري ڪناري وارين انهن ڀتين جي پڇاڙيءَ ۾ لاڪ اپ هيو، جتان سور ۾ پاهه ساٿين جي ڪنجهڻ ڪرڪڻ جا آواز هاڻ بند ٿي ويا هئا ۽ منجهائن ئي ڪنهن سور جي شدت گهٽائڻ لاءِ شيخ اياز جو گيت ”رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي“ جهونگارڻ شروع ڪيو هو.
”اسان تي مارو آ فوجين جو ته ماڻهو هٿ ڪيو جيڪي تحريڪ پيا هلائين ۽ توهان آهيو جو اسان جي نوڪرين جي پٺيان پيل آهيو.“ انسپيڪٽر چيو.
انسپيڪٽر جون ڳالهيون ٻڌي حسين جي نرڙ تي پگهر جون بوندون اچي ويون. هن ڪنڌ ورائي نور ڏانهن ته ڪو نه ڏٺو پر کيس پڪ هئي ته نور به خطري کي محسوس ڪندو هوندو.
ٻئي انسپيڪٽر جون ڳالهيون ٻڌي چپ چاپ بيٺا رهيا، ”ڪير آن تون، نالو ڇا ٿئي؟ آخر انسپيڪٽر ڳالهايو.
”سائين مان نور آهيان ۽ هي حسين.“
انسپيڪٽر ڪجهه گهڙيون ٻنهي کي ڏسندو رهيو ۽ آخر رڙ ڪري سپاهيءَ کي سڏ ڪيائين ۽ کيس چيو ”هنن کي لاڪ اپ تي وٺي وڃ، ۽ سامان همراهن کي ڏياري جلد واپس موڪلي ڇڏين.“ سپاهي هنن ڏانهن بغير نهارڻ جي چيو، ”هلو جلدي ڪيو صاحب“
ٻئي ڄڻا سپاهيءَ جي پويان پويان هلندي، ڪمرن واري راهداري مان ٿيندا لاڪ اپ جي در وٽ پهتا. لاڪ اپ مان شيخ اياز جي گيت جي جهونگار اڃان پئي آئي، جنهن سان ڪنهن ڪنهن مهل سور ۾ پاهه ڪنهن قيديءَ جي ٿڌي ساهه کڻڻ جو آواز پڻ گڏجي پئي ويو.
لاڪ اپ جي دروازي تي ٻنهي کي ڏسي اصغر اٿي آيو ۽ اچي هٿ ڏنائين. اصغر ۽ محمد علي اڄ ئي گرفتاري ڏني هئي ۽ ٻنهي مٿان ٻين همراهن سان گڏ ٿاڻن تي فوجين تشدد ڪيو هو.
نور تڙ تڪڙ ۾ اصغر کان حال احوال معلوم ڪيو ۽ کيس ٻاهر جي احوال کان آگاهه ڪيو. اصغر کيس ٻڌايو ته ”اڄ فوجي ڏاڍا ڪاوڙيل هئا. هنن پئي چيو ته مهينو گذري ويو آهي، هزارين ماڻهو سنڌ ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن. مارڪٽ جو سلسلو جاري آهي پر جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ ختم ئي نه ٿي ٿئي، سو ڇو؟“
اصغر کين ٻڌايو ته هڪ فوجي آفيسر کانئن پڇي پيو ته ڪير آهن اهي ماڻهو جيڪي، هارين، مزورن ۽ شاگردن کي گڏ ڪري پيا گرفتاريون ڏيارين ۽ پاڻ پڪڙ ۾ ئي نٿا اچن!
اصغر کين ٻڌايو ته جيئن جيئن تحريڪ زور پئي وٺي، سرڪاري عملدارن جي ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي ۽ لڳي ٿو ته اڃان وڌيڪ سختيون ڪندا، تنهن ڪري، ٻاهر جيڪي ساٿي آهن انهنکي چئو ته وڌيڪ رازداري ۽ احتياط ڪن.
”صاحب ڳالهيون ختم ڪيو ۽ هلو ملاقات ختم ڪيو. سامان ڏيو همراهن کي بس گهڻيون ڳالهيون ٿيون“. اوچتو سپاهيءَ کين پويان اچي سندن ڳالهين جو سلسلو بند ڪرايو.
حسين ۽ نور، اصغر ۽ ٻين ساٿين کان موڪلايو ۽ واپس وريا، کين ساٿين جي همٿ ۽ حوصلي ۾ ڪا ڪمزوري نظر نه آئي. حسين سوچيو ته جيڪڏهن ساٿي ائين اڏول بيٺا رهيا، ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ملڪ فوجي حڪمرانن جي چنبي مان آزاد ٿيندو.
ٻئي ڄڻا ڳورن قدمن سان موٽن پيا، کين رکي رکي ننڍڙي لاڪ اپ ۾ ويهارو کن ساٿين جي اذيتون ڏنل جسمن جي تصوير سامهون تري پئي آئي پر ان تصوير ۾ شيخ اياز جي گيت جي لفظن جو رنگ ڏاڍو سهڻو پئي لڳو.
ٿڌڙي رات ۾ ٿڌي مٽيءَ تي ننڍا ننڍا قدم کڻندي ٻئي جڏهن شهر ڏانهن موٽيا ته هوا تي تري ايندڙ گيت جا لفظ به سندن پويان پويان ايندي پئي محسوس ٿيا.
”مان وڃان مان وڃان ڪيئن ڀيرو ڀڃان.
سج ويندو لهي، پير ويندا ڊهي،
ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي
رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي،
ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي......
***
تازي برسات پوڻ کان پوءِ ڳوٺ جو رنگ ئي عجيب ٿي پيو هو. هر هڪ وڻ، هر هڪ ول، کيت، فصل، باغ، باغن ۾ زيتونن جا وڻ، سوڙهيون گهٽيون، ڪچڙا ۽ اڌ پڪا گهر، ٻنين جي وچ ۾ ٺهيل جهوپڙا ۽ پکي، پکڻ سڀ ڌوتل پوتل پئي لڳا. ماڻهو ته ٺهيو پر پکي، جانور وڻ ٽڻ ۽ هر شيءِ خوشيءَ ۾ جهومندڙ ۽ هشاش بشاش هئي. وڏڦڙي سڄي ڳوٺ جي زمين کي پُسائي ڇڏيو هو ۽ زمين نئين ڪنوار جيان، مينهن جي ميلاپ کان پوءِ اهڙي ته سڳنڌ پکيڙي جو ميلن تائين جڏهن ڪنهن ساهه ٿي کنيو ته ان سڳنڌ منجهس زندگيءَ سان بي پناهه محبت جو احساس پئي جاڳايو. زندگيءَ جي ڏوجهرن، غربت ۽ ڏهڪاءُ جي ماريل ماڻهن ۾ جيئري رهڻ ۽ ان سڳنڌ کي هميشه هميشه لاءِ پنهنجي ساهه سان اندر ۾ اوتيندو رهڻ جي هڪ لازوال تمنا پئي پيدا ٿي.
جڏهن ياسمين ڳوٺ کان ميل کن اولهه طرف ٺهيل پڪي سڙڪ تي بس مان لٿي ته، اڃا صبح جا نو پئي ٿيا. سج چڱو مٿي چڙهي آيو هو، پر سج جي گرمي اڃا بيزار ڪندڙ نه پئي لڳي، ڳوٺ جي مٿان ماڪ جي هڪ چادر چڙهيل هئي، جنهن مان سج جي روشني لنگهي جڏهن گهاٽن ساون فصلن مٿان پئي پئي ته ائين پئي لڳو ڄڻ انڊلٺ جا ست رنگ زمين تي لهي آيا هجن.
ياسمين بس مان لهڻ کان پوءِ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي ڳوٺ ڏانهن وڌندي وئي. سانورڙي رنگ، چنڱيرڙن ڪپڙن، اکين تي گول شيشن واري نظر جي عينڪ، مٿي تي چادر ۽ ڪلهي تي لڙڪندڙ ڪاري ٿيلهي مان صاف پئي لڳو ته هوءَ شهر جي رهواسي آ. پر سندس اعتماد، اکين ۾ گهري سنجيدگي، وقار ۽ چهري تي موجود اطمينان مان اهو به ظاهر هو ته هي پنڌ ڪي هن لاءِ نوان ڪونهن، ڳوٺ ڏانهن وڌندي ڪچي سڙڪ جي آلي چيڪي مٽي سندس پيرن ۾ پاتل بوٽ جي هيٺان ائين چرپر پئي ڪئي ڄڻ ڪو فنڪار ڪنڀر پنهنجي خيال کي صورت ڏيڻ لاءِ چيڪي مٽي ڳوهيندو هجي.
ياسمين سڄي واٽ ان بابت سوچيندي پئي آئي ته اڄ جڏهن ڳوٺ ۾ عورتن جو ننڍڙو ميڙاڪو ٿيندو ته کيس ساڻن ڪهڙن موضوعن تي ڳالهائڻ گهرجي. هوءَ پنهنجي سوچن ۾ ئي اهڙا جملا جوڙيندي پئي آئي، جيڪي ڳوٺ جون مايون سولائيءَ سان سمجهن ۽ کين اهي ڳالهيون اوپريون نه لڳن. هن سوچيو ته هوءَ کين اڄ سڄيءَ سنڌ ۽ ملڪ ۾ هلندڙ اُن تحريڪ بابت ٻڌائيندي جيڪا سياسي ڪارڪن، مزور، هاري، شاگرد، دانشور ۽ سماج جا ٻيا طبقا جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هلائي رهيا آهن. هن سوچيو ته تحريڪ دوران ڪارڪنن تي ٿيندڙ ڏاڍاين بابت به کين ٻڌائيندي .
انهن ئي ڳالهين تي سوچيندي ياسمين، غلام محمد جي گهر وٽ پهتي. غلام محمد ڳوٺ ۾ هارپو ڪندو آهي ۽ سندس زال رضيا ۽ پاڻ ٻئي سياسي ڪارڪن آهن. ڳوٺ ۾ عورتن جا ميڙاڪا گهڻو ڪري غلام محمد جي گهر ۾ ئي ٿيندا آهن، جڏهن ته مردن جا ميڙاڪا غلام محمد جي اوطاق تي رکبا آهن. ياسمين جڏهن دروازو کڙڪايو ته غلام محمد جي ستن سالن جي پٽ سرمد اچي در کوليو ۽ ياسمين کي ڏسندي ئي مشڪي چيائين، ”ادي امان پاڙي اوڙي جي ادين کي وٺڻ وئي آهي ۽ مون کي چئي وئي آهي ته توکي گهر ۾ ويهاري پوءِ اسڪول هليو وڃان.“ ياسمين گهر ۾ داخل ٿي، هن لاءِ گهر ۾ ڪا به شيءِ اوپري نه هئي، سو وڃي کٽ تي ٿيلهو ۽ چادر رکيائين ۽ پوءِ وڃي رڌڻي ۾ چانهن لاءِ کير چلهي تي رکيائين. جيستائين چانهن تيار ٿي ته رضيا به اچي پڳي پوءِ ٻئي اچي ڪچهرين ۾ لڳيون. چانهن پيئندي رضيا کيس ٻڌايو ته هوءَ ڳوٺ جي سمورين ڀينرن کي وڃي وري يادگيرو ڪرائي آئي آهي سو ڄاڻ ٿيون اچن.
چانهن پي ٻنهي گهر جي دالي ۾ پيل کٽن تي رلهيون وڇايون ۽ ياسمين ڪجهه ڇاپيل پنا پنهنجي ٿيلهي مان ڪڍي کٽ تي رکيا. ٻئي ڄڻيون اِن ڪم مان وانديون ٿيون ته دروازو کڙڪيو ۽ رضيا جهٽ ڪري وڃي در کوليو. ڳوٺ جون ٽي عورتون گهر ۾ داخل ٿيون ته ياسمين وڌي وڃي کين هٿ ڏنو، ۽ وٺي اچي کٽن تي ويهاريو، ايتري ۾ رضيا رڌڻي مان ٽي ڪوپ چانهن کڻي آئي. چانهن جي ڪوپ تي اڃان ڳالهيون شروع مس ٿيون ته وري دروازو کڙڪيو ۽ ٻه ٻيون عورتون گهر ۾ داخل ٿيون ۽ پوءِ ٿوري ٿوري دير ۾ اهو سلسلو هلندو رهيو. اڌ ڪلاڪ کن ۾ رضيا جي گهر ۾ ويهارو کن عورتون گڏ ٿي ويون. انهن ۾ ڪي نوجوان ڇوڪريون هيون ته ڪي وري ٻارن ٻچن واريون پڪي عمر جون، پر سڀني جي ڳالهين مان ائين پئي لڳو ته هو عمرين جي فرق جي باوجود پنهنجي پنهنجي وس آهر ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿيون.
”اديون هاڻي اسان پنهنجي گڏجاڻي شروع ٿيون ڪيون.“ رضيا سڀني عورتن جي ٿانيڪي ٿي ويهي رهڻ کان پوءِ اعلان ڪيو. رضيا جي اِن جملي کان پوءِ جيڪي عورتون پاڻ ۾ ڳالهين ۾ رڌل هيون انهن رضيا ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ سندن چهرن تي هڪدم سنجيدگيءَ جا آثار پڌرا ٿي پيا. رضيا کين ٻڌايو ته اڄ سندن گڏجاڻيءَ ۾ ياسمين پڻ شريڪ ٿي آهي، جيڪا کين سنڌ ۾ هلندڙ جدجهد بابت تفصيل سان ٻڌائيندي. تنهن کان بعد رضيا، ياسمين ڏانهن نهاريو ۽ کيس پنهنجي ڳالهه رکڻ لاءِ چيائين.
ياسمين کنگهڪر ڪري ڳلو صاف ڪيو، پنهنجي اشهد آڱر سان عينڪ ٺيڪ ڪئي ۽ پوءِ ويٺل عورتن تي اڇاتري نظر وجهي، پر اعتماد طريقي سان ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ”اديون توهان هن ڳوٺ جون باشعور عورتون آهيو، توهان سڀني کي خبر هوندي ته ملڪ مٿان سالن کان مڙهيل فوجي حڪومت جي قهري ڪوٽ کي ڊاهڻ لاءِ سياسي جماعتن، عوام جي مختلف طبقن، شاگردن، هارين، مزدورن، وڪيلن ۽ بي شمار ٻين ماڻهن تحريڪ شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي احتجاج کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي رضاڪارانه گرفتارين لاءِ پيش ڪري رهيا آهن“، ياسمين جملو پورو ڪري ٿوري دير لاءِ ويٺل عورتن مٿان نظر وڌي جيڪي ڏاڍي غور سان کيس ٻڌي رهيون هيون.
”هن ملڪ جي ماڻهن جو اهو حق آ“، ياسمين پنهنجي بيان جو سلسلو جاري رکيو، ”ته اهي پنهنجي ووٽ سان حڪومت جنهن جماعت يا ليڊر کي ڏيڻ چاهين تنهن کي ڏين. هن ملڪ کي جڏهن وجود ۾ آندو ويو هو ان وقت ملڪ جي اڳواڻن اها ڳالهه پڌري ڪئي هئي ته ملڪ ۾ حڪمراني جو طريقيڪار جمهوري هوندو ۽ نه ڪي آمريت وارو، پر فوج پنهنجن مڪروهه مفادن ۽ غير ملڪي آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ مٿان سالن کان آمريت مڙهي رکي آهي.“ ياسمين وري چند لمحن لاءِ خاموش ٿي ۽ محسوس ڪيو ته ويٺل مائن ۾ ڪجهه بيزاري پيدا پئي ٿئي. ڪجهه عورتن هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو هو. ياسمين محسوس ڪيو ته جمهوريت جي ڳالهه ته ڀلي پر شايد ڳوٺاڻي عورتن کي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڀلا جي ملڪ ۾ فوج جي حڪومت آ ته ان ۾ ڪهڙي اربع خطا، ان جو هنن جي زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو؟
”ملڪ ۾غربت پنهنجي انتها کي پهچي وئي آ،“ ياسمين وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”فوج جي پاليسين سبب لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ کي نه پيو ملي. وڏي صوبي جي فوج ۾ اڪثريت سبب سمورا فيصلا ان جي فائدي ۾ پيا ڪيا وڃن ۽ اسان جي پاڻيءَ تي ڌاڙي سبب اسان جون ٻنيون ۽ باغ سڪي رڃ ٿي ويا آهن.“
ياسمين هاڻ محسوس ڪيو ته ويٺل عورتن کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ آئي هئي. ”فوج سنڌ جي ماڻهن جا سمورا حق غصب ڪري ڇڏيا آهن ۽ فوج سنڌ ۾ غدار وڏيرن جي ذريعي ماڻهن مٿان ڏهڪاءُ مڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ضلعن کي غدار وڏيرن جي جاگير طور سندن وچ ۾ ورهائي ڏنو آهي.“
ياسمين کين چيو ته ڪچهري هلندي جي کين ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي يا هو ڪو سوال پڇڻ چاهين ته پڇي سگهن ٿيون.
”ادي ڳالهه ته تون ٺيڪ ٿي ڪرين“، ويٺل عورتن ۾ صغرا به هئي، جنهن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”پر فوج ته ڏاڍي آ، اسين غريب مسڪين ماڻهو ڇا ٿا ڪري سگهون؟ مون ته ٻڌو آ ته دادوءَ واري پاسي ڪن ماڻهن فوج خلاف جلوس ڪڍيو، ته فوج کين گولين جو کاڄ بڻايو.“
صغرا جي ڳالهه تي رضيا جي گهر ۾ ويٺل عورتن ۾ سانت ٿي وئي، کين هڪ اڻ ڏٺي ڊپ جو احساس ٿيو. ڪيترين عورتن ڪنڌ ڌوڻي صغرا جي ڳالهه جي منظوري ڏني. خديجه چيو، ”ادي ياسمين ڳالهيون ته تنهنجيون ڏکيون ٿيون لڳن. اسان ته پيٽ پالڻ ۾ هلاک آهيون، فوج سان ڪهڙو مهاڏو اٽڪائي سگهنداسون.“ عورتن جون ڳالهيون ٻڌي رضيا جي منهن تي ٿوري مايوسي جا آثار ظاهر ٿيا.
هن اک ٽيڏي ڪري ياسمين کي ڏٺو، جنهن اعتماد ۽ خاموشيءَ سان ويٺي پئي عورتن جون ڳالهيون ٻڌيون، رضيا کي ياسمين جي منهن تي اهو اعتماد ڏسي حيرت ٿي، سندس ذهن ۾ خيال آيو ته ڇا هن کي ڪنهن طرح جي مايوسي نه پئي ٿئي جو چپ چاپ ۽ گهري سڪون سان ٿي ويٺي ڳالهيون ٻڌي.
ويٺل عورتون پنهنجا انومان ظاهر ڪري خاموش ٿيون ته ياسمين وري پنهنجي اشهد آڱر سان عينڪ ٺيڪ ڪري تمام سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ”ادي صغرا جي ڳالهه ٺيڪ آ ته دادو، موري، خيرپور ناٿن شاهه، لاکاٽ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فوج مسڪين، غريب، هٿين خالي، هارين، پورهيتن، شاگردن ۽ عورتن مٿان گوليون وسايون آهن. اسان جا ڪيترا ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن. جيل جمهوريت جي جدوجهد ڪندڙ ماڻهن سان ڀرجي ويا آهن ۽ ٿاڻن ۾ اسان جي ڀائرن، پٽن ۽ ورن مٿان تشدد جي حد ٿي وئي آهي.“ ياسمين جهٽ پل لاءِ چپ ٿي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”پر ڇا فوج پوءِ به عوام جي طاقت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي آ؟ ڇا ماڻهو سچ چوڻ ۽ پنهنجي حق جي ڳالهه چوڻ کان هٽيا آهن؟
ادي خديجه چيو ته اسان پاڻ پالڻ ۾ هلاک آهيون ته فوج سان ڪهڙو مهاڏو اٽڪائبو؟ پر اديون فوج سان اهي ماڻهو ئي مهاڏو اٽڪائي سگهن ٿا ۽ اٽڪائيندا جن جي پيٽ جو ٽڪر کسيو ويو آ. پيٽ ڀريل، وڏيرا، ڪامورا ۽ فوج سان ٻٽ جاگيردار ڀلا ڇو جان جوکي جو ڪم ڪندا؟“
ياسمين جي سنهڙن چپن مان هاڻ لفظ اُلا ٿي پئي نڪتا،” فوج ڀلي ڪيڏي به طاقتور هجي پر عوام جي طاقت ۽ عوام جي ٻڌيءَ جي طاقت اڳيان اها حقير آ، ڀلا جي عوام جي ٻڌي جي طاقت کان ڊنل نه هجي ها ته هٿين خالي، اسان جي ڀائرن مٿان گوليون وسائي ها ڇا؟“ ياسمين اڱڻ ۾ ويٺل عورتن ڏانهن نهاريندي سوال ڪيو. ويٺل عورتن ڪو جواب ته نه ڏنو پر سندن اکين مان محسوس پئي ٿيو ته سوين سوال آهن سندن ذهنن ۾.
سندن منهن جي تاثر مان پئي لڳو ته هنن جي دل چوي پئي ته ياسمين سچ پئي چئي پر ذهن کين ٻڌائي رهيو هو ته هو ڪيڏي نه وڏي غلطي ڪري رهيون هيون.
” پيٽ بُکايل ۽ ظلم جا شڪار ماڻهو ئي دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آهن،“ ياسمين پنهنجي عينڪ ٺيڪ ڪري ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکيو، ”اسان مٿان ظلم اُن وقت به جاري آ، جڏهن اسان سسي لڪايو، گهر ۾ ويٺا آهيون، اسان جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ان وقت به جاري آ جڏهن اسان جلوس نه ٿا ڪڍون، اسان جي ٻارن کي ٻن وقتن جي ماني، تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي ضرورتن کان اُن وقت به محروم رکيو ٿو وڃي، جڏهن اسان اُف به نه ٿا ڪڇون، ته پوءِ ڀلا ڇو نه پنهنجن انهن حقن جي حاصلات لاءِ متحد ٿيون، ٻڌي ڪري ڊگهي جدوجهد ڪيون ۽ هڪڙو ڀيرو فقط هڪڙو ڀيرو اُن لذت کان آشنا ٿيون، جيڪا ظالم کي اکين ۾ اکيون وجهي سچ چوڻ سان حاصل ٿئي ٿي.“ ياسمين پنهنجو جملو پورو ڪري ويٺل عورتن مٿان اڇاتري نظر وڌي. کيس محسوس ٿيو ته انهن عورتن ۾ سمورن ڊپن ۽ وسوسن جي باوجود هاڻ اعتماد پڻ هو.
”ادي ياسمين تنهنجون ڳالهيون دل سان لڳن ٿيون، اسان کي ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي پر ڇا ڪريون، ڪيئن ڪريون؟“ هاڻ سوال ڪرڻ جو وارو سڪينا جو هو.
”ادي سڪينا تمام گهڻيون شيون آهن جيڪي اسين عورتون ڪري سگهون ٿيون.“ياسمين جواب ڏيڻ شروع ڪيو. ”سڀ کان اول اها ڳالهه ته اسان جي گهرن جا مرد جڏهن حق ۽ انصاف جي رستي تي هلن ته سندن مدد ڪيون، کين روڪڻ جي بجاءِ انهن کي همٿ ٻڌرايون، هو جڏهن جيلن ۾ وڃن ته روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ بدران ان ڳالهه تي فخر ڪريون.
ٻيو ته عورتن جي تنظيم ۾ سرگرم ٿيون، ميڙن، جلسن ۽ جلوسن ۾ پنهنجو ڪردار نڀايون، نه صرف پاڻ تبديلي ۽ سٺي معاشري جي اڏاوت بابت پرايون پر پنهنجن ٻارن کي به ان علم بابت ٻڌايون. سو اهڙيون سوين ڳالهيون آهن، جيڪي عورتون ڪري سگهن ٿيون،“ ياسمين انهن ڳالهين کان پوءِ لکيل پنا هڪ هڪ ڪري عورتن ۾ ورهائڻ شروع ڪيا جيڪي هوءَ پاڻ سان گڏ کڻي آئي هئي. ”ادي اڄ آءٌ هي پمفليٽ کڻي آئي آهيان جن ۾ سنڌ ۾ ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جا وڌيڪ تفصيل آهن. توهان هي پڙهو، انهن تي پاڻ ۾ ڪچهري ڪيو ۽ آءٌ وري ٻن هفتن کان پوءِ هن ڳوٺ ۾ اينديس ۽ وري ويهي پاڻ ڪچهري ڪنديونسين.“ اهو چئي ياسمين کٽ تان اٿي ۽ رضيا کي چيائين، ”ادي هاڻ آءٌ هلان ٿي ، توهان ڀلي ڪچهري جاري رکو، مون کي شهر ۾ هڪڙي ٻئي ڪچهري ۾ به وڃڻو آهي.“
پوءِ سڀني عورتن کان ياسمين موڪلايو ۽ گهر کان نڪري، ٻنين جي وچ ۾ ٺهيل ڪچي رستي تي وڏن وڏن قدمن سان پنڌ شروع ڪيائين. سج بلڪل سندس مٿان هو، گرميءَ ۾ واڌارو ٿي ويو هو، ياسمين جي نرڙ مٿان پگهر جون هلڪيون بوندون هيون. سندس اندر ۾ خوشي هئي. کيس محسوس پئي ٿيو ته هن هڪ وڏي مقصد لاءِ جيڪو پنڌ ڪيو هو اهو اجايو نه ويو ۽ کيس اهو سوچي اڃا وڌيڪ سٺو پئي لڳو ته جڏهن هوءَ حسين سان ملي کيس اڄ جي ڪچهريءَ بابت ٻڌائيندي ته هو ڪيڏو نه خوش ٿيندو.
حسين جي ياد ايندي ئي سندس چپن تي مرڪ تري آئي. پڪي سڙڪ تي پڄي ياسمين ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو، ڳوٺ جا گهر ۽ گهٽيون پري کان ڪنهن مصور جو تخيل پئي لڳا ۽ سائي زمين سج جي روشنيءَ ۾ ٻهڪي پئي.
***