ناول

فاتح مُرڪ

ھي ڪتاب جاويد سومري جو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي، ھن ناول ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ سنڌين پاران شروع ڪيل ان تحريڪ جي ڪھاڻي آھي جنھن ضياء مارشلا کي لوڏي وڏو ھيو. جاويد سومرو لکي ٿو:
”مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.
Title Cover of book فاتح مُرڪ

8

جيتوڻيڪ سج جا پاڇا لڙي چڪا هئا، پر گرميءَ ۾ اڃا ڪا خاص گهٽتائي نه آئي هئي. روڊن تي ٽريفڪ ۾ واڌارو اچي ويو هو. شهر جا مرد وهنجي سهنجي گهڻو ڪري هن وقت گهرن مان نڪري اچي چانهن جي هوٽلن ۽ جوسن جي دوڪانن تي ويهندا آهن ۽ سندن ڪچهريءَ جو سڀ کان پسنديده موضوع سياست هوندو آهي.
پڪوڙن ۽ جليبين وارن به پنهنجي لوهي تين جي هيٺان باهيون ٻاريون هيون ۽ سندن تين ۾ پراڻو مٽي گاڏڙ تيل ٽچڪڻ شروع ٿيو هو. هي وقت فقيرن جي ٽولين جي پڻ ڪمائي جو وقت هوندو آهي. ورهين کان ڄاتل سڃاتل فقير ۽ فقيرياڻيون پنهنجا دٻا ۽ ڪشڪول کڻي ڪم جي سنبت ڪندا آهن. شهر جي پسگردائي ۾ اچي ديرو ڄمائيندڙ باگڙي پڻ پنهنجين عورتن کي ٻار هنجن ۾ ڏئي ڪم تي موڪليندا آهن. گهڻن فقيرن ۽ فقيرياڻين جي هيءَ ٻئي شفٽ هوندي آهي، سندن پهرين شفٽ صبح جو سوير شروع ٿيندي آهي، جڏهن بيشمار فقير روڊن، رستن، بس اڏن، ريل اسٽيشن ۽ بازارن ۾ پکڙجي ويندا آهن.
باگڙي عورتون وهنجي سهنجي سرخي پوڊر لڳائي، پنهنجا ميرا، ڦاٽل ڪپڙن پهريل اڌ اگهاڙا ٻار کڻي نڪرنديون آهن. هر دوڪان، هوٽل ۽ ڪئبن تي هي فقيرياڻيون خيرات گهرنديون وينديون آهن ۽ شرارتي دوڪاندار ڪڏهن کين خيرات ڏيندا آهن ته ڪڏهن ساڻن عشق پچائيندا آهن. ڪي کين ڇڙٻ ڏيندا آهن ته ڪي وري وڏين ڏاڙهين وارا مولوي حضرات ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري، ڪنن کي هٿ لاهي توبهه ڪندا آهن ته ”معاشرو ڪهڙو نه خراب ٿي ويو آهي جو ڏينهن ڏٺي هي خدا ڳاريون ويٺيون ديندار ماڻهن سان چنچلائيون ڪن.“ اهڙن وقتن تي هي بزرگوار جنرل ضياءَ الحق کي دعائون ڏيندا آهن جنهن ملڪ مان بدعتون ختم ڪرڻ ۽ نظام مصطفيٰ جي نفاذ جو بابرڪت ڪم شروع ڪيو آهي.
شهر جي مصروف چوڪ تي الشهباز هوٽل آهي، جيڪو سياسي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز ٿي ويو آهي. مختلف خيالن، سوچن ۽ فڪري لاڙن جا ماڻهو اچي هت گڏ ٿيندا آهن، جتي سندن وچ ۾ زبردست نظرياتي بحث ٿيندا آهن. هوٽل جا مالڪ ۽ عملو اهڙن سياسي پهلوانن مان هونءَ ته تنگ آ پر سندن روزي روٽي به انهن جڳادرين جي سبب پئي هلي. هوٽل تي شهر جي سرگرم ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ سبب هتي ”خفيه “ وارن جي اچ وڃ به جام آهي. حالت اها جو هاڻ خفيه وارا تقريبن سمورن سياسي جيوڙن کي سڃاڻي ويا آهن ۽ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن وري ڪلف وارا اڇا وڳا اوڍيل خفيه وارن کي پڻ سڃاڻي ويا آهن. ان سبب ڪري جمهوري تحريڪ جي ڪارڪنن کي عوامي هنڌن تي تمام گهڻو احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو آهي ۽ جيئن ئي کين ڪنهن تي شڪ پوندو آهي ته يا ته هو الله نبي ۽ عشق محبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن يا وري هوٽل مان نڪري وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ ويهندا آهن. حسين کي ته هوٽل جي ڪجهه بيرن تي پڻ شڪ آهي ته اهي خفيه وارن لاءِ ڪم ٿا ڪن.
سڪندر جڏهن الشهباز تي پهتو ته هوٽل ۾ چهل پهل شروع ٿي وئي هئي پر ڪافي ميزون خالي هيون. سڪندر هوٽل جي ڪنڊ ۾ پيل هڪ ميز جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ته بيري سندس سامهون اچي پاڻي جو جڳ ۽ گلاس رکيو ”سائين ڇا پيئندا؟“
”ٿوري دير ترس هڪڙو همراهه اچڻو آ،“ سڪندر پنهنجي واچ ڏسندي بيري کي جواب ڏنو. ڇهن ۾ پنج منٽ هئا ۽ سڪندر ۽ حسين ڇهين وڳي جو وقت رکيو هو. سڪندر ٿورو بي چين هو. هن کي محسوس پئي ٿيو ته هو شايد ڪو غلط ڪم ڪري رهيو آهي. سڪندر پنهنجي تنظيم ۽ نظرئي سان وفادار هو ۽ کيس ان ڳالهه تي پورو ويساهه هو ته سنڌ جي جياپي جو رستو سنڌ جي آزادي ئي آهي، پر هو ان پاليسيءَ سان به متفق ٿيڻ لاءِ تيار نه هو ته جڏهن سنڌي ماڻهو ماريا وڃن، سندن خلاف فوجي ڪارروائي هلندڙ هجي اهڙي وقت سندس تنظيم انهيءَ قتل عام خلاف ٿيندڙ احتجاج کي نه صرف روڪڻ جي ڪوشش ڪري، بلڪه احتجاج ڪندڙن مٿان حملن جا منصوبا ٺاهي. هو انهن حملن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ پيو چاهي پر کيس سمجههه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن تنظيم سان دغا ڪرڻ کان سواءِ هو اهو ڪم ڪري.
”ڪامريڊ جيئي سنڌ.“ سڪندر جيئن مٿي نهاريو ته حسين سندس سامهون بيٺو هو، ”ڏاڍو سٺو ٿيو توهان پوري وقت تي پهچي ويا. ڇا احوال آ؟ حسين سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهندي چيو.
”مان ٺيڪ آهيان. توهين ٻڌايو ڪيئن پيون هلن احتجاج جون تياريون؟“
حسين يڪدم پاڻ کي سنڀالي محتاط ٿي ويو ۽ ويهڻ کان پهرين چوڌاري ڏسي پڪ ڪيائين ته هوٽل ۾ ڪو شڪي ماڻهو ته موجود ڪونهي ۽ ڪو سندن ويجهو ويهي ڳالهيون ته نه پيو ٻڌي. پڪ ڪرڻ کان پوءِ حسين ميز تي اڳتي جهڪندي ڏاڍو آهستگيءَ سان کيس وراڻيو. ”ڪامريڊ تياريون هلن پيون احتجاج ڀرپور ٿيندو.“
”حسين توهان کي خبر آهي ته آءٌ ٻئي تنظيم سان واسطو رکان ٿو ۽ توهان جي نظرئي ۽ تحريڪ سان متفق نه آهيان ۽ خبر اٿم ته توهان جي تحريڪ جو ڪو فائدو به ٿيڻو نه آهي پر مان ائين به نٿو چاهيان ته پنجابي فوج هٿان سنڌين جي قتلام خلاف احتجاج به نه ڪجي،“ سڪندر پڻ ڏاڍو آهستگيءَ سان حسين کي چيو.
”ها ڪامريڊ مون کي اندازو آهي، پر سوال اهو آهي ته توهان کي احتجاج کان ڪير ٿو منع ڪري؟ هي تحريڪ ڪن تنظيمن جي نه بلڪه سڄي سنڌي قوم جي تحريڪ آهي ۽ ان ۾ توهان پنهنجو ڪردار نڀائي سگهو ٿا.“ حسين چيو.
”حسين اها ڳالهه ايڏي سادي ڪونهي جهڙي ريت توهان پيش پيا ڪيو. اسان جي تنظيم جو هڪ اصولي موقف آهي ته پاڪستان بچائڻ جي هر عمل جي مزاحمت ڪبي ۽ توهان جي تحريڪ جو بنيادي نعرو ئي پاڪستان بچايو تحريڪ آهي پوءِ اسان ڪيئن ان جو حصو ٿي ٿا سگهون؟“
”پر پاڪستان بچايو ته هڪ سياسي نعرو آهي جنهن جو مقصد هي آهي ته فوجي جنتا جي عملن سبب ملڪ ٽٽي پيو ۽ اهو نعرو ان ڪري آهي ته جيئن ملڪ جي سمورين قوتن کي گڏ ڪري سگهجي ۽ ٻيو ته فوجي جنتا کي هن تحريڪ کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ جو قانوني جواز نه ملجي. ان نعري جو عملي مقصد اهو ٿوروئي آهي ته تحريڪ لازمي طور تي پاڪستان کي بچائي سگهندي يا جي فوجي جنتا جي ڪرتوتن سبب ٽٽي ٿو ته ڪو ان کي روڪي سگهجي ٿو. سياسي نعرا ته حڪمت عمليءَ جو حصو هوندا آهن. ان کان سواءِ ڀلا جي جمهوري تحريڪ نه هلندي ته پاڪستان ڪهڙو سڀاڻي ٽٽي پوندو؟ ڇو ان وقت تائين وڏيرن ۽ ملن کي ڇڏجي ته سنڌي عوام جي ڪوڙي نمائندگي ڪن ۽ کين غلط نظرين تحت استعمال ڪن. قوم جي فوج خلاف تحريڪ ته خودرو (پاڻ مرادو) آهي، اسين ته ساڻس گڏ پيا هلون ۽ کيس قيادت پيا مهيا ڪيون ته جيئن قوم کان ڪٽجي الڳ ٿي نه وڃون.“ حسين پنهنجا دليل ڏيندي ڏاڍيان ڳالهائڻ لڳو هو. کيس اوچتو احساس ٿيو ۽ هو چپ ٿيندي چوڌاري ڏسڻ لڳو.
”ها، آءٌ تنهنجين ڪجهه ڳالهين سان متفق آهيان ان سبب ئي توسان ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو،“ سڪندر چيو، ”پر ادا ٻڌو، آءٌ توهان کي هڪڙي خبر پڻ ڏيڻ چاهيان ٿو، توهان غور سان ٻڌو ۽ پوءِ ان بابت ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو.“
حسين هڪدم اڃان وڌيڪ سنجيده ۽ محتاط ٿي ويو، ”ڇا ڳالهه آ ڀائو، ڇا ٿا ٻڌائڻ چاهيو؟“
”غور سان ٻڌو.... توهان جيڪو سڀاڻي جلوس پيا ڪڍو ۽ احتجاج پيا ڪيو ان کي اسان جي تنظيم ناڪام ڪرڻ ٿي چاهي ۽ تنظيم جلوس مٿان حملو ڪرڻ جي سٽ سٽي آ،“ سڪندر ڏاڍي رازداريءَ سان هوريان هوريان پئي ڳالهايو، ”هي ڪم جيڪو آءٌ ڪيان پيو اهو منهنجي لاءِ به مصيبت کڙي ڪري سگهي ٿو، پر توهان کي ٻڌائڻ مناسب سمجهيم، سڀاڻي اسان جا ڪامريڊ ساٿي جلوس مٿان اناج منڊيءَ وٽ حملو ڪندا، سو توهان تيار رهجو.“
حسين سندس چهري جا تاثرات پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. کيس غور سان ويٺي ٻڌائين. پر سندس ذهن ۾ اهو شڪ به اڀريو ته متان سڪندر ساڻس ڪوڙ ڳالهائي خوف پيدا ڪرڻ چاهيندو هجي، هو آهي ته آخر مخالف پارٽيءَ جو نه؟
”توهان پنهنجي تنظيم جي اندروني رٿابنديءَ کان مون کي ڇو پيا آگاهه ڪيو؟“ حسين کانئس سوال ڪيو. ”حسين مون تي شڪ نه ڪر، مون توکي فقط ان ڪري ٻڌايو جو آءٌ نٿو چاهيان ته هي احتجاج ناڪام ٿئي ۽ پنجابي فوج سنڌين تي چٿرون ڪري.“
”ٺيڪ آ سڪندر.... معاف ڪجانءِ ادا توتي شڪ ڪيم پر تون سمجهي سگهين ٿو ته اڄ ڪلهه جي حالتن ۾ اهو فيصلو ڪرڻ ته ڪنهن جي ڳالهه جو يقين ڪجي ۽ ڪنهن تي نه ڪجي، ڏاڍو ڏکيو آ. خير توهان جي مهرباني. هاڻ پاڻ موڪلايون، اسان کي سڀاڻي جي تياري لاءِ ڪيترا ڪم ڪرڻا آهن ۽ هڪڙي ڪم جو واڌارو هاڻ تو به ڪري ڇڏيو آ.“
حسين ۽ سڪندر اٿي بيٺا ۽ ٻنهي کلندي هڪ ٻئي کان موڪلايو.

***

سائره پنهنجي پلنگ تي ڪا مهل ليٽي رهي. وهاڻي تي سندس وار وکريل هئا، هن جون اکيون بند هيون، بستري جي چادر مروڙجي سروڙجي وئي هئس ۽ سندس رئو پيرانديءَ کان زمين تي پيو هوس. هوءَ هر شئي کان بي نياز، هڪ اونهي سرور جي احساس سان مدهوش هئي. هوءَ پنهنجن سوچن ۾ اڃان حسين جي سامهون هئي،سندس آڳر مان اوچتو سندس ماءُ جو آواز آيو. جيڪا پاڙي مان موٽي آئي هئي ۽ لڳي پيو ته رڌ پچاءَ جي تياري شروع ڪئي هئائين.
سائره نه چاهيندي به بستري تان اٿي کڙي ٿي، ڪپڙا ٺيڪ ڪيائين، بسترو درست ڪيائين ۽ پوءِ رئو پائيندي ڪمري مان نڪري آئي. هن ڏٺو سندس ماءُ رڌڻي ۾ بيٺي رڌ پچاءَ جو سامان ٺيڪ ڪري رهي هئي. سائره وڃي پويان پنهنجي ماءُ کي ڀاڪر پاتو. ۽ ڳراٽڙي ڏنائين. هوءَ اڄ ڏاڍو خوش هئي ۽ پنهنجي اندر جو احوال ونڊڻ لاءِ آتي هئي پر کيس اها همت نه پئي ٿئي جو ڪا ڳالهه پنهنجي ماءُ سان ڪري سگهي.
”سائره پٽ.... ڏاڍو پيار پيو اچئي ماءُ تي. خير ته آهي؟“ سندس ماءُ مشڪندي چيس.
”امان خير آهي. ڀلا ماءُ سان پيار جي اظهار جو مطلب اهو آهي ڇا ته خير ڪونهي؟“
”نه ائين ته مون نه چيو پر اوچتو اهڙو پيار ! لڳي پيو منهنجي ڌيءَ ڏاڍي خوش آهي.“
”ها امان، خوش آهيان... زندگي سهڻي پئي لڳي. لڳي ٿو هي سفر هروڀرو به ڪنڊن ۽ پٿرن جي رستن تي هلڻ جو نالو ڪونهي.“
”ها هي رستو رڳو ڪنڊا ۽ پٿر ڪونهي پٽ پر رستي جي چوڌاري ڪنڊا ۽ پٿر ضرور آهن. ٿوري غلطي ٿي، ڪو رستو ڀليو ته پوءِ بس ڪنڊا ۽ پٿر ئي هوندا آهن. زندگيءَ جو خيال رکجانءِ منهنجي مٺڙي!“
”امان..... منهنجي پياري امان، مان زندگي جو پورو خيال رکنديس.“ سائره ماءُ کي زور سان ڀاڪر پائيندي چيو، ”ٻڌ امان مان ياسمين سان ملي اچان ٿي.“
سائره جڏهن ياسمين جي گهر پهتي ته ياسمين پنهنجي ميز تي جهڪيل هئي ۽ ويٺي ڪجهه لکيائين سائره سندس ڪمري جو دروازو کولي اندر داخل ٿي ته ياسمين پنهنجي لکڻ جو ڪم ڇڏي کيس کيڪاريو.
سائره جو چهرو ٻهڪي رهيو هو، خوشي سندس چهري مان بکي پئي. هوءَ ڏاڍي ترنگ ۾ نظر پئي آئي. هن جي دل پئي چوي ته هو حسين بابت ڪنهن سان ڳالهائي.
”سائره اڄ ته ڏاڍي خوش پئي نظر اچين؟“ياسمين سندس اکين ۾ اکيون وجهندي پڇيس.
”ها.... ياسمين اڄ مان ڏاڍي خوش آهيان، ۽ اهڙي خوشيءَ جي ويل سوچيم توسان ملان. توسان دل جو حال اوريان، تون ئي منهنجي سڀ کان ويجهي ۽ پياري دوست آهين.“ سائره ياسمين کي چيو ۽ اهي لفظ چوندي سندس اکين ۾ آلاڻ اچي وئي هئي.
ياسمين ڏاڍي پيار مان وڃي سائره جي هٿن کي جهليو. کيس وٺي اچي کٽ تي ويهاريائين“ منهنجي پياري سائره آءٌ تنهنجي دوست آهيان ۽ هميشه رهنديس ۽ جڏهن به توکي دل جو حال اورڻو هجي يا ڪو ڪم هجي تون مون کي بلڪل پنهنجي ڀيڻ جيان سمجهندي ڪنهن به وقت چئي سگهين ٿي. چڱو هاڻ ٻڌاءِ ته ان خوشيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟“
”يار... سمجهه ۾ نٿو اچي ڪيئن ٻڌايان. خبر نه آهي تون ڇا سوچيندينءَ؟“
”اڙي بابا. کڻي هاڻ ٻڌاءِ اهڙو تو ڇا ڪيو آهي، جو توکي خوف آ ته آءٌ الائي ڇا سوچينديس.“
”ياسمين..... هو تنهنجو دوست آهي نه حسين...“
”ها ڇا هي ان کي....“ ياسمين بي تاب ٿيندي چيو.
” هو اڄ منهنجي گهر آيو.... اصل ۾ اسان.... ڪيئن چوان؟“
”سائره چئو ڇا اصل ۾ توهان...؟ ايڏو منجهي ڇو پئي آهين؟“ ياسمين وڌيڪ اٻهرو ٿيندي پڇيس. سندس ذهن ۾خطري جي گهنٽي وڄڻ شروع ٿي وئي هئي. پر پوءِ به هو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان پهرين سائره جي واتان ٻڌڻ پئي چاهي.
”اصل ۾، “ سائره اٽڪندي اٽڪندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”توکي خبر آهي ته هو مون کي سٺو لڳندو هو.... مون کيس پنهنجي شاعري به موڪلي هئي.. هو اڄ منهنجي گهر آيو. ۽ .... هو ۽ مان ڏاڍو.... ويجهو ٿي وياسون.“
ياسمين جو ڄڻ ساهه بند ٿي ويو. سندس چهري تي گهرا مايوسي، ڏک ۽ نفرت جا پاڇا تري آيا. هو ٽڪٽڪي ٻڌي سائره جي چهري کي ڏسي رهي هئي جيڪا اکيون هيٺ ڪيو ياسمين سان ڳالهائي رهي هئي. ياسمين جي دل پئي چوي ته هو زوردار رڙ ڪري، سائره کي چوي ته بڪواس بند ڪر. هن سوچيو، ”هي ڪهڙي دوست آهي جنهن کي اهو اندازو به نه ٿيو ته آءٌ حسين کي ڪيڏو چاهيان ٿي؟“ پر ياسمين جو آواز نه پئي نڪتو. هوءَ بس خالي نظرن سان سائره کي گهوري رهي هئي. سندس ذهن انتهائي منجهي پيو هو، چهري تي سندس ڏک ڏاڍو چٽو هو. هن سائره خلاف پنهنجي ذهن ۾ اڀرندڙ نفرت جي خيالن تي قابو ڪري ورتو هو، پر حسين مٿان ڪاوڙ ۽ پنهنجي اندر جي تڪليف کي لڪائي نه سگهي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ تهه سياري ۾ مٿان ڪنهن ٿڌي پاڻيءَ جي بالٽي اوتي ڇڏي هجيس.
”ٻڌ ياسمين، هو ڏاڍو سٺو آهي، خيال ڪندڙ ۽ فضيلت وارو،“ سائره هاڻ اکيون مٿي ڪري ياسمين کي چيو، پر سندس چهري تي نظر پوندي ئي سائره چپ ٿي وئي. اڻوڻندڙ تاثر ياسمين جي چهري تان ختم نه ٿي سگهيو هو.
”ڇا ڳالهه آ ياسمين، تنهنجو چهرو ڇو بدليل بدليل آ. ڇا توکي اها ڳالهه نه وڻي آ؟“ سائره پڇيو.
” نه اها ڳالهه ڪونهي... سٺو ٿيو جنهن جي توکي تمنا هئي تنهن کي حاصل ڪيئي. شعرن موڪلڻ ۽ ڪتابن گهرائڻ جو ڪجهه ته فائدو ٿيو توکي.“ ياسمين جي لفظن ۾ لڪل طنز صاف ظاهر پئي ٿي. سائره جي چهري تان خوشيءَ جا رنگ آهستي آهستي غائب ٿي ويا. هوءَ ياسمين کي اداس نظرن سان ڏسندي رهي، سندس اندر ريگستان ٿي محسوس ٿيو. اوچتو هن کي پاڻ تي ڪاوڙ آئي. هن کي لڳو ته هن ياسمين سان بي واجبي ڪئي آهي. هڪ اهڙي دوست سان ويساهه گهاتي ڪئي اٿئين، جنهن کي هوءَ پنهنجي ڀيڻ جهڙو سمجهندي هئي. سائره کي ياسمين جي اکين ۾ اهڙي پيڙا نظر آئي جنهن جي گهور کي هوءَ برداشت نه پئي ڪري سگهي.“ آءٌ ڇا ڪيان؟ هڪ طرف هيءَ منهنجي مٺي دوست آهي ۽ ٻئي طرف منهنجو پيار؟“ سائره سوچيو.
ياسمين بس چپ چاپ سائره کي ڏسندي رهي. هن کي پنهنجو وجود انتهائي ننڍڙو ۽ ڪمزور پئي محسوس ٿيو. هن سوچيو ته حسين سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪري هن ڪيڏي نه غلطي ڪئي هئي. ڪيڏو نه هو بي ايمان آهي، منهنجي قربت کي هن هزار بهانا ڪري ٺڪرائي ڇڏيو هو ۽ سائره جي سامهون سندس ڪو بهانو نه هليو. ڪمينو انسان! ياسمين جي ذهن ۾ خيالن ۽ جذبن جي هڪ وڏي ويڙهاند هلندڙ هئي. ڇا پيار بي معنيٰ آهي، ۽ جسمن جي ڪشش ئي سڀ ڪجهه؟ مون ساڻس ايڏو پيار ڪيو، سندس ايڏو خيال ڪيو، سمورين ريتن رسمن کي ٽوڙيو ۽ پنهنجي دل کولي هن جي سامهون رکي ۽ هو منهنجن جذبن ۽ امنگن کي لتاڙيندو ائين اڳتي وڌي ويو ڄڻ انهن جي ڪا اهميت ئي نه هجي.“ ياسمين سوچيو.
”ياسمين.... ٻڌ مان....“
”سائره بس ڇڏ ان ڳالهه کي پاڻ بعد ۾ ڳالهائينداسون.“ ياسمين سائره جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
سائره ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي پر ياسمين جي عينڪ پويان سندس چمڪندڙ اکين ۾ آلاڻ کي محسوس ڪندي هن ڪجهه به چوڻ جي همٿ نه ڪئي ۽ بس پنهنجو ٿيلهو کڻي، ياسمين جي ڪمري مان نڪري وئي.
پنهنجي ننڍڙي ڪمري جي ميز تي مٿو رکي ياسمين ڪيتري دير تائين روئيندي رهي. سندس روئڻ اهڙو خاموش هئو جهڙو کوهه. اونهو، خطرناڪ پر خاموش. هن کي پنهنجي پيار جي نه ملڻ جو ڏک ته ضرور هو پر ان کان وڌيڪ کيس ان ڳالهه تي ڪاوڙ هئي ته هن ڇو حسين جهڙي ماڻهوءَ سان پيار جو ناتو ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ”ڇو ائين ٿيندو آهي ته جنهن کي توهان ايڏي شدت سان چاهيندا آهيو سو توهان جي ڀرسان هوندي به توهان جو ٿي نه سگهندو آهي؟“ ياسمين سوچيو، ”پر هو ته منهنجي دل جي ڳالهه به سمجهي پيو، اسان ايڏا سٺا دوست آهيون؟ مون ساڻس پنهنجي دل جو احوال به اوريو، ڇا انهن سمورين ڳالهين کان پوءِ به هو سمجهي نه ٿي سگهيو ته مون کان وڌيڪ کيس ٻيو ڪو به چاهي نه ٿو سگهي؟“
”ڇا حسين سائره کي ان ڪري پسند ڪيو جو هوءَ شايد مون کان وڌيڪ خوبصورت آهي؟ پر آءٌ به خوبصورت آهيان، سائره کان وڌيڪ ذهين آهيان، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته حُسين ۽ مان وڌيڪ پختا ۽ سرگرم انقلابي ساٿي آهيون. اسان جي وچ ۾ هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪو ٻين سمورن رشتن کان وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو آهي... پيار فاني آهي، وقتي آهي، ڪجهه مهينن، سالن ۽ ڏهاڪن ۾ اهو ٻن انسانن جي وچ مان غائب ٿيو وڃي پر انقلاب جو رشتو، ڌرتيءَ کي بدلائڻ جي تمنا جو رشتو، انسانن کي پيڙا ۽ ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي عزم جو رشتو سڀ کان مضبوط آهي. اهو رشتو اسان جو انهن ماڻهن سان پڻ آهي جن کي اسان نه ڪڏهن ڏٺو ۽ نه ڪڏهن ٻڌو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هڪ خوبصورت مستقبل جو خواب ڏسندڙ ماڻهن سان اسان جو هي رشتو آهي. هي لافاني ۽ لازوال رشتو منهنجي ۽ حسين جي وچ ۾ آهي ۽ رهندو پوءِ ڇو مان پاڻ کي پيار جهڙي ڪمزور رشتي سبب تڪليف پهچايان؟ نه. آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان. آءُ هرگز نه روئينديس. هن ڏک کي پنهنجي طاقت ۾ بدلائينديس. حسين جي پيار جي تڙپ ڏکوئيندڙ ته هوندي پر آءٌ ان کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏينديس.“ ياسمين هڪ نئين سوچ جي گرمي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري رهي هئي. هن اکيون اگهيون پر اهي اڃا ڳاڙهيون هيون. هن پنهنجي عينڪ صاف ڪري اکين تي پاتي ۽ ڀر واري آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو، کيس هڪ خوبصورت ۽ بااعتماد ڇوڪري سامهون بيٺي مشڪندي نظر آئي.
”ياسمين.... تون ناراض آهين؟“ اوچتو سائره جي آواز تي سندس خيالن جو سلسلو ٽٽو، ”ٻڌ مان ٿوري جهٽ توسان ويهان؟“ سائره سندس ڪمري جي در وٽ بيٺي هئي.
”اچ اندر اچ سائره. تون ڪا پرائي آهين جو پڇين ٿي؟“ ياسمين کيس ڏسي مرڪيو. سائره وڌي اچي ياسمين کي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين، ”يار مون کي معاف ڪر. مون کي اندازو ئي نه ٿيو ته ڪو تون کيس چاهين ٿي. مون سمجهيو توهان سٺا دوست آهيو، تنظيمي ساٿي آهيو پر توهان جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار جا جذبا پڻ آهن، اهو آئون سمجهي نه سگهيس. بي وقوف آهيان نه! پر منهنجي مٺي ڀيڻ مون کي معاف ڪر، آئون توهان جي وچ ۾ هرگز نه اينديس.“ ياسمين، سائره جو هٿ پڪڙي کيس پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. سندس ذهن هاڻ صاف ٿي چڪو هو ۽ کيس پنهنجي اندر ۾ هڪ نئين طاقت پئي محسوس ٿي. اها طاقت جيڪا هڪ ڏکئي فيصلي ڪرڻ کان پوءِ محسوس ٿيندي آهي. اها طاقت جيڪا دل ۽ ذهن کي آزاد ڪرڻ ۽ هڪ اعليٰ مقصد لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ کان پوءِ انسان کي اندر ۾ محسوس ٿيندي آهي. ياسمين، سائره جي سامهون پنهنجن پٻن تي ويٺي ۽ سندس هٿ اڃا هٿن ۾ هئا. هن سائره جي اکين ۾ چند ساعتن لاءِ ڏاڍي گهرائي سان ڏٺو ۽ چيائينس، ”توکي معافي گهرڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي، تو ڪو گناهه نه ڪيو آ، ڀلا پيار تي ڪو زور ٿوروئي آ، جي توهان ٻئي هڪ ٻئي کي چاهيو ٿا ته پوءِ وچ مان ته مون کي نڪري وڃڻ گهرجي نه؟ الائي ڇو مون اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير ڪئي؟“
”نه ياسمين توهان هڪ ٻئي لاءِ آهيو... آئون چري آهيان، بس هن وهڪري ۾ وهي ويس.“ سائره چيو، ”کيس مان چونديس ته مان هن سان پيار نه ٿي ڪيان. هن کي تنهنجي جذبن جو قدر ڪرڻ گهرجي.“
”تون بلڪل ائين نه ڪندينءَ. آئون پيار جي خيرات جي قائل نه آهيان. جي هن جي دل تنهنجي لاءِ بي تاب آهي ته مون کي سندس دل جي ڪا ضرورت ڪونهي. آئون انهن معمولي شين کان اتم آهيان. سائره پليز ڪا بي وقوفي نه ڪجانءِ.“
”هيءَ خيرات جي ڳالهه ڪونهي،“ سائره وراڻيو، ”انصاف جي ڳالهه آهي. تون ڪجهه به چوين، آئون هاڻ ڪڏهن به حسين کي چاهي نٿي سگهان، آئون اهو بار کڻي ساڻس قربت نٿي ڪري سگهان ته مون پنهنجي سڀني کان پياري دوست جي محبت کسي آ.“
” پر چري جيڪا محبت هئي ڪو نه ان جي کسجڻ جو سوال ئي ڪهڙو؟ ٺيڪ آهي شايد مون کي هن بابت ڪي جذبا هوندا پر محبت جا رشتا هڪ طرفا ته نه هوندا آهن نه،“ ياسمين چيو.
”تون ڇا به چوين... مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ڀلي تون کيس چاهين يا نه پر آءٌ سندس چاهت کي پنهنجي زندگيءَ مان ميٽي ڇڏينديس بلڪل ائين جيئن پرفيوم جي خوشبو ٻئي ڏينهن تائين غائب ٿيو وڃي،“ سائره اک ڀڃندي چيو.
”چڱو فلاسافر صاحبه،... بس ڪر هاڻي. اهي اردو جا ناول پڙهي تون به انهن جي ڪنهن ڪردار جيان ٿي ڳالهائين. لڳي ٿو عشق لا حاصل جي لذت کان خوب واقف ٿي وئي آهين.“ ٻنهي جي چپن تي ٽهڪ پکڙجي ويا.

***

حسين جلد کان جلد سوڳ ڪميٽي جي صدر ڀائو سليمان سان ملڻ پيو چاهي. کيس جڏهن کان سڪندر اطلاع ڏنو ته سندس جماعت سڀاڻي جي احتجاجي جلوس تي حملي ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، حسين ڪجهه پريشان ٿي ويو آهي. کيس ڳڻتي هئي ته جي جلوس دوران حملو ٿيو ۽ جمهوري تحريڪ جا ڪارڪن تيار نه هوندا ته نه صرف جلوس ناڪام ٿيندو پر فوج جي اختياري وارن کي سنڌين مٿان ٺٺول ڪرڻ جو سبب پڻ ملي ويندو. حسين، ڀائو سليمان جي گهر ويو پر هو گهر ۾ ڪو نه هئو. وقت گذرندو پئي ويو ۽ اڄ رات ۾ اڃا ڪيترا ڪم هئا جيڪي حسين ۽ سندس ساٿين کي ڪرڻا هئا. هن کيسي مان واچ ڪڍي وقت ڏٺو. شام جا سوا ست ٿي ويا هئا. هن سوچيو ته هاڻ واحد حل آهي ڳجهي جاءِ تي وڃي ساٿين سان احوال ڪرڻ . حسين آهستگي سان اچي ڳجهي جاءِ جو دروازو کڙڪايو. ٻه دفعا آهستي آهستي ۽ پوءِ ٽي دفعا تڪڙو تڪڙو. دروازو کڙڪائڻ جو اهو اُهو طريقو هو جنهن کان بعد ئي اندر موجود ساٿي دروازو کوليندا آهن. حسين ٿوري جهٽ انتظار ڪيو، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان اندران دروازي جو ڪڙو کلڻ جو آواز آيو. هوريان هوريان دروازو کليو ته حسين کي اندران ساٿي سلطان جو چهرو نظر آيو. سلطان دروازي مان ٻاهر نڪري چوڌاري جهاتي پاتي ۽ پوءِ حسين کي اشاري سان اندر اچڻ لاءِ چيائين. حسين گهر ۾ داخل ٿيو ته سلطان ساڻس خيرعافيت ڪئي.
”سلطان ڀائو سليمان جي ڪا خبر چار يا ڊاڪٽر احمد بابت ڪا خبر،“ حسين اندر داخل ٿيندي ئي پڇيو.
”ٻنهي جي ڪا خبر ڪونهي، پر اڄ ايندا، اٺين وڳي تائين“ سلطان وراڻيو.
حسين بي چين ٿي رهيو هو، کيس ساڍي ستين وڳي ساٿي دلدار کي ساڻ ڪري شهر کي بجلي پهچائيندڙ سپلاءِ لائين کي ناڪارا بڻائڻو هو. ”ٻڌو، ساٿي سلطان،“ حسين سلطان کي چيو، ”مون کي پڪي خبر پئي آهي ته سڀاڻي پنهنجي جلوس تي جمهوري تحريڪ جي مخالف جماعت وارا اناج منڊي وٽ حملي جي رٿابندي پيا ڪن. اهو تمام ضروري آهي ته پاڻ ان لاءِ تيار هجون ۽ اسان جي ساٿين جي هڪ جٿي وٽ هٿيار ۽ ڏنڊا وغيره هئڻ گهرجن. اهو اطلاع عام حمايتين ۽ ڪارڪنن تائين پهچڻ نه گهرجي نه ته خوف پيدا ٿي سگهي ٿو پر پاڻ کي تياري مڪمل ڪرڻي آهي. آءٌ وڃان ٿو هڪڙي ڪم سان ۽ رات جو واپس ايندس پر ان وچ ۾ ڀائو سليمان ۽ ڊاڪٽر احمد اچن ته کين منهنجو اهو نياپو توهان پهچائجو.“ حسين، سلطان کي نياپو ڏئي دلدار جي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. کين اڄ اهڙو ڪم ڪرڻو آهي جيڪو ٻنهي اڄ کان پهرين نه ڪيو هو.
حسين، دلدار کي سائيڪل تي کڻي شهر کان ٻاهر نڪري آيو هو. کين شهر کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ٽرانسميشن لائين کي ناڪاره بڻائڻو هو. ۽ ترڪيب اها هئي ته هڪ ڊگهي لوهي زنجير کي رسي سان ٻڌي ٽرانسميشن لائين جي تارن تي اڇلائبو ۽ رسيءَ کي ڇڪبو ته جيئن لوهي زنجير تارن ۾ وچڙي وڃي. لوهي زنجير کي پوءِ جڏهن سٽ ڏبي ته اها مختلف تارن سان ٽڪرائيندي جنهن سبب بجلي جون تارون ڌماڪي سان ٽُٽُي پونديون ۽ بجليءَ جي سپلاءِ بند ٿي ويندي.
ان ڪم لاءِ ساٿي دلدار جي چونڊ ان ڪري ڪئي وئي هئي جو هو هميشه دشمن سان وڙهڻ ۽ گوريلا جنگ لاءِ تيار رهندو هو. سندس ان سلسلي ۾ ڊگها بحث پڻ ٿيندا هئا. دلدار چي گويرا کان انتهائي حد تائين متاثر هو ۽ سندس خواهش هئي ته هو پڻ هڪ ڏينهن قوم دشمنن سان وڙهندي وڙهندي جان ڏئي.
دلدار انتهائي سنجيدو ۽ اونهو انسان هو. سندس حسين سان ڏاڍي سنگت هئي. حسين پڻ گوريلا جنگ جي رومانويت جو گهائيل هو پر سندس خيال هو ته سنڌ ۾ في الحال حالتون اهڙيون ناهن جو ڪنهن به مسلح لڙائيءَ جي ڳالهه ڪجي. هن جي خيال ۾ هن مرحلي تي مسلح جنگ جي ڳالهه ڪرڻ قوم کي هروڀرو ڪچلائڻ جي برابر هوندو. پر دلدار کي حسين جي ان ڳالهه سان سهمتي نه هئي، هو چوندو هو ته جڏهن ٿوري پيماني تي ئي صحيح، لڙائي شروع ٿيندي ته قوم جو نوجوان طبقو، سياسي تحريڪن تي اعتماد ڪندو ۽ آهستي آهستي ان جنگ جو حصو بڻبو. دلدار موجب جيڪڏهن سازگار حالتن جو انتظار ڪبو ته اهي ڪڏهن به پاڻمرادو ڪو نه پيدا ٿينديون. اختلافن جي باوجود حسين ۽ دلدار هڪ ٻئي جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ کين اميد هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ٻيو سندس موقف کي ضرور تسليم ڪندو.
پر اڄ هو ٻئي هڪڙ اهم مهم تي هئا. کين اندازو هو ته شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ پوليس ۽ فوج جي خفيه جا ماڻهو نوس نوس ڪندا وتندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي مٿن شڪ پيو ۽ کين سوگهو ڪيو ويو ته پوءِ ٻئي ويا ڪاٺ ۾، ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ.
شهر کان ٻاهر نڪري پهرين ٻئي روڊ ڇڏي پاسي وارين ٻنين ۾ لهي ويا. جڏهن کين پڪ ٿي ته هاڻ روڊ تان کين ڪو به ڏسي نه ٿو سگهي ته پوءِ هنن سائيڪل کي هڪڙي وڻ جي اوٽ ۾ لڪايو ۽ هڪڙي وڏي ٽوڪريءَ مان ڊگهي رسي ۽ زنجير ڪڍيو. هنن سودي سامان خريد ڪرڻ واري هڪ وڏي ڇليءَ ۾ زنجير ۽ رسي لڪائي هئي ۽ مٿان پٽاٽن ۽ بصرن سان ڇليءَ کي ڀري ڇڏيو هو. بصر ۽ پٽاٽا هنن واپس ڇليءَ ۾ ڀري ڇڏيا.
دلدار وڏي شوق سان زنجير کي رسي ٻڌڻ جي ڪم ۾ مشغول هو. سندس ڦڙتيءَ مان لڳو پئي ته هو اهڙن ئي ڪمن لاءِ ئي پيدا ٿيو آ. حسين کيس ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو. دلدار جون ننڍڙيون سنهيون اکيون مقصديت جي احساس سان چمڪي رهيون هيون. حسين کي دلدار هميشه هڪ اهڙو شخص لڳندو هو جيڪو صرف ڪتابن ۾ هوندو آهي. مضبوط، ايماندار، واعدي جو پڪو، بي لوث ۽ سر جي بازي لڳائيندڙ.
”حسين اسان جو رسي ۽ زنجير جو هٿيار هاڻ تيار آهي، توهان سائيڪل کڻي روڊ تي پهچو مان جلدي ۾ ڪارروائي پوري ڪيان ته پوءِ نڪري هلون،“ دلدار صلاح ڏني.
حسين کيس اشاري سان هاڪار ڪئي ۽ پوءِ سائيڪل کڻي سڙڪ ڏانهن روانو ٿي ويو. دلدار سندس پويان رسي کي گهليندو پئي آيو. ٻنهي سڙڪ جي ويجهو اچي جائزو ورتو. کين پري پري تائين ڪو به نظر نه پئي آيو. حسين سڙڪ جي ڪناري تي سائيڪل تي سوار رهيو، جڏهن ته دلدار پرڀرو وڃي بجليءَ جي ٿنڀي جي ڀرسان بيهي زنجير کي ڦيرائڻ لڳو. هن زنجير کي بجلي جي تارن جي مٿان گذارڻ لاءِ، زنجير کي زور سان اڇلائڻ ٿي چاهيو، ان ڪري هن ان کي ڪيترا دفعا ڦيرايو ۽ پوءِ مٿي تارن طرف اڇلايائين. زنجير هوا ۾ بلند ٿيو پر تارن مٿان گذرڻ بدران وري ساڳي پاسي ڦهڪو ڪري اچي دلدار جي پيرن وٽ ڪريو. حسين ۽ دلدار کان ٽهڪ نڪري ويو.
”دلدار ٿورو طاقت استعمال ڪر ۽ جلدي ڪارروائي پوري ڪر ته نڪري هلون.“ حسين چيس.
دلدار بغير ڪو جواب ڏيڻ جي پنهنجي ڪم ۾ وري جنبي ويو. هو هاڻ بجلي جي ٿنڀي کان ٿورو اڃا پرڀرو بيٺو ۽ زنجير جي وڌيڪ حصي کي هوا ۾ گول گول ڦيرائڻ لڳو. هن پنهنجي سموري طاقت سهيڙي زنجير کي زور سان مٿي اڇلائيو. هن ڀيري زنجير رسي کي ڇڪيندو تارن کان مٿان گزري وڃي ٻئي طرف ڪريو. دلدار هاڻ رسي کي آهستي آهستي ڇڪڻ شروع ڪيو ۽ جيئن جيئن هو رسي ڇڪيندو ٿي ويو، رسي سان ٻڌل زنجير تارن جي ٻئي پاسي کان مٿي کڄندو ٿي ويو. آخر زنجير تارن جي ٻنهي طرفن کان لڙڪي رهيو هو. حسين کي صورتحال جي نزاڪت ۽ خطري سبب ٿورو خوف پئي محسوس ٿيو، سندس دل جي رفتار تيز ٿي وئي هئي پر هن مهم کي پورو ڪندي کيس هڪ اڻ ڄاتل خوشي به محسوس ٿي رهي هئي. سندس خوشي بلڪل اهڙي هئي جهڙي هن سائره جي چپن جي پهرين ڇهاءَ سان محسوس ڪئي هئي. ان وقت به سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي، کيس هلڪو خوف پڻ هو پر هن ان احساس کي وڌيڪ دير تائين محسوس ڪرڻ پئي چاهيو.
پري کان موٽر سائيڪل جو آواز ٻڌڻ تي حسين، دلدار کي خبردار ڪيو، .”ساٿي ڪا موٽر سائيڪل پئي اچي جلدي ڪيو ته نڪري هلون هتان.“
دلدار کيس هاڪار ڪئي ۽ رسيءَ کي زور سان ڇڪيو پر زنجير تارن ۾ بغير ڪو ڌماڪو يا شارٽ سرڪٽ ڪرڻ جي اچي واپس دلدار جي پيرن ۾ ڪريو.
ٻنهي مايوس نظرن سان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. حسين کيس رڙڪندي چيو، ”ساٿي بس وڌيڪ ڪوشش نه ڪيو، هلو ته نڪري هلون ڪا موٽر سائيڪل هن پاسي اچي رهي آهي. دلدار، حسين جي رڙ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري زنجير کي هڪ دفعو وري هوا ۾ ڦيرائڻ شروع ڪيو، زنجير کي ڇهه ست دفعا ڦيرائي تارن طرف مٿي اڇلايو ته زنجيررسيءَ کي ڇڪيندو، تارون ٽپي وري وڃي ٻئي پاسي ڪريو.
اوچتو حسين پري کان ڏٺو ته موٽر سائيڪل تي ٻه پوليس وارا سوار سندن واري پاسي اچي رهيا آهن. حسين جو ذري گهٽ ساهه سڪي ويو، کيس لڳو ته جي هن معمولي ڪم ڪندي هو گرفتار ٿيا ته سندن گرفتاري پڻ اجائي هوندي. ”دلدار، ساٿي جلدي اچو هتان نڪرون پوليس وارا پيا اچن...“ حسين وري رڙ ڪئي. پر ان دوران پوليس وارن جي موٽر سائيڪل اچي پڳي هئي.
دلدار رسي کي ڇڪيندو، سائيڪل طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ سائڪل جي پوئين ڪيريئر تي ٽپ ڏئي ويهڻ کان چند سيڪنڊ پهرين هن رسيءَ کي هڪ دفعو وري زور سان سٽ ڏني جنهن سبب زنجير هڪ ئي وقت ٽن چئن تارن سان ٽڪرايو ۽ تارن مان زوردار چڻنگون نڪتيون. تارن جي چڻنگن سبب ڪي تارون ٽُٽُي ڪريون ۽ اک ڇنڀ ۾ سڄو علائقو اونداهيءَ ۾ غائب ٿي ويو. دلدار هاڻ سائيڪل جي پوئين ڪيريئر تي ويهي رهيو هو ۽ حسين پنهنجي سموري طاقت سان سائيڪل جا پيڊل تيز تيز هلائي رهيو هو. سندس سڄو جسم پگهرجي ويو هو ۽ هو سهڪي رهيو هو. پر وڄ جي تيزيءَ سان سندس ڄنگهون پيڊلن کي ڦيرائي رهيون هيون.
پوليس وارن جي موٽر سائيڪل بجليءَ جي تارن مان نڪرندڙ چڻنگن ۽ ٺڪائن سبب ڪجهه ڍري ٿي پر جيئن سپاهين کي اندازو ٿيو ته اها ڪارروائي ڄاڻي واڻي ٿي آهي ته هنن سامهون سائيڪل تي ويندڙ نوجوانن کي هڪلان ڪرڻ شروع ڪيون. پوليس وارن کين رڙيون ڪندي بيهڻ جو حڪم ڏنو پر حسين ڪٿي هو هن حالت ۾ بيهڻ وارو. هن سڙڪ ڇڏي ٻنيءَ جي ڪناري سائيڪل ڊوڙائڻ شروع ڪئي. سپاهي ڪجهه دير تائين سندن پويان رڙيون ڪندا رهيا ۽ پوءِ هنن جڏهن ڏٺو ته ڇوڪرا بيهڻ جو نالو ئي نٿا وٺن ته هڪ پوليس واري سندن پويان پستول جو فائر ڪيو.
حسين کي لڳو ته جي اڄ بچيا ته نوان ڄاوا. هو هن وقت ڪنهن به صورت ۾ گرفتار ٿيڻ نه پيو چاهي. کيس دلدار پڻ چيو ته سائيڪل ڀڄائڻ کان سواءِ ڪو رستو ڪونهي. پر حسين کي اندازو هو ته هو موٽر سائيڪل کان تيز نٿا هلي سگهن. حسين ٻنين ۾ سائيڪل ڊوڙائيندي ٿڪجي به تمام گهڻو پيو هو. پر سندس پويان موٽر سائيڪل تي پوليس لڳل هئي ۽ هيڊ لائيٽ جي روشني ويجهي ايندي پئي وين. حسين کي ٻنيءَ جي وچ ۾ پاڻيءَ جي هڪ موري نظر آئي. حسين سوچيو ته هو پوليس وارن جي سامهون جي ڀڄندا رهيا ته يا ته پڪڙيا ويندا يا کين ڪا گولي اچي لڳندي. ”ساٿي پاڻ ائين سائيڪل تي شايد ڀڄي نه سگهون. منهنجي صلاح آهي ته هن موريءَ هيٺان لڪي پوليس جي وڃڻ جو انتظار ڪيون.“ حسين صلاح ڏني.
دلدار ان صلاح سان پوريءَ طرح راضي ته نه هو پر کيس اهو اندازو به هو ته شايد سائيڪل تي هتان نڪري وڃڻ ڏکيو هجي، سو هن به حسين جي صلاح مڃي. ٻنهي سائيڪل ليٽائي موريءَ هيٺان ڪئي ۽ پوءِ پاڻ به گهپ اوندهه ۾ موري هيٺان ٿڌي مٽيءَ تي پٺيءَ ڀر ليٽي پيا. سندن ساهه زور زور سان هلي رهيا هئا. موٽر سائيڪل جي بتي به اچي سندن بلڪل ويجهو پڳي ۽ هو هاڻ سپاهين جا آواز به ٻڌي پئي سگهيا.
”هنن جي رن کي.... ڪاڏي ڀڄي ويا؟“ هڪڙي سپاهي چيو.
”لڳي ٿو اوندهه ۾ ڪيڏانهن نڪري ويا آهن. پر ڪاڏي ويندا. سائيڪل تي ڪيترو پري وڃي سگهندا مادر .....؟“ٻئي چيو.
”دماغ ته ڪتي جي پٽن جو خراب ڏسو، روڊ تي بيهي ٿا بجليءَ جا ٿنڀا اوڏائين.“
”هل سڌو اهو ٻنون ورتيون هل. انهيءَ پاسي ڀڳا هئا.“ پوئين سپاهيءَ ڊرائيور کي چيو ۽ موٽر سائيڪل موري ٽپي سڌو ڌوڪيندي وئي.
حسين ۽ دلدار ڇپ هنيون موريءَ هيٺان سندن ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. هڪڙي وقت ته گاريون ٻڌي حسين کان کل نڪرندي نڪرندي رهجي وئي هئي. موٽر سائيڪل جي هلي وڃڻ کان پوءِ به ڪيتري دير تائين ٻئي موري هيٺان چپ چاپ ليٽيا رهيا ۽ کين جڏهن پڪ ٿي ته چڱي فاصلي تائين ڪو به موجود ڪونهي، تڏهن هو هوريان هوريان موريءَ هيٺان نڪري آيا ۽ پنهنجي سائيڪل ڪڍيائون. ”شڪر آهي بچي وياسون. هلو هاڻ پاڻ واپس سڙڪ طرف هلون ۽ وڃي سنگت سان حال احوال ڪيون.“ حسين چيو.
”حسين آءٌ توسان شهر تائين هلندس پر اتان پاڻ موڪلائينداسون. مون کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو سو مون ڪيو باقي نظرياتي سياست وڃي توهان پاڻ ڪيو،“ دلدار کلندي حسين کي چيو.
ٻئي رات جي اونداهي ۽ چپ چپات ۾ سڙڪ طرف روانا ٿي ويا. هلڪي هلڪي وڻندڙ هوا ۾ حسين کي فرحت محسوس ٿي رهي هئي. سندس دل پئي چوي ته جيڪر کيس واندڪائي هجي ۽ هو وڃي تارن ڀري خوبصورت آڪاش هيٺان ويهي سائره سان ڪچهري ڪري ۽ سندس رهاڻ ۾ مدهوش ٿئي.
پر واندڪائي جو خيال ايندي ئي کيس پنهنجو اڳيون ڪم ياد آيو. هن کي ڳجهي جاءِ تي وڃي ڦيٿا روڪ هڙتال ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڪوڪن لڳل ڪاٺوڙا تيار ڪرڻا هئا. هن کيسي ۾ هٿ وجهي پنهنجي واچ ڪڍي وقت ڏٺو. رات جا ساڍا نو ٿيا هئا.

***